باب پنجون
خيرپور جا حڪمران
.i
مير سهراب خان:
(الف) تعارف:
مير سهراب خان ولد مير چاڪر خان خيرپور جي حڪومت
جو باني هو. هي مير فتح علي خان جي والد، مير
صوبدار خان جو سڳو سوٽ هو. سندس ولادت سن 1156هجري
مطابق 1745ع ۾ ٿي. سندس چاچي مير بهرام خان جي
شهادت وقت 33 سالن جو جوان هو. ان کان پوءِ ٽالپرن
جا ڪلهوڙن ۽ ٻين قومن سان جي ڪي به مقابلا ٿيا، تن
سڀني ۾ شريڪ ٿي، پنهنجي شجاعت جا جوهر ڏيکاريندو
رهيو. هالاڻي جي جنگ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو هميشه
لاءِ خاتمو آيو. انهيءَ جنگ ۾ مير سهراب خان اهم
ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌ جو حقيقي فاتح بڻيو، مگر مير
فتح علي خان جي ماتحتي ۾ رهڻ جي بدران پنهنجا راڄ
وٺي خيرپور ۾ الڳ حڪومت قائم ڪيائين.
انهيءَ ڪري ٻنهي جيپاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پئي، ايتري قدر
جو ڪافي وقت تائين هڪ ٻئي کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا.
هڪ دفعي مير سهراب خان مير فتح علي کي چوائي
موڪليو:
من ياد شعاليم وزيرم همه کس را،
من گرگ درنديم دريدم همه کس را.
ان تي مير فتح علي خان جواب موڪليو ته:
بشه چه بود پرد پيش فيل،
گربه هوا رفت نه شد جبريل.
وز مگر زور دور بازو نمود،
صلعم سيمرغ نبايد ربود.
نيٺ ٽالپرن ۽ ٻين اميرن وچ ۾ پئي ٻنهي جو صلح
ڪرايو ۽ مير فتح علي خان سن 1793ع ۾ خيرپور جي
خودمختار حڪومت کي تسليم ڪيو. ان کان پوءِ مير
سهراب خان ۽ حيدرآباد جا مير هڪ ٻئي سان هميشه ساٿ
ڏيندا رهيا.
(ب)فتوحات:
هنن ئي ڏينهن ۾ افغانستان جي بادشاهه شجاع الملڪ
ٻه دفعا يعني 1803ع ۽1814ع ۾ سنڌ تي ڪاهي آيو، پر
ٻئي دفعا خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن گڏجي سندس
مقابلو ڪيو. سن 1817ع ۾ پنجاب جي راجا رنجيت سنگهه
جي ڪاهه جو افواهه ٻڌي ٻنهي حڪومتن جا لشڪر
شڪارپور پهچي ويا، پر انگريزن جي معرفت صلح صفائي
ٿي وئي. ان کان سواءِ بهاولپور جي نواب کان سبزل
ڪوٽ وارو پرڳڻو ۽ جوڌپور جي راجا کان عمرڪوٽ جو
قلعو به گڏجي ورتائون.
مير سهراب خان درياهه پار ڪري پـٺاڻن جا موغلي
وارا علائقا هٿ ڪيا. ان کان سواءِ ٻڙدڪي جو پرڳڻو،
روپاهه، چڪ، مزارچه، محمدا باغ، شاهه ٻيلي، بکر،
سهڪجي ۽ ڪلواڙي تي به قبضو ڪيائين.
مير سهراب خان جي حڪومت قائم ڪرڻ وقت، ان جي حد
خيرپور شهر ۽ آسپاس وارا ٽڪرا هئا، پر پوءِ هن
تدبير ۽ تلوار جي زور تي پنهنجي حد وڌائي، جيڪا
اتر ۾ سبزل ڪوٽ ۽ ڪشمور تائين، اوڀر ۾ جيسلمير جي
ريگستان تائين، اولهه ۾ ڪڇي ۽گنداوا تائين ۽ ڏکڻ ۾
نوشهري تائين وڃي پهتي.
(ت) گوشه نشيني:
مير صاحب ستاويهه سال وڏي شان ۽ شوڪت سان حڪومت
هلائي. سن 1811ع ۾ گوشه نشين تي پنهنجي ڀڳ پنهنجي
وڏي پٽ مير رستم خان جي حوالي ڪيائين
.
(ث) اولاد:
مير سهراب خان کي ٽي ديرا هئا. هڪڙي مان مير رستم
خان ۽ مير غلام حيدر خان، ٻئي مان مير مبارڪ خان ۽
مير چاڪر خان، ٽئين مان ننڍي ۾ ننڍو مير علي مراد
خان ٿيس..
(پ) وصيت:
پنهنجي وفات کان به سال اڳ تاريخ 4، ذوالقعد 1244
هجري، مطابق 1829ع تي هڪ وصيت نامو لکي، پنهنجي
اپت ٽنهي ديرن جي اولاد لاءِ هڪ جيتري مقرر ڪيائين
۽ مير رستم خان کي پڳ جو حصو وڌيڪ ڏنائين.
مرزا قليچ بيگ ۽ سيد امير علي شاهه پنهنجين تاريخن
۾ انهيءَ وصيت نامي جو هوبهو نقل ڏيئي، پوءِ لکن
ٿا: ”چوڻ ۾ اچي ٿو ته وصيت نامي ۾ لکيل هو ته
منهنجي مرڻ تي پڳ ۽ گدي مير رستم خان کي ملندي،
انهيءَ کان پوءِ مير مبارڪ خان کي ۽ انهيءَ کان
پوءِ مير علي مراد خان کي.“ حقيقت ۾اها غلط بياني
مرزا عطا محمد پنهنجي ڪتاب ”تاريخ تازه نوائي
معارک“ جي صفحي 721 تي ڪئي آهي، جنهن کي ڏسي مرزا
قليچ بيگ ۽ سيد امير علي شاهه به هوبهو نقل ڪيو
آهي. جڏهن ته سڄي وصيت نامي ۾ اهي لفظ ڪين آهن، ته
پوءِ مرزا صاحب ۽ سيد صاحب اهي لفظ ڪٿان آندا؟
واقعي جيڪڏهن مير صاحب ڀائرن کي پڳ ڏيڻ جو رواج
خيرپور ۾ جاري ڪري ها، ته ان جي شروعات به پنهنجن
پٽن جي بدران پنهنجن ڀائرن سان ئي ڪري ها، جيڪي ان
وقت جيئرا هئا.
(ج) روزانه زندگي ۽ اخلاق:
مير صاحب هڪ وڏو داناءُ ۽دور انديش حاڪم ٿي گذريو
آهي. هو هڪ ڪرڙوي ۽ ڊگهي نظر وارو حاڪم هو. جڏهن
حيدرآبادي ميرن شجاع الملڪ سان معاهدو ڪيو هو،
تڏهن سندن عقل تي افسوس ڪندي چوندو هو: ”بادشاهي
ڪم هلائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اهي مير پنهنجو وعدو پورو
ڪري نه سگهندا ۽ اجايو پاڻ کي بدنام ڪري، بيوفائي
جو عذاب سهندا رهندا“.
هن کي افغانستان جي بادشاهه وٽان ”شاهه ناظر سنڌ“
جو لقب مليل هو
.
هو جيستائين جيئرو رهيو، تيستائين انگريزن جهڙي
طاقت کي به خيرپور جي حڪومت ۾ دست اندازي ڪرڻ نه
ڏنائين، حالانڪ حيدرآبادي ميرن هنن سان ٻه ٽي
معاهدا ڪيا.
مير سهراب خان جي شخصيت غريب پروري، قدر شناسي،
اشراف نوازي ۽ مسافر پروري ۾ مشهور هئي.
(ج) وفات:
هڪ دفعي بارش وسي رهي هئي ۽ مير صاحب پنهنجي محلات
جي دريءَ مان گهوڙن جي ڪڙهه ڏانهن ڏسي رهيو هو، ته
اوچتو سندس پير ترڪي ويو ۽ اتي ئي ڪري پيو ۽ دم
ڏنائين. سندس وفات جو سال هيٺين مادن مان 1246هجري
مطابق 1830ع برآمد ٿئي ٿو:
الف: سخي وولي مير سهراب بود.
ب: طشت از بام افتاد.
ج: زبام فلڪ شد فرود آفتاب
.
.ii
مير رستم خان:
(الف) ولادت ۽ تخت نشيني:
هي مير سهراب خان جو وڏو پٽ هو. سندس ولادت
1184هجري، مطابق 1773ع ۾ ٿي. سن 1811ع ۾ پنهنجي
پيءُ جي جيئري رياست جي پڳ ٻڌائين.
حڪومت جي واڳن وٺڻ کان پوءِ پنهنجي پيرسن پيءُ کي
شادي ڪرايائين، جنهن مان سن 1815ع ۾ مير علي مراد
خان ڄائو، جيڪو وڏو ٿي سندس وڏو ويري بڻيو.
گادي نشين ڏيڻ کان اڳ مير سهراب خان جي وڏن سالارن
مان هڪ هو. سلطنت کي وڌائڻ لاءِ جيڪي به جنگيون
ٿيون، تن ۾ لشڪر جي منهداري هن جي هٿ ۾ هوندي هئي
۽ سندس بهادري ملڪن ۾ مشهور هئي.
تخت نشين ٿيڻ سان پنهنجي پيءُ جي وصيت موجب پنهنجن
ڀائرن ۽ ڀائٽين کي ملڪ ورهائي ڏنائين، جن مان ڪجهه
پوءِ مغل بادشاهه همايون جي ڀائرن وانگر خودمختار
بڻجي ويا.
(ب) کرڙيءَ جي جنگ:
مير رستم خان جي ڏينهن ۾ شاهه شجاع الملڪ
افعانستان مان تڙجي شڪارپور ۾ اچي ميرن جو مهمان
ٿيو. ميرن ڪافي ڏينهن سندس آڌرڀاءُ ڪيو، مگر هو
واپس وڃڻ جي بدران سندن سرحدن تي قبضو ڪرڻ لڳو،
جنهن تي مجبور ٿي حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن گڏجي
سندس مقابلو ڪيو.
ميرن جي لشڪر جا منهدار غلام مرتضيٰ شاهه ڪهيري ۽
آغا ڪاظم شاهه هئا ۽ شجاع الملڪ جي لشڪر جو
علمبردار سمندر خان پٺاڻ هو. پٺاڻن چوري اچي آدم
شاهه جي ٽڪريءَ تي توبون نصب ڪيون. کرڙيءَ جي
ميدان تي سن 1833ع ۾ فوجن جو مقابلو ٿيو.
جنهن ۾ ميرن جا بهترين سالار شهيد ٿي ويا، جن مان
ڪاظم شاهه، غلام مرتضيٰ شاهه ۽ جهان خان مريءَ جا
نالا قابل ذڪر آهن.
نيٺ صلح ٿيو ۽ شجاع الملڪ اٺ لک روپيا وٺي، واپس
موٽي ويو.
(ت) نونهار جي جنگ: مير رستم خان جو ننڍو ڀاءُ مير علي مراد خان جي سنڀال ۾ رهندو هو. جڏهن وڏو
ٿيو تڏهن اول مبارڪ خان سان ۽ پوءِ سندس پٽ مير
نصير خان سان ملڪيت تي تڪراري ٿيو. سندن مخالفت
وڌي وڃي جنگ جي نوبت تي پهتي. مير رستم خان پنهنجي
ڀائٽيءَ ۽ نياڻي مير نصير خان جو طرف ورتو. خيرپور
جي ڀرسان نونارين جي ڳوٺ وٽ لڙآئي لڳي، جنهن ۾ مير
علي مراد خان ڪامياب ٿيو. پير پاڳاري علي گوهر
شاهه ۽ رياست جي وڏي وزير فتح محمد خان غوري وچ ۾
پئي صلح ڪرايو. مير رستم خان پنهنجي ۽ مير نصير
خان جي حصي مان ڪجهه ديهون ڏئي علي مراد خان کي
راضي ڪيو. اها لڙائي سن 1258هجري، مطابق، 1842ع ۾
لڳي ۽ ”جنگ نونهار“ جي نالي سان مشهور ٿي.
(ث) وفات:
”جنگ نونهار“ جي صلح کان پوءِ به ڌرين جون دليون
صفا نه ٿيون ۽ هڪ ٻئي سان وڙهڻ جون تياريون ڪرڻ
لڳيون
. مير علي مراد خان وڃي انگريزن جو طرف ورتو ۽ ساڻن سازباز
ڪرڻ لڳو. انگريزن اهو وجهه وٺي پنهنجي سياسي ڄار
کي پڪو ۽ پختوڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ”مياڻيءَ جي
جنگ“ لڳي ۽ ميرن هارايو. مير رستم خان پنهنجن
ڀائٽين ۽ حيدرآباد جي ميرن سان گڏ نظربند ٿي پوني
ويو، جتي 1262 هجري، مطابق 1846ع ۾ وفات ڪيائين.
سندس لاش اتان آڻي ميرن جي آبائي مقام قادر بخش جي
قبن ۾ دفن ڪيو ويو.
مير سهراب خان مسڪين سندس وفات جي تاريخ لکي آهي،
جيڪا هن ريت آهي.
چون شد مير رستم معليٰ لقب
ازين عالم بيوفا نا پديد
باريخ دويم جماد آخرين
به نزهت که قدس مکر، گزيد
به پونه زتن رسته روز خميس
سوئي ملک بيچرن به جان خوش دويد
شده داخل زمره اهل صفا
به الطاف عترت به منزل رسيد
سن رحلتش هاتف غيب گفت
که حقا به خلد برين آرميد
(ج) اخلاق:
مير رستم خان هڪ وڏو هر دلعزيز حاڪم ٿي گذريو آهي.
عمر جي ڪمزوري کان سواءِ منجهس سموريون خوبيون
هيون. هو هڪ حليم سڀاءُ وارو، نيڪ نيت، صورت ۽
سيرت ۾ موچارو بادشاهه هو. سندس سموري رعايا مٿس
عاشق هوندي هئي.
هو رحمدل، فهميده، صلح پسند ۽ ڪس ڪسر کائڻ جهڙو
مڙس هو، جيڪو به ساڻس ملندو هو، تنهن کي هن لاءِ
نه فقط محبت، پر عزت جو جذبو به پيدا ٿيندو هو.
پرنس لکيو آهي ته سندس ڪردار ۽گفتار ۾ اهڙو ته
اعتدال هو، جو مان اعتبار ئي نٿي ڪري سگهيس ته ڪو
هڪ ٻروچ جي درٻار ۾ آهيان. سندس سڀاءُ شاهاڻو
۽لياقت سان ڀريل هو.
پوني ۾ ميرن جي سنڀال ڪرڻ وارو سول سرجن ڊاڪٽر برٽ
لکي ٿوته مير رستم خان مذهبي رسمن جي پوري ڪرڻ ۾
به ڏاڍو سخت آهي. هو رهڻي ڪهڻيءَ ۾ به نهايت
پرهيزگار آهي.
مطلب ته سنڌ جي حڪمرانن ۾ اهڙو نيڪ طبعيت وارو ۽
ڪم آزاد ماڻهو مشڪل سان ملندو.
.iii
مير علي مراد خان:
(الف) ننڍپڻ:
هي مير سهراب خان جو ننڍي ۾ ننڍو پٽ هو ۽ کيس
پيرسني ۾ گوشه نشيني واري زماني ۾ ڄائو هو. سندس
ولادت جو سال 1815ع آهي. جڏهن ننڍو هو، تڏهن سندس
ملڪيت مير مبارڪ خان جي سنڀال هيٺ هوندي هئي.
ننڍپڻ کان وٺي سندس طبعيت ٻين ميرن کان مختلف طرح
هوندي هئي ۽ سڀني کان علحدگي اختيار ڪندو هو..
مير مبارڪ خان سندس ملڪيت جي سنڀال لاءِ پنهنجن ٽن
پٽن: مير نصير خان، مير محمد علي خان ۽ مير فصل
محمد ان کي ملازم ڪري رکيو هو، انهيءَ ملازمت جي
صلي ۾ مير علي مراد خان کي شاهه ٻيلي ۽ ٻبرلوءَ جا
علائقا بخشي ڇڏيا هئا.
.
ڪن جو چوڻ آهي ته مير علي مراد خان هٿ جو ڏاڍو
ڪشادو هو، تنهنڪري پنهنجي خرچ پوري ڪرڻ لاءِ اهي
علائقا پنهنجي ڀاءُ مير مبارڪ خان وٽ گروي رکيا
هيائين.
(ب) ملڪيت تان تڪرار:
مير علي مراد خان جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن انهن علائقن
(شاهه ٻيلي ۽ ٻٻرلوءِ) واپس وٺڻ جي تقاضا ڪيائين،
پر مير مبارڪ خان کيس اهي علائقا ڪنهن به صورت ۾
واپس نه ڪيا. مير مبارڪ خان جي وفات بعد مير علي
مراد خان ۽ سندس ڀائٽيا انهيءَ ملڪيت تي تڪرار
ڪندا رهيا. مير رستم خان ڀائٽين جو طرف ورتو ۽
نوبت وڃي نونارين واري جنگ تي پهتي، جنهن ۾ مير
علي مراد خان ڪامياب ٿيو ۽ تڪراري ملڪيت سان گڏ
ڪجهه ٻيو ملڪ ۾ حاصل ڪيائين. انهيءَ تڪرار هلندي
انگريزن کي به وچ ۾ ٽپي پوڻ موقعو مليو. ۽ پنهنجي
سياسي شطرنج ۾ مير علي مراد خان کي پنهنجي مهرو
بڻايائون.
نيٺ 1843ع وارو منحوس سال آيو، جنهن مياڻيءَ جي
جنگ ۾ سنڌ ۾ميرن جي حڪومت جو خاتمو آندو. اصلي
حاڪم اسير ٿي ويا ۽انگريزن پنهنجي پياري دوست مير
علي مراد خان کي پنهنجي سرپرستيءَ ۾ خيرپور جي
رياست عطا ڪئي.
(ت) ملڪ جي ايراضي:
مير علي مراد خان کي جيڪو ملڪ مليو، ان جي ايراضي
ساڍا پنج هزار چورس ميل ۽ آدمشماري اٽڪل ٻه لک
هئي. ملڪ جو گهڻو حصو شڪار گاهن ۽ جهنگلن هيـٺ هو،
تڏهن به ان جي اپت خرچ لٿي ڏهه لک روپيا هئي
.
(ث) بغاوتون:
مياڻي جي فتح کانپوءِ ٻروچن جي گهرن ۾ ماتم مچي
ويو ۽ سڄي سنڌ ۾ بيچيني پيدا ٿي وئي. ڪيترن ئي
قبيلن جا ماڻهو سرحدن تي بغاوتون ڪرڻ لڳا، جن کي
دٻائڻ لاءِ انگريزن مارشل لا لاڳو ڪيو ۽مير علي
مراد خان جي مدد سان لشڪر ڪشي ڪيائون. پورا ٻه سال
اها مهم جاري رهي. ڪيترائي مهمير مارجي ويا، باقي
جيڪي بچيا، سي اچي پيش پيا، جن مان بجار خان
ڊومبڪي، اسلام خان
بگٽي
۽ دريا خان جکراڻي جا نالا قابل ذڪر آهن (4).
چارلس نيپئر جيستائين سڄي سنڌ تي مڪمل طرح قبضو نه
ڪيو هو، تيستائين مير علي مراد خان کي جيءَ ۾ جاءِ
ڏيندو هو ۽ پنهنجو دلي دوست تصور ڪندو هو، پر
پنهنجي ڪم ڪڍڻ کان پوءِ هن تي ڪرڙي نظر رکيائين.
هڪ دفعي کيس ڌمڪي ڏيئي خط ۾ لکيائين: ”تون انگريزن
جي زور تي وڏو بڻايو ويو آهن، اهڙي عزت توکي خواب
۾ به ڪين هئي. توکي ياد رکڻ گهرجي ته گورنر جنرل
جي آڏو تون ائين آهين، جيئن باز جي چنبن ۾ جهرڪي،
جيڪڏهن ذري جيتري بيوفائي ڪندين ته تو تي لازمي
طور تي تباهي اچي ويندي
هوڏانهن مير علي مراد خان جي انگريز دوستي ملڪن ۾
مشهور هئي، جيڪا ان وقت جي ڪنهن شاعر جي هيٺيئين
شعر مان ظاهر آهي.:
شد پيشوائي دولت انگليه همه،
مير علي مراد به صد شان سروري،
گفتند صاحبان فرنگ آفرين تمام
ير مردي و شجاعت آن مير گوهري
انهن ڳالهين جي باوجود مير علي مراد خان انگريزن
کي پنهنجي ملڪ ۾ دست اندازي ڪرڻ نه ڏيندو هو. سن
1845ع، ۾ چارلس نيپئر سان به هڪ عهدنامو ڪري
پنهنجي ملڪ جي حد بندي ڪرائي ڇڏي هيائين.
چارلس نيپئر اهو عهدنامو گورنر جنرل جي منظوري
لاءِ موڪليو، پر ان جو جواب ڪيترن سالن تائين ڪو
نه آيو، ڇو جو ڪن ماڻهن شرارت ڪري مير علي مراد
خان جي خلاف مخفي درخواستون موڪليون هيون، جن ۾
ڄاڻايو ويو هو ته هن مير رستم خان واري عهدنامي ۾
ڦيرڦار ڪري ڪافي ملڪ ڦٻائي ورتو آهي. سن 1850ع ۾
هڪ ڪميشن ويٺي ۽ فريادين جا نالا ظاهر ڪيا ويا.
ميرعلي مراد خان سڀني فريادين جي دشمني ظاهر ڪري،
پنهنجي بچاءُ ۾ ڪافي شاهد پيش ڪيا، پر انهن تي
ڪميشن جي ميمبرن اعتبار نه ڪيو، ۽ فيصلو مير صاحب
جي برخلاف ڏنائون، نيٺ تاريخ21، جنوري 1852ع تي
اعلان جاري ڪري مير صاحب کان مير رستم خان وارا
سمورا پرڳڻا کسي، هن کي فقط اهو ملڪ ڏنائون، جيڪو
مير سهراب خان جي وصيت موجب کيس مليل هو.
(ج) لنڊن جو سفر:
مير صاحب ڪميشن جي فيصلي جي برخلاف ڪمشنر کان وٺي
وائسراءِ تائين اپيلون ڪيون، مگر ڪوبه نتيجو ڪونه
نڪتو، نيٺ سن 1856ع ۾ پنهنجي دادخواهي لاءِ لنڊن
ويو ۽ پورو ڏيڍ سال کن اتي رهيو، پر سکڻن دلاسن
کان سواءِ ڪجهه به حاصل ڪري نه سگهيو ۽ محروم موٽي
آيو . ان کان سواءِ هر موقعي تي گورنر يا وائسراءِ
سان ملڻ وقت اشاري طور يا سڌي طرح ساڳيو ئي ملڪ
واپس وٺڻ جو سوال دهرائيندو رهيو. انگريز سندس
خدمتن جو اعترافڪري، هن جي وڏي عزت افزائي ڪندا
رهيا، مگر ورتل ملڪ واپس نه ڪيائون.
سن 1876ع ۾ تمام گهڻي بارش سبب درياهه اٿل کاڌي.
اها اٿل ايڏي وڏي هئي جو خيرپور تائين پهچي وچ
واري حصي کان سواءِ سارو شهر ٻوڙي وئي. ماڻهو مشڪل
سان سر بچائي ٻاهر نڪتا. مير صاحب انهيءَ هنگامي
حالت ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪيو، جيڪو سندس وس ۾ هو. ماڻهن
جي خوراڪ ۽ پوشاڪ جو بندوبست کان سواءِ تقاوي
ڏيئي، ٻيهر گهر به تعمير ڪري ڏنائين ۽ سندس ڪوشش
سان شهر وري آباد ٿي ويو.
(ح) خوني حملو ۽ وفات:
سن 1882ع ۾ هڪ دفعي مير صاحب شڪار ٿي نڪتو، ته
اوچتو هڪ ماڻهو مٿس خوني حملو ڪري، طمنچي جا فائر
ڪيا ۽ مير صاحب زخمي ٿي پيو. سکر مان ڊاڪٽر پيپاڪ
کي گهرايو ويو، جنهن جي علاج سان ٻن مهينن اندر
چاق ٿي ويو. چون ٿا ته اهو حملو ڪندڙ هڪ حر هو،
جنهن کي مير صاحب جي ماڻهن ٿڏي تي ماري ڇڏيو.
سن 1891ع ۾ جڏهن مسٽر جيمس سنڌ جو ڪمشنر هو، تڏهن
بمبئي جو گورنر شڪارپور ۾ آيو ۽ هڪ وڏي درٻار
ڪوٺائي ميرعلي مراد خان کي برٽش سرڪار طرفان ڪي.
سي. جي. آءِ.
(K.C.G.I.)
جو خطاب عطا ڪيو.
سن 1893ع ۾ ساڳيو ئي ڪمشنر مسٽر جيمس سکر ۾ آيو ۽
سڀني ننڍن وڏن خيرپور جي خاندان سان تعلق رکندڙ
ميرن کي سڏايائين. انهن کان روبرو احوال وٺي، سندن
قرض ۽ خرچ پکي جي ياداشت تيار ڪري کين جاگيرون ۽
پينشون مقرر ڪري ڏنائين.
سن 1894ع ۾ مير علي مراد خان جڏهن دڙيءَ جي منزل
تي هو ته بيمار ٿي پيو ۽ ٽن مهينن جي علالت کان
پوءِ تاريخ 25 رمضان، 1311 هجري مطابق 2 اپريل
1894ع تي وفات ڪيائين. سندس وفات جو سال سيد غلام
محمد شاهه گدا جي هيٺئين شعر مان نڪري ٿو.
سال نقلش گدا به روئي بهشت
گفت هاتف بهشت يافت مکان |
مير صاحب جو جنازو کڻائي وڃي ڪربلا معليٰ ۾ دفن ڪيائون.
(خ) اولاد:
مير علي مراد خان کي ڇهه پٽ ۽ ٽي نياڻيون هيون.
سندس پٽن جا نالا هي آهن: سهراب خان، شاهنواز خان،
فيض محمد خان، جان محمد خان، خان محمد خان ۽ غلام
مهدي خان، مير فيض محمد خان کان سواءِ سندس ٻيا
سمورا پٽ سندس زندگي ۾ ئي وفات ڪري ويا.
(د) سيرت:
مير علي مراد خان هڪ وڏي دل وارو، سخي مرد، مهمان
نواز ۽ مسافر پرور حاڪم ٿي گذيو آهي. سندس سخا ۽
بخشش سنڌ ۾ مشهور هئي. هو ڏاڍو خبردار، تيز فهم ۽
قابل شخص هو. اسلام سان گڏ هندو مذهب سان به واقف
هو. راڳ جو ايڏو شوق هيس، جو هندستاني ۽ پنجابي
گويا ۽ڪٿڪ ۽ سنڌي راڳ ڳائڻ وارا هميشه ساڻس گڏ
رهندا هئا. شڪار جو شوق انهي حد تائين هئس جو
هميشه جهنگ ۾ لانڍين ۾ گذاريندو هو. هن جي سيرت جو
ڪمزور ترين پهلو اهو هو، جو هن پاڻ کي انگريزن جي
اطاعت ۽ فرمانبرداري جو مرڪز بڻائي ڇڏيو هو، جنهن
جي نتيجي ۾ سنڌين جي آزادي واري جذبي کي وڏو نقصان
پهتو.
هو نهايت گهڻي طبع، تجويز ۽ سمجهه وارو ماڻهو هو.
پنهنجن ڪمن ۾ ڪا به دست اندازي برداشت نه ڪندو هو
۽ سڀني بلوچن کان علحدگي اختيار ڪندڙ هو. سندس
منشي وغيره سڀ ڌاريا هئا. هن جا فوجي به هندستان،
ڪابل، پنجاب ۽ بهاولپور جا هئا.
مير صاحب جي فوج جو ڪمانڊر اڳ ۾ هڪ انگريز ميڪائيل
۽ پوءِ حافظ حڪومت خان هو. هن جي فياضي ۽ عالمن ۽
فقيرن جي قدرداني سنڌ کان سواءِ ڏورانهن ملڪن ۾ به
مشهور هئي. سندس علم نوازي سبب ڪيترائي عالم ۽
شاعر سندس درٻار ۾ ايندا هئا. سندس سخاوت وارو هٿ
هميشه ڪشادو رهندو هو. مطلب ته هو هڪ غير معمولي
مدبر، سليقه مند، مستقل مزاج ۽ بامروت انسان هو.
مير فيض محمد اول:
(الف) تعارف:
مير علي مراد خان جي وفات کان هڪ هفتو پوءِ تاريخ
7 اپريل 1894ع تي عيدالفطر جي ڏينهن مير فيض محمد
خان گاديءَ تي ويٺو
.
کيس سندس مرضيءَ مطابق انگريزن طرفان خان بهادر
قادر داد خان وزير ٿي مليو، جنهن اچڻ سان اڳوڻو
انتظام بدلائي نئون نظام شروع ڪيو. ديوان اتمچند ۽
ٻيا منشي، رياست جي سياه ۽ سفيد جا مالڪ بڻيا ويٺا
هئا، تن کي ڪڍي، هر هڪ ڪم لاءِ جدا کاتا
کوليائين. مير صاحب جي شخصي ڪاروبار لاءِ جدا ڪئمپ
شاهيءَ جو عملو مقرر ڪيائين.
مير صاحب پنهنجي والد وانگر شڪار جو شوقين هوندو
هو ۽ منشي هميشه گشت ۾ رهندو هو، تنهنڪري ملڪ جي
سڌاري جو سمورو بار وزير صاحب تي هو، جنهن کي صرف
نئين ڪم لاءِ مير صاحب کان دستوري منظوري وٺڻي
پوندي هئي.
(ب) ملڪي سڌارا:
وزير صاحب زراعت ۽ آبپاشي جي کاتن کي ترقي ڏئي،
ڪافي واهه کوٽرايا. شڪارگاهن کي محدود ڪري ڪيترائي
جهنگ ڪيرائي، اتي آبادي ڪرايائين، جنهن جي نتيجي ۾
رياست جي اپت پنجن لکن مان وڌي وڃي پندرهن لکن تي
پهتي.
.
جتي ڪٿي رستا ٺهي ويا، واهن تي پليون ٻڌجي ويون
۽ربيع جي آبادي لاءِ کوهه کوٽجي ويا، ان کان سواءِ
رياست جي حدن مان ريلوي جو گذر ٿيو. پوسٽ آفيس ۽
ٽيليگراف جو نئون محڪمو کوليو ويو. سرڪاري دفترن
لاءِ سٺـيون عمارتون تعمير ٿيون. هڪ سئو کان وڌيڪ
اسڪول کوليا ويا. هڪ لئبريري، هڪ وڏي اسپتال ۽ چار
ڊسپينسريون ٺهرايون ويون. مطلب ته رياست جي ذريعن
آهر قادر داد خان ڪافي سڌارا آندا. هن 1903ع ۾
وفات ڪئي ۽ سندس جاءِ تي سردار محمد يعقوب خان
وزير مقرر ٿيو، جنهن 1907ع تائين اڳين سڌارن کي
وڌايو. خيرپور ۾ انگريزي اسڪول جاري ٿيو ۽ ان سان
گڏ بورڊنگ هائوس ٺهيو، فيض محل جي نالي سان هڪ
عاليشان محلات به تعمير ٿيو.
|