سيڪشن: ادب

ڪتاب: علم تدريس مظلومات لاءِ

باب:

صفحو:13 

ڳالهه ٻولهه وروڌي عمل ۾ جيت جي خواهش (بلڪ جيت جي ضرورت) هر وقت ۽ سدائين موجود رهي ٿي. اُن لاءِ ظالم ڪوشش ڪن ٿا ته دنيا تي ’ويچارڻ‘ جيڪا ماڻهن جي فطرت آهي، اُها انهن ۾ ختم ڪري ڇڏجي. پر جيئن ته ظالم پوريءَ طرحِ ائين به نٿا ڪري سگهن، انهيءَ ڪري هو دنيا لاءِ ڏند ڪٿائون ٺاهين ٿا. اِئين هو مظلومن ۽ محڪومن جي ويچارڻ لاءِ هڪ فريب ۾ ويڙهيل ۽ اڻ سچي دنيا پيش ڪن ٿا-ته جيئن اُن سلسلي ۾ هو پاڻ کي دنيا کان وڌيڪ الڳ ٿلڳ ۽ بيگانو سمجهن ۽ بي عمل بنجي، ماٺ ڪري ويهي رهن، اُن لاءِ ظالم عجيب عجيب ڳالهيون ۽ ’خيالن جا سلسلا‘ پيدا ڪن ٿا، جن هيٺ دنيا کي هو ائين پيش ڪن ٿا ڄڻا اُها ڪو ماڻهن جي ويچارڻ يا حل ڪرڻ جو ڪو مسئلو ڪونهي، پر صرف هڪ بيٺل يا جامد شيءِ آهي-اهڙي هڪ شيءِ، جا جيئن آهي تيئن شروع کان آهي ۽ ازل تائين ائين رهندي- ۽ ماڻهن کي رڳو خاموش تماشائين وانگر پاڻ کي اُن سان ٺهڪائڻو آهي ۽ ڳهندي رهڻو  آهي.

ظالمن لاءِ اِهو به ضروري آهي ته ماڻهن سان واسطو رکن ته جيئن اُنهن کي مطيع بنائي، خاموش رکي سگهن. هيءُ انهن جو واسطو، بهر حال، ماڻهن سان حال ڀائپ جو ڳانڍاپو نه هوندو آهي: هو ماڻهن سان گڏ نه هوندا آهن، هو پنهنجو هيءُ واسطو ڪن ڏند ڪٿائن (لغڙائيءَ ڳالهين) وسيلي قائم رکندا آهن، جيڪي هو ماڻهن جي من ۾وجهي ڇڏيندا آهن، ۽ جيڪي ’موجود (سماج جي) سدا موجود‘ هجڻ لاءِ ضروري هونديون آهن: مثال طور، سندن هيءَ ڏند ڪٿا ته سڀ ماڻهو آزاد آهن ته جتي چاهين اُتي ڪم ڪن، ۽ جيڪڏهن ڪو بالادست  کين نٿو وڻي ته اُن کي ڇڏي هو وڃي ٻي ڪا ملازمت ڪري سگهن ٿا؛ هيءَ ڏند ڪٿا ته سندن موجود نظام انساني حقن جو احترام ڪري ٿو، انهيءَ ڪري اهو قدر لائق آهي؛ هيءَ ڏند ڪٿا ته جيڪو محنتي هوندو اُهو جوکم ڪاري سيٺيو  بنجي سگهندو- اِن کان خراب ڏندڪٿا ته گهٽيءَ ۾ هڪ گهورڙيو به اُهڙو آزاد جوکم ڪاري  آهي، جهڙو وڏي ڪنهن ڪارخاني جو مالڪ؛ هيءَ ڏند ڪٿا ته تعليم سڀني جو حق آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ برازيل جي ٻارن مان جيڪي پرائمري اسڪولن ۾ داخل ٿين ٿا تن مان رڳو ڪو ٿورڙو في سيڪڙو ٻار يونيورسٽين ۾ تعليم لاءِ پهچي سگهن ٿا؛ سڀني ماڻهن جي برابريءَ جي ڏند ڪٿا، جڏهن وٽن اَڻهي اِهو سوال ٿيندو رهندو آهي: ’خبر اٿئي، ڪنهن سان ٿو ڳالهائين؟‘ظالم طبقن جي سورمائيءَ جي ڏند ڪٿا ته ’ماديت جي حيوانيت‘ جي خلاف هو ’مغرب جي عظيم مسيحائي تهذيب‘ جا محافظ آهن؛ امير ڪبير ماڻهن جي خدا دوستيءَ ۽ فيض بخشيءَ جي ڏند ڪٿا، جڏهن سچ پچ هو فقط ائين ٿا ڪن، جو اعليٰ شان طبقي جي حيثيت ۾، پنهنجي  ناموس لاءِ اُن داتائيءَ جا مثال قائم ڪن ٿا، جيڪي پوءِ ’بي غرض سخا‘ (41) جي ڏند ڪٿائي صفت سان بيان ٿيندا رهن ٿا؛ اميرن ڪبيرن جي ’خدمت خلق‘ جي ڏند ڪٿا، جنهن کي سندن ’فرض شناسيءَ‘ جي مثال طور  شهر ڏني وڃي ٿي، ته جيئن ماڻهو احسان شناسيءَ طور هنن جي ڳالهين تي اکيون پوري اعتبار رکن ۽ عمل ڪن؛ هيءَ ڏند ڪٿا ته دنيوي  حاڪمن جي خلاف بغاوت آسماني حاڪم، يعني خدا، جو گناهه آهي؛ ذاتي ملڪيت جي ڏند ڪٿا ته اُها ذاتي انساني ترقيءَ لاءِ اٽل سڙط آهي(شايد تيسين، جو فقط ظالم ئي صحيح انسان سمجهيو ٿو وڃي)؛ ظلمن جي جاکوڙ ۽ ڪوشش ۽ مظلومن جي ڪاهلي؟ءَ ۽ بي ايمانيءَ جي  ڏند ڪٿا؛ ۽ پڻ هيءَ ڏند ڪٿا ته مظلوم فطري طور ڪمتر ۽ ظالم فطري طور برتر آهن.(42)

اهي سڀ ڏند ڪٿائون ۽ لغڙائي ڳالهيون (۽ ٻيون به جيڪي پڙهندڙ درج ڪري سگهي)، جن کي مڃڻ مظلومن واسطي اطاعت ۾ رهڻ لاءِ ضروري آهي، سندن اڳيان منظم پروپيگنڊا ۽ نعري بازيءَ سان، سرڪاري ۽ غير سرڪاريءَ ابلاغي ذريعن وسيلي، (43) رکيون وڃن ٿيون- ڄڻ ته اهي سڀ  سندن پيرن هيٺيان زمين ڪڍڻ جون ڳالهيون سچ پچ وڏيون ڪي عقل جون ڳالهيون، وڏيءِ ڀلائيءَ جون ڳالهيون ۽ ڏاڍيون ڪي اهم ٻُڌڻ ٻُڌائڻ جون ڳالهيون هجن!

مطلب ته اهڙي ڪائي ظلم جي صورتحال ڪانهي، جيڪا ساڳئي وقت ڳالهه ٻولهه وروڌي نه هجي؛ ائين ئي، اهڙي  ڪا ڳالهه ٻولهه وروڌي روش به ڪانهي، جيڪا مظلومن کي سدائين پنهنجي تابع رکڻ لاءِ ظالم لاءِ ظالم نٿا اختيار ڪن. قديم روم ۾، بالادست امير طبقي جا ماڻهو چوندا هئا ته عام خلق لاءِ ’ماني ۽ سرڪس (تماشا)‘ موجود رکڻ ضروري آهن، انهيءَ لاءِ ته هُنن کي ’ملائم‘ ۽ پاڻ کي انهن جي شور ۽ شر کان سلامت رکيو وڃي. اڄ جا بالادست امير ماڻهو به، اڳئين دؤرن جي اُنهن پاڻ جهڙن اميرن وانگر،( ڄڻ انسان جي ازلي گناهه جي هڪ روپ طور) ٻين انسانن تي- ’ماني ۽ سرڪس‘ سان ۽ اُنهن کان سواءِ به- پنهنجي حاڪميت  قائم رکڻ گهرن ٿا. سندن ان حاڪميت جا نمونا ۽ طريقا سو، تاريخي طور، بدلبا اچن ٿا. پر سندن هڪ ڳالهه آهي، جا هر گز ڪا نه ٿي بدلجي (۽ جيستائين بالا دست وڏا  ماڻهو موجود آهن تيسين اُها ساڳي ئي رهندي) ۽ اُها آهي سندن ظالمانه، ڪر وڌي، موت پسند طبيعت.

ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو:

ظالمانه عمل جي اصول جي اِها هڪ ٻي بنيادي خاصيت آهي، جيڪا خود ظلم جهڙي ئي پراڻي  آهي، ظالم اقليت کي اڪثريت تي حڪم هلائڻو آهي ۽ اُن کي پنهنجي ماتحت رکڻو آهي، انهيءَ ڪري اُها پنهنجي اڪثريت کي ٽوڙڻ ۽ ٽٽل رکڻ ۾ ئي اقليت جو فائدو آهي ۽ انهيءَ طرح  ئي اُها پنهنجي طاقت برتري قائم رکي سگهي ٿي، اقليت لاءِ عوام جو اتحاد هڪ وڏي للڪار آهي. انهيءَ ڪري اهڙي ڪا به ڳالهه، اهڙو ڪو به عمل، جنهن سان عوام جي دلين ۾ اتحاد جي ضرورت جو احساس جاڳي ۽ هو متحد ٿيڻ جي ڪوشش ڪن. اقليت اهڙي امڪان کي روڪڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ هر دم تيار رهي ٿي ۽ اُن لاءِ اُها، تشدد سميت، هر قسم جي طريقي جو استعمال جائز سمجهي ٿي. اتحاد، تنظيم ۽ جدوجهد  جا تصور ۽ خيال اُن جي برداشت کان ٻاهر هوندا آهن، ڇو ته اُنهن کي پنهنجي وجود لاءِ  خطرو سمجهي ٿي. ۽ حقيقت ۾ هي تصور ’خطرو آهن-ظالمن لاءِ : هي تصورَ حقيقت جو روپ وٺندا، ته ظلم کان نجات جون راهون کلنديون ۽ عوام، بي خوف ۽ پر اُميد، اُنهن تي اڳتي وڌندو.

ظالم جي مفاد ۾ آهي ته مظلوم اڃا ئي زياده ڪمزور هجن، ۽ اُن لاءِ ظالم مظلومن کي هڪ ٻئي کان ڇني الڳ ڪري ٿو، اُنهن ۾ هو ويڇا وجهي ٿو ۽ ويڇا وڌائي ٿو. ائين هو انيڪ طريقن سان ڪري ٿو- سڌي عملدار شاهي دٻاءُ ۽ ڏاڍ کان وٺي، تهذيبي اقدامن تائين جن سان هو عوام تي وڌيڪ اِهو تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ائين هو عوام جي خدمت ۽ امداد ڪري رهيو آهي!

هِن ظالمانه تهذيبي عمل جي هڪ خصوصيت، جيڪا اڪثر عوام دوست پر ساده دل ماهر ۽ پنهنجي پنهنجي پيشي ۾ مصروف شخص  هر گز ڏسي ۽ سمجهي نه سگهندا آهن، هيءَ هوندي آهي ته مسئلن کي هڪ ئي جامع حقيقت جي روپن طور ڏسڻ بدران اُنهن جي الڳ الڳ نقطائي اهميت تي زور ڏنو ويندو آهي، ڄڻ اُنهن جو جامع حقيقت سان واسطو ئي نه هوندو آهي.’لوڪ واڌاري‘ جي رٿائن ۾، هڪ علائقي يا ايراضيءَ کي جيترو وڌيڪ ڀڃي، ٽڪرا ٽڪرا ڪري، ’مڪاني لوڪن ‘۾ ورهايو ويندو، ۽ نه انهن ’امڪاني لوڪن‘ کي خود پنهنجي پنهنجي اندر ڪنهن سڄيءَ حقيقت طور ۽ نه وڏيءَ هڪ جامع حقيقت (ايراضي، علائقي وغيره جي ڀاڱي طور سمجهيو يا ڏٺو ويندو. جيڪا به پنهنجي سر اڃائي هڪ وڏيءَ ۽ وسيعت حقيقت (قوم يا کنڊ جي مظهر) جو حصو هجي ٿي- ته عوام ۾ اوترو ئي زياده الڳتا، ويڇي ۽ ويڳاڻپ جو احساس وڌندو. ۽ ماڻهو جيترا وڌيڪ هڪ ٻئي  کان ائين جدا ۽ پرانهان پر انهان ٿي بيهن ٿا، اوترو ئي ظالمن لاءِ اُنهن کي ٽوڙڻ ۽ ٽٽل رکڻ آسان ٿئي ٿو. عمل جا هي نقطا ئي (ٽٻڪائيءِ) نمونا، مظلومن جي زندگيءَ جي نقطائيءَ صورت کي وڌيڪ نمايان ڪن ٿا(خاص طرح ٻهراڙيءَ جي ايراضين ۾، ۽ مظلومن لاءِ حقيقت جي تنقيدي پرک ۽ پروڙ مشڪل ٿئي ٿي، ۽ ائين کين ٻين ايراضين جي برادر مظلومن جي مسئلن کان نه رڳو لا علم پر لا تعلق بڻيو ۽ رکيو وڃي ٿو.(44)

اِهو ئي ساڳيو  الڳتا جو اثر نام نهاد’اڳواڻپ جي تربيتي ڪورسن‘ جي  صورت ۾ به پيدا ٿئي ٿو، جيڪي توڻي جو اڪثر انتظامن ۾ انهيءَ نيت سا هلايا ڪون ٿا وڃن، پر اُنهن جو نتيجو آخري طور اُهو ئي الڳتا جو نڪري ٿو. هي ڪورس انهيءَ ساده ذهن مفروضي تي مبني هوندا آهن ته ، ’لوڪ ڀلائي’، ’لوڪ اڳواڻن‘ کي تربيت ڏيڻ سان حاصل ٿي سگهي ٿي ڄڻ ته سچي جي اؤسر ’ڀاڱن‘ جي اؤسر سان ٿئي ٿي۽ ائين نه ته ’سڄو‘ پنهنجي اؤسر سان ’ڀاڱن‘ جي اؤسر ڪري ٿو. لوڪن جا اُهي فرد، جيڪي اڳواڻپ جي صلاحيتن جي ڏِک ڏيڻ سان تربيتي ڪورسن لاءِ چونڊجي وڃن ٿا، اُهي لازمي طور لوڪ جي ’فردن‘ جي مقصدن ۽ تمنائن جو اظهار ۽ عڪاسي ڪن ٿا. اهي پنهنجي رهت ۾ ۽ حقيقت بابت پنهنجي سوچ ۾ پاڻ جهڙن اُنهن پنهنجن ’ساٿارين‘ سان ئي مطابقت ۾ هجن ٿا، ۽ ڪجهه پنهنجين خاص صلاحيتن جي استعمال ۽ ڏِک سبب کين انهن جي وچ ۾ اڳواڻپ جو درجو ملي وڃي ٿو. ۽  جيئن ئي هو پوءِ ائين چونڊ ۾ آڏو اچي، پنهنجا تربيتي ڪورس پورا ڪن ٿا، ۽ اُتان ٺهي، تيار ٿي، پنهنجي لوڪن ۾ موٽي وڃن ٿا، تيئن يا ته هو پنهنجي اُن نئينءَ ڏاهپ ۽ پنهنجن اُنهن نون تربيتي وسيلن کي، جيڪي اڳي وٽن نه هئا، پنهنجن ئي اُنهن لوڪن جي ٻُڏل ۽ موڳاٽيل شعور کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا، يا ته اُنهن ۾ هو مرڳو ئي ڌاريان بنجي وڃن ٿا، ۽ اُن سبب اُها سندن پهرين اڳواڻپ جي حيثيت خود ئي خطري ۾ پئجي وڃي ٿي. هو پوءِ اُن اڳواڻپ جي حيثيت کي بچائڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ پنهجن کي وڌيڪ قابليت سان ۽ حرفت سان چڪر ۾ آڻڻ ۽ پنهنجي قبضي ۾ رکڻ جي ڪوشش ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا.

پر جڏهن تهذيبي عمل، هڪ سڀ پاسائين ۽ جامع سلسلي طور سڄي لوڪ کي پنهنجي آزادگي بخش اثر ۾ آڻي ٿو- ۽ نه فقط اُن جي ’اڳواڻن‘ کي- تڏهن نتيجو ٻيءَ  طرح جو ۽ ٻئي رخ وارو نڪري ٿو. يا نه لوڪ جا اڳيان اڳواڻ سڄي لوڪ جي وچ ۾ ۽ ان سان گڏوگڏ ٿي بيهن ٿا ۽ سڀ گڏجي اڳتي وڌن ٿا، يا لوڪ جي نئين سماجي شعور جي نتيجي ۾،اُهي نامقبول بنجي، هٽي الڳ ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جي جاءِ تي نوان اڳواڻ، سچا پچا اڳواڻ، وڌي لوڪ جي وچ ۾ ۽ لوڪ سان گڏ اچي بيهن ٿا.

ظالم ڪڏهن به سڄي لوڪ جي اڳتي وڌڻ جي فائدي ۾ نه هوندا آهن: هو رڳو اُن جي خاص ۽ چونڊ شخصن جي وڌڻ ۾ خوش هوندا آهن. ظالمن جي اِن روش سبب لوڪن ۾ الڳتا جي، ڌاريائپ جي، صورت قائم رهي ٿي. جيڪا لوڪ جي شعور جي جاڳڻ ۽ سڄيءَ حقيقت سان اُن جي تنقيدي طور نبرڻ جي عمل جي آڏو روڪ بنجي بيهي ٿي. ۽ لوڪ طرفان، حقيقت سان، هِن تنقيدي طور نبيرڻ جي عمل ۾ هٿ وجهڻ  کانسواءِ لوڪن ۾، مظلومن ۾، هڪ طبقي جي حيثيت سان، اتحاد جو پيدا ٿيڻ هميشه مشڪل بلڪ هڪ ناممڪن  ڳالهه رهي ٿي.

’طبقاتي جدوجهد‘ ٻي ڳالهه آهي، جنهن جي نالي ٻڌندي، ظالم شخص هڪدم ڪاوڙجي پون ٿا، ڇو ته هو پاڻ کي ظلم طبقو  چوائڻ يا سمجهائڻ نٿا پسند ڪن. پر ڪيتري به هو ڪوشش ڪن، سماج ۾ طبقن جي وجود جو، بهرحال، انڪار به نٿا ڪري سگهن. ۽ انهيءَ ڪري هو، وڌي، افهام تفهيم ۽ ميٺ محبت جي ضرورت جي تبليغ ڪن ٿا-پورهئي جي وڪڻڻ تي مجبور هجڻ وارن ۽ اُهي جيڪي پورهيو خريد ڪن ٿا، انهن جي وچ ۾.(45) پر ، ٻنهي طبقن ۾ جيڪو فرق  موجود هي ٿو، جيڪو لِڪي نٿو سگهي، اُهو هن ’مِٺ محبت‘ کي ناممڪن بنائي ٿو ڇڏي(46)اعليٰ مقام رکندڙ امير ماڻهو طبقن جي وچ ۾ هيءَ مٺ محبت جي ڳالهه ائين ڪن ٿا،ڄڻ طبقا فردن جا رڳي ڪي اتفاقي ميڙاڪا آهن، جيڪي  ڪنهن ميلي ۾ ڪو تماشو ڏسي رهيا هجن! پر هڪڙي ئي مٺ محٻت جيڪا اهڙي سماج ۾ ممڪن آهي ۽ موجود به ڏسي سگهجي ٿي، سا خود هِنن ظالمن جي پنهنجي پاڻ ۾ مٺ محبت هوندي آهي. جيتوڻيڪ منجهن غلط فهميون ۽ اختلاف به ٿي سگهن ٿا، پر جيئن ئي سندن طبقي کي ڪو خطرو سامهون اچي ٿو ته هڪدم هو پاڻ ۾ گڏجي، هڪ ٿي پون ٿا. ساڳيءَ ريت مظلومن ۾ به مٺ محبت ممڪن ٿئ ٿي- ۽ اُها تڏهن جڏهن هو آزادگيءَ جي جدوجهد ۾ (حقيقت سان تنقيد طور نبرڻ جي جدوجهد ۾) مصروف هجن.فقط ڪن خاص ۽ جزوي حالتن ۾، ٻنهي طبقن جو متحد ٿين ۽ يڪمشت ٿي عمل ڪرڻ به ممڪن ۽ ضروري بنجي ٿو: پر جيئن ئي اُها ڪا غير معمولي صورتحال جنهن ۾ هو ائين متحد ٿيا هئا، گذري وڃي ٿي، تيئن ئي هو واپس پنهنجي تضاد جي حالت ۾ اچي وڃن ٿا منهن ۾ ئي سندن وجود جي اصلي نشاندهي ٿئي ٿي ۽ جنهن مان هو سچ پچ ۽ صاف نڪري ڪڏهن ٻاهر ئي  ڪو نه ٿيا هئا.

بالادست طبقي جا سڀ عمل سندن هڪ ئي مقصد ظاهر ڪن ٿا ته ماڻهن ۾ ويڇا هجن ۽ پاڻ ۾ هو وڙهندا رهن، ته جيئن سندن ظالمانه اقتدار محفوظ رهي سگهي. مزدور ۽ پورهيت انجمنن جي ڪم ۾ هِن طبقي جي دست اندازي- زبردست طبقي جي اهڙن ’عيوضين‘ کي فائدا ڏيڻ(جيڪي در اصل هن ظالمن جائي عيوضي هجن ۽ نه پنهنجن پورهيت ساٿين جا)؛ اُهي فرد جيڪي ڪجهه قدر اڳواڻپ جا صلاحيت جو اظهار ڪن ۽ ائين ڏِک ڏين ته هو ظالم طبقي  لاءِ خطري جا سبب بنجي سگهن ٿا.اُنهن کي وڌائي اڳيان ڪرڻ ته ائين اُهي ’ٿڌا ٿين‘؛ مزدورن ۽ پورهيتن مان هڪڙن کي فراخدليءِ سان فائدا ۽ ٻين کي سخت سيکتون ڏيڻ- اِهي سڀ ماڻهن ۾ ويڇن وجهڻ جا طريقا هوندا آهن، ته جيئن اُهو  سرشتو محفوظ رهي، جيڪو اُنهن اعليٰ درجي وارن  امير ماڻهن جي پنهنجي مفاد ۾ هوندو آهي. سندن عمل جون اُهي صورتون آهن، جيڪي، سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح، مظلومن جي هڪڙيءَ ڪمزوريءَ- اُنهن جي بنيادي عدم سلامتيءَ جي ڪيفيت- مان ناجائز فائدي وٺڻ سمان هجن ٿيون.مظلومن جي عدم سلامتي سندن وجود جي دو- طرفي صورتحال جو نتيجو هجي ٿي، جنهن ۾ هو پنهنجي اندر ۾ پاڻ سان گڏ خود ظالم  کي به پاڻ وٽ موجود رکن ٿا. هڪ پاسي هو اُن جو مقابلو ڪن ٿا؛ ٻئي پاسي، پنهنجي تعلق جي هڪ مرحلي تي، اُن ڏانهن ڇڪجي به وڃن ٿا؛ ۽ اهڙين حالتن ۾، ظالم،  آسانيءَ سان کين استعمال ڪري، پنهنجي انفاقي عمل وسيلي، منجهانئن پنهنجي مرضيءَ پٽاندر فائدا حاصل ڪري وٺي ٿو.

ٻئي پاسي، مظلومن کي به، تجربي مان معلوم هجي ٿو ته جيڪڏهن هو ظالمن جي سڏ تي نه ٿا وڃن (جيڪو کين ڏنو ئي منجهن نفاق وجهڻ لاءِ وڃي ٿو)، ته اُن جي کين قيمت ڏيڻي پوي ٿي- پنهنجين ملازمتن تان هٿ کڻڻ ۽ ظالمن وٽ ’بلئڪ لسٽ‘ ۾ پنهنجا نالا لکائڻ جي صورت ۾ جنهن جي معنيٰ ته مٿن وڌيڪ روزگار جا دروازا پورجي ٿا وڃن- ۽ اِها گهٽ ۾ گهٽ قيمت آهي، جا کين ادا ڪرڻي پوي ٿي. هيءَ بنيادي عدم سلامتيءَ جي صورتحال آهي، جا سڌيءَ طرح سندن پورهئي جي غلاميءَ سان ڳنڍيل هجي ٿي(جيڪا سچ پچ ته، جيئن بشپ اسپلٽ (Bishop Spilt) چيو،(47) سندن شخصي غلاميءَ جي ئي حقيقت حالت آهي.)

انسانن جي تڪميل  يا پورنتا فقط اُن حد تائين ٿئي ٿي. جنهن حد تائين هو پنهنجي دنيا ٺاهين ٿا (جيڪا هڪ انساني دنيا آهي)، ۽ اُها دنيا هو پنهنجي ڪايا پلٽندڙ پورهئي سان ٺاهين ٿا. انسانن جي حيثيت ۾ انسانن جي تڪميل، انهيءَ ڪري سندن دنيا جي تڪميل تي منحصر آهي. جيڪڏهن انسان لاءِ ڪم جي دنيا ۾ رهڻ جي معنيٰ ڪامل محتاجي ۽ تابعداري آهي، هر دم دٻاءُ ۽ عدم سلامتي آهي- جيڪڏهن انسانن جو ڪم به انسانن جي پنهنجي شيءِ نه آهي- ته انسانن جي تڪميل هر گز ممڪن نٿي ٿي سگهي. ڪم، جيڪو آزاد ڪم نه آهي، ڪڏهن به تڪميل جو ذريعو نٿو ٿي سگهي، بلڪ اُهو انسانن کي انسانيت کان هيٺ ڪيرائڻ جو، انسانيت مان ڪڍي حيوانيت ۾ آڻڻ جو هڪ مؤثر ذريعو آهي.

مظلوم جيڪو به پنهنجي اتحاد لاءِ قدم کڻن ٿا، اُهو کين وڌيڪ عمل ڏانهن آماده ڪري ٿو: جلد يا دير سان، هنن تي پنهنجي حيوان هجڻ جي صورت پڌري ٿئي ٿي، ۽ هو ڏسن ٿا ته جيتري تائين به هو هڪ ٻئي کان الڳ رهندا، بلڪ پاڻ ۾ وڙهندا رهندا، تيئن هو ڏاڍن جي بالادستيءَ ۽ حرفتبازيءَ جا آسان شڪار ئي رهندا. اتحاد ۽ تنظيم ئي کين انهيءَ لائق ڪري سگهن ٿا، جو هو پنهنجي ڪمزوريءَ کي بدلائي هڪ ڪايا پلٽيندڙ قوت بنائي سگهن، جنهن سان هو دنيا جي نئين سر تخليق ڪري سگهن ٿا- ته جئي اُها هڪ بهتر انساني دنيا بنجي سگهي(48) بهتر انساني دنيا جو وجود، جيڪو هنن جو جائز اُمنگ هجي ٿو، ظالمن جي ’انساني دنيا‘جي عين ابتڙ آهي- اُن دنيا جي ابتڙ، جيڪا ظالمن جي ئي مخصوص ملڪيت آهي. جيڪي اُن ۾ هڪ ناممڪن مٺ محبت جي تبليغ ڪندا رهن ٿا- يعني سندن پنهنجي ۽ مظلومن جي وچ ۾، پاڻ جيڪي  انسانيت کان هيٺ ڪيرائيندڙ آهن ۽ اُهي جن کي هو انسانيت کان هيٺ ڪيرائين ٿا تن جي وچ ۾، ميٺ محبت، ظالم ۽ مظلوم ڇا ڪاڻ ته هڪ ٻئي جو وروڌ آهن تنهن ڪري جتي هڪ گروهه جا مفاد سِڌ ٿين ٿا ٻئي گروهه جي مفادن جي سِڌ ٿيڻ جو سوال ئي نٿو اُٿي.

’موجود کي سدا موجود رکڻ‘ لاءِ ويڇا وجهڻ ۽ ڌار ڪرڻ، ڳالهه ٻولهه وروڌي عمل جو بنيادي  مقصد هوندو آهي. اُن سان گڏ، بالادست، ڦري پاڻ کي ائين پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا  آهن، ڄڻ هو ماڻهن جا محافظ آهن- اُنهن  ماڻهن جا جن ۾ هو ويڇا وجهن ٿا ۽ جن کي هو انسانيت کان هيٺ ڪيرائن ٿا. پر هيءَ سندن مسيحائي دعويٰ سندن اصلي نيت کي لڪائي نٿي سگهي- پنهنجي پاڻ کي محفوظ رکڻ جي نيت کي . هو پنهنجي دولت کي محفوظ رکڻ گهرن ٿا- اُنهن شين کي جيڪي کين ٻين تي بالادستيءَ جو رتبو ڏين ٿيون. پر هو جيڪا غلطي ڪن ٿا سا اِها ته هو نٿا سمجهن ته ’تحفظ‘ يا ’بچاءِ‘ جي ڪهڙيءِ به معنيٰ ۾، ماڻهو پاڻ کي، رڳو انفرادي حيثيت ۾ توڙي هڪ ظالم طبقي جي حيثيت ۾، هر گز بچائي يا محفوظ رکي نٿا سگهن. تحفظ، بچاءُ، نجات فقط ٻين سا گڏ حاصل  ٿي سگهي ٿي. ۽ جنهن حد تائين هي عالي مقام ماڻهو ظلم ڪن ٿا، اُن حد تائين هو مظلومن سان گڏ ٿي نٿا سگهن، ڇو ته ظلم جي اصليت آهي ئي مظلومن کان پري هجڻ، بلڪ انهن جي وروڌ يا مخالف هجڻ.

ظالمانه عمل جي نفسياتي تورتڪ ظالم ماڻهوءَ  جي ڪوڙيءَ فيض بخشيءَ کي هڪدم پڌرو ڪري وجهي ٿي (جيئن مٿي پهرئين باب ۾ چيو ويو)- اُها هُن جي پنهنجي گناهه جي شعور جي هڪ قبوليت ئي هجي ٿي. هِن ڪوڙيءَ فيض بخشيءَ سان هو نه رڳو هڪ غير عادلانه ۽ موت پسند نظام جي دفاع جي ڪوشش ڪري ٿو، پر هو پنهنجي لاءِ سڪون خريدڻ چاهي ٿو، پر سڪون خريديو نه ويندو آهي؛ سڪون، انساني سٻنڌ ۽ پيار جي عمل سان محسوس ڪيو ۽ ماڻيو ويندو آهي؛ ۽ پيار ۽  سٻنڌ جو عمل ظلم جو ويس ڪڏهن نه پائيندو آهي. انهيءَ ڪري ڳالهه  ٻولهه وروڌي عمل جي سوچ ۾ جيڪو ’مسيحائيءَ‘ جو جزو موجود  ڏسجي سگهجي ٿو، سو اُن عمل جي پهرئين ۽ بنيادي رخ کي ئي وڌائي ٿو ۽ مضبوط ڪري ٿو- اُن جي جيت (غلبي، فتح) پائڻ جي رخ ۽ نيت کي.

’موجود کي سدا موجود رکڻ، ‘ ۽، ائين بالادستن جي طاقت کي قائم رکڻ لاءِ ماڻهن ۾ نفاق پيدا ڪرڻ ۽ اُنهن کي گروهن ۾ ورهائڻ ضروري آهي: ۽ ظالم اِها پنهنجي حڪمت عملي ڪاميابيءَ سان استعمال ڪري سگهن، تنهن لاءِ هو لازم سمجهن ٿا ته اِن پنهنجي چال کي هر طرح مظلومن کان مخفي رکن. انهيءَ ڪري، اڳ وٺي هو مظلومن کي ائين مڃائڻ چاهيندا آهن ته اُنهن جو هو ’سماجي غنڊن، بد اعمالن، امن جي وڳوڙين ۽ خدا  جي دشمن‘ کان بچاءُ ڪري رهيا آهن (اهي ئي لفظ ظالم گروهه وٽ انهن شخصن لاءِ استعمال ٿيندا آهن، جيڪي انسان جي انسانجڻ جي مشڪل ۽ پر خطر راهه جا راهي هئا ۽ آهن،) ماڻهن ۾ نفاق وجهڻ ۽ اُنهن کي منجهائڻ لاءِ، تخربيڪار پاڻ کي معمار ۽ اُهي جيڪي سچا تعمير پسند آهن تن کي تخريب پسند سڏين ٿا. تاريخ، بهر حال، انهن نالن ۽ لقبن جي سچ ۽ ڪوڙ کي پڌري ڪرڻ جو ڪردار پوريءَ ديانتداريءَ سان ادا ڪري ٿي. اڄِ ترادنتي (49) کي جيتوڻيڪ اڃا به سرڪاري ٻوليءَ ۾’سازشي‘ ۽ آزاديءَ جي تحريڪ جنهن جي هُن اڳواڻي ڪئي، اُن کي ’سازش‘ سڏيو وڃي ٿو، پر اسان جي قوم جو سورمو اُهو ناهي(50) جنهن تِرادنتي کي ’ڊاڪو‘ سڏيو ۽ هن جي ڦاسيءَ جو ۽ هُن جي لاش کي ڳترا ڳترا ڪرڻ جو ۽ انهن کي شهرن ۽ ڳوٺن جي گهٽين ۾ اڇلائڻ جو حڪم ڏنو هو ته جيئن ماڻهن لاءِ اُهو مثال ٿئي ۽ ماڻهو ڊڄي گهرن ۾ ويهي رهن.پر ترادنتي اڄ اسان جو سُورمو آهي. تاريخ اُهو ’لقب‘ جيڪو هن تي وقت جي عالي مقام، ظالم، بالادست لوڪن لڳايو هو، هن جي نالي تان پٽي، لاهي،  وقت جي اگهور اوڙاهه ۾ اڇلائي  ڇڏيو ۽ هن جي سچي اعليٰ عمل کي جيئن اُهو هو تيئن تسليم ڪيو. اُهي ئي سچا انسان جن پنهنجي دؤر ۾ انسانن جي آزاديءَ لاءِ انسانن جي اتحاد جي ڪوشش  ڪئي، ڀلارا انسان ۽ سورما اُهي آهن- نه اُهي جن پنهنجيءَ طاقت کي انسانن ۾ ويڇن وجهڻ، کين ويڙهائڻ ۽ مٿن  حڪمراني ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو.

حرفت بازي ۽ هٿ ناٽ ڳالهه ٻولهه دشمن عمل جي نظريي جي هڪ ٻي خاصيت آهي ۽ تفرقي وجهڻ ۽ ويڙهائڻ جي حڪمت عمليءَ وانگر، ظالمن لاءِ انسانن تي جيت پائڻ جي مقصد حاصل ڪرڻ جو هڪ مؤثر وسيلو آهي- هڪ ئي اِن مقصد لاءِ جنهن جي چؤڌاري ڳالهه- ٻولهه دشمن نظريي جون سڀ ڳالهيون ڦرنديون رهن ٿيون. حرفت بازيءَ ذريعي بالادست عالي مقام ماڻهو عوام کي ريهي ريبي ۽ پاڙهي ٺاهي، پنهنجن مقصدن پٺيان هلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيتري گهٽ سياسي پختگي عوام (ٻهراڙيءَ توڙي شهرن جي عوام جي ذهن جي هوندي، اوتريءَ آسانيءَ سان بالادست حرفت باز انهن کي پنهنجن هٿن ۾ رانديڪن وانگر هلائي سگهندا.

هو اِئين ماڻهن کي هٿن ۾ رانديڪن وانگر هلائي سگهن ٿا- اُنهن پنهنجن لغڙائي ڳالهين ۽ ڏند ڪٿائن جي مدد سان، جيڪي هِن باب ۾ مٿي بيان ڪيون ويون آهن، ۽ پڻ هڪ ٻئي لغڙائي چمڪي وسيلي: ۽ اُهو هيئن، جو هو ڏتڙيل عوام جي آڏو، پنهنجي سک ۽ طاقت سان، يعني جيئن هو پاڻ ٿلها متارا ۽ ساوا سڻڀا آهن، مثال ٿي بيهن ٿا، ۽ عوام جون اکيون،  اُن سندن ’وڏ ماڻهپ‘ ۽ ’سک سنهجائپ‘ جي اوچائيءَ تي رسڻ جا امڪان پنهنجي آڏو چمڪندي ڏسن ٿيون! پر هِنن خواصن جون اِهي سڀ ڏند ڪٿائون ۽ لغڙائي چمڪا عوام تي پنهنجو اثر ڪري سگهن، اِن لاءِ هڪ شرط آهي: ۽ اُهو هيءُ ته عام خلق ويساهه ۾ رهي، ۽ خواصن جي انهن ڳلٿن ۽ ڏکن کي سچ سمجهي، مڃيندي رهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org