غسل ڏيڻ واري ماڻهو کي هڪ روپي لٺ، سونا سيج بند،
چاندي جي چلمچي ۽ڪونئرو، ڪپڙا ۽ ٻيو ڪافي سامان
نذراني طور ملندو آهي. ٻلهاڻڻ کي به زيور ۽ ڪپڙا
ملندا آهن. فوتيءَ جي قبر تي مهينن جا مهينا حافظ
ويهاربا آهن جيڪي قرآن خواني ڪندا رهندا آهن.
غميءَ جون ساريون رسمون پوريون ڪري، پوءِ فوتيءَ
جي وڏي پٽ جي دستاربنديءَ ڪندا آهن. برادري جو هر
هڪ پريو مڙس هن کي پڳ جو هڪ هڪ وڪڙ ڏياريندو آهي.
.xxiv
رسمن ۾ ڦير ڦار: شاديءَ ۽ غمي جون مٿيون تقريبون مير امام بخش خان جي
ڏينهن تائين باقاعده ٿينديون رهنديون هيون، جن تي
گهڻو خرچ ٿيندو هو. پوءِ مير به غريب ٿيندا ويا ۽
اهي رسمون جيئن پوءِ تيئن گهٽ ٿينديون ويون ۽ هاڻي
نالي ماتر وڃي رهيون آهن، ايتير قدر جو ڪجهه ميرن
27 سيپٽمبر 1918ع تي هڪ وڏي ميٽنگ ڪوٺائي پنهنجين
پراڻين رسمن ۾ اصلاح آڻڻ لاءِ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو،
جنهن موجب مقام به سهولت موجب پنهنجن پنهنجن ڳوٺن
۾ مقرر ڪيائون ۽خرچ به گهٽائي ڇڏيائون. انهيءَ
ٺهراءُ تي هيٺين ميرن دستخط ڪيا: مير دوست محمد
خان، مير خداداد خان، مير عبدالعزيز خان، مير غلام
قادر خان، مير خير محمد خان، مير حسين بخش خان،
مير شهدادخان، مير الله داد خان، مير غلام رسول
خان، مير فتح علي خان ۽ مير غلام حيدر خان.
مٿيان سمورا مير، مير رستم خان اول ۽ مير مبارڪ
خان جي اولاد مان هئا.
(ج) مذهب:
ميرن جي مذهبي مڪتب فڪر متعلق متضاد روايتون ملن
ٿيون، ڪن جي خيال موجب هو اصل ۾ سني فرقي جا هئا،
پر پوءِ ايراني عالمن ۽ درٻارين جي ذريعي اهل
تشيعت اختيار ڪيائون.
سنڌ جو آخري ٽالپر تاجدار مير نصير خان لکي ٿو، ته
ٽالپرن جو وڏو مير شهداد خان ڪلهوڙن جي صحبت ۾ شيو
بڻيو ۽ ڪلهوڙا اصل ۾ سيد ميران شاهه جونپوري جون
پيروي جا مريد ۽ شيعا هئا. حالانڪه ميان نور محمد
ڪلهوڙي پنهنجي وصيعت ۾ پنهنجي خاندان کي حنفي فقه
جو قائل سڏيو آهي.
مير علي مراد خان خيرپوريءَ جو پڙ پوٽو صاحبزادو
مير حاجي غلام حسين روايت ٿو ڪري، ته ٽالپر اصل
کان وٺي شيعا هئا، ۽ پنهنجو مذهب ڪڏهن به ڪونه
مٽايو هئائون.
بهرحال سنڌجي اوائلي ٽالپرن جو مذهبي مڪتب فڪر
ڪهڙو به هجي،پر اها ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي، ته
خيرپور جا ٽالپر مير سهراب خان کان وٺي شيعا رهيا
آهن ۽ اڄ تائين شيعا آهن. ان جي ثبوت لاءِ خيرپور
جي ڪراڙن ماڻهن جو پنهنجي وڏن کان ٻڌل متوتر
روايتون ۽ ماتمداري جا آثار پڪا ۽ پختا دليل آهن.
.i
مذهبي پاليسي:
مير شخصي طرح سان اهل تشيعت جي اصولن جي سختي سان پابندي
ڪندا هئا، پر پنهنجي سني رعايا سان به ڪمال
رواداري جو برتاءُ ڪندا هئا، ايتري قدر جو سندن
حڪومت ۾ سمورا فيصلا حنفي فقه موجب فيصل ٿيندا هئا
۽ سمورا قاضي سني هوندا هئا.
سندن وزيرن ۽ فوجي ماڻهن جي اڪثريت سني هوندي هئي.
ان کان سواءِ سني مذهب جي پيرن، فقيرن، عالمن
۽مجاورن جي دل کولي سرپرستي ڪندا هئا ۽ سندن گذاري
لاءِ معقول جاگيرون عطا ڪندا هئا. انهن ڳالهين جي
ڪري سنين ۽شيعن ۾ ڪو به تصادم ڪونه ٿيندو هو. ۽
سڀئي ڀائرن وانگر گذاريندا هئا ۽ هڪ ٻئي جي تقريبن
۾ شريڪ ٿيندا هئا. عيدن جي موقعي تي وقت جا حاڪم
به شيعن جي مختصر جماعت سان نماز پڙهڻ کانپوءِ
سنين جي عيد گاهه ۾ اچي ساڻن گڏجي نماز پڙهندا
هئا. نماز کانپوءِ هڪ وڏي درٻار ڪندا هئا، جتي
ميرن ۽ وزيرن سان گڏ سني عالم، پير ۽ فقير به اچي
ڪٺا ٿيندا هئا، جتي کين خلعتون ۽ لونگيون ملنديون
هيون.
ميرن جي پراڻي مقام قادر بخش جي قبن ۾ جيڪي تربتون
آهن، تنتي به سنين وارو ئي ڪلمو اڪريل آهي.
مطلب ته هو پنهنجي سني رعايا جي هر طرح سان پاس
خاطري ڪندا هئا.
ساڳئي نموني ۾ هندن سان به ميرن جو تمام سٺو سلوڪ
هوندو هو. کين پنهنجي مذهب جي پوري آزادي هوندي
هئي. کين پنهنجي تقريبن ملهائڻ ۾ ڪا به دقت پيش نه
هئي. هندو فقيرن ۽ ٻاون کي ميرن جي طرفان پروانا ۽
جاگيرون عطا ٿينديون هيون. مير سهراب خان سوامي سک
ديوکي نذراني طور ڪجهه زمين معافي جو پروانو عطا
ڪيو هو.
هندو هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ آزادي سان ڏياري، هولي، دسهڙو
۽ٻيا ڏڻ ملهائيندا هئا ۽ انهن موقعن تي مسلمان به
ساڻن شريڪ ٿيندا هئا.
مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان توڙي سندن جانشين
مسلمان پيرن، فقيرن سان گڏ هندو ساڌن ۽ سنتن کي به
جاگيرون بخشيندا رهيا. ان کانسواءِ سندن دفتر جون
وڏيون نوڪريون هندو عالمن جي حوالي هونديون هيون.
مير علي مراد خان جي ڏينهن ۾ کهڙن جي مخدومن ۽
اڄڻن فقيرن بهاري ڳوٺ جي هڪ هندو کي زوري مسلمان
ڪيو، ته مير صاحب کين ڪوٽ تي چاڙهي قيد رکيو.
مطلب ته خيرپور جا مير مسلمانن توڙي هندن سان بلڪل رواداريءَ
وارو سلوڪ رکندا هئا ۽سندن مذهبي نيتي فراخدلانه
هئي.
.ii
ماتم داري: خيرپور جا سمورا مير شيعا هئا ۽ محرم مهيني جي ڏهاڪي جا پويان
ٽي ڏينهن ماتمداري ۾ گذاريندا هئا.
مير علي مراد خان جي پٽن، مير جان محمد خان ۽ مير
خان محمد خان ماتمداري ۾ اضافو آندو ۽ پورا ڏهه
ڏينهن ماتم جون تقريبون قائم ڪيائون. ان وقت کان
وٺي سمورا مير ڏهه ئي ڏينهن ماتم ۾ گذاريندا هئا
۽ڪارا ڪپڙا ڪندا هئا. ماتم جون مجلسون سنڌي زبان
۾پڙهيون وينديون هيون، جن ۾ رياست جا سني خواهه
شيعا سڀ شامل ٿيندا هئا.
مير جان محمد خان، مير خان محمد ۽ سندن والده
خيرپور ۾ رهندا هئا، تنهن ڪري ماتم جي تقريبن جو
زور به خيرپور جي شهر ۾ئي ٿيندو هو. محرم جا
پهريان ڇهه ڏينهن، مير صاحبن جي مذهبي پيشوا سيد
جعفر علي شاهه ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن وٽ ماتم جون
مجلسون ٿينديون هيون، جن ۾ اهل بيت جي فضائل ۽
مصائب جو بيان ٿيندو هو. هر هڪ مجلس کان پوءِ سينا
زئي جو ماتم ٿيندو هو. محرم جي اٺين، نائين ۽ ڏهين
تاريخ جي راتين تي ٽي وڏا جلوس ڪڍيا ويندا هئا.
ميندي جو جلوس، سيج جو جلوس ۽ تعزيتي جو جلوس.
انهن مان هر هڪ جلوس ۽ ڪافي ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا.
جن مان ڪي سينه زني ڪندا هئا، ڪي زنجير هڻندا هئا،
ته ڪي وري زاريون ۽ نوحا پڙهندا هئا. جلوس جي اڳ ۾
هڪ هاٿي هوندو هو، جنهن تي ڪجهه جهنڊا هڻندا هئا.
ان جي پويان چار بيل گاڏيون هونديون هيون، جن تي
جوڙي جوڙي نقارن جي هوندي هئي. نقارن سان گڏ شرنا
به وڄندي هلندي هئي. ان کان پوءِ دلدل جي تمثيل ۾
هڪ سينگاريل ۽ سنجيل گهوڙو هلندو هو، جنهن جي سنجن
۾ ڪجهه تير ٽنبيل هوندا هئا دلدل کان پوءِ ميندي،
سيج يا تابوت ڪلهن تي کڻي هلندا هئا. انهن جي
پٺيان ماتامين جو هجوم هلندو هو، جنهن جي پٺيان
ڪافي انداز ۾ عورتون به پٽينديون ۽ زاريون چونديون
هلنديون هيون. اهو سارو جلوس شهر جي هر هڪ چوڪ تي
بيهي پٽڪو ڪندو هو.
ماتم داري جي جلوس ۾ هندو به مسلمانن وانگر حصو
وٺندا هئا. سمورا ماتامي روئيندا پٽيندا هلندا
هئا. مير جان محمد خان جي اکين مان ڳوڙهن جا نار
وهندا هئا. هر هڪ جلوس سيد جعفر علي شاهه جي ٿلهي
کان شروع ٿيندو هو ۽ ساري شهر جو چڪر ڪاٽي ميرن جي
ڏيڍي تي ختم ٿيندو هو.
مير علي مراد خان جي وفات کان پوءِ، جڏهن مير فيض
محمد خان تخت نشين ٿيو، تڏهن ماتم داري ۾ مزيد
اضافو آيو ۽ خيرپور کان سواءِ ڪوٽ ڏيجي ۾ به ماتمي
جلوس نڪرڻ لڳا. هڪ ئي وقت تي خيرپور ۽ ڪوٽ ڏيجي جي
شهرن ۾ هيٺيون تقريبات به باقائدگي سان ملهائجڻ
لڳيون:
کهنڊو:
هي تقريب ڇهين محرم جي شام تي ٿيندي آهي. صبح کان
وٺي ٽي پهري تائين مجلس هلندي آهي. شهر جي مختلف
پڙن تان ماتمي جلوس اچي امام بارگاهه ۾ ڪٺا ٿيندا
آهن. اتي هڪ پڳ ڪڍندا آهن. ان کان پوءِ تمثيلي
تورن حلب کان هڪ قاصد خط ۽ سوغاتون کڻي ايندو آهي
۽ ذاڪر سان اچي سوال جواب ڪندو آهي. انهن تمثيلي
سوالن جوابن ٻڌڻ تي مجلس ۾ قهرام مچي ويندو آهي ۽
وڏو ماتم ٿيندو آهي.
جهنڊا:
ڇهين تاريخ گذاري، ستين جي رات تي جهنڊن جو جلوس
نڪرندو آهي ۽ ساري شهر جو چڪر ڪاٽيندو آهي. ساڳئي
نموني ميندي، سيج ۽ تابوت جا جلوس اٺين، نائين
ڏهين تاريخ نڪرندا آهن.
اعمال:
ڏهين محرم جي صبح جو سانجهر ئي ٻه رڪعتون نماز
پڙهي؛ عاشوري جا اعمال بجا آدا ويندا آهن. نماز ۾
”انا الله و انا اليه راجعون“ پڙهندا ست دفعه اڳتي
۽ ست دفعه پٺتي ٿيندا آهن. ان کانپوءِ هڪ هزار
دفعا شهيدن جي قاتلن تي لعنت ڪندا آهن.
گهڙي:
عاشوري جي اعمال کان پوءِ گهڙي جو ماتم ٿيندو آحي.
هڪ ماڻهو پاڻي جو دلو ڀري مٿي تي کڻندو آهي. چار
ڄڻا تلوارون کڻي، تلوارن جي مٿان کهنبو وجهندا
آهن، ۽ پاڻي جي دلي جي مٿان جهليندا آهن. پوءِ دلي
وارو اڳي ٿيندو آهي. ماتامين جو جلوس هن جي پٺيان
هلندو آحي. پوءِ اهو سڄو جلوس علم جي ايوان ۾
ايندو آهي، جتي اهو دلو ڀڳو ويندو آهي. دلي ڀڄڻ
شرط پٽڪو شروع ٿي ويندو آهي.
اوٺي:
ساڳئي عاشوري واري ڏينهن تي ٻپهري تي اوٺي جو ماتم
ٿيندو آحي. هڪ قاصد تمثيل طور اُٺ تي چڙهي بيبي
صغرا جو قاصد بڻجي ايندو آهي ۽ جلوس ۾ اچي خط
پڙهندو آهي، جنهن کي ٻڌي ماتامي روئيندا آهن..
فاقه شڪني:
عاشوري واري ڏينهن تي سمورا ماتامي فاقي ۾ رهندا
آهن ۽ ڪجهه به کائيندا پيئندا نه آهن. ٽپهري جي
نماز کان پوءِ ڪوهر يا ڀڳڙا وغيره وٺي انهن کي ڏنا
ويندا آهن، ان تقريب کي فاقه شڪني سڏبو آهي.
فاتحه:
فاقه شڪني کان وءِ وري پٽڪو ٿيندو آهي پٽڪي کان
پوءِ زيارت پڙهي ويندي آهي ۽ آخر ۾ فاتحه جي دعا
گهري ويندي آهي.
ٽيجهو:
محرم جي ٻارهين تاريخ تي هڪ وڏي مجلس ٿيندي آهي.
ان مجلس کان پوءِ دعا گهري پٿر کنيو ويندو آهي.
چاليهو: صفر مهيني جي ويهين تاريخ تي به ماتم ٿيندو آهي ۽ تابوت
جا جلوس نڪرندا آهن.
مٿي ذڪر ڪيل تقريبات ۾ سال بسال هندوستان ۽ پنجاب
جي مختلف شهرن مان وڏا وڏا عالم ۽ ذاڪر اچي شيعه
مذهب جو پرچار ڪرڻ لڳا، جنهن جي نتيجي ۾ خيرپور ۾
ڪوٽ ڏيجي کان سواءِ رياست جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به
ماتمداري زور وٺندي وئي، ۽ مير علي نواز خان جي
ڏينهن 1921-1915ع تائين رياست جي هر هڪ شهر يا ڳوٺ
۾ ماتمداري جا مرڪز قائم ٿي ويا، ۽ رياست خيرپور
جو ماتم ساري سنڌ ۾ مشهور ٿي ويو.
شڪار:
سنڌ جيڪا اڄ به شڪارين جي جنت ليکي وڃي ٿي، سا
ميرن جي دور ۾ شڪار جو هڪ وڏو تفريحي مرڪز هوندي
هئي. ميرن جي شڪار جو شوق عشق جي حد تائين پهتل
هو. هنن وڏا خرچ ڪري پنهنجي ملڪ جو گهڻو حصو شڪار
گاهن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. هو پنهنجي وقت جو وڏو
حصو شڪار ۾ بسر ڪندا آهن. هنن شڪار جي فن ۾ ڪافي
ايجادون به ڪيون. هو جيڪڏهن تندرست هوندا هئا ته
مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه دفعا ڪنهن به حالت ۾ شڪار
گاهن ڏانهن ويندا هئا ۽ ساڻن ماڻهن جو وڏو هجوم
هوندو هو. خيرپور جو مير علي مراد خان ته ماتم جي
چند ڏينهن ۽ عيدن جي موقعن کان سواءِ سال جا سمورا
ڏينهن شڪار ڪندو هو.
مير شڪار تي نڪرندا هئا ته مزدورن جو اٽالو ۽ تنبو
۽ قناطون بيل گاڏين تي کڻي هلندو هو. بيلدار رستن
جي صفائي ڪندا هئا. ٻالڪي بردارن سان محافظ فوج جو
دستو ساڻ هلندو هو. شڪار جي پارٽي سان دفتر دار به
ساڻ هوندا هئا، جيڪي منزل ڪرڻ کان پوءِ ضروري
سرڪاري ڪاغذ پيش ڪندا هئا. خدمتگار هوندا هئا،
جيڪي ميرن جي خدمت ڪرڻ تي مامور هوندا هئا. بورچي
هوندا هئا جيڪي شاهي دستر خوان جي زينت لاءِ مقرر
هئا. آبدار هندا هئا، جن وٽ شيراز ۽ آصفهان جو
گلاب ۽ بيد مشڪ جو عرق موجود هوندو هو. بازدار
هوندا هئا، جيڪي بازن جي پرورش تي مامور هئا. ۽
پکين جي شڪار ڪرڻ سان ميرن جي دل پڻ وندرائيندا
هئا. اسلحه بردار هوندا هئا، جن وٽ شاهي هٿيار
هوندا هئا.
ميرن جا شڪار گاهه، ٻيلي، ٽڪر ۽ ٿر ۾ مختلف جڳهن
تي هوندا هئا، ۽ هر هڪ جڳهه تي جدا جدا نموني جو
شڪار ٿيندو هو.
ٻيلي جو شڪار:
ٻيلي ۾ سوئرن، ڦاڙهن جو شڪار هيٺين نمونن سان
ٿيندو آهي.
.i
اوسر: رات جو جانور جهنگ ڇڏي، پوکن ڏانهن هليا ويندا آهن. ماڻهو اڌ
رات جو، وڏي جهنگ ۽ ننڍي جهنگ جي وچ ۾ باهيون
ٻاريندا آهن، ته جيئن جانور جلدي واپس موٽي نه
وڃن. پوءِ اسر جو باک ڦٽڻ کان اڳ ۾ باهين جي ڀرسان
شڪاري اچي کڏڻن ۾ ويهندا آهن. ۽ باهيون وسائي
ڇڏبيون آهن. باهين وسائڻ شرط، ماڻهن جا هشام گڏجي
جانورن کي تڙيندا آهن. انهيءَ جانورن جي تڙ کي
”اوسر کڄڻ“ سڏبو آهي. جانور سڀني طرفن کان تڙجي
کڏئن جي سامهون ايندا آهن، ۽ شڪارين جي هٿان مرندا
آهن.
.ii
مهاڙي: شڪار لاءِ مخصوص ٿيل جهنگ کي مهاڙي، يا ڪهو سڏبو آهي، مهاڙين
کي چوڌاري وڏا لوڙها ڏئي ڇڏيندا آهن، ته جيئن
جانور ٻاهر نڪري نه وڃن. مهاڙي ۾ مختلف جڳهن تي
کڏڻا ٺهيل هوندا آهن. کڏڻي جي سامهون ۽ پاسن کان
جهنگ ڪپي وڏا چارا ناهي ڇڏبا آهن، جن کي دنگ سڏبو
آهي. اهي دنگ ٽن قسمن جا هوندا آهن. کڏڻي جي بلڪل
سامهون واري دنگ کي شاهه دنگ سڏبو آهي. کڏئي جي
ٻنهي پاسن وارن دنگن کي ٻانهين وارا دنگ سڏبو آهي.
باقي شاهه دنگ ۽ ٻانهن وارن دنگن جي وچ ۾ جيڪي به
دنگ هوندا آهن. تنهن کي شاهه دنگ سڏبو آهي. دنگن
جي وچ ۾ جيڪي جهنگ جا ٽڪرا بچندا آهن، تن کي ٻوٽا
سڏبو آهي. شڪاري کڏڻن ۾ بندوقون کڻي ويهندا آهن ۽
ٻين طرفن کان ماڻهون جانورن جي تڙ ڪندا آهن. جانور
دنگن مان کڏڻن ڏانهن ڀڄندا آهن، ۽ اچي شڪار ٿيندا
آهن.
.iii
چوڻ: ٻيلي ۾ چوڻ جو شڪار ۾ صرف سوئر مرندا آهن. جهنگ ۾ کڏڻن جي
ڀرسان ڪافي ان هاري ڇڏبو آهي. جيڪو سوئر اچي
کائيندا آهن ۽ ڪافي ڏينهن اهو ان هاربو آهي، ۽
سوئر هري ويندا آهن. هڪ کڏڻي ۾ ويهي شڪاري شڪار
ڪندا آهن. انهي هاريل ان کي ”چوڻ“ سڏبو آهي.
.iv
ٽاري:
ٽاري جو شڪار به چوڻ وانگر ٿيندو آهي، پر هن ۾ سوئرن جي بدران
ڦاڙها مرندا آهن، ۽ اَن جي بدران وڻن جون ٽاريون
ڪپي کڏڻن جي ڀرسان رکبيون آهن، هن کي چري، ڦاڙها
هري ويندا آهن، ۽ هڪ ڏينهن تي کڏڻي جي آڏو اچي
مرندا آهن.
.v
ٻولي: عام طور تي ڪونج پکيءَ جو کنڀ ٻٽو ڪري، اَن ۾ بادام جي ڪاٺيءَ
جو سنهڙو پردو وجهي ڇڏبو آهي. شڪار جي موقعي تي ان
کي وات سان وڄائي ڦاڙهي جي ماديءَ جي ٻولي ڪبي
آهي. ڦاڙها ٻولي جو ڌوڪو کائي ڀڄندا ايندا آهن، ۽
لڪل توبچين هٿان مرندا آهن.
.vi
چين:
هي شڪار ڪڻڪ جي فصل ۾ ٿيندو آهي. شڪاري فصل جي ڀرسان هڪ کڏ
کڻي، ان ۾ بندوق سان لڪي ويهندو آهي. انهي کڏ کي
اُودي سڏبو آهي. ڦاڙها فصل ۾ چرڻ ايندا آهن، ۽
شڪارين هٿان مرندا آهن. هن شڪار کي اودي جو شڪار
به سڏبو آهي.
.vii
سير جو شڪار:
هن شڪار ۾ رات جو سوئرن تي ڪتا بڇبا آهن.
Viii
دٻي جو شڪار:
ٻيلي ۾ ڪجهه پاڻي جا دٻا هوندا آهن، جن جي ڀرسان
کڏڻا ٺاهي لڪي ويهبو آهي. سوئر يا ڦاڙها انهن دٻن
تان پاڻي پيئڻ ايندا آهن، ۽ شڪارين هٿان مرندا
آهن. هن کي پيئي جو شڪار به سڏيندا آهن.
ٽڪر جو شڪار:
ٽڪر ۾ سوئر ۽ ڦاڙها ڪين هوندا آهن. هتي صرف هرڻن
جو شڪار ٿيندو آهي. هن شڪار جو هيٺيان قسم آهن:
.i
مهاڙي:
ٻيلي وانگر ٽڪر ۾ به مهاڙيون ٿينديون آهن، جن ۾ جهنگ نه هوندو
آهي. ٽڪر جي مهاڙين کي لوڙهي ڏيڻ جي ضرورت نه
هوندي آهي هتي ٽڪر جي نين ۽ گهارن جي منهن وٽ کڏڻا
ٺهيل هوندا آهن. رات جو جانور ٽڪر کان لهي آسپاس
جي فصلن ڏانهن هليا ويندا آهن. اسر جو شڪاري کڏڻن
۾ لڪي ويهندا آهن، ۽ ٻين طرفن کان دستور موجب
ماڻهون باک ٿيڻ سان ئي جانورن کي تڙيندا آهن.
جانورن جي انهي تڙ کي ”هاڪو“ سڏبو آهي. جانور سڀني
طرفن کان تڙجي کڏڻن جي آڏو ايندا آهن، ۽ اچي شڪار
ٿيندا آهن.
.i
گرگ: هي شڪار پٺيءَ اگهاڙي اُٺ جي ذريعي ٿيندو آهي. هڪڙو ماڻهو اٺ
جي اڳين ڄنگهن جي اوٽ ۾ هلندو آهي. اٺ جي ناڪيليءَ
۾ هڪ لٺ ٻڌي ڇڏبي آهي، جنهن کي گرگڻي سڏبو آهي.
اها گرگڻ ماڻهونءَ جي هٿ ۾ هوندي آهي، جنهن جي
ذريعي اٺ کي هرڻن جي ڀرسان ڪاهبو هلبو آهي، انهيءَ
اٺ ڪاهڻ واري ماڻهون کي گرگي يا ورائو سڏبو آهي،
هڪڙو ٻيو ماڻهون بندوق سان اٺ جي پونئين ڄنگهن جي
اوٽ ۾ هلندو رهندو آهي. اٺ جڏهن هرڻن جي ڀرسان
ايندو آهي، تڏهن بندوق وارو ماڻهون زمين تي ويهي
رهندو آهي، اٺ اڳتي ٿيندو آهي، ته هو فائر ڪري هرڻ
ماريندو آهي. هرڻ اٺ کان نه ٽهندا آهن.
.iii
بٺو:
ٽڪر ۾ ڪجهه ويرا يا چرون ٿينديون آهن، جن کي بٺو سڏبو آهي. گرمي
جي موسم ۾ منجهند جو ڪافي هرڻ انهن بٺن ۾ اچي آرام
ڪندا آهن. ان وقت شڪاري بندوقون کڻي اچي هرڻ
ماريندا آهن.
.iv
گهوم: ٽڪر ۾ شڪاري لڪي لڪي وڃي هرڻ ماريندا آهن. هن نموني جي شڪار کي
گهوم جو يا لڪ جو شڪار سڏبو آهي.
ٿر جو شڪار:
ٿر ۾ فقط هرڻن جو شڪار ٿيندو آهي. هتي به ٽڪر
وانگر ڀٽن ۽ ڀڙن تي مقرر ٿيل مهاڙيون هونديون آهن.
جن ۾ کڏڻا ٺاهي شڪار ڪبو آهي، ٿر ۾ مهاڙين کان
سواءِ گرگ ۽ گهوم جو شڪار به ڪبو آهي. هتي بٺا ڪين
ٿيندا آهن.
پکين جو شڪار:
هي شڪار ٻيلي، ٽڪر ۽ ٿر جي ڍنڍن، ڍورن، تلائن ۽
پاڻي جي دُٻن تي ٿيندو آهي. صبح جو يا شام جو
بندوقون کڻي اچي پاڻي جي پکي ماربا آهن. انهن پکين
مان نيرڳيون، بدڪون، ڪارا، ڪرڙا ۽ شهگوش مشهور
آهن. اهي پکي سياري جي موسم ۾ ايندا آهن، انهن
موسمي پکين کان سواءِ ٻيا جهنگ جا پکي هيٺين نمونن
سان شڪار ڪبا آهن:
.i
چاڙهاڪو: هي شڪار شام جو واهيري جي مهل يا صبح جو ساجهرئي ٿيندو آهي.
پکي آرام ۽ وڻن تي ويٺا هوندا آهن، جن کي شڪاري
بندوق کڻي اچي ماريندا آهن.
.ii
ٻولي:
هن شڪار ۾ ڪارڙا ماربا آهن. هڪ پاليل ڪارڙو تتر پڃري ۾ وجهي
جهنگ ۾ وڃي رکبو آهي، هو ٻوليندو آهي ته جهنگلي
تتر ان جي ٻولي ٻڌي ساڻس وڙهڻ ايندا آهن. شڪاري
بندوق سميت ڀرسان لڪو ويٺو هوندو آهي، ۽ اهڙيءَ
طرح جهنگلي تترن کي ماريو ويندو آهي.
.iii
هشڪر: هن شڪار ۾ شڪاري جهنگ ۾ ڪارڙي تتر، ماديءَ جي ٻولي وات سان
ڪندو آهي آهي. جنهن تي نر تتر ڌوڪو کائي ويجهو
ايندو آهي ۽ بندوق سان ماريندو آهي.
.iv
چوڻ: جهنگ ۾ جتي تترن يا ٻين پکين جي جوءِ هوندي آهي، اتي ان هاري
ڇڏبو آهي. ڪجهه ڏينهن اهو ان کائي پکي هري ويندا
آهن آهن. شڪاري هڪ ڏينهن تي بندوق کڻي اچي شڪار
ڪندو آهي.
V
اُڏار:
هن شڪار ۾ هڪ طرف کان شڪاري بندوق کڻي بيهندا آهن،
۽ ٻئي طرف کان ماڻهو شور مچائيندا آهن پکين کي
اڏاريندا آهن ۽ شڪاري پکين کي اڏرندي شڪار ڪندا
آهن.
.vi
پڳو: هن شڪار ۾ شڪاري ۽ ڊگهو ڪپڙو کڻي جهنگ ۾ هلندو آهي. انهيءَ
ڪپڙي ۾ ڪجهه ٽنگ هوندا آهن، جن مان شڪاري پکين کي
ڏسندو آهي، پکي ان کان نه ٽهندا آهن. هو جڏهن مار
۾ ايندا آهن تڏهن انهن کي بندوق سان شڪار ڪبو آهي.
بازن جو شڪار:
پکين جي شڪار لاءِ مختلف قسمن جا باز پالي ويندا
آهن ۽ کين شڪار جي سکيا ڏني ويندي آهي. جهنگلي باز
جي اکين تي ٽوپي چاڙهي کين روشني واري ڪمري ۾ رکبو
آهي. ڪمري جون دريون ۽ دروازا بند ڪري ڇڏبا آهن،
جيئن ٻلن وغيره کان محفوظ رهي. باز کي صبح شام
کاڌو ڏنو ويندو آهي، پر ان کي هيرائڻ لاءِ کيس
قريبا چاليهن ڏينهن تائين سجاڳ رکبو آهي. هن کي
سمهڻ يا ننڊ ڪرڻ اصلي نه ڏبي آهي، انهي طرح سان
اوجاڳي ڪرائڻ کي شب بيداري سڏبو آهي. باز جي
ٽوپيءَ ۾ آهستي آهستي سئي سان سوراخ ڪبا آهن اهڙي
طرح سان هن کي اڏي تي ويهارڻ سيکاريو آهي. هو جڏهن
ڪجهه هري ويندو آهي تڏهن ٽوپي لاهي ڪنهن پکيءَ جي
کنڀ ۾ گوشت ٻڌي ان جي اڳيان مٿي اڇلبو آهي. هو
جهٽڪو ڏئي ان تي حملو ڪندو آهي. هن جي اهڙي حملي
کي باولي سڏبو آهي پهريائين باولي کان پوءِ ٻي
باولي تي ڪنهن پکيءَ جا کنڀ ڪٽي ان کي اڇلي ڏبو
آهي ٽئين ۽ چوٿين باولي تي چاق چڱا تتر اڏاري ڏبا
آهن. چئن باولين کان پوءِ باز کي ٻاهر وٺي وڃبو
آهي ۽ هن جي ٽوپي وغيره لاهي ڇڏبي آهي
۽ هو شڪار جي قابل ٿي ويندو آهي.
مير شڪار لاءِ هيٺين قسمن جا باز پاليندا هئا:
.i
لغڙ مادي ۽ جهڳڙند:
هي سنڌ جو باشندو آهي، پر ڊگها ۽ اکيون ڪاريون
ٿينديون آهن، هن سان تتر ۽ تلور شڪار ڪبو آهي.
شڪار جي موسم گذرڻ کان پوءِ هن کي ڇڏي ڏبو آهي.
.ii
باز مادي ۽ زور نر:
هن کي بازن جو بادشاهه سڏيندا آهن. هي خراسان جو
رهاڪو آهي، سندس اکيون گلابي پيليون ٿينديون آهن،
هن سان به تتر ۽ تلور جو شڪار ڪبو آهي.
.iii
باشو مادي ۽ بشين نر:
هي خراساني آهي سندس پر ننڍا ۽ اکيون گلابي
هونديون آهن. هن اڏرڻ ۾ تمام تيز آهي، هن سان تتر
۽ وهين جو شڪار ڪبو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سرڻ يا هل تي
به ڇڏبو آهي.
.iv
چراغ مادي ۽ چرغيلو نر:
هي ڪڇيءَ ۾ ٿيندو آهي، ۽ سندس اکيون ڪاريون
هونديون آهن هن سان تلور ۽ هرڻ جو شڪار ڪبو آهي
ڪڏهن ڪڏهن هل تي به ڇڏبو آهي.
.v
بحري مادي ۽ بحري بچونر:
هي سنڌ جو رهاڪو آهي. مسٽر برنس هن کي وقعت نٿو
ڏئي پر حقيقت ۾ هي هڪ وڏي اهميت وارو پکي آهي هن
سان تلور ۽ٻيلائي پکين جو شڪار ڪبو آهي
.vi
شاهين مادي ۽ شاهينچو نر:
هن کي ڪوهي ۽ ڪوهيلا به سڏيندا آهن. هي سنڌ جو پکي
آهي سندس اکيون تمام ڪاريون ٿينديون آهن، هن سان
تتر ۽تلور جو شڪار ٿيندو آهي.
.vii
شڪرو مادي ۽ چپڪ نر:
هي به سنڌ جو پکي آهي. سندس اکيون گلابي ٿينديون
آهن، ننڍن پکين جو شڪار ڪندو آهي.
.viii
ترمچي مادي ۽ چٽوو نر:
هي به سنڌ جو رهاڪو آهي. سندس اکيون ڪاريون
ٿينديون آهن شڪار جي موسم کان پوءِهن کي ڇڏي ڏبو
آهي.
ڪتن جو شڪار:
سٺن شڪارين وٽ شڪاري ڪتن جي لوڌ هوندي آهي. جنهن
جي ذريعي هرڻن، ڦاڙهن ۽ سوئرن جو شڪار ڪندا آهن.
هرڻن ۽ ڦاڙهن تي تازي ڪتا ڇڏبا آهن جيڪي هنن کي
ڀڄي وڃي وٺندا آهن، پوءِ شڪاري وڃي انهن کي ذبع
ڪندو آهي. رات جو سوئرن کي پنجوڙن ۾ ڦاسائي انهن
تي ڪتن جي بڇ ڪبي آهي. انهيءَ بڇ کي الهڙ ڪري سڏبو
آهي. جيڪي ڪتا سوئر کي جهنگ مان ڳولهي ٻار ڪڍندا
آهن، تن کي لڌڙيا سڏبو آهي.
واڳو ۽ سيسر جو شڪار:
هي شڪار درياهه يا ڪنهن وڏي واهه جي ڪپ تي ٿيندو
آهي شڪاري اميرن جا ماڻهو واڳو سيسر جي ويهڻ واري
جاءِ تاڙي ان جي سامهون ڪکن ۽ ڪاٺن جي وڏي ڪنڌي
ڏئي ڇڏيندا آهن ۽ ان ڪنڌي ۾ ٿورا سوراخ ڪري ڪکن
سان ڍڪي ڇڏيندا آهن. جيڪڏهن اتفاق سان ڪو واڳو يا
سيسر نڪري ڪپ تي آرامي ٿيندو ته پوءِ تڪڙو شڪاري
کي وڃي اطلاع ڏيندا آهن. پوءِ شڪاري لڪندو ڇپندو
ڪنڌي جي ٻئي پاسي تي ايندو آهي، ۽ سوراخ مان بندوق
جا فائر ڪري شڪار ڪندو آهي.
متفرقه شڪار:
مٿي ذڪر ڪيل شڪار جي نمونن کان سواءِ ٽڪر ۾ سرهن،
روجهن گڊن ۽ جهنگلي گهٽن ۽ ٻڪرن جو شڪار به ٿيندو
آهي. ڪڏهن ڪڏهن ٽڪرن ۾ بگهڙ چيتو يا شينهن به منهن
پوندو آهي ته ان جو شڪار به ڪندا آهن. مير علي
مراد خان شڪار لاءِ ڪجهه چيتا پاليا جن جي ذريعي
هرڻن جو شڪار ٿيندو هو.
راڳ ۽ ساز:
ميرن جي دور ۾ مسلمانن جي سماع ۽هندن جي ڀڳتين کي
عبادت جي حيثيت حاصل هئي. ماڻهن ۾ راڳ ٻڌڻ ۽ ناچ
ڏسڻ جو رجحان عام ٿي چڪو هو. وڏا جاگيردار ۽
زميندار هر وڏي دعوت جي موقعي تي پيشه آور رقاصائن
کي گهرائيندا هئا. اهي رقاصائون پنهنجي فن کان
واقف هيون، ۽ کين ناچ تي پورو پورو عبور حاصل
هوندو هو. سنڌ جا امير شاندار محلات ۾ ناچ رنگ جي
عيش وارين محفلن جو انتظام ڪندا هئا. جڏهن اهي
رقاصائون فارسي جا اعليٰ غزل پڙهنديون هيون ۽ ناچ
ڪنديون هيون، ته پٺاڻ ۽ بلوچ بيقرار ٿي ويندا هئا.
هو درٻار جي تڪلفات کي نظر انداز ڪري بي اختيار
اڳتي وڌي ويندا هئا. ته جيئن وڌيڪ ويجهو ٿي ناچ
ڏسي سگهن.
انهن رقاصائن مان جيوڻ بخش جو نالو چوٽ تي چڙهيل
هو، جيڪا پنهنجي ڀيڻن سان گڏ راڳ ۽ ناچ جو بهترين
مظاهرو ڪندي هئي. هيءَ عورت پنهنجي فن جي ڪمائي
مان خير خيراتون به ڪندي هئي، ۽ مسجدون به
ٺهرائيندي هئي.
جيوڻ بخش کان پوءِ مير علي مراد خان جي ڏينهن ۾
امير بخش نالي هڪ اداڪار پنهنجي حسن ۽فن جي لحاظ
کان سڄي ملڪ ۾ مشهور هئي. کيس مير صاحب جي
مختيارڪار ديوان هوتسنگهه جي سرپرستي به حاصل هئي.
هن جي طائفي ۾ مينا ٻائي ۽ بيگم بخش به بهترين
ڳائڻيون ۽ ڀڄنڻيون هيون.
انهن رقاصائن کانسواءِ ڪشن لال ۽ سندس پٽ گلزار ۽
بشن لال پنهنجي وقت جا وڏا ڪٿڪ هئا، جيڪي ميرن جي
وقت ۾ اگهاڙين تلوارن جي مٿان پيرين اگهاڙا ناچ
ڪندا هئا. ان کانسواءِ زمين تي پتاشا هاري، انهن
جي مٿان نچندا هئا، ته ڪوبه پتاشو نه ڀڄندو هو.
اهي ڪٿڪ مير فيض محمد خان جي ڏينهن تائين زنده
هئا.
گويه:
مير رستم خان جي ڏينهن ۾ 1930ع ڌاري جيسلمير جا
گائڪ، استاد بخشو خان ۽ استاد صادق علي خان ٻئي
خيرپور ۾ آيا، ۽ پڪي راڳ جن محفلون مچايون. هو
دهلي جي گائڪي ۾ ڪرناٽڪي رنگ به ملائيندا هئا. راڳ
سان گڏ طبلي ۽ سارنگي جا به استاد هئا. مير سهراب
خان جي وفات بعد، جڏهن خيرپور جي درٻار ۾ محلاتي
سازشون شروع ٿيون، ۽ ڀائرن جي بي اتفاقي وڌي، تڏهن
اهي ٻئي خيرپور ڇڏي، حيدرآباد هليا ويا.
مير علي مراد کي پڪي راڳ ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق هوندو
هو. هندوستان جي مختلف شهرن مان پڪا ڳائڻا اچي مير
صاحب وٽ مجرو ڀريندا هئا، ۽ دهرا دان حاصل ڪندا
هئا. ان وقت اهو پهاڪو مشهور ٿي ويو هو ته اهو
ڳائڻو ئي ناهي. جنهن مير علي مراد وٽ نه ڳايو هجي.
پنجاب جو وڏي ۾ وڏو استاد ڳائڻو فريد بخش، ملتان
جو پيري پوٽر محلو ڇڏي، پنهنجي فرزند چراغي خان
سميت هميشه لاءِ خيرپور ۾ اچي رهيو هو. ميان چراغي
خان جا چار پٽ، ميان ٽمو، ميان فريد بخش ثاني،
ميان عيدو خان ۽ ميان غلام حيدر پنهنجي وقت جا وڏا
فنڪار ۽ استاد ڳائڻا ٿي گذريا آهن. اهي چار ئي
استاد مير امام بخش جي زماني 1909-1921ع تائين
زنده هئا. ميان ٽمو جو پٽ ميان گلايو مير علي نواز
خان جو درٻاري ڳائڻو هو. ميان عيدي جو پٽ ميان
غلام قاسم بهترين سارنگي نواز هو، ۽ ميان غلام
حيدر جا ٻه پٽ ميان غلام حسين ۽ ميان خادم حسين
پنهنجي وقت جا وڏا طبله نواز ۽ باجي جا استاد ٿي
گذريا آهن، جيڪي سٺن ڳائڻن سان سنگت ڪندا هئا.
ميان چراغي خان جون ڌيون، مائي موران ۽ مائي بکان،
ميان ٽمو جو ڌيءُ، مائي مغلان، ميان غلام حيدر جي
ڌيءَ مائي هوتان به پنهنجي زماني جون وڏيون
ڳائڻيون ٿي گذريون آهن.
سنڌي پڪو راڳ ڳائيندڙن مان سيد غلام شاهه هٽڙي
وارو ۽گلاب خان مير علي مراد جا درٻاري ڳائڻا هئا،
۽ کين راڳ مالا تي پوري دسترسي هوندي هئي. انهن
کانسواءِ لاهور جا ڳائڻا استاد فتح علي خان ۽
استاد عليو خان به مير علي مراد خان جي درٻار سان
منسلڪ هوندا هئا. ۽ مختلف موقعن تي اچي پنهنجي فن
جو مظاهرو ڪندا هئا. کين گهر ويٺي مير صاحب طرفان
شرحون پهچنديون هيون.
ڪافي خوان:
ميرن وٽ اهڙا ڳائڻا به هوندا هئا، جيڪي يڪتاري تي
سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون چوندا هئا. ڪافي خوان جي
عملي ۾ ڪم از ڪم اٺ ڄڻا هوندا هئا هنن کي ڪلونت به
سڏيندا هئا. مير سهراب خان ۽ مير رستم خان جي
زماني ۾ ڪلونتن مان لونگ فقير ۽ سندس پٽ پانڌي
فقير ٻلهاڻي سٺا ڳاڻا هئا. انهن کانسواءِ پانڌي
فقير جا ٻه پٽ سبحان فقير ۽صادق فقير نه صرف سٺا
ڳائڻا ۽ قوال هئا، پر پنهنجي وقت جا سٺا شاعر به
هئا. اهي ڪڏهن ڪڏهن مير عالي خان وٽ به چونڪي
ڏيندا هئا، ۽ مير علي مراد خان جي صاحبي ۾ سندس
درٻار سان به منسلڪ هوندا هئا.
مير علي مراد خان جي ڪلونتن مان عارب ۽ جندو
لڌيال، لونگ ۽جعفر شيدي، بخشو، ٻلهاڙي، ٺارو
چانڊيو، ۽ امام بخش ميراسي اعليٰ درجي جا ڳائڻا
هئا.
مير فيض محمد خان ۽ مير امام بخش خان جي ايامڪاري
۾ جيڪي ملازم هئا تن مان هيٺين جا نالا قابل ذڪر
آهن: واڌل شاهه، گلڻ شاهه، قيصر شيدي خدا بخش پٽ
ڪلادي، سعد خان پٽ محمد خان پٽ بخش چانگ، علي خان
ولد عالم خان چاڪراڻي، نابين ڀچراهه وارو، امائو
ميراسي ۽ رمضان..
مير علي نواز خان جي درٻاري ڳائڻن مان جان محمد
شيدي، ڏنو جمالي ۽ هادي بخش شاهه هنڱورجن وارو
مشهور هئا. مير علي نواز خان کي راڳ جو پنهنجن وڏن
کان به وڌيڪ شوق هوندو هو. هن کي عشق جي لپاٽ لڳل
هئي، تنهن ڪري راڳ ويراڳ جون محفلون سجائڻ سندس
فطرت بڻجي وئي هئي. سنڌ ۽ هندستان جا مشهور ڳائڻا
۽ ڳائڻيون سندس درٻار ۾ ايندا رهندا هئا. هو دهلي،
لاهور، يا اجمير ويندو هو ته اتي به وڏن ڳائڻن جا
طائفا وٽس مجرو ڀرڻ ايندا هئا، انعام اڪرام وٺندا
هئا. پنهنجي رياست ۾ به هميشه ويرانا وسائيندو هو.
جتي به منزل ڪندو هو، اتي رنگ لڳي ويندا هئا.
آسپاس جا فقير فقراءَ ساز کڻي مير صاحب جي اڳيان
مجرو ڀريندا هئا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن مير صاحب پاڻ يڪتارو
کڻي ڳائڻ ۾ جنبي ويندو هو، جيڪو کيس داد ڏيندو هو
تنهن کي انعام ملندو هو.
ساز:
ميرن جي ڏينهن ۾ هاڻوڪن انگريزي ۽ هندوستاني سازن
جو رواج ڪونه پيو هو. هيٺيان پراڻي قسم جا ساز
هوندا هئا. بوڙينڊو، بين، بنسري، مرلي، الغوزو،
يڪتارو، تنبورو، سارنگي، سرندو، رباب، دهل، پڪواز،
ڌڪڙ، چنگ جهانجهه، گهڙو ۽ گهاگهر.
ملهه ۽ ملاکڙا:
سنڌ ۾ ملهه تمام آڳاٽي وقت کان رائج هئي، پر
ٽالپري دور ۾ ان جي ايڏي ترقي ٿي جو اها هڪ قومي
کيڏ جي درجي کي وڃي پهتي. ميرن توڙي سندن اميرن
ملهن جي وڏي قدرداني ڪئي، ۽ پنهنجا پنهجا ملهه،
خاص خوراڪ ۽ تربيت ڏيڻ سان تيار ڪيا. انهيءَ دؤر ۾
ئي اهو اصطلاح ايجاد ٿيو ته فلاڻو فلاڻي جو ملهه
آهي، پنهنجن ملهن جي ڪاميابي سان خود مير ۽ امير
مرڪڻ لڳا. خيرپور جي ميرن ملهه پاڻ ويهاريا، ۽
انهي جي تربيت شروع ڪئي. خيرپور جي ميرن جي ملهن
سان مقابلي لاءِ ٻين پاسن کان توڙي حيدرآباد طرفان
ملهه وڃڻ لڳا، ۽ اهڙي طرح لاڙ ۽ اتر جي ملهن جي
ٽولن جو بنياد پيو. ٽالپرن جي دور کان حاڪمن،
امير توڙي سردارن پنهنجي ذوق سببان ملهن ۽ ملاکڙن
کي ارادتا زور وٺرايو، ۽ مناسب موقع تي اعلان
ڪرائي، ملاکڙا لڳرايا.
|