سردار محمد يعقوب خان سن 1907ع ۾ وفات ڪئي ۽ ان جي
جاءِ تي شيخ صادق علي خان وزير ٿيو. هن ڪوٽ ڏيجي ۾
شاهي محل ٺهرايو ۽ڪراچي ۾ زمين خريد ڪري، مير صاحب
لاءِ هڪ وڏو بنگلو تيار ڪرايو.
مير علي مراد خان جي وقت ۾ انگريز رياست جي ڪمن ۾
ڪا به مداخلت نه ڪندا هئا، پر سندس مرڻ بعد، سندن
دست اندازي ايتري وڌي وئي، جو وزيرن ۽ ڪن ٻين
عهديدارن جي جڳهه به پوليٽيڪل ايجنٽ جي منظوري سان
ڀرجڻ لڳي. ان ڳالهه جو اهو فائدو ٿيو، جو خيرپور
هڪ جاگير هجڻ جي بدران هڪ منظم رياست جي قالب ۾
اچي وئي ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ٿي.
مير فيض محمد خان هڪ وڏو رحمدل، سادگي پسند ۽نياز
نوڙت وارو ماڻهو هو. هو هڪ انصاف پسند، رعايا پرور
۽ غريبن جو همدرد حاڪم هو
. هو مروت، مهرباني ۽خوش خلقي ۾ پنهنجن ڀائرن کان
وڌيڪ هو. فارسي لکڻ پڙهڻ ۾ هوشيار، نمازي ۽ خدا
پرست انسان هو. هن کان اڳ سڀ ڪجهه ميرن ۽ سندن
ساٿين جي فائدي لاءِ ڪيو ويندو هو، پر هن رعايا
لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ ماڻهن کي زيان خور جانورن جي
مارڻ جي اجازت به ڏنائين. کيس تعليم سان به خاص
دلچسپي هئي.
(ت) شعر و شاعري:
مير فيض محمد خان، سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي زبان جو
قادرالڪلام شاعر هو ۽ ”عاجز“ تخلص ڪندو هو.
(ث) اولاد:
هن کي ٽي پٽ هئا، هڪ، مير غلام علي خان، جيڪو
يارهن ورهن جي ڄمار ۾ فوت ٿي ويو، ٻيو، احمد علي
خان، جيڪو سندس زندگي ۾ وفات ڪري ويو ۽ ٽيون، امام
بخش خان، جيڪو ولي عهد هو.
(ج) وفات:
مير فيض محمد تاريخ 5 مارچ، 1909ع ۾ ڪوٽ ڏيجي ۾
وفات ڪئي. سندس عمر 74 سال هئي ۽ پندرهن سال حڪومت
ڪيائين. سندس شجرو هي هئي:
”بحق فيض محمد علي مرادم داد“.
.v
مير امام بخش خان:
(الف) تعارف:
هي تاريخ 7 جمادي الثاني، 1277هجري مطابق 1860ع،
تي ڄائو. سندس والد جي وفات کان پوءِ ٻئي ڏينهن
تاريخ 6 مارچ، 1909ع تي کيس برادريءَ جي طرفان پڳ
پڌرائي وئي ۽ پهرين جولاءِ، 1909ع تي باقاعده سندس
تاجپوشي جو جشن ملهايو ويو.
هن به پيءُ وانگر پاڻ کي آئيني سربراهه جي حيثيت
تائين محدود رکيو ۽ حڪومت جو انتظام وزير جي حوالي
ڪيو. سندس وزير شيخ صادق علي خان هڪ وڏو بيدار
مغز، ايماندار، خداپرست ۽ خلق جو خيرخواهه هو ۽
تعليمي ڪمن جي ترقي لاءِ گهڻي ڪوشش وٺندو هو.
رياست جي لئبريري ۽ جيمخانو سندس يادگار آهن. شيخ صادق علي خان 1912ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس جاءِ تي محمد
ابراهيم خان وزير ٿيو.
(ب) ملڪي سڌارا:
وزير محمد ابراهيم خان پنهنجي ايام ڪاري ۾ گهڻا
سڌارا ڪيا. شهر ۾ نوان رستا، عمارتون ۽ مسجدون
ٺهرايائين. هنري اسڪول ۾ لوهه جو عاليشان ڪارخانو
جاري ڪيائين. ڪيتريون ئي مهاڙيون صاف ڪرائي، زمين
آباديءَ هيٺ آندائين. پراڻي انگريزي اسڪول کي هاءِ
اسڪول بڻايائين. خيرپور جي زناني اسپتال ۽ پاور
هائوس به سندس يادگار آهن.
هن جي ڏينهن ۾ پهرئين مهاڀاري لڙائي لڳي جنهن ۾
انگريزن کي خيرپور مان تمام گهڻي امداد ملي، جنهن
جي صلي ۾ مير امام بخش خان کي جنوري 1918ع ۾
ليفٽيننٽ ڪرنل جو اعزازي عهدو مليو
سن 1919ع ۾ خيرپور شهر ۾ ”آل انڊيا محمدن
ايجوڪيشنل ڪانفرنس“ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڄي
هندستان جا تعليمي ماهر ۽ اديب ڪٺا ٿيا.
سن 1920ع ۾ مير صاحب پنهنجي ولي عهد مير علي نواز
خان تي ناراض ٿيو، تنهنڪري صاحبزادو دهليءَ ڏانهن
هليو ويو. مير صاحب سندس جاگير ضبط ڪري ڇڏي. نيٺ
جڏهن محمد ابارهيم خان وزير استعيفا ڏئي هليو ويو
۽ان جي جاءِ تي شيخ محمد قادر خان آيو، تڏهن ولي
عهد صاحب موٽي اچي پنهنجي پيءُ کي پرچايو.
(ت) سڀاءُ ۽ عادتون:
مير امام بخش خان فيض وارو ۽ علم دوست حاڪم ٿي
گذريو آهي. هن ڪراچي کان وٺي ڪلڪتي تائين ادارن کي
امداد ڏني. کيس شڪار جو به گهڻو شوق هوندو هو.
هو حد درجي جو ڪفايت شعار، پورالو ۽ ڪرڙو حاڪم هو.
هن کان اڳ ڇيڙ ۾ في ماڻهو ءَ کي ٻه آنا ڏنا ويندا
هئا، پر هن جي ڏينهن ۾ ڇيڙ جي مزدوري في ماڻهو چار
آنا ڪئي وئي. اڳي ميرن جي شادي، غمي ۽ ٻين تقريبن
تي ديڳيون ۽ کٽولا راڄ منجهان ورتا ويندا هئا، پر
امام بخش خان اهو رواج بند ڪري، هڪ سئو ديڳيون ۽
ڪافي کٽولا خريد ڪرائي توشاخاني ۾ رکرايا.
(ث) وفات:
مير صاحب تاريخ 8 فيبروري، 1921ع تي وفات ڪئي سندس
لاش ڪربالا معليٰ ڏانهن موڪليو ويو.
کيس علي نواز خان، علي محمد خان ۽ غلام علي خان
نالي تي ٽي فرزند هئا.
.vi
مير علي نواز خان:
(الف) تعارف:
هو تاريخ 9 آگسٽ، 1884ع تي ڄائو ۽ 37 سالن جي عمر
۾ 13 فيبروري، 1921ع تي مسند نشين ٿيو. ابتدائي
تعليم ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ حاصل ڪري، چيفس ڪاليج لاهور ۾
داخلا ورتائين. پوءِ ولايت ۾ نو مهينا رهي وڌيڪ
تعليم حاصل ڪري آيو.
(ب) ملڪي انتظام:
مير صاحب تخت تي ويهڻ شرط ڇيڙ جو رواج بالڪل بند
ڪري ڇڏيو. اڳ زمين جي ڍل بٽائي جي نموني سان وٺبي
هئي، پر سندس ڏينهن ۾ اهو سرشتو بند ڪري روڪ پئسن
۾ ڍل وصول ڪرائي. بٽائي وارو عملو ڪڍي، وڌيڪ
تپيدار ۽ سپروائيزر مقرر ڪيا ويا.
رياست ۾ نوان واهه ۽ شاخون کوٽائي وڌيڪ اٺ هزار
ايڪڙ زمين آباد ڪرائي وئي. خيرپور شهر ۾ واٽر ورڪس
کولي گرن ۾ نلڪا مهيا ڪيا ويا. ”امداد باهمي“ جو
نئون کاتو کوليو ويو. نوان اسڪول وجود ۾ آندا ويا
۽ انگريزي اسڪول جو نالو ”ناز هاءِ اسڪول“ رکيو
ويو.
(ت) انتظامي ڪائونسل:
مير صاحب جي حڪومت جا پهريان ڇهه ست سال ڏاڍا سٺا
گذريا ۽ اڳتي لاءِ رعايا کي وڏي اميد هئي ته اهڙي
تعليم يافته ۽ روشن خيال حاڪم جي سرپرستي ۾ رياست
اوج تياڳيندي، پر مير صاحب اوچتو ئي اوچتو عشق جي
آري ۾ اچي ويو ۽ سڀ ڪجهه محبت جي راهه ۾لٽائيندو
رهيو. نتيجو اهو نڪتو جو خزانو خالي ٿيڻ لڳو. اهو
حال ڏسي انگريزن وزارت جو عهدو ڪڍي، حڪومت جو
انتظام هڪ ڪائونسل جي حوالي ڪيو، جنهن ۾مير صاحب
کان سواءِ ٻيا ٽي ميمبر مسٽر هيليفاڪس، مسٽر امداد
علي قاضي ۽ مسٽر لواڻي مقرر ٿيا. اها ڪائونسل به
ٻن ٽن سالن ۾ ناڪامياب ٿي ۽ 1930ع ۾ وري مسٽر
ٽانٽن وزير مقرر ڪيو ويو. ٻن سالن بعد انهيءَ به
استعيفا ڏني ۽ ان جي جاءِ تي سليڊن صاحب وزير ٿي
آيو، جيڪو مير صاحب سان آخري دم تائين نباهيندو
رهيو
ڪائونسل جي ناڪامي کان پوءِ مير صاحب صرف آئيني
سربراهه هيو ۽ حڪومت جو ڪاروبار وزير صاحب جي هٿ ۾
هوندو هو.
.
(ث) سڀاءُ:
مير علي نواز خان نهايت حليم ۽ سادي طبعيت وارو
انسان هو. سندس آمدني جو وڏو حصو فقيرن ۽ مسڪينن
جي امداد ۾ خرچ ٿي ويندو هو. هو وڏو خرچائو، سخي
مرد، عاشق مزاج ۽ حضور شرم ماڻهو ۽ اعليٰ درجي جو
شاعر هو. سندس شعر ۾ چڱو سوز ۽ گداز سمايل هو.
ڪڏهن ڪڏهن اميريءَ سان گڏ فقيري به اختيار ڪندو
هو. بدن تي گيڙو ڪفني، مٿو اگهاڙو، هٿ ۾ يڪتارو ۽
زبان تي رندي ڪلام هوندا هيس. ويرانن ۾ جهوپڙيون
لڳي وينديون هيون ۽ جهوپڙين ۾ عاشقانه صدائون بند
ڪندو هو.
(ج) وفات:
مير صاحب 1935ع ۾ وفات ڪئي. سندس لاش ڪوٽ ڏيجيءَ ۾
امانت طور رکيو ويو ۽ ڪجهه عرصي بعد ڪربلا معليٰ
ڏانهن موڪليو ويو. چون ٿا ته کيس ڪنهن ويجهي عزيز
زهر ڏنو هو.
.vii
مير فيض محمد خان ثاني:
(الف) تعارف:
هي مير علي نواز خان جو اڪيلو پٽ هو. سندس ولادت
تاريخ 4 جنوري، 1913ع تي ٿي. هو والدين کي سڪي سڪي
ڄائو هو، تنهنڪري کيس ڏاڍو پيار ڪندا هئا ۽ پيار
مان هن کي ”الهبچايو“ ڪري سڏيندا هئا. سندس والده
بيبي نذير بيگم بلوچ خاندان مان نه هئي، تنهنڪري
سندس چاچي مير غلام علي خان ۽ ڪجهه ٻن شاهي خاندان
جي ماڻهن کي سندس ولي عهديءَ تي اعتراض هو. مير
غلام علي خان برطانيه سرڪار وٽ به پڪاريو، مگر علي
نواز خان ڪوشش ڪري سندس ولي عهدي منظور ڪرائي ڇڏي.
سن 1934ع ۾ هڪ ڏينهن اهڙو اتفاق ٿيو جو مير علي
نواز خان جي ڪچهري ۾ مير فيض محمد خان جي هٿان
سندس روالور ڇٽي ويو ۽ اوچتو وڃي سندس ٻن سالن جي
ٻار شهزادي علي مراد خان ثانيءَ جي ٻانهن ۾ لڳو.
پوءِ ته وڏو ٻائيتال مچي ويو ۽ ڪئمپ شاهي جي
حوارين مير فيض محمد خان کي چريو چريو چوڻ شروع
ڪيو ۽ کيس ڪجهه وقت لاءِ ذهني علاج واسطي لاهور
موڪليو ويو. ان کان پوءِ هن کي پوني ۾ زير علاج
رکيو ويو.
هو اڃا پوني ۾ ئي هو ته 1935ع ۾ سندس والد وفات
ڪئي. ان کان پوءِ ستت سندس والده به گذاري وئي. هڪ
طرف والدين جو وڇوڙو، ٻيو وطن کان دوري ۽ ٽيون
چاچي جي ناسازي تخت بخت کان محروميءَ مڙني ڳالهين
گڏجي سندس ذهني توازن وڃائي ڇڏيو. نيٺ 1947ع ۾
برطانيه سرڪار کيس حڪومت لاءِ نااهل قرار ڏيئي،
سندس ولي عهد مير علي مراد خان کي حاڪم بڻايو.
ساڳئي سال ۾ پاڪستان بڻجڻ بعد هن کي پوني مان
خيرپور آندو ويو. هو پنهنجي حياتيءَ جا آخري پنج
ڇهه سال ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ گذاري، تاريخ 18 رجب،
1376هجري، مطابق 14 اپريل، 1952ع تي هن دنيا مان
لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وفات جو سال هيٺيئن شعر مان
برآمد ٿئي ٿو.
تاريخ مرگ مير يه لکهه ديجئي نسيم
موليٰ ڪي پاس فيض محمد جنان مين هي.
(ب) ملڪي سڌارا:
مير صاحب جي نالي ماتر حڪومت ۾ سن 1937ع تائين
انگريز وزير مسٽر سليڊن هو ۽ ان کان پوءِ خانبهادر
اعجاز علي وزير مقرر ٿي آيو، جيڪو 1947ع، تائين
رياست جي سياهه ۽ سفيد جو مالڪ رهيو. انهيءَ عرصي
۾ رياست ۾ ڪافي سڌارا آيا، جن مان هيٺيان ذڪر جي
لائق آهن.
.i
سکر بئراج جي تعمير سبب آبپاشي جي انتظام ۾ ترقي
آئي ۽ ڪافي غيرآباد زمين آباد ٿي.
.ii
اعجاز ٽئنري نالي هڪ چمڙي جو ڪارخانو کوليو ويو.
.iii
ڳوٺ سڌار کاتي کلڻ سبب هارين جي معاشي ۽ سماجي
حالتن ۾ سڌاريو آيو.
.iv
خيرپور ۾ هاءِ ڪورٽ جو قيام عمل آيو.
.v
صحت کاتي ۾ توسيع آڻي ڪجهه ڊسپينسريون کوليون
ويون.
.vi
ٻه نوان هاءِ اسڪول ۽ ڪافي پرائمري اسڪول کوليا
ويا.
.vii
حڪومت جي نظام ۾ ڪجهه آئيني سڌارا آيا، جن جي ڪري
جمهوريت کي فروغ حاصل ٿيو.
.viii
مير علي مراد خان ثاني:
(الف) تعارف:
سندس ولادت تاريخ 29 جون، 1933ع تي انگلينڊ جي شهر
برائٽن ۾ ٿي، ڇو جو ان وقت سندس والد مير فيض محمد
خان ثاني پنهنجي ديري سميت اتي رهيل هو. ٽن سالن
جي عمر ۾ ئي کيس رياست جو ولي عهد مقرر ڪيو ويو.
تاريخ 24 جولاءِ 1947ع ۾ جڏهن چوڏهن سالن جو هو،
تڏهن سندس تخت نشيني عمل ۾ آئي، مگر حڪومت جا
اختيارات کيس نه مليا هئا، ڇو جو کيس تعليم جي
تڪميل ڪرڻي هئي.
تاريخ 11، سيپٽمبر، 1951ع تي مرحوم لياقت علي خان
جي هٿان هن کي حڪومت جا اختيار ڏنا ويا، جن کي 14
آڪٽوبر، 1955ع تائين آئيني طور تي استعمال ڪندو
رهيو.
(ب) تعليم:
هن ابتدائي تعليم ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ ورتي ۽ سينيئر
ڪئمبرج جو امتحان ايچيسن ڪاليج، لاهور مان پاس
ڪيائين. ان کان پوءِ 1950ع کان 1953ع تائين
انگلينڊ ۾ رهي اعليٰ تعليم ورتائين. انهيءَ عرصي
تائين حڪومت جون واڳون وزير سنڀاليندا رهيا.
(ت) حڪومت جو نظام:
مير صاحب جي ولي عهدي واري زماني کان وٺي رياست جو
وزير خان بهادر اعجاز علي هو، جنهن کي 1938ع کان
وٺي ٻن صلاحڪارن جي ڪائونسل ڏني وئي هئي. اهي
صلاحڪار صاحبزادو مير حاجي غلام حسين خان ۽خان
بهادر ڪولابا والا هئا. 1942ع ۾ حر تحريڪ زور
ورتو، جنهن کي ڪچلڻ لاءِ ساري سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو
ڪيو ويو. تاريخ 20 مارچ، 1943ع تي پير پاڳاري، سيد
صبغت الله شاهه ثاني کي شهيد ڪيو ويو ۽ جتي ڪٿي
سندس مريدن جي وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي. خيرپور جي
حڪومت به حرن جي خلاف قدم کڻڻ ۾ سرگرم عمل رهي.
حرن تي اها سختي ڪيترائي سال هلي ۽ انهيءَ دٻاءُ
واري پاليسي ۾ ڪيتريون ئي زندگيون بيگناهه ضايع
ٿيون. ڪافي ماڻهن قيد ۽ بند جون تڪليفون سٺيون، جن
جي نتيجي ۾ حڪومت خلاف هڪ عوامي تحريڪ شروع ٿي
وئي. نيٺ 1947ع ۾ مير صاحب جي اختيارات سنڀالڻ جي
وقت تائين هڪ ريجنسي بورڊ قائم ڪيو ويو، جنهن جا
ميمبر، مير غلام حسين خان، مير علي ڏنو خان، مير
محمد علي خان، مير غلام حسن خان ۽ مير خان محمد
خان هئا. اهو فيصلو ڪيو ويو ته هر هڪ ميمبر واري
تي هڪ سال لاءِ حڪومت جو سربراهه ٿي رهندو ۽سندس
ماتحتي ۾ هڪ ڪاروباري ڪائونسل ڪم هلائيندي. ان
ڪائونسل جا ميمبر خان بهادر ڪولابا والا ۽ شيخ
بهاءُ الدين هئا. ريجنسي بورڊ جي سربراهي جو عرصو
هيٺيئن ريت تقسيم ڪيو ويو.
صاحبزادو حاجي غلام حسين خان:
جون 1947ع کان مئي 1948ع تائين.
صاحبزادو مير علي ڏنو
خان؛ جون 1948ع کان مئي 1949ع
تائين.
صاحبزادو مير علي خان: جون
1949ع کان مئي 1950ع تائين.
صاحبزادو مير غلام حسن خان:
جولاءِ 1950ع کان مئي 1951ع تائين.
صاحبزادو مير خان محمد خان:
جون1951ع کان سيپٽمبر 1951ع تائين.
مير غلام حسين خان جي وقت ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو،
جنهن سان رياست خيرپور جو الحاق ٿيو. اسڪولن ۾
تعليم مفت ڪئي وئي ۽ ڪوٽ ڏيجي ۾ هڪ پاور هائوس
کوليو ويو.
مير علي ڏني خان جي وقت ۾ سڀني کاتن جي عملدارن ۽
منشين کان رشوت نه وٺڻ لاءِ قرآن شريف کڻايو ويو.
تاريخ 30، سيپٽمبر 1948ع تي مرزا ممتاز حسن
قزلباش، چيف منسٽر ٿي آيو، جنهن جي ڪوشش سان
ائسوسيئيشن ائڪٽ منسوخ ٿيو ۽ پبلڪ کي تقرير ۽تحرير
جي آزادي ملي. هن جي ڏينهن ۾ شراب جي تجارت تي
مڪمل بندش وڌي وئي. ان کان سواءِ زمين جي ڍل جو
چوٿون حصو معاف ڪيو ويو.
1950ع ۾ عام راءِ سان چونڊيل پندرهن ميمبرن جي اسيمبلي قائم ڪئي
وئي، جنهن مان چيف منسٽر قزلباش صاحب کان سواءِ
ٻيا ٻه وزير مسٽر الهڏنو خان خيال ۽ صاحبزادو
ميرعلي خان کنيا ويا.
1953ع ۾ هڪ نئون آئين پاس ڪري، ٽيهن چونڊيل ميمبرن
تي ٻڌل قانون ساز اسيمبلي قائم ڪئي وئي، جنهن مان
چيف منسٽر قزلباش خان ۽مسٽر غلام قادر خان پنهور
کنيا ويا، جيڪي 14 آڪٽوبر، 1955ع تائين قائم رهي،
پر هاڻي اهو اعزاز سنڌ کي نصيب ٿيو آهي ۽ خيرپور،
سنڌ جو هڪ ضلعو بڻجي وئي آهي.
(ث)اقتصادي ترقي:
سن 1947ع تائين خيرپور جي ساليانه آمدني اڻيتاليهه
لک هئي، پر پوءِ اها آمدني وڌي وڃي ڏيڍ ڪروڙ تي
پهتي، ان وقت في ماڻهو ساليانه آمدني جي سراسري
(Per Capita)
اها سراسري ويهن روپين کان وڌيڪ نه هئي.
ون يونٽ قائم ٿيڻ وقت پوري رياست ۾ ابتدائي تعليم
مفت ۽ لازمي هئي ۽ ثانوي تعليم ۾ ڪنهن به قسم جي
في نه ورتي ويندي هئي. اسڪولن ۾ پنج سئو شاگرد فري
بورڊر هئا، جن کي مفت کاڌي پيتي کان سواءِ ڪتاب ۽
ڪپڙا به مفت ڏنا ويندا هئا. اعليٰ تعليم لاءِ هر
مستحق شاگرد کي اسي روپيا ماهانه اسڪالرشپ ۽ اسي
روپيا قرض حسنه
(Debt of Honour) طور ڏنا ويندا هئا.
معاشي رٿابندي ڪري ٻه ڪارخانا قومي ملڪيت ۾ آندا
ويا، ٽرانسپورٽ کاتو به نئين طرح سان کولي قومي
ملڪيت ۾ آندو ويو. ان کان سواءِ هنرمندن ۽ڪاريگرن
جي همت افزائي ڪري کين ڪچو مال سستي اگهه تي مهيا
ڪري ڏنو ويو. ان سببن ڪري ڪيترائي خانگي ڪارخانا
لڳي ويا ۽ گهريلو صنعتون قائم ٿيون. زرعي سڌارن
سان ڪاشتڪارن کي ڍل جو چوٿون حصو معاف ڪيو ويو
۽کين تقاوي جي قرضن جي سهولت ڏني وئي، مطلب ته
خيرپور هڪ فلاحي رياست بنجڻ شروع ڪيو هو، جو کيس
ون يونٽ جي ڌڪ سان ختم ڪيو ويو.
باب ڇهون
خيرپوري ٽالپرن جو ملڪي نظام
.i
معاشرو: ٽالپرن جي حڪومت ۾ مغلن جي حڪومت وانگر طبقاتي ۽ جاگيردارانه
نظام هو
.
جنهن ۾ سڪر سڻائي هئي ۽ ماڻهو سکيا ستابا هئا. ملڪ
جي ساري آبادي ماڻهن جي جن طبقن ۾ تقسيم ٿيل هئي،
انهن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو:
(الف) جاگيردار:
هي اهي ماڻهو هئا، جن کي سندن خدمتن جي صلي ۾
گذاري لاءِ ڪجهه زمين انعام طور ڏني وئي هئي، جيڪا
هو پنهنجن خادمن ۽ڪمدارن جي ذريعي هارين کان آباد
ڪرائيندا هئا. جاگيردار چئن قسمن جا هئا: پهريان
اهي، جن کي ٽالپرن جي حڪومت کان اڳ ۾ ئي پروانن
ذريعي اڳين حڪومتن کان زمينون مليل هيون ۽ وقت جي
حڪومت سان وفاداري سبب بحال ڪيون وينديون هيون ۽
ٻيا اهي، جيڪي ٽالپرن جي شاهي خاندان جا ماڻهو
هئا، جن کي فراست سان زندگي گذارڻ لاءِ زمين ڏني
وئي هئي. ٽيان بلوچ سردار ۽ امير جيڪي پاڻ وٽ فوجي
دستا رکندا هئا ۽ ضرورت جي وقت لڙائي لاءِ لشڪر
ڪٺوڪري ڏيندا هئا. چوٿان پير، فقير عالم ۽ مجاور
جن کي خيراتدار سڏيو هو.
جاگيردارن جي مرڻ تي سندن وارث پنهنجون سندون ۽
پروانا نوان ڪرائيندا هئا.
(ب) زميندار:
هي بلوچ سردارن ۽ ٽالپرن کان سواءِ اهي ماڻهو هئا،
جن کي پنهنجا راڄ هئا، هنن کي گذاري لاءِ ”سيري“
طور ڪجهه زمين مليل هوندي هئي ۽ وڏي ٺاٺ سان رهندا
هئا. هو ڪافي مال متاع وارا ۽ اوطاقن جا مالڪ
هوندا هئا ۽ پنهنجين ريتن رسمن موجب راڄ ڀاڳ جا
فيصلا ڪندا هئا ۽پنهنجي قوم کي ضابطي ۾ رکندا هئا.
جيڪڏهن ڪو وڏو ڏوهه، يا اهڙو واقعو ٿيندو هو، جنهن
جو نبيرڻ هنن جي وس کان ٻاهر هوندو هو، ته پوءِ
ميرن کان مدد وٺندا هئا.
(ت) ڪاشتگار:
ملڪ جي اڪثريت ڪاستگارن يا هارين تي مشتمل هوندي
هئي ۽ جاگيردارن يا زميندارن جون زمينون آباد ڪندا
هئا. زمين جي اپت مان مقرر حصو جاگيردار يا
زميندار کي ڏئي، باقي مان پنهنجو گذارو ڪندا هئا.
زمين کيڙڻ ۽ کير پيڻ لاءِ مال متاع به ڌاريندا
هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڍور وڪڻي، پنهنجي موڙي ٺاهيندا
هئا. هنن جي حالت گذريل دورن کان گهڻو درست هئي.
.
(ث) ڀاڳيا ۽ مالدار:
هي اهي ماڻهو هئا، جن جو گذران پنهنجي ماليت هوندو
هو. رڍن، ٻڪرين، ڳئن، مينهن ۽اٺن جا ڌڻ ڌاريندا
هئا. هنن مان ڪيترا مال جي چاري لاءِ هڪ هنڌ کان
ٻئي هنڌ تي گهمندا رهندا هئا. سندن مال ما کير مکڻ
کان سواءِ ان ۾ ڏاس جي به ڪافي پيدائش ٿيندي هئي.
(ج) واپاري:
هي گهڻو ڪري لوهاڻا هندو هئا ۽ننڍن وڏن ڳوٺن ۽
شهرن ۾ دڪان ڪڍي گذارو ڪندا هئا. هنن مان ڪي ڦٽين،
نير يا ٻين شين جو واپار ڪندا هئا ۽ماڻهن کي اڳواٽ
ٻول تي پئسا ڏيندا هئا ۽ فصل لهڻ تي گهٽ اگهن ۾
جنسون وٺي، روزگار ڪندا هئا. ان کان سواءِ ماڻهن
کي وياج تي پئسا ڏيندا هئا.
(ح) عامل:
هي هندن جو پڙهيل طبقو هو، جيڪو فارسي ۾ مهارت
حاصل ڪري، سرڪاري نوڪري ڪندو هو. ميرن جو دفتر
گهڻو ڪري هنن جي حوالي هوندو هو. هنن کي عامل يا
ديوان ڪري سڏيندا هئا. سندن اٿڻي ويهڻي ۽رهڻي ڪهڻي
مسلمانن وانگر هوندي هئي. هنن کي ميرن جي حڪومت ۾
وڏا عهدا هوندا هئا. ميرن وانگر سٿڻون“، پهراڻ ۽
ٽوپيون پائيندا هئا.
(خ) ڪاسبي:
هي هنرمند ۽ پورهيت هئا، جيڪي ڊکاڻڪو، لوهارڪو،
حجامڪو، ڪنڀارڪو، موچڪو ۽ کٽڪو ڪم ڪندا هئا. ڳوٺن
۾ زميندارن ۽ ڪاشتگارن سان سندن آهت هوندي هئي.
سندن ڪم اجوري وٺڻ کان سواءِ ڪندا هئا. فصل لهڻ
وقت پنهنجو مقرر ڪيل ٻانڌاڻ وٺي پيٽ پاليندا هئا.
(د) فنڪار:
هي ڳائڻ وڄائڻ ۽ هٿ ناٽ ڪرڻ وارا ماڻهو هئا، جيڪي
ساز، آواز ۽ هٿ جي هنر تي گذارو ڪندا هئا. کين
شادين مرادين جي موقعن تي گهڻو ڪجهه ملي ويندو هو.
ميراسي، ٻلهاڻي، منگتا، مڱڻهار، ڳائڻا ۽ ڪٿڪ وغيره
هن طبقي ۾ اچي وڃن ٿا.
|