ڳالهه ٻولهه وروڌي تهذيبي عمل، اُن جي ابتڙ، تضادن
تي ديو ڪٿائي، ڏند ڪٿائي ۽ ويساهه وسوڙپ جا غلاف
چاڙهڻ گهري ٿو، انهيءَ اميد هيٺ ته حقيقت جي
تبديليءَ کان بچي سگهجي، يا (جيتري تائين ممڪن ٿي
سگهي ايتري تائين) اُن کي روڪيو وڃي، ڳالهه ٻولهه
وروڌي عمل، کليءَ طرح يا لڪل نموني، چاهي ٿو ته
سماجي نظام جون اُهي صورتون محفوظ رهن، جيڪي اُن
جي ڪرتا ڌرتائن لاءِ نفع بخش آهن، انهيءَ ڪري نظام
جا ڪرتا ڌرتا نظام اهڙي قسم جي بنيادي تبديلي هر
گز نٿا قبولي سگهن، جيڪا نظام جي اندروني تضادن کي
جيتي يا حل ڪري سگهي، پر اُهي وڌ ۾ وڌ اُن ۾
اهڙائي سڌرا قبول سگهن ٿا، جن سان مظلومن تي وري
به سندن فيصلن عائد ڪرڻ جي طاقت يا اختيار بحال
رهي. انهيءَ ڪر عمل جو هي نمونو يا رخ ماڻهن تي
غلبو يا دٻاءُ چاهي ٿو، اُنهن جي تفريق چاهي ٿو ۽
انهن کي پنهنجي حرفتبازيءَ ۽ تهذيبي اڳرائيءَ جو
نشانو بنائي رکڻ گهري ٿو. اِهو لازمي طرح ۽ بنيادي
طور هڪ عائط ڪيل ۽ انهيءَ ڪري مڃائيندڙ عمل آهي.
ڳالهه ٻولهه پسند عمل ۾ مڃائڻ جي صورت موجود نه
هوندي آهي. ڳالهه ٻولهه وروڌي عمل پنهنجي اُن
مڃائيندڙ ۽ ڄمت ڪندڙ روش کي هرگز ڇڏي نٿو سگهي. ڇو
ته اُن جو مقصد ئي بالادستي هوندو آهي؛ ڳالهه
ٻولهه پسند عمل اُن روش کان پاڻ بچائي سگهي ٿو.
ڇاڪاڻ ته اُن جو مقصد ئي آزادگيءَ هجي ٿو.
تهذيبي اڳرائيءَ ۾ عملڪارَ پنهنجي عمل جو مقصدي
مول پنهنجي نظريي ۽ پنهنجن قدرن مان کڻن ٿا، سندن
ابتدائي نقطو سندن پنهنجي دنيا آهي، جتان نڪري
هو اُنهن ٻين جي دنيا ۾ داخل ٿين ٿا، جيڪي سندن
اڳرائي جا نشان آهن، تهذيبي نبيري ۾، عملڪار جيڪي
’ٻي دنيا‘ مان ماڻهن جي دنيا م داخل ٿين ٿا،
حملائي يا آڪرا بنجي اِئين ڪو نه ٿا ڪن. هو ڪا
شيءِ سيکارڻ يا پهچائڻ يا ڏيڻ لاءِ ڪو نه ٿا اچن،
پر هو سچ پچ ماڻهن سان گڏجي ماڻهن بابت سيکارڻ
لاءِ اچن ٿا.
تهذيبي اڳرائيءَ ۾، عملڪار (جيڪي پنهنجي اڳرائيءَ
جي نشان واريءَ دنيا ۾ شخصي طور سچ پچ وڃڻ جي صورت
به محسوس ڪا نه ٿا ڪن، ۽ جيئن پوءِ تيئن وڌ هو
پنهنجي عمل جي پورائي دور اثر تڪنيڪي اوزارن جي
وسيلي ڪن ٿا)پاڻ کي ماڻهن تي مڙهين ٿا، جن جو
ڪردار هُنن لاءِ پوءِ رڳوو ڏسندڙن جو، تماشبينن
جو، محض ’شين‘ جو وڃي رهيو هو. تهذيبي نبيري ۾،
عملڪار ماڻهن سان ملي هڪ ٿي وڃن ٿا، جيڪي عمل ۾
ساڻن هڪ هم شريڪ آهن، جيڪو دنيا جي ميدان تي هو
گڏجي ڪن ٿا.
تهذيبي اڳرائيءَ ۾، ناظرين ۽ حقيقت جيڪا بچائڻي
يا قائم رکڻي آهي، ٻيئي عملڪارن جي عمل جا نشان
آهن، تهذيبي نبيري ۾، ڪي به ’ناظرين ‘ ڪين آهن؛
عملڪارن جي عمل جو نشان فقط حقيقت هجي ٿي. جنهن کي
ماڻهن جي آزادگيءَ لاءِ بدلائڻو آهي.
ائين
تهذيبي نبيرو عمل جي هڪ پِرَ آهي، هڪ شڪل آهي،
جنهن سان خود تهذيب سان نبرجي ٿو- ته جيئن اُن جا
جزا يا عنصر جيڪي جمود جا آڌر آهن، سي تبديل
ٿين. انهيءَ طرح، تهذيبي عمل، تاريخي عمل طور،
بالادست اُٽاڻيل ۽ اٽائيندڙ تهذيب جي ريٽڻ، يا
منسوخ ڪرڻ جو هڪ وسيلو آهي، اِن معنيٰ ۾ هر
پيڙهائتو، سچو انقلاب هڪ تهذيبي انقلاب آهي.
ماڻهن جي موجود يا سرگرم ۽ بامقصد مامرن جي
جانچنا، جنهن جو ذڪر مٿي ٽئين باب ۾ ڪيو ويو،
تهذيبي نبيري لاءِ عمل جي سلسلي جو شروعاتي نقطو
آهي. عمل جي هن سلسلي کي ڀڃي ٻن الڳ الڳ حصن ۾
ورهائڻ سچ پچ ته ممڪن به ڪونهي- يعني ائين، جو
پهرين مامرائي جانچنا ٿئي ۽ پوءِ تهذيبي نبيري طور
عمل هٿ ۾ کڻجي. سلسلي جي اهڙيءَ دوئيءِ جي معنيٰ
هيءَ ٿيندي ته عمل جي پهرينءَ صورت ۾ محقق ماڻهن
کي بيجان ۽ وساڻل شيون سمجهي اُنهن جو مطالعو ڪن،
اُنهن جي تحقيق ۽ جانچنا ڪن. جيڪو طريقو ڳالهه
ٻولهه وروڌي عمل هيٺ ئي تسليم ٿيل هجي ٿو. اِن طرح
جي تقسيم مان ته اِهو ئي ڀولي ڀاءُ وارو نتيجو
نڪرندو ته نبيري يا تصفيي جو عمل به اڳرائي جي
عمل جي صورت ۾ ئي اُسري ٿو!
ڳالهه ٻولهه پسند نظريي جي هِن تقسيم جي گنجائش نه
هوندي آهي. مامرائي تحقيق جا عملڪار يا ورڪر رڳو
پيشه ور محقق ڪو نه هوندا آهن، پر ماڻهو پاڻ ۽
اُنهن جا پنهنجا نمائندا به اُهڙا محقق هجن ٿا، جن
جي پنهنجي مامرائي دنيا ئي زير تحقيق هوندي آهي،
ائين، تحقيق، تهذيبي نبيري طور، عمل جي پهرئين پل
کان ئي- انڪشاف جي، ڄاڻ جي ڳولا جي، فضا قائم ڪري
ٿي، ۽ اِئين اُها نبيراڻي عمل جي وڌيڪ منزلن کي
ممڪن بڻائي ٿي ۽ آڏو آڻي ٿي. ان قسم جي انڪشاف جي
فضا تهذيبي اڳرائيءَ ۾ موجود ڪانهي ۽ نه پيدا ٿي
سگهي ٿي- ڇو ته اڳرائيءَ پنهنجي اُٽآڻپ ۽
بيگانگيءَ جي روش سان جانچنا يا تحقيق جي دائريءَ
۾ آيل ماڻهن جي امنگ ۽ ذوق کي ماري ڇڏي ٿي. ۽ اُهي
پوءِ نراس ٿي وڃن ٿا، ۽ اِن طرح تحقيق جي هر
تجربي جي خطري کان هٽي پري ٿي بيهن ٿا، جنهن کان
سوءِ وري ڪو سچو انڪشاف يا ڳالهه جو پڌر پوڻ به
ممڪن نٿو رهي.
جيڪي
تهذيبي اڳرائيءَ جي عمل هيٺ اچن ٿا- ڪهڙي به سطح
انهن جي هجي، اُهي مٿان مٿان کان مليل مثال يا
نمونن جي اثرن کان ٻاهر نڪري ئي نٿا سگهن، جيڪي
اڳرائيءَ جي عمل ۾ اُنهن لاءِ ٺهن ٿا يا رٿجن ٿا.
تهذيبي نبيري جي عمل ۾ ڪي به اڳرا يا مٿڀرا محقق
يا ڄاڻو ڪينهن، انهيءَ ڪري اُن ۾ ماڻهن تي ڪي به
فرماني مثال يا نمونا مڙهجڻ لاءِ موجود نه هوندا
آهن. انهن جي بدران اُهي عملڪار يا محقق ئي (يعني
ماڻهو پاڻ به) هجن ٿا، جيڪي حقيقت جي تنقيدي
جانچنا ڪن ٿا(روزمره جي خود پنهنجي عمل کان اُن
جانچنا کي ڪڏهن به علحده نه ڪندي) ۽ اُهي تاريخي
سلسلي جي ائين اڳتي وڌڻ ۾ اڻ حيثيت سان حصيدار ئي
رهن ٿا.
اڳرائيءَ جي عمل جي اڳ مقرر ڪيل رٿائن تي هلڻ
بدران، نبيري جي عمل ۾ اڳواڻ ۽ ماڻهو، جيڪي پاڻ ۾
ڄاڻ سڃاڻ ۽ هڪ ٻئي تي ويساهه رکندڙ آهن. گڏجي
پنهنجي عمل جا رهبر اصول مقرر ڪن ٿا. هِن نبيري ۾
اڳواڻن ۽ ماڻهن کي هڪ طرح نئينءَ ڄاڻ ۽ نئين عمل
جي دنيا ۾ نئون جنم ملي ٿو.بيگانيءَ ۽ دل-
اُٽائيندڙ تهذيب جي اصليت جو انڪشاف ۽ ڄاڻ تبديلي
جي عمل ڏانهن ماڻهن جي رهنما بڻجي ٿي، جنهن جي
نتيجي ۾ اُها تهذيب ٻاهر منهن ڪڍي نروار ٿئي ٿي،
جيڪا اُٽاڻپ ۽ بيگانگيءَ کان آزاد ٿيل يا ٿيندڙ
هجي ٿي. اڳواڻن جي وڌيڪ اصولي ۽ ڌوتل پوتل ڄاڻ
ماڻهن جي سڌيءَ ۽ ذاتي ڄاڻ جي روشني ۾ نئين سر
مرتب ٿئي ٿي، ۽ ماڻهن جي ڄاڻ اڳواڻن جي ڄاڻ جي
اثر ۾ بهتر ۽ وسيع تر ٿئي ٿي.
تهذيبي نبيري ۾ - ۽ فقط تهذيبي نبيري ۾ اڳواڻن جي
عالمي نگاهه ۽ ماڻهن جي عالمي نگاهه جي تضاد کي
حل ڪرڻ ممڪن آهي، ۽ اُن سان ٻنهي (عالمي نگاهن) ۾
وسعت ۽ چٽائي اچي ٿي. تهذيبي نبيرو ٻنهي نگاهن جي
وچ ۾ جيڪي فرق آهن تن کان انڪار نٿو ڪري، بلڪ
اُنهن ئي جي بنياد تي اُهو خود ممڪن بڻجي ٿو،
تهذيبي نبيرو اِن کان انڪاري آهي ته هي نگاهون هڪ
ٻئي تي ڪا آڪرائي ڪن، پر اُهو اُن مدد کي قبولي ٿو
جيڪا اُنهن کي وسيع تر ۽ بهتر بنجڻ ۾ هڪ ٻئي کان
ملي ٿي.
انقلابي اڳواڻن کي ماڻهن کان جدا جدا، عوام کان
جدا، پاڻ کي منظم ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي: ڪن
تاريخي حالتن سبب ڪهڙو به تضاد ماڻهن سان اتفاقي
طور پيدا ٿئي، اُن کي لازمي طور حل ڪرڻ
گهرجي-تهذيبي طور اڳرائيءَ جي روش سان برتر تعلق
جي ڪا صورت ماڻهن تي مڙهي، اُن تضاد کي هر گز
وڌائڻ نه کپي. تهذيبي نبيرو ئي اِن صورتحال جي حل
جو واحد رستو آهي.
ماڻهن جي عالمي نگاهه کي خيال ۾ نه آڻيندي، جيڪا
پنهنجيءَ جاءِ تي حقيقت هجي ٿي، انقلابي اڳواڻ
فيصلن جون ڪافي ڪمزوريون ڏيکارين ٿا ۽ گهڻيون
غلطيون ڪن ٿا. ماڻهن جي عالمي نگاهه ۾، لڪل توڙي
پڌري نموني، سندن انومان ۽ انديشا، شڪ، اميدون ۽
آسرا، اڳواڻ بابت خيال، پنهنجي ۽ پنهنجن ظالمن
بابت ويچار، سندن مذهبي ويساهه(جيڪي اڪثر جامع هجن
ٿا)، ڀاڳ نڀاڳ ۽ قسمت يا تقدير بابت سندن ويساهه
۽سندن جهيڙاڪ ۽ باغي ردعمل اچي وڃن ٿا. اِنهن مان
ڪا هڪ ڳالهه به جدا گانه سمجهي نه سگهبي. ڇو ته
باهمي واسطي ۾ اُهي سڀ ڳالهيون هڪ ڪُليت ۾ موجود
هجن ٿيون. ظالم انهن جي ان ڪُليت کي ڄاڻي ٿو. ڄاڻن
چاهي ٿو- پر پنهنجي ڏاڍائيءَ ۽ اڳرائيءَ جي عمل جي
حمايت ۾ ته جيئن هو پنهنجي غلبو ۽ بالادستي قائم
ڪري سگهي. ۽ جاري ڪري سگهي؛ انقلابي اڳواڻ لاءِ به
اِن ڪُليت جي ڄاڻ ضروري آهي، بلڪ اُن کان سواءِ
هنن جي سري ئي نٿي سگهي- پر تهذيبي نبيري جي عمل
جي ڪاميابيءَ لاءِ.
تهذيبي نبيري جي معنيٰ (ڇا ڪاڻ ته اُهو نبيرو ئي
آهي) هر گز اِها ناهي ته انقلابي عمل جا مقصد عوام
جي عالمي نگاهه ۾ موجود امنگن ۽خواهشن جي حدن اندر
ئي واڙيل هجن ۽ اُنهن ۾ بند هجن. جيڪڏهن ائين ٿيو
(اُن نگاهه جي احترام جي نالي ۾) انقلابي اڳواڻ
اُن ئي رويا جي ليڪي ۾ وٺجي قابو ٿي ويندا: نه
ماڻهن جي عالمي نگاهه تي اڳواڻن جي اڳرائي ۽ غلبو
۽ نه اڳواڻن جو ماڻهن جي (اڪثر ڀولي ڀاو وارين)
خواهشن ۽ امنگن جي آڏو جهڪاءُ قابل قبول ٿي سگهي
ٿو.
مثال
طور، جيڪڏهن تاريخ جي ڪنهن ڏاڪي تي ماڻهن جي خواهش
پگهارن ۾ اضافي جي گهُر کان مٿي ڪانه ٿي چڙهي، ته
اڳواڻ هنن ٻن غلطين مان هڪ غلطي ڪري سگهن ٿا: هو
پنهنجي عمل کي اِن هڪ گهرُ (65) کي ئي اڳتي ڪرڻ
تائين محدود رکي سگهن ٿا، يا اُن پسند عام گهر کي
رد ڪندي، ڪا ٻي گهرُ يا ڪي ٻيون دور- رس گهُرون
اُن جي جاءِ تي هٿ ۾ کڻي سگهن ٿا، جيڪي اڃا ماڻهن
جي ڌيان تي پوريءَ طرح آيل نه آهن. پهرينءَ صورت
۾، انقلابي اڳواڻ ماڻهن جي طلبن آڏو جهڪاءَ يا
تسليميءَ جي راهه وٺن ٿا. بيءَ صورت ۾ ماڻهن جي
خواهش ۽ اُمنگ جو قدر نه ڪندي، هو تهذيبي اڳرائيءَ
جي عمل جا ذميدار ٿين ٿا.
گهربل حل نبيري ۾، تصفيي، موجود آهي: اڳواڻن کي
کپندو ته هڪ طرف هو ماڻهن سان وڌيڪ پگهارن لاءِ
سندن گهر ۾ شامل ٿي بيهن، ۽ بئي طرف سندن اُن ئي
گهر جي معنيٰ ۽ مراد کي، هڪ مسئلي جي صورت ۾ کولي،
سندس آڏو رکن. ائين ڪرڻ سان، اڳواڻ هڪ سچي پچيءَ،
بجنسي، تاريخي صورتحال کي هڪ مسئلي جي صورت ۾
اٿاري، ماڻهن جي آڏو رکن ٿا. جنهن جو صرف هڪ پاسو
پگهارن بابت سندن گهرُ هجي ٿي. اُن مان اها ڳالهه
صاف ٿيندي ته اڪيلي پگهارن جي گهرُ ڪو محڪم ۽ پورو
حل نٿو ٿي سگهي.
هن
حل جو روح يا جو هر ته اُهو ئي ٿي سگهي ٿو. جيڪو
ٽينءَ دنيا جي ’پادرين سڳورن‘ اڳي ئي پنهنجي هڪ
’آيت‘ جي صورت ۾ بيان ڪري ڇڏي آهي ته،
’جيڪڏهن ڪنهن صورت ۾ پورهيت پنهنجي پورهئي جا پاڻ
مالڪ نٿا بڻجن، ته ٻيا سڀ نظامي اصلاح بي اثر ئي
ٿيڻا آهن. ۽ (ضرور) بي اثر ٿيندا…انهن کي پنهنجي
پورهئي جو ضرور مالڪ بڻجڻو آهي. ۽ نه وڪڻدڙ…
(ڇو
ته) پورهئي جي هر خريد ۽ فروخت غلاميءَ جو ئي هڪ
قسم آهي. ماڻهو پنهنجي لاءِ’پنهنجي پورهئي جو پاڻ
مالڪ‘ ٿيڻ ضروري آهي. پورهيو ماڻهوءَ جي ذات جو
لازمي حصو آهي‘ ۽ سچ پچ ته ’هڪ ماڻهو، هڪ انسان،
نه ڪڏهن وڪجي سگهي ٿو ۽ نه هو ڪڏهن پاڻ وڪڻي ئي
سگهي ٿو‘- انهن حقيقتن جي تنقيد شعور حاصل ڪرڻ
لاءِ محض تسڪيني ۽ آراميندڙ حلن جي فريب کان هڪ
قدم اڳتي وڌي وڃڻو آهي. اُهو قدم آهي: حقيقت جي
سڄاڻ تبديلي، انهيءَ لاءِ ته حقيقت انسان سناس ۽
انسان دوست بڻجي- ته جيئن انسان بهتر انسان ٿئي.
عمل
جي ڳالهه ٻولهه وروڌي نظريي ۾ تهذيبي اڳرائي
حرفتبازيءَ جا مقصد سڌ ڪري ٿي، ۽ فتح، غلبي ۽
بالادستيءَ جا مقصد سڌ ڪري ٿي. تهذيبي نبيرو تنظيم
جا مقصد سڌ ڪري ٿو؛ تنظيم آزادگيءَ جا مقصد سڌ ڪري
ٿي.
هِن
تصنيف ۾ پڌري سچ جي، واضع حق جي ڳالهه پيش ٿيل
آهي: جيئن ظالم کي ظلم ڪرڻ لاءِ ظالمانه عمل جي
نظريي جي گهرج آهي، تئين مظلومن جي آزاد ٿيڻ لاءِ
پڻ عمل جي هڪ نظريي جي گهرج آهي.
ظالم
عمل جو پنهنجو نظريو ماڻهن بغير، ماڻهن کان پري
بيهي، مرتب ڪري ٿو. ڇا ڪاڻ ته هو اُنهن جي خلاف،
اُنهن جي مقابل، بيٺل آهي. ماڻهو به- ايستائين جو
هر پيڙيل ۽ پيسل آهن، مظلوم آهن، جنهن جي صورتحال
۾ ظالم جو پرتو سندن اندر ۾ موجود آهي. تيسين
تائين هو پنهنجي مُنهن پنهنجي آزادگيءَ جي عمل جو
نظريو مرتب نٿا ڪري سگهن. فقط ۽ فقط ماڻهن ۽
انقلابي اڳواڻن جي سنگ ۾- دل جي احوالن اورڻ سان ۽
سڄاڻ عمل سان، تدبير سان- هيءُ نظريو، آزادگيءَ جو
هيءُ اصل الاصول، اڀري سگهي ٿو، تعمير ٿي سگهي ٿو.
(حيدرآباد، 2 جولاءِ 1984ع)
تشريحي نوٽ
باب
پهريون:
(1)
اڄ جي بغاوت جون تحريڪون، خاص طور نوجوانن جون،
توڻي جو لازمي طرح پنهنجي پنهنجي ماحول ۽ پس منظر
جي خصوصيتن جو عڪس آهن، پر اِهي سڀ پنهنجي جوهر ۾،
پنهنجي اصل ۾، انهيءَ انسان ۽ انسانن جي ذميداريءَ
جي سوال سان وابسته آهن- انسان جيڪي دنيا ۾ دنيا
سان وچڙيل وجود آهن- هڪ ئي ڳالهه ۾ محو آهن. ته
انسان ڇا آهي، ڇا هئڻ گهرجي ۽ ڪيئن. هي تحريڪون
جيئن اڄ جي کپتڪاري سڀيتا ((Consumer
Civilization
تي
پنهنجو فيصلو صادر ڪن ٿيون هر قسم جي فرمان شاهيءَ
کي نندين ٿيون، يونيورسٽين کي اٿلائڻ چاهين ٿيون،
استاد شاگرد جي بي روح تعلق کي حقيقت سان مطابقت ۾
آڻيندي، خود حقيقت کي وڌائڻ گهرن ٿيون ته جيئن
يونيورسٽين ۾ نئون ساهه پئجي سگهي، سماج پراڻن
قالبن ۽ قائم بيٺل ادارن تي وار ڪن ٿيون، انهيءَ
ڪوشش ته فيصلي جا مالڪ انسان هجن ۽ نه اُهي مئل
قالب ۽ ادارا- هي سڀ تحريڪون اسان جي عصري روح جي
عڪاسي ڪن ٿيون. جنهن جي توجهه جو مرڪز ’انسان
بحيثيت انسان جي وڌيڪ ۽ انسان بحيثيت حيوان‘ جي
گهٽ آهي.
(2)
هن سڄي ڪتاب ۾ لفظ ’تضاد‘ مخالف سماجي طاقتن جي
وچ ۾ جدلياتي ڪشمڪش، ادل بدل، ٽڪر، جي معنيٰ ۾
استعمال ٿيل آهي.
(3)
آزاديءَ جو خوف‘ دراصل ظالمن ۾ به موجود ڏسجي ٿو.
جيتوڻيڪ انهن وٽ اهو ٻيءَ شڪل جو هجي ٿو. مظلوم
وڌي آزاديءَ کي ’ڀاڪر پائڻ‘ کان ڊڄن ٿا، ظالم وري
پنهنجي ’ظلم ڪرڻ آزاديءَ‘ جي هٿان نڪري وڃڻ جي خوف
۾ رهن ٿا.
(4)
پنهنجي ڪتاب
‘Phenomenology of Mind’
۾، آقا (ظالم) جي شعور ۽ غلام (مظلوم ) جي شعور جي
جدليات تعلق ڇنڊڇاڻ ڪندي هيگل چو ٿو: ”هڪڙي مرضيءَ
جو مالڪ آهي ۽ هن جي اصلي طبيعت ’پاڻ لاءِ هجڻ‘
ڏانهن مائل رهي ٿي؛ ٻيو پروس ۽ ڪاڻيارو آهي، ۽ هن
جي اصل حالت هيءَ آهي ته هن جي هستي، هن جو وجود،
ٻئي لاءِ آهي: هو آقا آهي، مالڪ آهي، ڌڻي آهي، ۽
هيءُ باندي آهي، غلام آهي، ٻانهو آهي .
Dialogue=Dia=through, across
Legomai-logos+(ٻئي
پار=)
ڳالهه ٻولهه=(ڳالهه
_ڳالهائڻ) (م.ا .ج)
(6)
”مادي اصول ته، ”ماڻهو حالات ۽ تربيت جو نتيجو
آهن، ۽ انهيءَ ڪري، بدليل ماڻهو بدليل حالات ۽
بدليل تربيت جو نتيجو هجن ٿا“: هيءَ ڳالهه وساري
ويهي ٿو ته حالات کي بدلائڻ وارا به ماڻهو آهن. ۽
پرورش يا تربيت ڪندڙ خود تربيت گهري ٿو“
(ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلس)
(7)
نئين (انقلابي) حڪومت جي هن سختيءَ کي انهن
پائبندين ۽ سخت اقدامن سان ملائڻ يا منجهائڻ نه
گهرجي، جيڪي سابق ظالمن تي لازمي طور عائد ڪرڻا
آهن ته جيئن اُهي پنهنجو اصلوڪي ظلمي نظام ٻيهر
قائم ڪري نه سگهن. هيءَ سختيءَ يا شدت جي ڳالهه
اصل ۾ انهيءَ انقلاب بابت آهي، جيڪو رڪجي ٿو، بيهي
رهي ٿو ۽ ڪِنو بڻجڻ لڳي ٿو ۽ پراڻي حاڪم شاهيءَ جا
پراڻا ڏاڍ ۽ دٻاءَ جا طريقا ۽ وسيلا ڪم آڻي، ڦري،
عوام جي مفاد خلاف ڪم ڪري ٿو (جن طريقن ۽ وسيلن کي
سچي انقلاب هيٺ، جيئن مارڪس زور ڏيندي چيو آهي،
پوريءَ طرح بند ٿيڻ گهرجي، ختم ٿيڻ کپي)
(8)
خسرو نوشيروان 530ع ڌاري ايران جي تخت تي ويٺو. هن
ذاتي ملڪيت، خاص طرح زمين جي ذاتي ملڪيت داريءَ جي
خلاف اُڀريل مزدڪي تحريڪ کي ناس ڪرڻ لاءِ مزدڪين
جو قتل عام ڪرايو، انهن جا ڪتاب ساڙايا، ۽ انهن جي
ساٿي بيمار ۽ اگهاڙي لڱين ۽ پيٽ بکئي عوام تي
طرحين طرحين ظلم ڪيا. پر نوشيروان جي انصاف ۽ فيض
بخشيءَ جا داستان اڄ به پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل عوام
۾ عام پکڙيل آهن. فقط انهيءَ لاءِ جو پنهنجي ان
حيوانيت تي پردي وجهڻ ۽ ماڻهن کي برغلائڻ ۽ گمراهه
ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي عدل پروريءَ ۽ سخاوانيءَ جي
ڏيکاءَ جو وڏو ناٽڪ رچايو هو، ۽ ان کي پنهنجي
خوشامدڙين، شاعرن ۽ واقع نويسن ۽ مؤرخن ذريعي خوب
لکايو ۽ ڳارايو هو، ۽ ائين اهو سڄو داستان تاريخ
جو هڪ خودساخته ”سچ“ بڻجي ويو (م. ا .ج)
(9)
مصنف سان انٽرويو ۾ هڪڙي هاريءَ جا چيل لفظ.
(10)
مصنف سان انٽرويو ۾ هڪڙي هاريءَ جا چيل لفظ.
(11)
”هاري پنهنجي ”ڀوتار“ پنهنجي ”ڌڻي“ کان ڊڄي، اِها
ته قدرتي ڳالهه آهي!“ هاريءَ انٽرويو ۾ چيو.
(12)
هڪڙي هاريءَ سان انٽرويو.
(13)
کُليو کُلايو، برابر نه: ڇو ته ان سان ظالم جو غضب
ڀڙڪي اٿندو ۽ مظلومن تي هن جو وڌيڪ ظلم ڪڙڪي سگهي
ٿو.
(14)
هي ڳالهيون چوٿين باب ۾ تفصيل سان بحث هيٺ
اينديون.
ٻاب
ٻيو:
(15)
پنهنجي ملڪي حالتن سان اِن ڳالهه کي لاڳو ڪندي،
ائين چئي سگهجي ٿو ته جڏهن بياني تعليم هيٺ، جيڪا
ئي اسان وٽ به اُئين ئي هلندڙ آهي، شاگردن کان
اِهو رٽايون ٿا ته ”سنڌ جي گادي ڪراچي“ ته هو اِهي
اکر ٻڌن ٿا، ياد ڪن ٿا ۽ وري وري چون ٿا، پر هنن
کي اِها خبر ڪانه ٿي پوي ته ”سنڌ جي گادي ڪراچي“
جي اصطلاح جي اهميت ڪهڙي آهي، يا سنڌ لاءِ ڪراچيءَ
جو ”پاڪستان لاءِ سنڌ“ جو ڇا مطلب ٿي سگهي ٿو!
(مترجم)
(16)
هن اصول کي سارتري
(Sartre)تعليم
جو ”هاضمو“ يا ”غذائي“ اصول سڏيو آهي، جنهن ۾
استاد شاگردن کي علم يا ڄاڻ جي ”خوراڪ“ ڏئي ٿو ته
جيئن انهن جو ”پيٽ ڀرجي سگهي“
(17)
مثلن: ڪي استاد پڙهائيءَ جي مشقن هيٺ شاگردن کي
هِن يا هُن ڪتاب جي صفحي 10 کان 15 يا 70 کان 90
تائين، وغيره وغيره، پڙهي اچڻ لاءِ چوندا آهن:
ائين هو پنهنجن شاگردن جي ”مدد“ طور ڪندا آهن!
باب
ٽيون:
(18)
عمل يا فڪر: لفظ يا ڳالهه ـــ ڪم ـــ سچو عمل،
سڄاڻ عمل، (تدبير) عمل جو نه هئڻ : لفاظي، بَڪ
فڪر
جو نه هئڻ : عمليت، عمل پرستي (مصروفيت)
(19)
ظاهر آهي ته منهنجو اشارو اُن ماٺ؛ ڏانهن، ان پوري
ڌيان ڏانهن ڪونهي، جنهن ۾ ماڻهو دنيا کان پاڻ کي
الڳ ڪري، ان جي ڪليت تي ويچاريندا آهن، ۽ ائين هو
ان سان وري به گڏ ئي رهندا آهن، پر ان طرح جي ماٺ،
جيڪا ڪم واري ماٺ آهي، تڏهن عمل ۾ هجي ٿي، جڏهن
ويچاريندڙ ماڻهو حقيقت سان واڳيل ۽ ان کان پورو
باخبر رهي ٿو ۽ نه اها ماٺ جيڪا دنيا لاءِ ڌڪار ۽
ان کان فرار جو اظهار هجي ٿي. ڪنهن مست عليل جي
”ماٺ“ وانگر
(20)
جيئن پوءِ تيئن منهنجو يقين وڌندو وڃي ٿو ته سچن
انقلابين لاءِ انقلاب پنهنجي تخليقي ۽ آزادي بخش
فطرت سبب خالص پيار جو هڪ عمل هجي ٿو. انقلاب،
جيڪو پنهنجي هڪ نظريي کان سواءِ پنهنجي هڪ علمي
بنياد کانسواءِ، ممڪن ڪونهي، پيار سان ڪڏهن به
اسهمت نٿو ٿي سگهي. دراصل، انقلاب انسان آڻين ٿا،
بهتر انسانيت جي معيار تي پهچڻ لاءِ انسانن کي
انقلابي بڻجڻ جو بهترين سبب ۽ جواز ئي تڏهن ملي
ٿو، جڏهن هو انساني زوال جي حقيقت سان مُنهن مقابل
ٿين ٿا. سرمايه دار دنيا لفظ ”پيار“ کي ڪيتري قدر
به بگاڙيو هجي، پر ان ڪري انقلاب پيار جي پنهجي
لازمي طبيعت کان باز نٿو رهي سگهي، ۽ نه انڪري
انقلابي زندگيءَ سان پنهنجي پيار جو سنٻنڌ ڇڏي
سگهن ٿا. چي گويرا هڪ موقعي تي چيو هو: ”مون کي
ڀلي ڪو ڪيئن به چوي، پر پوري يقين سان مان چوان ٿو
ته پيار جا سگهارا اُمنگ ئي سچي انقلابيءَ جا رهبر
هوندا آهن. پيار جي امر جوتيءَ کان سواءِ ڪنهن سچي
انقلاب بابت سوچڻ ئي ممڪن ناهي“
(21)
هڪ دوست جي خط تان کنيل لفظ:
(22)
مالروس
(Malraux)
سان هڪ طويل گفتگو ۾ مائوزي تونگ چيو هو هو: ”توکي
شايد خبر هجي ته مون گهڻي وقت کان ائين پئي چيو
آهي ته اسان کي وضاحت سان عوام تي اُهو ڪجهه
سيکارڻو آهي، جيڪو عوام کان اسين مُنجهيل ۽ اڻ چٽي
نموني ۾ پاڻ سکون ٿا“ ان اصول ۾ سڄي ڳالهه ٻولهه
جي نظريي جو تت موجود آهي، جنهن جي بنياد تي اسان
کي تعليم جو سڄو پروگرامي مواد (نصاب) تيار ڪرڻو
آهي، جيڪو هرگز ”جيئن معلم پنهنجي شاگردن لاءِ
بهتر سمجهي“ واري اصول تي مرتب نٿو ٿي سگهي.
(23)
ٻهراڙيءَ جا پورهيت (هاري ۽ ڪمي ڪاسبي) عام طرح
پاڻ کي قدرت سان (فطرت جي دنيا) سان ائين ڳنڍيل
محسوس ڪن ٿا جيئن معصوم ٻار پاڻ کي پنهنجي ماءُ
سان، ۽ اُن بنهه ’آنڊن جي ڳانڍاپي‘ جي ناتي هو پاڻ
کي قدرت جو حصو سمجهن ٿا ۽ اُن جا اڏيندڙ ۽
ٺاهيندڙ.
(24)
”اسان جي تهذيبي ڪارڪنن کي گهرجي ته هو وڏي اتساهه
۽ خودسپردگيءَ سان عوام جي خدمت ڪن؛ کين پنهنجو
پاڻ انهن سان ائين ملائي ڇڏڻ گهرجي، جو اُنهن کان
سندن پري ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ئي نه هجي. ائين ڪرڻ
لاءِ، کين عوام جي گهرجن ۽ چاهنائن جي عين مطابق
عمل ڪرڻو پوندو. عوام لاءِ هر ڪم جيڪو ٿئي سو انهن
جي ضرورتن مان اسرڻ کپي ۽ نه ڪنهن فرد جي خواهش يا
مرضيءَ جي نتيجي طور پوءِ اهو فرد پاڻ کي ڪيتريقدر
به نيت بخير هجي. اڪثر ائين ٿيندو آهي، ته عوام جي
خارجي طور ڪنهن خاص تبديليءَ جي ضرورت هوندي آهي،
پر داخلي طور هو ان ضرورت کان باخبر نه هوندا آهن
۽ نه هو اُن تبديلي جي آڻڻ لاءِ تيار يا محڪم
ارادو رکندڙ هوندا آهن. اهڙين حالتن ۾ اسان کي صبر
ڪرڻ ۽ ترسڻ کپي، جيستائين اسان جي ڪوشش ۽ ڪم وسيلي
عوام جي اڪثريت ان تبديليءَ جي ضرورت محسوس نه ڪئي
آهي ۽ ان جي آڻڻ لاءِ تيار نه آهي يا محڪم ارادو
نٿي رکي. ٻيءَ صورت ۾ اسين عوام کان ڪٽجي
وينداسين. هن سلسلي ۾ ٻه اصول ياد رکن جا آهن: هڪ
ته عوام جون سچيون پچيون ضرورتون ۽ نه اهي جي اسين
ڀانيون ٿا ته انهن جون آهن، ۽ ٻيو ته عوام جون
خواهشون، جيڪي ئي پاڻ فيصلا ڪن، ۽ نه ائين، جو
اسين سندن پاران سندن ضرورتن ۽ خواهشن جا فيصلا
ڪريون“ (مائوزي تونگ جي ”منتخب تصانيف“ تان ورتل)
(25)
هن نقطي جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ باب چوٿين ۾ ڪئي ويندي.
(26)
هِتي ”جيئڻ“ ۽ ”وجود رکڻ“ ۾، معنيٰ جي هڪجهڙائي
هوندي به، مفهوم جو فرق ڏيکارڻ مقصود آهي، ”جيئڻ“
اصل لفظ آهي، جنهن جو مفهوم جيئاپو (فقط جيئاپو)
آهي؛ ”وجود رکڻ“ ۾ رڳي جيئاپي کان علاوه ”ٿيڻ“ جي
سلسلي جو مفهوم به موجود آهي.
(27)
”حدودي حالتون“ اڻ لانگهائو حدون نه آهن، جتي
ممڪنات ختم ٿيل هجن، پر اهي رواجي حدون آهن جتان
ممڪنات شروع ٿين ٿا. حدودي حالتون اها ڪا سرحد نه
آهي، جيڪا هستيءَ کان نيستيءَ کان الڳ ڪري ٿي، پر
اها سرحد آهن جيڪا هستيءَ (هئڻ) کي وڌيڪ هستيءَ
(ٿيڻ) کان جدا ڪري ٿي.
(28)
هنن مامرن کي مون ”سرگرم“ انهيءَ ڪري سڏيو آهي، جو
(پوءِ انهن کي ڪيئن به سمجهيو وڃي ۽ ڪهڙا به تدارڪ
اهي گهرن،) اهي وري ٻين مامرن ۾ جنمجڻ جو امڪان
رکن ٿا، جيڪي پنهنجي پنهنجي سر وري نوان تدارڪ
گهرن ٿا.
(29)
وچين طبقي جا فرد اڪثر ان قسم جي هلت ڏيکاريندا
آهن، جيتوڻيڪ اها هارين جي هلت کان هڪ ٻيءَ طرح جي
هوندي آهي. آزاديءَ جو سندن خوف کين اهڙا بجاءِ جا
نمونا ۽ دليل کڙا ڪري بيهارڻ تي آماده ڪري ٿو،
جيڪي بنيادي حقيقت تي پردو وجهن ٿا، اتفاقي يا
ثانوي حقيقت کي اڀارين ٿا ۽ سچي پچيءَ ۽ بجنسي
حقيقت جو انڪار ڪن ٿا. موجود مسئلي سان دوبدو
ٿيندي، جنهن جي پرک ۽ سڃاڻپ ان جي لاڳاپيل خاص
حدودي حالت جي اڻ وڻندڙ صورت کان کين واقف ڪري ٿي،
هو بحث مباحثي جون ڪنڊون ۽ پاسا پيا وٺندا آهن، پر
مسئلي جي عين مرڪز تي پهچڻ جي ڪوشش کان پيا بچندا
۽ ڀڄندا آهن. جيڪڏهن ڪو سندن اڳيان مسئلي بابت ڪا
بنيادي ڳالهه آڻيندو، جنهن سان ان متعلق اتفاقي ۽
ثانوي درجي جون سندن ڳالهيون پڌريون ٿي پونديون،
جن کي هو مکيه اهميت ڏيو بيٺا هوندا آهن، ته هو
مرڳو ئي ڪاوڙجي پوندا آهن.
(30)
برازيل جي سماجياتي عالم، ميريا ايڊي فريرا
(پنهنجي هڪ اڻ شايع ٿيل تصنيف ۾) چيو آهي ته،
”مامرائي تحقيق فقط ان حد تائين جائز آهي، جو اها
عوام جي اها خبر ڏئي جيڪا عوام چاهي ٿو. ايتري
تائين جو اها ڪوشش عوام بابت معلومات وٺڻ جي نه،
پر عوام سان گڏجي ان حقيقت کي ڄاڻڻ جي ڪوشش، هجي،
جيڪا انهن کي ورايو ۽ للڪاريو بيٺي آهي.
(31)
هر تحقيقي حلقي ۾ وڌ ۾ وڌ ويهه ماڻهو هئڻ گهرجن، ۽
حلقا ايترا هجن، جو مطالعي هيٺ ايرضيءَ، يا
ننڍيءَ، ايراضي جي آباديءَ جا ڏهه فيصد ماڻهو
تحقيق جي ڪم ۾ شرڪت ڪري سگهن.
(32) ڇنڊڇاڻ جي هِنن آخري گڏجاڻين ۾ ايراضيءَ جا
رضاڪار به شامل هجڻ کپن، جن تحقيق ۾ مدد ڪئي هجي،
۽ ”مامرائي تحقيق جي حلقن“ جا شريڪ ڪار به گڏ هئڻ
گهرجن. انهن جي هيءَ موجودگي ۽ شرڪت انهن جو حق به
آهي ۽ ماهرن لاءِ مسئلن جي آخري ڇنڊڇاڻ اُها تمام
گهڻي فائدي واري بلڪ اڻ سرندڙ مدد ثابت ٿي سگهي
ٿي. ماهرن سان تحقيق ۾ سندن ساٿين طور هنن جو ڪم
ڪيل هجي ٿو، انهيءَ ڪري هو ماهرن جي اخذ ڪيل نتيجن
کي درست ڪري سگهن ٿا. ۽ انهن جي تصديق ڪري سگهن
ٿا. طريقيڪار جي نقطي نگاهه کان پڻ، هِن آخري ڇنڊ
ڇاڻ ۽ تورتڪ ۾ انهن جي شرڪت تحقيقي عمل جي صورت
کيس ٻٽيءَ تصديق ۽ عمل جو ڪم ڏيئي سگهي ٿي.
باب
چوٿون:
(33)
هيءُ خطرو انقلابي اڳواڻن کان پاڻ وڌيڪ تقاضا ڪري
ٿو ته هو ظالمن جي طريقي ڪار جي نقل ڪرڻ کان پاسو
ڪن، جيڪي مظلومن جي ڪنڌ تي سوار ٿي ويهن ٿا ۽
مظلومن وري اُنهن کي پنهنجي ذهن ۾ کنيو پيا هلندا
آهن، انقلابي، مظلومن ان پنهنجي واسطيداريءَ ۾،
اُنهن جي ذهن تي ائين ڇانئجي وڃڻ نه چاهيندا. اُن
جي ابتڙ، هو جڏهن مظلومن سان شريڪ ٿي ظالمن کي
اُنهن جي پُٺيءَ تان لاهي پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا،
ته هو اِئين ان لاءِ ڪو نه ٿا ڪن ته هو پاڻ اُنهن
تي سوار ٿي ويهن، پر اِن لاءِ ته هو اُنهن سان
ساٿ ۾ رهن.
(34)
جيتوڻيڪ مظلوم، جيڪي پر ماريت ۽ ڦرلٽ جا شڪار رهيا
آهن. پنهنجي انقلابي جدجهد ۾ ڪجهه قدر انتقامي
جذبي کي شامل ڪندا- ۽ اِها سندن ڳالهه سمجهه ۾ اچي
سگهي ٿي- پر انقلاب کي پنهنجو زور ۽ پنهنجو
صلاحيتون ائين ئي وڃائي ڇڏڻ نه گهرجن.
(35)
فائيڊل ڪاسٽرو، ڪيوبا جي ماڻهن سان چي گيويرا جي
موت جي تصديق تعزيت ڪندي، اُنهن کي چيو هو:’برابر،
اسين شڪ مان به ڪجهه فائدو وٺيِ سگهون ٿا، پر اسان
کي ياد رکڻ کپي ته ڪوڙ، سچِ کان ڊپُ، اجايا وهم، ۽
ڪوڙين ڳالهين جو ساٿ، انقلاب جا اِهي ڪڏهن به
هٿيار نه رهيا آهن.‘
(36)
گولڊ مئن (Gold
Mann)
لکي ٿو:’جن دؤرن ۾ بالادست طبقا مستحڪم رهيا آهن،
جن دؤرن ۾ مزدور تحريڪ کي طاقتور دشمن کان پنهنجو
بچاءُ ڪرڻو پيو آهي، جيڪو اُن لاءِ وڏو خطرو بڻجي
سامهون آيل هوندو آهي ۽ هر طرح اُهو اقتدار جي
ڪرسيءَ تي براجمان هوندو آهي- اُنهن دؤرن ۾ فطري
طور اُهو هڪ اشتراڪي ادب پيدا ٿي آڏو اچي ٿو، جيڪو
حقيقت جي ”مادي“ عنصر تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو، آڏو
بيٺل رڪاوٽن جو گهڻو ذڪر ڪري ٿو، پر نِري انساني
شعور، انقلابي فلسفي ۽ نيٺ عمل جي ايتري گهڻي
ڳالهه نه ٿو ڪري.“
(37)
هُوندوراس جي هڪ انقلابيءَ، فرنانڊو گارشيا(
Fernanjdo Garcia)
جا لفظ- لاطيني آمريڪي ڪارڪنن جي آڏو سنتياگو
(برازيل) ۾ 1967ع ۾ ڳالهه ٻولهه دوران.
(38)
ڪڏهن ته حقيقت ۾ اهڙي ڪا ’ ڳالهه‘ هوندي ئي ڪانهي،
ته به رڳو ڪنهن ماڻهوءَ جو هئڻ ئي (جو انقلابي سَٿ
مان به نه هجي)، ماڻهن جي اندر ۾ ويٺل ’ظالم‘ کي
ڊيڄاري يا ڪاوڙائي سگهي ٿو، ۽ پوءِ هڪ دم بگڙي،
مخالف سِمت ٿي بيهن ٿا.
هڪڙي
شاگرد هڪ ڀيري مون کي ٻڌايو ته ڪيئن هڪڙيءَ لاطيني
آمريڪي هارين جي برادريءَ (Peasant
Community)
۾ هڪڙي تعصبي پرادريءَ اچي ڳالهه ڪئي ته بادريءَ ۾
ٻه ڪميونسٽ پليت موجود هئا! ۽ اُهي، هُن جي چوڻ
موجب، ’ڪئٿولڪ دين جي ستياناس ڪري رهيا هئا.‘ اُن
تي انهيءَ ئي رات برادريءَ جي ماڻهن، پرائمري
اسڪول جي ٻن ماسترن کي جهلي، جيئري باهه ۾ جلائي
ماري ڇڏيو! اُهي ماستر سندن ئي ٻارن کي پاڙهيندا
ٿي رهيا. شايد غريب ماسترن جي گهر ۾ اُن پادريءَ
هڪڙو ڪو ڪتاب ڏسي ورتو هو. جنهن جي چؤڌاري ڪو
ڊگهيءَ ڏاڙهي وارو [مارڪس يا اينگلس] ڇاپيل هو!
(39)
هڪ ڀيرو وري به آءُ اِها ڳالهه واضع ڪرڻ گهران ٿو
ته ’ڳالهه ٻولهه جي عمل‘ ۽ ’انقلابي عمل‘ جي وچ ۾
ڪا به دوئي ڪانهي، ڪو به تضاد ڪونهي. نه ئي ڳالهه
ٻولهه جي مهل يا ڏاڪو هڪڙو آهي ۽ انقلابي عمل جي
مهل يا ڏاڪو ٻيو آهي. بر عڪس اِن جي، ڳالهه ٻولهه
انقلابي عمل جو خاص جوهر آهي. انقلابي عمل جي اصول
يا نظريي هيٺ، عملڪار، سڀ گڏجي، هڪ شيءِ کي (يعني
حقيقت کي، جيڪا اُنهن کي گڏي پاڻ ڏانهن سڏي ٿي)
پنهنجي عمل جو نشانو بنائين ٿا، انهيءَ مقصد لاءِ
ته(اُن حقيقت کي بدلائيءَ) انسانن لاءِ انسان بنجڻ
جو موقعو مهيا ڪيو وڃي.
’ظالم عمل‘ جي اصول يا نظريي هيٺ، جيڪو پنهنجي
جوهر ۾ ڳالهه ٻولهه وروڌي آهي، مٿئينءَ رٿا کي
بنهه سادي ۽ آسان صورت ڏني وڃي ٿي: ۽ اُها هيءَ ته
عملڪار گڏوگڏ ٻن شين کي (يعني حقيقت کي ۽ مظلومن
کي) ظلم کي قائم رکيو وڃي.
انقلابي عل جو اصول:
(40)
لوڪ پسند انقلاب جڏهن اقتدار ۾ اچي ٿو، تڏهن اِها
حقيقت ته نئينءَ طاقت جو اِهو اخلاقي فرض هجي ٿو
ته پراڻيءَ ظالمانه طاقت جي ٻيهر قائم ٿيڻ جي هر
ڪوشش کي دٻايو وڃي، ڪنهن به طرح اِها معنيٰ ڪا نه
ٿي رکي ته انقلاب جو پنهنجو ڳالهه ٻولهه وارو
ڪردار ڪو تضاد جو شڪار ٿي رهيو آهي. اڳواڻن ظالم ۽
مظلومن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه، ٻن مخالف طبقن جي هئڻ
جي صورت ۾، انقلاب کان اڳ به ممڪن ڪا نه هئي، ۽
انقلاب کان پوءِ به اُها ناممڪن ئي رهي ٿي.
(41)
’انهيءَ طرح اقتصادي طور زياده ترقي ڪيل ملڪ غريب
ملڪن کي امداد ڏين ٿا، جنهن ۾ سندن اصل مراد اِها
هجي ٿي ته اُنهن ملڪن جي سياسي صورتحال کي اُن
امداد وسيلي بدلائي پنهنجي فائدي ۾ آڻين، ۽ ائين
اُتي پنهنجي بالادستي قائم ڪن. اِن طرح جڏهن بين
الاقوامي برابريءَ ۽ آزاديءَ جا بنياد لڏن ٿا ۽
ڊهن ٿا، ته سڀني قومن جي پرُ امن ۽ مستحڪم ترقيءَ
جي راهه هر طرح جي خطرن ۾ وڪوڙجي وڃي ٿي.‘
(42).... تهمتن وسيلي، آقا غلامن کي، حاڪم محڪومن
کي، سست ۽ نڪمو ثابت ڪن ٿا، ۽ پوءِ فيصلو صادر
ڪن ٿا ته سسُتي ۽ نمڪائي غلامن جي ۽ محڪومن جي
فطرت جو اصل ۽ اٽل حصو آهي.‘
(43)
ائين چئي، آءُ خود ابلاغي ذريعن کي نه، پر جنهن
نموني ۽ جنهن طريقي سان اُهي استعمال ڪيا وڃن ٿا،
اُن حقيقت کيِ ننديان ٿو.
(44)
هيءَ ’مڪاني لوڪ‘ (Local
Community)
جي صورتحال جي مطالعي تي بيٺل ’لوڪ واڌاري‘ جي ڪمن
لاءِ هر گز نه آهي- جنهن صورتحال کي پنهنجي سِر به
هڪ محدود پر جامع حقيقت طور ۽ پڻ خود کان ٻاهر هڪ
وسيع تر، پر وري به جامع حقيقت طور ڏٺو ويو هجي.
هن تنقيد جا نشان در اصل اُهي ماڻهو آهن، جي اِهو
نٿا محسوس ڪن ته مڪاني لوڪن جو ڪو واڌارو يا سڌارو
اُن جامع حوالي کان ٻاهر ۽ پاڻ جهڙن ٻين لوڪن کان
الڳ رهي ڪري، هر گز عمل ۾ اچي نٿو سگهي، جنهن جو
حصو اُهي مڪاني لوڪ حقيقتن آهن ۽ جنهن جا حقيقتن
اُهي ٻيا لوڪ به اُهڙائي حصا آهن، سماجي سڌارري ۽
واڌاري جو هي لوازمو ڪثرت ۽ وحدت جي شعور تي ۽
حقيقت جي بنيادي ڪايا پلٽ جي ضرورت جي شعور تي
بيٺل هجي ٿو. ۽ اِها ئي ڳالهه آهي، جنهن کان ظلم
ڪنبن ٿا، ڀڄن ٿا، ۽ بچڻ چاهين ٿا.
(45)
جيڪڏهن پورهيت پنهنجي پورهئي جا ڪنهن طرح مالڪ نٿا
بنجن، ته نظام جون ٻين سڀ جوڙجڪي تبديليون بي اثر
ثابت ٿين ٿيون. ڪنهن اقتصادي سرشتي ۾ پورهيتن کي
اجرت وڌي ملي، پر اُن واڌ مان هو مطمئن نه ٿين، ته
اُن صورت ۾ به ائين ئي چئي سگهبو. در اصل پورهيت
پنهنجي پورهئي جا پاڻ مالڪ ٿيڻ چاهين ٿا ۽ نه
وڪڻندڙ اڄ پورهيتن جي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ اِها
ڄاڻ تيز ٿيندي وڃي ٿي ته پورهيت انساني وجود جو
ئي هڪ حصو آهي ۽ اُن جو ترجمان آهي، ڪو به انسان،
بهر حال خريدي نٿو سگهجي؛ ۽نه ئي هو پاڻ کي وڪڻي
ٿو سگهي. پورهئي جي هر ڪا خريد يا فروخت غلاميءَ
جو ئي هڪ قسم آهي. انساني سماج جي ارتقا، هن
سلسلي ۾، سنئين سڌي اهڙي هڪ سرشتي ڏانهن وڌي رهي
آهي، جيڪو انساني شرف ۽ فضيلت جي اُن اصليت جي
تقاضا سان وڌ کان وڌ موافق هجڻو آهي.
(46)
”جديد سماج ۾ طبقن جي وجودَ يا اُنهن جي وچ ۾
ڪشمڪش جي حقيقت جي دريافت لاءِ آءُ ڪنهن مُجرائيءَ
جو حقدار نه آهيان. مون کان گهڻو اڳي سرمايه پسند
مؤرخن هِن طبقاتي ڪشمڪش جي صورتحال جي ڳالهه ڪئي
آهي، ۽ سرمايه پسند اقتصادي ماهرن طقبن جي
اقتصادي ڳنڍ پيچ جو بيان به ڪيو آهي. مون جيڪا ڪا
نئين ڳالهه ڪئي، سا فقط، اِهو ثابت ڪرڻو هو ته
(1)طقبن جي بدلجندڙ صورت مادي پيداوار جي ترقيءَ ۾
مخصوص تاريخي دؤرن سان وابسته رهي آهي؛(2) هيءَ
طبقاتي ڪشمڪش تاريخ ۾ لازمي طور پورهيتن جي ڊڪٽيٽر
شپ (حاڪميت) جي دور ڏانهن نيئي رهي آهي؛ (3)
هيءَ پورهيتن جي حاڪميت خود به سماجي تبديليءَ جي
سلسلي جو هڪ مرحلو يا ڏاڪو آهي، جو سڀني طبقن جي
خاتمي ۽ غير طبقاتي سماج جي منزل ڏانهن وٺي وڃڻ
وارو هو. “ (مارڪس جو جي. ويديمئير (Weydemeyer)J.
)- ڏانهنِ خط، پهرين مارچ
1852ع )
(47)
اِن ئي سبب کان ظالمن لاءِ اِهو بنهه اَڻ سَرندڙ
حد تائين ضروري آهي ته هو کيتڪارن (هارين) کي شهري
پورهيتن (صنعتي مزدورن) کان الڳ رکن، جيئن هُنن
لاءِ اوترو ئي ضروري آهي ته اُنهن ٻنهي گروهن کي
هو شاگردن کان الڳ رکن. شاگردن جي بغاوت جي
’گواهي‘ (جيتوڻيڪ هو سماجياتي طور هڪ طبقو نه آهن)
شاگردن کي- بشرطيڪ هو عوام سان شامل ٿين؛ هڪ بيحد
خطرناڪ قوت جو روپ ڏيئي سگهي ٿي. انهيءَ ڪري ئي
ظالمن لاءِ ضروري هجي ٿو ته هو عام ماڻهن، خاص طرح
پورهيتن، کي سدا انهيءَ مڃڻ بلڪ يقين ڪرڻ تي آماده
ڪن ته شاگرد غير ذميدار آهن، شرير آهن، بد نظما
آهن وغيره، ۽ اُنهن جي ’گواهي‘ ڪوڙي ۽ غير معتبر
آهي، ڇا ڪاڻ ته شاگردن هجڻ جي حيثيت ۾ هنن کي اڃا
پڙهڻو، مطالعو ڪرڻو ۽ سکڻو ئي آهي- بلڪل اِئين
جئين صعنتي مزدورن ۽ کيتڪارن کي به رڳو، ’قوم جي
ترقيءَ ‘ لاءِ ڪم ۾ ئي مصروف رهڻ کپي.
(48)
تِرادنتي (Tiradentes)
1789ع ۾، رياست ’ميناس گريس‘ جي ’اوريتو پريتو‘
نالي شهر ۾، پورچو گال کان برازيل جي آزاديءَ لاءِ
اُٿيل ناڪام بغاوت جو اڳواڻ هو، جنهن بغاوت کي،
پورچو گالي بيٺڪين طرفان، اُن رياست جي نالي پٺيان
’ميناسي سازش‘ ۽’ميناسي ويساهه گهاتي‘ سڏيو ويو
هو.
(49)
ويسڪاندي ڊي باربيسينا (
Viscvonde de Barbacena)،
برازيل جي باغي رياست ميناس گريس جو پورچو گالي
گورنر هو، جنهن برازيل جي محب وطن ۽آزاديءَ جي
سُورمي تِرادنتي کي ڦاسي ڏيڻ ۽ هُن جي لاش جي بي
حرمتيءَ جو حڪم ڏنو هو.
(50)
اُها ’تنظيم‘، جيڪا حرفتبازيءَ جي عملڪاريءَ جو
نتيجو هجي ٿي، اُن ۾ ماڻهو، محض دڳ لاتل شين طور،
حرفتڪارن جي مقصدن سان ٺهيل ۽ ٻڌل هجن ٿا. پر سچي
تنظيم ۾ ماڻهو فردان فردان تنظيمي عمل ۾ حصيدار
هجن ٿا، ۽ سندن تنظيم جا مقصد ٻين جا (ڌارين جا۽
عائد ڪيل نه هوندا آهن: پهرينءَ صورت ۾ تنظيم
ماڻهن کي ”ٻڌڻ“ ۽ ”واڙڻ“ جو هڪ ذريعو هجي ٿي، ٻي
صورت ۾ اُها اُنهن کي ’آزاد ڪرڻ‘ ۽’ڇوڙڻ‘ جو ذريعو
هجي ٿي.
(51)
گيٽوليو ورگاس 1930ع ۾ انقلاب جي اڳواڻي ڪئي، جنهن
۾ برازيل جو صدر واشنگٽن لوئيز(
Washington Luis)
کي لاٿو ويو، ورگاس 1945ع تائين برازيل جو ڊڪٽيٽر
ٿي رهيو هو، هو پوءَ 1950 ۾ عام چونڊ رستي برازيل
جو صدر بڻيو، آگسٽ 1954ع ۾ جڏهن مخالف ڌر هن کي
صدر جي عهدي تان لاهڻ واري هئي، ته هُن خودڪشيءَ
رستي پنهنجو اَنت آندو.
(52)
پهرين مئي 1950ع تي واسڪو ڊي گاما نالي ڪسرت گاهه
۾ ورگاس جي ڪيل تقرير جو اقتباس.
(53)
اُن مقصد لاءِ، حملي آور سماجي عملن ۽ هر قسم جي
ڪاريگرن جو وڌ کان وڌ ۽ هڪ حد تائين، طبعاتي عملن
جو به استعمال ڪن ٿا ته جيئن پنهنجي اُن عمل کي هو
ٺاهي سڌاريءَ ۽ مهذب بنائي سگهن. حملي آورن لاءِ
اِهو بيحد ضروري آهي ته جيڪي ماڻهو سندن حملي جو
نشان آهن، تن جو هو ماضي ۽ حال ڄاڻن، ته جيئن
اُنهن جي مستقبل جا ممڪن رخ سمجهي سگهن، ۽ ائين
اُنهن رخن مان پنهنجي هڪ پسند واري ۽ پنهنجي مفادن
سان ٺهڪندڙ ڪنهن رخ سان پنهنجن مفتوح ماڻهن جي
مستقبل کي موڙِي سگهن.
(54)
ٻارَ، جيئن جيئن عمر ۾ وڏا ٿين ٿا.مائٽن ۽ استاد
جي حڪما حڪميءَ ۽ بالادستيءَ کي وڌ ۾ وڌ پنهنجي
آزاديءَ جي ورڌ، محسوس ڪن ٿا.اُنهيءَ ئي سبب کان،
هو جيئن پوءِ تيئن اُنهن جي خاص طرح اهڙيءَ روش
جي صورتن کي برداشت نٿا ڪن، جيڪي سندن خود اظهاريت
کي گهٽين ٿيون يا سندن خود اثباتيت لاءِ روڪ بنجن
ٿيون. هيءَ هڪ پڌري صورتحال آهي، ۽ هر گز ڪا
اتفاقي نه آهي، اِها در اصل اُن تاريخي فضا جي هڪ
سِرشت به آهي. جيڪا فضا انساني- حيواني نوعيت
رکندڙ عصري حقيقت جي خصوصيت هجي ٿي. انهيءَ لاءِ
نوجوانن جي بغاوت کي فقط پيڙهين جي وچ ۾ روايتي
فرق يا اختلاف جو مثال ئي نٿو چئي سگهجي، سواءِ
اُن حالت ۾، جو اُن کي ائين چوڻ ۾ اسان جي پنهنجي
ڪا ذاتي دلچسپي هجي.هن صورتحال ۾ ٻيو ڪجهه ئي، پر
وڌيڪ هڪ بنيادي ۽ گهَرو معاملو اٽڪيل رهي ٿو.
نوجوان پنهنجي اُن بغاوت ۾ سڄي بالادستيءَ واري
سماج جي غير منصفانه صورت کي نِندين ٿا ۽ رد ڪن
ٿا. هيءَ بغاوت، پنهنجي خاص وسعت سان، بهر حال،
اسان لاءِ تمام ويجهي وقت جي ڳالهه آهي، ۽ اسان جو
سماج پنهنجي ڪردار ۾ اُها ئي حڪما حڪمي ۽ بالادست
روش جاري رکيو اچي ٿو.
(55)
اِن ئي ڳالهه ۾، شايد اُنهن ماڻهن جي ڳالهه ٻولهه
وروڌي ورتاءُ جي باوجود به موجود آهي، جيڪي پنهنجي
انقلابي مقصدن ۾ سچا هئڻ جي باوجود ماڻهن ۾ اڳي
جيان ئي بي اعتباري رکن ٿا ۽ اُنهن سان پنهنجي
پوري ناتي جوڙڻ کان ڊڄن ٿا. غير شعوري طور اهڙا
ماڻهو پنهنجي اندر ۾ اڃا ’ظالم‘ کي موجود رکن ٿا:
۽ ڇا ڪاڻ ته ’ آقا‘ کي پنهنجي گهر ۾ ويهاريو ويٺا
هوندا آهن، آزاديءَ کان انهيءَ ڪري هو خوفزده به
رهن ٿا.
(56)
هيءُ سماج جو پراڻي مان بدلجي نيئن ٿيڻ جو عمل،
جيڪو هڪ سلسلو آهي، بهر حال، اچانڪ واقع ڪو نه ٿو
ٿئي- جيئن ميڪانيڪي مفڪر پنهنجي ساده ذهنيءَ تحت
فرض ڪري وٺندا آهن.
(57)
ڏاڍائپ جي ڏاهپ پنهنجو اظهار، هيڻائپ کي جيتڻ ۽
زير بار رکڻ لاءِ، سدائين ائين ’لٺ ۽ چٺ‘ جي
استعمال سان ڪندي آهي.
(58)
هِن موضوع تي چي گيويرا جا خيال باب ٽئين ۾ اچي
چڪا آهن، ان سلسلي ۾ جرمين گُزمان (Gorman
Guzman)
عوام دوست انقلابي ڪئميلو ٽوئرس (Camilo
Torres)
بابت چوي ٿو.،،،”هُن پنهنجو سڀ ڪجهه انقلاب کي
ڏنو. هر وقت ۽ سدائين هن ماڻهن سان پنهنجي سِر
سيتائيءِ جي روح پرور روش قائم رکي- هڪ پادريءَ
طور، هڪ عيسائيءَ طور، ۽ انقلابيءَ طور.“
(59)
چليءِ جي هڪڙي ذهين ۽ اوچي اخلاقي درجي رکندڙ
پادريءَ، 1966ع ۾، هڪ ملاقات ۾ مون کي
ٻڌايو:”..... جڏهن هڪڙو منهنجو ساٿي ۽ آءُ ماڻهن
سان ملڻ لاءِ سندن گهرن ۾ وياسين، جيڪي رڳي ڪک ئي
هئا، هنن جي بيان کان مٿي غربت ڏسي، مون ڪيترن ئي
کان پڇيو ته ههڙيءَ طرح جيئڻ هو ڪيئن ٿي سهي
سگهيا؟ ته هنن مان هر هڪ جو جواب هميشہ ساڳيو هڪڙو
ئي هو: ’مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟ خدا جي اِها مرضي
آهي ۽ مون کي اُها قبول ڪرڻي آهي.“
(60)
چي گيويرا، گيٽِ مالا جي هڪڙي نوجوان ساٿي ايل
پَتو جو (
El Patojo)
کي، جڏهن هو ڪيوبا ڇڏي گوريلا ڪاررواين ۾ حصي وٺڻ
لاءِ پنهنجي مُلڪ وڃي، رهيو هو، چيو هو: ” اعتبار
نه ڪج: شروعات ۾ پنهنجي پاڇي تي به اعتبار نه
ڪج، ڏسڻ ۾ دوستن جهڙن هارين تي، جاسوسن تي، سونهنِ
تي يا وچ وارن تي به اعتبار نه ڪج. ڪنهن به شيءِ
تي، ڪنهن ماڻهوءَ تي اعتبار نه ڪج، اوسين تائين،
جو هڪڙو علائقو پوريءَ طرح آزاد نه ڪري ورتو
اٿوَ.“ (’انقلابي جنگ جا واقعا)
(61)
لفظن تي زور پنهنجي طرفان آندل آهي.
(62)
ڪنهن ماڻهوءَ کي، مظلوم ماڻهو طور، پنهنجي حيثيت
جو تنقيدي شعور حاصل ٿي سگهي، اُن لاءِ ضروري آهي
ته هو پنهنجيءَ حقيقت کي هڪ مظلومانه حقيقت طور
سڃاڻي، ۽ اُها اُن جي سڃاڻپ ناقدانه سڃاڻپ هجي.
(63) ڪا به سچي تنظيم جيڪڏهن هڪدم نتيجو نٿي
ڏيکاري، اُن کي،هڪ سلسلي طور خيال ۾ آڻيندي، هر گز
ناڪام نٿو چئي سگهجي. جيڪي فوري طور اُن کي دٻائي
سگهيا، سي اُن جي مادي ڍانچي کي جڪڙي ۽ بند ڪري
سگهن ٿا، پر اُهي اُن جي ’گواهيءَ ‘ کي، اُن جي
اعلان کي، هر گز ختم نه ڪري سگهندا.
(64)
جيڪڏهن خارجي صورتحال ظالمانه هوند يا ڇڙ واڳيءَ
جي هوندي، ته هيءُ تعلق تصادمي تعلق ٿيندو.
(65)
جنهن شيءِ سان هڪ سماجي نظام( ۽ اُنهي ڪري
تاريخي- ثقافتي نظام) بنجي ٿو، اُها سڄي خيال کان،
نه دائميت آهي نه تبديلي، پر ٻنهي جي وچ ۾ جدلياتي
تعلقات آهن. آخري نکيڙ طور، سماجي نظام ۾ جا شيءِ
بقاءُ ڪري ٿي، سا نه دائميت آهي نه تبديلي، اُها
دائميت تبديل جي خود جدليت يا ڪشمڪش هجي ٿي.
(66)
لينن، پنهنجي ڪتاب ’ڇا ڪرڻو آهي؟ (What
is to be Done?)
۾، رشين سوشل ڊيموڪرئٽڪ پارٽيءَ جي اُن رخ کي سخت
نِنديو هو، بلڪ رد ڪيو هو، جنهن هيٺ هنن، انقلابي
جدوجهد جي هڪ وسيلي طور، پرولتاريت (صنعتي مزدورن)
جي اقتصادي مطالبن تي زور ڏنو ٿي- جنهن ڳالهه کي
هُن ’اقتصادي پاڻ- مراديت‘ (Economic
Spontaneity)
ٿي سڏيو.
(حيدرآباد، 23 آڪٽوبر 1984ع) |