بخت بيدار خود از دولت ديدار کنم.(1)
مير خدا بخش خان ضيا
الهيٰ ابر نيسان ساز کلک در فشانم را،
ضيائي معرفت ده از کرم برق زبانم را.(2)
مير فيض محمد خان عاجز
(ڪافي)
سگهو ايندو قاصد يار جو مون ڏي موڙي مهارون
ٻاجهئون ڪيچ ڌڻين جي،
ڪير لهندو سارون.
ساعت ساعت سڪ مئون،
روح ڦٽي ٿيو ڦارون.
ڪاهي رسان ڪيچ ۾،
سڻان توڏن تنوارون.
عاجز ڏونگر ڏک مئون،
ڪندا آجو آزارئون(1).
مير خيرمحمد خان ضيا
(غزل)
اي شاهه نيک سيرت چندين حجاب چيست،
اي يار حال محرم بر رخ نقاب چيست.
اي شوخ شهه ستمگر ترس از وهاب کن،
بر جا خسته عاشق چندان عذاب چيست.
خواهد به روز محشر دادم خدا نه تو،
اي شاه جسم و جان را کردن کباب چيست.
با الف قامت تو سهي سرو خود نيايد،
در نازکي ز بدنت آن گل گلاب چيست.
چون من دگر نيابي بيدل بدل صداقت،
در راهه عشقبازي شيخ و شباب چيست.
ديدم از دريچه ناگاه روئي دلبر،
مهتاب خوشه چين و ضيا آفتاب چيست
(2).
مير نثار حسين خان نثار
(ڪافي)
نينهن مڙوئي نور، ماڳ مٽيءَ تي ان جو ناهي.
ذات ۾ آهي ذات سمايل، آهي صفت کان دور.
ناهي خبر اهو اصلي ڇاهي.
حال حلاجي جنهن جو آهي، سوئي ٿيو منظور،
قرب ۾ آيو ڪامل ڪاهي.
نينهن نثار نهوڙي نيهي، محب ڪري مسرور،
سوز وارن کي بيٺو ساهي(1).
مير غلام حسن خان، احسن
من کي هستم خاکپائي کاروان حريت،
دشمن آل محمد صه را به زندان افگنم.
به کيف جام وحدت روح چون مخموري باشند،
ز حب احمد و حيدر دلم معمور مي باشد.
---------
نام جس چيز کا زمانا هي،
دم هي گويا مثال آب روان،
هي وجود حباب سي ظاهر،
فرش ماتم زمين هي زير فلک،
وه بهي سبزه وار بيگانه،
سب فنا هين سوائي ذات خدا،
فرصت مستعار و قصئه عمر،
زندگي هي فنا کي هي تعبير، |
بي ثباتي کا کارخانه هي،
ادهر آيا ادهر روانه هي
زندگي موت کا خزانه هي
ماتمي جسکا شاميانه هي
جو هزارون مين يان يگانه هي
بات هي اور عارفانه هي
وقت کم اور بڙا فسانه هي
يه تو سرني کا اک بهانا هي |
برق خرمن کي چشمکين”احسن“
بجليان هين اور آشيانه هي(2).
مير غلام محمد خان:
(ڪافيون)
لنگهي ويا لڪن مئون سورن جا ساٿي الا.
رائي روهه روان ٿيا، ڇني ويا ڇاتي الا.
وڍي ٿي ته وجود کي، قربن جي ڪاتي الا.
وڏا ٽوڙ ٽڪر جا، هيبت جا هاٿي الا.
آءٌ به ويندس اوڏهين، واچوڙي واٽي الا.
غلام محمد پرين جي، جوءِ پچي جاٿي الا.
(2)
ساٿ ڌڻي سردار، لنگهائيج مون.
ورهن ويڙهي آهيان، اٿم عشق اپار.
ور تون وسيلا سپرين، ٿي اڙيل جي آڌار.
رليءَ جي روهن ۾ ، سگهي لهج سنڀار.
غلام محمد جا غمڙا، علي پاڻ اتار.(1)
مير لطف علي فقير:
(ڪافيون)
(1)
لوئي ڪندس لال،
1- مينهن ملير تي،
2- پرينءَ ري پرديس ۾،
3- ڏسان شال اکين سين،
4- لهندا شال لطف جي، |
ويندس ويڙهيچن ڏي.
مارن ڪاهيا مال.
هيڻو مئي جو حال.
پکا پيهيون پال.
سانگيئڙا سنڀال. |
(2)
ويهي ڪئن وساريان، مارو منجهه ملير.
ڪڍ بندياڻي بند مان،
پٽ پهريندس ڪين ڪي،
اٺا مينهن ملير تي،
لطف اباڻن جي، |
جئري لاهه زنجير.
لوئي اباڻي لير.
سرهو ٿيم سرير.
اندر منجهه اڪير.(2) |
مير محب علي خان ٽالپر:
کنم توصيف خاوند خود ثناتي خالق اکبر،
دهد روزي ضعيان را بهر دم ايزدي داور.
به حکم کن هويدا شد همن خلقت وجود آمد،
صد و صد شکر کن اي دل که داري دين پيغمبر.
اگر عصيان ميداري بکن توبه شوي آزاد،
طفيل پنجتن بخشد که هت آن بنده پرور.
نمايان شد که هفت آسمان همه آن بي ستون هستند،
و هر مخلوق انس و جن ملک حور و پري پيکر.
5- ببين قدرت الهيٰ را همه خوش حال مي باشد،
ملخ مورو بحر کوه زمين و يا زمان اکثر.
6- مگر انسان بهتر شد که در خلقت به مهر او،
که نور مصطفيٰ بيشک خدائي نور اين گوهر.
که اي محب علي شب روز هزارين حمد کن رازق،
وگر عزم شفا داري بگو صلوات بر حيدر.(1)
مير محمد باقر خان، باقر:
(ڪافي)
محب مٺا منٺار، تو لئي ماندي آهيان.
پلپل تنهنجا پور پون ٿا، سوز فراق جا سور اٿن ٿا،
حالت آهي زار.
محبت تنهنجي مچ مچايو، سيني اندر سوز سمايو،
ناهي وٿي هڪ وار.
توکي ساريان روز پڪاريان، هجر ۾ تولئي هنجون
هاريان،
جلد لهي وڃ سار-
جهڙو تهڙو ميرو مندو، باقر آهي تنهنجو بندو،
تار منجهان اچي تار.(2)
مير زنگي خان ٽالپر:
شاهه بيت بيت رني انتخاب ام الکتاب،
مطلع ديوان احمد حسن مطلع بوتراب.
...................
پرسيدن شکسته دلان اهل جاهه را،
نقصان عز نيست کمال سعادت است
..................
بادشاهان و فقيران دو گروهي عجب اند،
که نبودند و نباشند بفرمان کسي.(1)
..................
مير علي اڪبر خان اڪبر:
(غزليات)
ز شوق حسن تو شائر سخنوري آموخت،
ز مهر جلوه خمال تو خاوري اموخت.
2- ولي ز مهر تو ديگر کجا رود بيرون،
که چشم نرگس مستي تو دلبري آموخت.
هزار خانه برابر رزين جفائي تو رفت،
کدام خانه خرابت ستمگري آموخت.
به دير بتکده افتاد باز ھوغائي است،
مگر که دلبر من کيش کافري آموخت.
بنازم آن خطي همچون سحاب را جانان،
که آفتاب ز تو ذره پروري آموخت.
نگين مهر سليمان که بود خاتم وقت،
مگر ز لطف شفقت تو مهتري آموخت.(2)
(2)
1- زاهدان بهر خدا طعنه زبانم مکنيد،
سخن بيهوده چنين بيامن مکنيد.
ما چه دانيم ز زهد ريا اي زاهد،
ديگرم هيچ مگوئيد فسانم مکنيد.
از گدايان در پير مغانم زاهد،
ليک از سلک دگر هيچ طمانم مکنيد.
ميزني تير ملامت تو چرا اي زاهد،
همچو انگشت نما خلق نشانم مکنيد.
از رقيبان چو مخبي به مئخانه رويم،
شهر آفاق به رسوائي جهانم مکنيد.
گرچه پيريم ولي عشق جوانم کرده است،
چون فلک همچو دونا پشت کمانم مکنيد.
مزن آن تيغ جدائي به دلم اي زاهد،
بي سبب جرم خطا خون روانم مکنيد.
راهه اين زهد کجا عاشق مستانه کجا،
ليک از بهر خدا همچو بهانم مکنيد.
دلق اين بيکسي اکبر که به مئخانه برد،
ساغر از دست مريزيد زيامن مکنيد.
(3)
1- باد خزان وزيد گلي در چمن کجا،
مانده است خار باقي سرو سمن کجا.
2- شاه عروس هر يک رفتد ازين جهان،
خالي شده است مجلس آن سيم تن کجا.
3- جوهر شناس نيست کسي درجهان يکي،
مر مر پسند سازند در عدن کجا.
4- اکبر خموش باش که بيقدر عالم است،
شيرين کجا و خسرو کجا کوهکن کجا.(1)
مير سهراب خان ثاني مسڪين:
(غزليات)
(1)
1- خدا يا جوش عشقم بخش خاطر ناتوانم را،
ز سرتا پا درين دريا محيط جسم و جانم را.
2- که درد عشق را درمان نمي آيد بگو ساقي،
بيا جام لبا لب کن بده مئي ارغوانم را.
3- سخن را نشئه تاثير چون نرگس غزالم ده،
معطر کن ز موج باده آن درج زبانم را.
4-ز تاريکي شب هجران رسد از هول بي پايان،
بر افروز از شراره عشق شمع اسخوانم را.
5- ز بار معصيت رز طاقت طاقم مرا خالق،
بکش با عفو از مسکين همين بار گرانم را.
(2)
1- ساقيا باده لبالب که بجام است امشب،
راحت روح روانم که بکام است امشب.
2- از قدومت دل جان ديده نشارت بادا،
چونکه ديدم رخت خواب حرام است امشب.
3- شکر الله که مراد دل من حاصل شد،
از کرم آن مئي مقصود بجام است امشب.
4- صحن سينئه ما گشت درين شب روشن،
جلوه آن مه تابان به بام است امشب.
5- جرعئه بدستم که بنوش اي ”سهراب“،
گفت ديرينه وفادار غلام است امشب.
(3)
1- شنو که ماه من امروز دلبري آموخت،
هزار بار تقاضا ستمگري آموخت.
2- فغان ز جلوه آن سيم تن نگار من،
که حيرت است عجب کار کافري آموخت.
3- به ناز هائي کرشمه چنان وجود دلم،
بسا کرشمه کي از حور و از پري آموخت.
4- عجب خون به من ناتوان زار انداخت،
که سحر جادوئي از کار سامري آموخت.
5- ز آتش عشقش گشته ام چنان بي تاب،
که دلربائي مسکين تو رهبري آموخت.
(4)
بحري است بحر عشق که آن را نه ساحل است،
آنجا که نقد جان نثاري چو حائل است.
عشاق غرق ماند ز سر تا به پا چنان،
از کس خبر نيافت نه در قصه مائل است.
پير مغان است رهبر آن راه باليقين،
آشفتئه دلم که بران راه کائل است.
دل من نظاره ديد چون آن شاه حسن را،
گفتم وصال ساز که اين جان سائل است.
گفتا مشو تو ”سهراب“ از سوز بيقرار،
واصل منم ترا پس ناطق دلائل است.(1)
مير علي محمد خان ولد مير مبارڪ خان:
(غزل)
اي نازنين سرکش جور و جفائي چيست،
در مرگ عاشقان عمده اين رضائي چيست.
از تيغ ايروان تو مرا صدمه کرده،
از غمزه کشتي تو بلا بر بلائي چيست.
خنجر بدست کرده قتلم بر آمدي،
من کشته ام ز فرقت ديگر سزائي چيست.
اي ماهرو بيا تو بچشمان جائي کن،
درآمدن بخواب ترا اقتضائي چيست.
خسته شده ز دور زمانه دلم بسي،
خوش شو علي محمد گردش سمائي چيست.(2)
مير خداد خان عاشق
(غزل)
اي شوخ چشم دلبر پرده نقاب چيست،
از عاشقان صادق بر رخ حجاب چيست.
از چشم پر خمار مرا کرده ذبح،
ديگر جفائي تو مزگان برمن شتاب چيست.
ويراق دست کرده بر من شتافتي،
اي آرزوئي تو کشتن بر اين خراب چيست.
اي يار تند خوئي بيا محفلم نشين،
در وصل خستگان رسم و غاب چيست.
عاشق شده است هردم در مبتلا فراق،
بهر خدا بيا و ناحق عذاب چيست.(1)
مير خير محمد خان ولد مير محمد حسن خان
(غزليات)
چشم من رنگ شفق اشک فشان مي آيد،
دود آهم ز درون سينه عيان مي آيد.
آتش عشق درونم همه جان را بگرفت،
بين تماشائي که نفسم بچسان مي آيد.
من چو يعقوب شدم ديده سفيد از هجرت،
نعره فرياد فراقت ز زبان مي آيد.
همچو موسيٰ به تمنائي لقائي ارني،
بهر ديدار تو هر طرف جهان مي آيد.
خوبي حسن تو چون شمس بهر جا روشن،
تير مزگان از ابرو به نهان مي آيد.
نيست کس واقف اين رمزکه حالم داند،
آنچه احوال گه بر درد کشان مي آيد.
سالها خير محمد به اميد وصلش،
انتظار است که آن شاه بتان مي آيد.
(2)
1- آمده موسم بهاران شد بهار،
بلبلان مست اند بر هر شاخسار.
2- ما ز هجرت در فراقم روز شب،
ميکنم فرياد و ناله زار زار.
3- روئي تو ديديم سر گردان شديم،
رفت از دستم عنان اختيار.
4- برده دل را بعشوه ناز خويش،
گشته ام در عشق تو مسانه وار.
5- هيچ در بدنم نه مانده طاقتي،
برده از جان من صبر و قرار.
گر بپائي سر بقدمت افگنم،
همچو پروانه در آتش بار باره.
از نقاب روئي گر بيرون کني،
ميکنم بر تو دوعالم زا نثار.
در کنارم گر کني از لطف خود،
ميکني مستانه خود را هوشيار.
سالها شد شاه من يادي نکرد.
خير محمد همچنان در انتظار.
(3)
1- اگر آن شه نظر دارد بحال ما غريبان را،
بهائي يک نظر بخشم همه ملک سليمان را.
2- نخواهم رفت در جنت که تا آن نازنين آيد،
نثار مقدمش سازم همه حوران و غلمان را.
3- بيا مجلس سازم کشم اندوه صد ساله،
نداند حال ما ديگر چه آگه رهگذاران را.
4- بده ساقي شراب خوش که باشد قوت روحم،
رهاند از غم هجران به بخشد جان بيجان را.
5-
خدارا وصل خود بخشيد مسکين خير محمد را،
چرا محروم مي سازي ز در خود بينوايان را.(1)
مير علي مراد خان مجروح
ڪافيون
(1)
دوست مٺا دلدار، آءُ اڱڻ منهنجي يار پيارا،
1- برهه بڇايو سر تي باري، چاتم سر تي خلق جي
خواري،
سونهن ڀريا سردار-
2- دم دم ساريان ڪين وساريان، راهان رند مان روز
نهاريان،
محب مٺا منٺار-
3- دامن لڳڙيس تنهنجي دلبر، پاند ڳچي پائي آيس تو
در،
ساجن لهه ڪا سنڀار-
4- جال جدايون ڪر نه تون جاني، مجروح آکي ڪر
مهرباني،
آءُ اچي ڏي آڌار-
(2)
اڄ عيد گهر گهر يار وي، آ مل ميڏا دلدار وي،
1- رت آئي مانگهه بهار دي، بلبل هزار پڪار دي،
سانون تانگهه ڍولڻ يار دي، گل ڦل نظر وچ خار وي.
2- ڦلهار پاڪ سهيليان، سهجون پرين اربيليان،
مئين مٺڙي ميل ڪچيليان، نهين ڀاندا هار سينگار وي.
3- بن ديد ڪهڙي عيد هي، بن يار عيش بعيد هي،
دوئسي دا درد مزيد هي، گويا عذاب النار وي.
4- سک ستيان ڪنٺي واليان، اسان ڏکيان راتيان
جاڳيان،
مجروح درد ديان ڳالهيان، هڪ دل تي درد هزار وي.(1)
(3)
لڪ ڇپ نه محرم يار وي، گهنڊ کول ڏي ديدار وي.
1- و نحن اقرب دور ڪر، حبل الوريد ظهور ڪر،
ٻهه ڪول نا مهجور ڪر، لڪڻا نهين درڪار وي.
2- جڏان رب ارني آک ڪر، ڏيئي لن تراني دي خبر،
هويان تجليٰ سر بسر، ٿيا خر موسيٰ زار وي.
3- فنفخت فيہ دا راز هي، فتولہ آواز هي،
خود روح تي سجدا ساز هي، همه اوست دا اسرار وي.
4- سک ستيان ڪنٺي واليان، اسان دکيان راتيان
جاڳيان،
مجروح درد ديان ڳالهيان، هڪ دل تي درد هزار وي.(1)
(غزل فارسي)
1- اي شوخ ستمگر ستم بي حساب چيست،
هر عاشقان صميمي ناز و عتاب چيست.
2- شمشير آبدار کشيدي شتافتي،
اين چشم بيگناهه بر اين دل کباب چيست.
3- از زلف پيچدار مرا تاب داده،
مزگان تسنت قاتل چندين عذاب چيست.
4- ظاهر بيا برائي خدا پيش من نشين،
اين آمدن به شوخي عاشق به خواب چيست.
5- پابند شد ز عشق تو مسڪين علي مراد،
گاهي خلاف وعده و گاهي صواب چيست.(2)
مير علي نواز خان ناز
(رباعيات)
(1)
مشهور آ تنهنجي دلربائي هرجا،
بي مثل آ شان آشنائي هرجا،
عاشق هان هن ادا جو تنهنجو،
ناز پردي ۾ به آهي جلوه نمائي هرجا.
(2)
جنهن ۾ ٿي هوس اهو آ ناڪام،
هڪ داڻي جي خاطر پکي ڦاٿو منجهه دام،
هيءَ مال وبال جنهن ۾ لک هن ملال،
دنيا جي خاطر نه وڃاءِ پنهنجو آرام.
(3)
رک خلق سان ناز نه اميد ياري،
آ خشڪ شجر ڪندو ڪهڙي سايه داري،
عزت آ قناعت سان طمع ۾ ذلت،
عزت کي سنڀال نه ڪر پنهنجي خواري.(1)
غزليات
(1)
1. سدا محبوب گلشن ۾ مٿي گلگون نه گهرجي ٿو،
دل- پر خون منهنجي کي زياده خون نه گهرجي ٿو.
2. منهنجي ليلي به آ ليلي مگر پرده محبت ۾،
مون کي هر شهر ۾ چرچو مثل مجنون نه گهرجي ٿو.
3. مون کي هڪ پرتوو رخسار ساقي مثل آتش آ،
سراپا سوخته کي ڪوئي آتشگون نه گهرجي ٿو.
4. هوس بتخاني ۽ ڪعبي جي ڄاڻن مومن ۽ ڪافر،
مون کي مئخاني کئون دل جو قدم بيرون نه گهرجي ٿو.
5. وڄاءِ طبلو اچي پئي اوچتو زاهد نه محفل ۾،
گهڙي ڀي اهڙي احمق سان رهڻ مقرون نه گهرجي ٿو.
6. سکيم پير مغان کئون ڪيترا دستور مستيءَ جا،
اهو قانون بس آهي وڌيڪ قانون نه گهرجي ٿو.
7. ارادي حور لئي زاهد لنبي ڏاڙهي رکي آهي،
پڇندا ناز تو پاڻهي مگر افسون نه گهرجي ٿو.
(2)
1. ساقي شراب معرفت جو تون کڻي پيار،
مخمور مان رهان تنهنجي محبت ۾ منهنجا يار.
2. بلبل خزان جي وقت گهري ٿي اها دعا،
قائم رهي گلن ۾ هميشه سدا بهار.
3. هن منزل عدم جو ڪوئي رستو ناهي دور،
جنهن وقت ڪوچ ٿئي ته مسافر به آ تيار.
4. هجر فراق يار ۾ هيءَ رات ڪيئن کٽي،
رئندي شمع رهي هت ۽ هت ناز اشڪبار.(1)
(3)
1. تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان، آسان به آ
دشوار به،
تنهنجي وعدي تي اعتبار ڪهڙو، اقرار به آ انڪار به
آ.
2. تون دور رهين بي نياز موليٰ، سڻ فرياديءَ جو
آواز موليٰ،
هن بيگناهه جي مارڻ لئي، گڏ تير به آ تلوار به آ.
3. هن بيوفا دنيا ۾ رهڻ، آهي درد مصيبت غم جو سهڻ،
ناهي توکان سوا ڪو منهنجو خدا، آرام به آ آزار به
آ.
4. جتي حسن تجلي نور ڏسان، هر سرو ۽ قمري مخمور
ڏسان،
سڻ فرياديءَ جي فرياد مٺا، جتي گل به آ اُتي خار
به آ.
5. دولت زر جي پاس نه آهي، پڻ مهرو وفا جي باس نه
آهي،
هن ساري جهان ۾ ناز غريب، زردار به آ نادار به آ.(2)
مير امير علي خان امير:
(غزل)
1. بند عشقش آهي آزادي ادا،
سڪ سڄڻ جي عين آبادي ادا.
2. شوق معشوق از من جي مراد،
ٻيا خيال آهن مڙئي بادي ادا.
3. دختر زر سان ٿيو جنهن جو نڪاح،
آهي ان جي گهر ۾ نت شادي ادا.
4. پر اها بنت العنب ناهي عروس،
هي گهڻن مردن جي آ مادي ادا.
5. منجهه شريعت عقد ان سان نا روا،
هوءِ خباثت جي آهي گادي ادا.
6. جنهن کي چيو ام الخبائث مصطفيٰ،
ٻن ڏي تنهن قحبه جي دامادي ادا.
7. واصل حق ٿي به صدق دل تمام،
حق سان هڪ ٿي حق ٿيندئي هادي ادا.
8. واسطي شرب لب شيرين دهن،
رک سدائين خيال فرهادي ادا.
9. لنو ۾ ان ليلي صفت جي رات ڏينهن،
مثل مجنون ووڙ هي وادي ادا.
10. احسن الجسمي کي گهر ۾ آڻ تون،
تا رهي نت خانه آبادي ادا.
11. مرغ دل چون ديد دانه زير زلف،
قيد ٿيو منجهه دام صيادي ادا.
12. پاڻ کي ان تيغ ابرو کان ڪهاءِ،
جنهن جو شيوو آهي جلادي ادا.
13. طالب وصل بتان پاڪ شوا،
ٻيو اٿئي سڀ شور فسادي ادا.
14. شاهه دين جي شان کي ڄاڻي اهو،
جنهن جي دل ۾ صدق بنيادي ادا.
15. آءٌ نبيءَ جي آل جو آهيان غلام،
ان جي دور جو ڪلب قلادي ادا.
16. مست ۽ ماتم، گدا، عبد الحسين،
هي ته آهن شعر جا عادي ادا.
17. آءٌ انهن سان دم هڻان ڪيئن شعرن ۾،
منهنجي هي تصنيف آ سادي ادا.
18. آءٌ آهيان ساڪن اتر جي ملڪ جو،
هي آهن سڀ حيدرآبادي ادا.
19. شعر گوئي ۾ آهن ڪامل عيان،
تن جو شيوو آهي استادي ادا.
20. آهيان آءٌ امير علي جو مدح خوان،
مون کي گهرجي ان جي امدادي ادا.
(2)
1. آءٌ ٿيس اڄ هن چمن ۾ همنوائي عندليب،
وئي ٻڏي شبنم ۾ لڄ کان هي صدائي عندليب.
2، مفت ٿا معشوق مارن عاشقن کي گهور سان،
پر گهري ٿو ڪون گل کان خونبهائي عندليب.
3. هن چمن جي سير ۾ مون درد جون دانهون ڪيون،
مون کي ڀي ڪو حسن گل جي همنوائي عندليب.
4. وار منهنجي تن جا هي آهن صفت منقار جا،
جيئن نسورو ناله ٿيو سرتا بپائي عندليب.
5. نقش پا معشوق جو تاج شرف عشاق لئي،
گل جو پاڇو آهي بس بال همائي عندليب.
6. خار گل بلبل جي سيني چاڪ ڪئي نت ٿاسين،
درد معشوقي ٿيو دارو دوائي عندليب.
7. حال بلبل جو ڏسي گل ڀي گريبان چاڪ ڪيو،
نيست هرگز بي اثر اين نالهائي عندليب.
8. گلعذاري باغ موليٰ جي ثنا ۾ اي امير،
ذوق دل سان لنئو ٻه ٽي لاتيون بجائي عندليب.
ڪافيون
(1)
دل ۾ درد لڳو دلبر جو آهي عشق سمورو سور – الاالله
1. عشق جنهين وٽ رمز رلائي، لوڪ تهين کي چوي
سودائي،
ڇڏي وين عقل شعور.
2. حسن هزارين راوت روليا، ساهه سڄڻ تئون سڀني
گهوليا،
ڏئي سر ٿيا منصور.
3. عشق اوهان جي دود دکايا، باهه برهه جي مچ
مچايا،
پلپل پون ٿا پور.
4. آهي امير توسان اسم علي جو، راتيان ڏينهان مون
کي ورد ولي جو،
ذوق انهيءَ جو ضرور.
(2)
ستي سج نه اڀار، الاهو مرد مسافر ٿي بيدار،
1. عمر اجايو وقت وڃايئي، سمر سفر جو ڪونه ڪمايئي،
ڪهڙي ڪپڙئي ڪار، مرد مسافر ٿي بيدار.
2. ڏونگر ڏاڪا چاڙهه چون ٿا، پار انهيءَ جا ڏس ڏين
ٿا،
وندر جي وڻڪار، مرد مسافر ٿي بيدار.
3. پنڌ پري ٿيو وطن ولايت، حسن حسي جي هوندئي
حمايت،
قائم ڪيو ڪلتار، مرد مسافر ٿي بيدار.
(3)
عاشق اچي تڏهن سر نائن ٿا، جڏهن موت حياتي ڀانئن
ٿا.
1. شاهه منصور ڀي سوريءَ چڙهيو، سرمد ساڳي سبق
جو پڙهيو،
پوءِ سخن سر مئون الائن ٿا.
2. منجهه ميدان محبت غازي، جودئون جلد ڪرن سر
بازي،
پڙ مئون پروڙ پائن ٿا.
3. دشت عدم ۾ قدم وڌائون، ليليٰ پرده نشين
لڌائون،
مجنون نام سڏائن ٿا.
4. پنهل کي وڃي نينهن نهوڙيو، مرزان مرڻ کئون
منهن نا موڙيو،
ڏئي ساهه سڄڻ ڳل لائن ٿا.
5. عشق امير علي سان لائج، وحدت منجهه وجود
وڃائج،
صحيح حرف اهو سمجهائن ٿا.
(4)
محبوب اسان هڪ خوب ڏٺو، خوب ڏنو مرغوب ڏٺو.
1. حسن جهين جي آهي حڪايت، بر بحر منجهه ملڪ
ولايت،
جلوو جوت جمال نهايت، يوسف بن يعقوب ڏٺو.
2. احمد احمد هرڪو ڪري ڄاڻج، شڪ نه ٻيو ڪو دل ۾
آڻج،
صحيح ڪري تون رمز سڃاڻج، ميم منجهان مطلوب ڏٺو.
3. پير پيغمبر شاهه سچارا، ڇڏي ويڙا ملڪ پسارا،
ويا زمين ۾ ٿي ويچارا، هر ڪو مون مغلوب ڏٺو.
4. آءٌ امير علي جي ٻانهي، عين اکيون نڪ لام
نشاني،
هي ڀرون بيٺا منجهه پشاني، منهن ۾ هي مڪتوب ڏٺو.(1)
(غزل فارسي)
1. چون به گلشن اي صنم خود را خرامان ساختي،
بلبل از گل رفت گل را چاڪ دامان ساختي.
2. باسبهي قامت چو خود رفتار کردي در چمن،
سرو هم شمشاد را خجل و پشيمان ساختي.
3. درکنارا ماه من در نيم شب چون آمدي،
کلبه ام تاريک را چون خود درخشان ساختي.
4. چون به رقصيدن بتا برخواستي با عشوه ناز،
شد خنجل ناهيد و زهره را پريشان ساختي.
5. مصرعه خوش آمده مارا علي محمد که گفت،
خلق آرا آشفته چون خلخال نالان ساختي.
6. شکر حق يا شاه مردان کار اين سائل امير،
از تلطف بيکران بسيار آسان ساختي.(1)
مير راض محمد خان عاشق
ڪافيون:
(1)
واڳون وطن تي واريو، سائين محب مئي کي نه ماريو.
1. ساهه سڄڻ کي ٿو ساري، دل دلبر نه وساري،
محب مئي کي وئين ماري، انهيءَ ڳاراڻي ڳاريو.
2. دل ۾ ڪيو درد ديرو، جانب ريءَ جلي جيرو،
ڪونه ڪيو يار ڦيرو، مونجهاري انهيءَ ماريو.
3. گولن جي گولي آهيان، سڱ سينو ڪهڙو ساهيان،
ڳڻ اوهان جا ويٺي ڳايان، رئان يار کي ساريو.
4. راض محمد کي سڪ تنهنجي، گهڙي گهڙي آهي اهنجي،
مان ڪيو گولي پنهنجي، پيالو پرت مئون پياريو.
(2)
مون سان مليو اهو يار، جنهن لئي مون ٿي پوٿيون
پٽايون.
1. ڪري قرب اسان وٽ آيو، محب مٺو منٺار،
جنهن لئي جوڙيم جيءَ ۾ جايون.
2. نالائق سان تو لائق ڪيڙا، ٿورا لک هزار،
ڀلي پنهنجيون ڪري ڀلايون.
3. مليو محب لٿي دلگيري، دل ٿي باغ بهار،
محبت آڻي موڪان لايون.
4. راض محمد سان يار پياري، نينهن لاتو نروار،
ڇڏي مڙئي ڏمر ڏنگايون.
(3)
تنهنجي حسن ڪيا حيران، لکين مستان چوان.
1. لئون ٿي احمد آئين، لاشڪ آهين لامڪان، صورت
سبحان چوان.
2. سر تي تاج سونهين لولاڪي، اهو راز نهان، ساڳي
سلطان چوان.
3. زلف سياه معمبر مشڪين، ابرو سيف ايران،
پنبڙيون پيڪان چوان.
4. رخ روشن مهتاب نوراني، در گوهر دندان، لب
مرجان چوان.
5. پير پيغمبر ملڪ فلڪ جا، پکي پرندا انسان، ٿين
قربان چوان.
6. تنهنجي ثنا ڪئي خالق اڪبر، پنهنجي پاڻ زبان،
سارو فرقان چوان.
7. عاشق عشق جي منزل اوکي، بيحد آهي بيان، لڳي
جند جان چوان.
(4)
ديدان ديدن سان اڙي ويون، هاڻي چشم ڪير چوري.
1. دام زلف جا قابو جو پيڙا، ڪير سگهي ڇني ڇوڙي.
2. ابرو واريون تيز تراريون، سيني هنيون جانب
جوڙي.
3. پيڪان پنبڙين جا هن نڌر کي، دوست ڏنا آهن
کوڙي.
4. عشق اوهان جي آتش لائي، نينهن وڌو آهي نهوڙي.
5. اڱڻ اسان جي آءُ پيارا، قدم قدم تئون وڃان
گهوري.
6. تو بنا سهڻا حال اندر جو، ڪنهن سان نڌر ويهي
اوري.
7. راض محمد کي راتيان ڏينهان، سڪ اوهان جي وڌو
جهوري.(1)
(غزل فارسي)
1. مشتاق جانثارم بر سر و قد تو جاني،
قوس قزح نشان است از سطر ابرواني.
2. چشمان نيم خواب است مزگان ز تير تيز است،
مخمور سرخ رنگش چون آب ارغواني.
3. تير از کمان گذشته در سينه ام رسيده،
ديگر کسي نه ديده رخت از جگر نهاني.
4. روئي تو يار جاني از ماهتاب بهتر،
خورشيد او بگويم يا يوسف کنعاني.
5. چاه زنخ چه گويم گنج حسن که داري،
مار سياه بروي کرده است پاسباني.
6. بر عاشقان بيدل رحم و کرم بفرما،
تاچند ناز عشوه بر عاشقان براني.
7. راز ز راض محمد مخفي کني چرائي،
ظاهر مسکن به مسکين از لطف مهرباني.(2)
مير مهر نجف خان غريب:
(غزل فارسي)
1. دريغ عمر برفت جان فدا نشدم،
چرابه کوئي رهه يار خاکپا نشدم.
2. فگند سايهء ظلمت شب وصال به من،
ز دوست تا به سر ساعتي جدا نشدم.
3. جهان گذشت به غفلت به من هزار افسوس،
دمي به معرفت يار آشنا نشدم.
4. به خواب کرد دلم سير واديءِ ايمن،
ولي چه سود که چون موسيٰ و عصيٰ نشدم.
5.غريب آه که عمرم به رائگان بگذشت،
فدائي خاک شهيدان کربلا نشدم.(1)
(سنڌي مرثيي جا ڪجهه بند)
خيرالنساء جي باغ تي آمد خزان جي آهه،
رحلت جهان کئون قبلهء ڪون و مڪان جي آهه،
اڃ کئون چپن تي جان شهه انس و جان جي آهه.
ڇا ڇاهي رنج راحت جان رسول کي،
ويڙهيو آ فوج ظلم جي ابن بتول کي.
آماده نبرد ٿيا بي پير سئو هزار،
ٿا ڪرن قتل شاهه جي تدبير سئو هزار،
سينو ٿيو هڪڙو چنڊ جيهو تير سئو هزار.
خنجر ڪيو عزم خنجر شاهه جهان تي،
هي ڇا بڻي آ بيڪس تنها جي جان تي.
ميدان ۾ جڏ رياض حسيني خزان ٿيو،
دنيا کئون ڪاروان شهه دين جو روان ٿيو،
دريائي رت ۾ غرق هرهڪ نوجوان ٿيو،
هم شڪل مصطفيٰ ڀي شهيد سنان ٿيو.
هر هڪڙي لاش تي ٿي رنو شاهه زار زار،
سرور هو غم هو ٻيو نه ڪو غمخوار ني ڪو يار.
بس اي غريب هاڻي جگر غم ڪيو چاڪ چاڪ،
هر دل ٿي دردمند ۽ هر چشم گريه فاڪ،
هي مرثيو قبول جي ڪيو ان امام پاڪ،
خوف قبر پوءِ ڪهڙو ۽ محشر جو ڪيهو باڪ.
هڪ بيت جي صلي ۾ پئي ذاڪران شاهه،
بيت بهشت آهي هجن توڙي پر گناهه.(1)
غلام نجف خان ٽالپر غلام
(ڪافي)
ڏاڍي جتن جي ذات اديون،
منهنجو پنهل وٺي ويا رات اديون.
1. موليٰ ميڙ مين جون مهارون،
ڪن ته جبل کي جهات اديون.
2. کائڻ پيئڻ زهر ٿي ڀانيان،
وائي پرينءَ جي وات اديون.
3. سرڙو ڪپيان مون پنهنجي هٿن سان،
ڪڍي ته ڏيو مون کي ڪات اديون.
4. غلام نجف چئي سر سيد تي،
برهه اُٺي آ برسات اديون.(2)
مير عطا محمد خان ٽالپر، عطا:
(ڪافي)
مجرو ڀريان ٿي تنهنجي در تي اچي اچي.
(1) ٻانهي مون ٻاڏايان، ٿي پاند ڳل ۾ پايان،
تنهنجا مون ڳڻ ٿي ڳايان، ڍولڻ نچي نچي.
(2) عيبن سان هي نماڻي، پئي آ سڄي وڪاڻي،
جي شاهه ٿيندو ساڻي، ويندس بچي بچي.
(3) تنهنجي سخا سوائي، ڪرڪا عطا سان ڀلائي،
ٻي واهه ناهي ڪائي، ساجن سچي سچي.(1)
مير ڇٽل خان مسڪين
(ڪافي)
آهي گذر جو مڪان، متان بندا تون غافل گذارين.
1. لکين هستيون وري يار لڏي ويا، سورهه وڏا سلطان.
2. محل ماڙيون تنين ڪم نه آيون، ڇڏيايون طمع ۽
طولان.
3. ڪيئي بانڪا بهادر هستيون هليا ويا رهين ڪونه
نشان.
4. مسڪين مسافر هتڙي آهين گهڙي جو مهمان.(2)
مير ڄام نندو خان ولد مير شهداد خان
عمر اسائتون سومرا جر ۾ سپون جيئن
ڪونج اڪيري روح کي منهنجو تن اڪيري تيئن
واعدا جي وهڻ جا سي هت نه ڪيڙم هيئن
هي ڄمار ڄام نندو چئي ڪاٽڻ پوندي ڪيئن
کهه ڏولائي جا ڏينهن ٿئي منهنجو ميلو مارن سان.
کنئن جي کٿي ڀانئيان بن ظلم جا زورا
نير لاهه نندو چئي ڀڃي ڪر ڀورا
ماکيان مٺا ڀانئيان سندا ڏيهه ڏونرا
وڃي ٿر ٿورا، مڃيندس ماروءَ جا.
من اوڏائي سپرين ان جا پکا ٿا پسجن
ويچاري ويهڻ نه آئي اوجهلي جنجيرن
نئرن ۾ نندو چئي ان جي ڪر نه لڌي ڪن
لوهه جا لهي وڃن نئر نه لهي نينهن جو(1).
|