سيڪشن؛ادب

ڪتاب: خيرپور  جي ميرن جي ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

باب:

صفحو:7 

جڏهن انگريز افغانستان تي چڙهائي لاءِ سنڌ سان وڃي رهيا هئا، تڏهن افغانستان جي بادشاهه، دوست محمد خان هنن کي خط لکيو هو ته ”اوهان انگريزن کي رستو ڏئي پاڻ لاءِ ڪنڊا پوکي رهيا آهيو. اسان کي اوهان جي حال تي افسوس آهي. اوهان اها حديث نه ٻڌي آهي ڇا ته ”جيڪو ڪنهن ظالم جي مدد ڪندو آهي ته خدا ان تي اهو ئي ظالم مسلط ڪندو آهي. اوهان جو ڪجهه ڪري رهيا آهيو، ان جو نتيجو اوهان کي جلد ملندو“(3).

ميرن جي انهي خط جي هدايتن تي عمل ڪرڻ جي مرضي هئي، مگر ويچارا مجبور هئا ۽ ڪجهه به ڪري نٿي سگهيا.

عين ان وقت انگريزن اليگزينڊر برنس کي حڪم ڏنو ته هو خيرپور جي ميرن کي لالچائي، خوف ڏياري، هنن سان تعلقات پيدا ڪري ۽ نئين عهدنامي تي دستخط وٺي. برنس خيرپور ۾ آيو ۽ ڇهن ڪلاڪن جي بحث کان پوءِ اڌاري طور بکر جي قلعي جو قبضو ورتائين (1).

حيدرآباد جا مير دانهون ڪندا رهيا، مگر انگيرزن ۽ شاهه شجاع جون فوجون اڳتي وڌنديون رهيون. شاهه شجاع شڪارپور کان ٿيندو اچي لاڙڪاڻي تي قبضو ڪري ويٺو. هوڏانهن انگريزي فوجون ڪراچي تي زوري قبضو ڪري حيدرآباد ڏانهن وڌڻ لڳيون. اهڙي ماحول ۾ انگريزن جا سفير حيدرآباد ۾ عهدنامي لاءِ زور ڀري رهيا هئا. مير نور محمد خان هڪ پيتي کولي سمورا عهدناما ڪڍي سندن اڳيان رکيا ۽ چيو ته ”آخر انهن عهدنامن جي قيمت ڇا آهي؟ جڏهن کان وٺي انگريزن جا سنڌ سان تعلقات شروع ٿيا آهن تڏهن کان وٺي هر روز نوان مطالبا پيش ٿيندا ٿا وڃن. اسان دوستيءَ جي نالي تي هر ڪا مدد ڏيڻ گهرون ٿا، مگر اها پڪ ملڻ گهرجي ته آئينده اسان کي وڌيڪ تنگ نه ڪيو ويندو“. مير جي آڏو سفير لاجواب ٿيل، مگر نئين عهدنامي لاءِ زور ڀريندا رهيا، نيٺ ميرن مجبوريءَ جي حالت ۾ 1839ع ۾ عهدنامو ڪري انگريز فوج جا پنج هزار ماڻهو پنهنجي خرچ تي سنڌ ۾ رهڻ ڏنا(3).

عهدنامي ۾ اهو به شرط وڌو ويو ته مير انگريزن جي پڇڻ کان سواءِ ڪنهن سان به خارجه تعلقات نه رکندا ۽ڪراچيءَ جو شهر انگريزن جي قبضي ۾ ڏيندا (1). ان عهدنامي کي چارلس نيپيئر جهڙي ظالم ماڻهو به ارهه زورائي ۽ بي انصافيءَ جو قدم سڏيو آهي(2). انهيءَ عهدنامي کانپوءِ انگريزن جون لشڪر خيرپور ۾ راس بيل کي ريزيڊنٽ ڪري افغانستان ڏانهن هليو ويو، جتي عارضي فتح حاصل ڪري، ظلم جي باهه ٻاري ڏنائين. انگريزن اتان ڪجهه لشڪر جنرل ويشائر کي ڏنو، جنهن قلات ۾ خونريزي ڪري اتي جي نواب مير محراب خان کي شهيد ڪري، ان جي جاءِ تي شاهنواز خان کي هٿ ٺوڪيو حاڪم بنايو(3).

خيرپور جو ريزيڊنٽ راس بيل (Ross Bell) مير رستم خان جي اندروني معاملات ۾ ناجائز دخل ڏيڻ لڳو، ايتري قدر جو سندس ڪاردارن کي سڏرائي سزا ڏنائين ۽ سندس وڏي وزير فتح محمد خان غوريءَ جي بي عزتي ڪيائين(4).

مير رستم خان پنهنجي وڏي پٽ مير حسن خان کي پنهنجو ولي عهد مقرر ڪيو، ته سندس ننڍي ڀاءُ مير علي مراد خان وڃي راس بيل کي دانهن ڏني ۽ راس بيل اڻ سڏيو مهمان بڻجي ولي عهديءَ جي معاملي ۾ ٽپي پيو ۽ فيصلو ڏنائين ته مير رستم خان جو جانشين مير علي مراد خان کي بڻايو وڃي(5).

خيرپور ۾ ڀائرن جي بي اتفاقي جاري هئي، ته سن 1841ع ۾ حيدرآباد جو حڪمران مير نور محمد خان گذاري ويو ۽ سندس جاءِ تي مير نصير خان ويٺو. ان وقت ميرن ۾ جتي ڪٿي خانگي جهڙا پکڙجي رهيا هئا، مير نور محمد خان جي پٽن جو ورثي تان تڪرار ٿيو، جنهن کي ميجر آئوٽرام وچ ۾ پئي ٽاري ڇڏيو. ٻئي طرف مير صوبدار خان به مير نصير خان ۽ ٻين ميرن جي برخلاف ٿي بيٺو هو. سنڌ ۾ بيقراري جي فضا قائم ٿي چڪي هئي، ته اوچتو افغانستان ۾ به انقلاب اچي ويو. شاهه شجاع کي قتل ڪري انگريزن جي ايلچيءَ کي بيدرديءَ سان ماريو ويو(1)

1842ع ۾ افغانستان ۾ جتي ڪٿي انگريزن جو ڪوس ڪيو ويو. اتان هار کائي موٽندي، واٽ تي سندن ساڍن سورهن هزارن ماڻهن مان صرف هڪ ماڻهو برائڊن (Briden) زنده موٽي آيو(2). افغانستان جي هار کانپوءِ لارڊ آڪلنڊ کي انگلنڊ موٽايو ويو، جيڪو ڍرو، گيدي ۽ ارادي جو ڪچو هو ۽ان جي جاءِ تي لارڊ ايلنبرو گورنر جنرل ٿي آيو، جيڪو تڪڙو، سخت ۽ هيٺلو هو(3).

لارڊ ايلنبرو افغانستان ۾ انگريزن جي وڃايل شان شوڪت واپس هٿ ڪرڻ جو پياسو هو. هن جڏهن سنڌو ندي جي پاڻيءَ جو وهڪرو ڏٺو، تڏهن سندس تصور ۾ سنڌ هٿ ڪرڻ جي باهه ٻري وئي(4).

هو لارڊ آڪلنڊ کان به وڌيڪ ظالم ثابت ٿيو. افغانستان جي لڙائي کان پوءِ ميرن جي احسان مڃڻ جي بدران الٽو مٿن ظلم شروع ڪري ڏنائين(5). هن 1842ع ۾ سر چارلس نيپئر جهڙي تڪڙي، چيڙاڪ ۽ مغرور ماڻهو کي سنڌ جو ريزيڊنٽ ڪري موڪليو(6)، جنهن اچڻ سان مصنوعي الزام هڻي، ميرن سان اهڙو برتاءُ ڪيو، جو ڄڻ ته سندس زيردست هئا ۽ کين ڪنهن به قسم جي خودمختياري ڪانه هئي(1). مير الزامن کي رد ڪندا ويا ۽نيپئر سندن قلعن تي زوري قبضو ڪندو ويو، ڇو جو کيس ملڪ فتح ڪرڻ جي لالچ هئي(2).

چارلس نيپئر پاڻ پنهنجي ڊائري ۾ ڪيترائي دفعا قبول ڪيو آهي ته(3).

(i)    اسان پاڻ ڌاڙيل آهيون، پر ڌاڙو قاعدي سان هڻڻدا آهيون.

(ii) مير ظالم آهن ۽اسان به ظالم آهيون، هنن کي اسان جو حڪم مڃڻو پوندو.

(iii)           اسان پاڻ عهدنامن جي ڀڃڪڙي ڪندا آهيون، پر ان جو اهو سبب ناهي ته ٻيا به ڀڃڪڙي ڪن.

(iv)            اسان کي مجبوريءَ واري حالت ۾ ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ وارو اصول اختيار ڪرڻو پوندو.

(v)  اسان لاءِ رئيس اهڙو هئڻ گهرجي، جيڪو اسان جي رحم و ڪرم تي هجي ۽ اسان جي غلامي ڏئي.

هڪ دفعي وري لکيو هئائين ته(4):

”مان سوئر وانگر اجايو وڙهي رهيو آهيان. انهيءَ هوندي به مون کي لازمي طور تي لڙائي ڪرڻي آهي“.

خيرپور جو مير علي مراد خان جنهن کي برٽن، حرفتي حريص ۽بي اصول سڏيو آهي، تنهن به چارلس نيپئر جو پاسو ورتو ۽پنهنجي ڀائرن جي برخلاف سندس سازشن ۾ شريڪ ٿيو. حيدرآباد جي ميرن مان مير صوبدار خان به هن سان ڳجهيءَ طرح لکپڙهه ڪندو ۽کيس پڪ ڏياريندو رهيو، ته جنگ جي حالت ۾ هو ميرن جو طرف نه وٺندو. هن سازش ۾ مير رستم خان جو هڪ پٽ مير علي مردان خان ۽ٻيا ڪجهه مير به مير علي مراد خان سان شامل هئا.

باغي اميرن جي ڳٺ جوڙ کانپوءِ چارلس نيپئر اڳي کان اڳرو ٿي، ميرن سان ارهه زورائي ڪرڻ ۽الزام هڻڻ لڳو ته هو انگريزن جي خلاف هئا. هن گورنر جنرل ڏانهن لکي موڪليو ته مير رستم خان لاهور جي راجا گبر سنگهه ڏانهن ۽ نصير خان بلوچستان جي بگٽي سردار بيبرڪ خان ڏانهن انگريزن جي برخلاف خط لکيا هئا. جان جيڪب جي تحقيق موجب اهي خط اصل ۾ ريزيڊنسيءَ جي هيڊ منشي علي اڪبر جا لکيل هئا، جيڪو مير علي مراد خان جي وزير شيخ علي حسين جو دوست هو. هونئن به چارلس نيپئر جا جيڪي به جاسوس هئا، سي ميرن جي مخالف ڪئمپ مان خبرون هٿ ڪندا هئا ۽ اهي خبرون مير علي مراد خان جي سازش سان گهڙيون وينديون هيون.

اهڙيون خبرون گهڙيندڙ سر چارلس نيپرئر جا منشي هئا، جيڪي وڏا شرارتي ۽ مير علي مراد خان جا پگهاردار هوندا هئا انهيءَ قسم جي جاسوسن مان ڪجهه هندو ۽ ٻيا اهي ماڻهو هئا، جن کي ميرن موقوف ڪري نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو هو .

حقيقت ۾ چارلس نيپئر سنڌ جي ميرن کي پنهنجي نئين دوست مير علي مراد خان جي اکين سان ڏٺو هو ۽پنهنجي سوچ موجب هنن کي ظالم سمجهي سندن صلح جا منصوبا رد ڪندو رهندو هو. گورنر جنرل لارڊ ايلنبرو ۽سندس سيڪريٽري مئڊرڪ کي وري سنڌ متعلق فقط اها ئي خبر هوندي هئي، جيڪا کين چارلس نيپئر موڪليندو هو.

اصل ۾ لارڊ ايلنبرو کي سنڌ کپندي هئي، تنهنڪري هن چارلس نيپئر کي سموريون اختياريون ڏئي ڇڏيون. نيپئر جنگ جو خواهان هو ۽ ان لاءِ مصنوعي ڪيس ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. ۽ نيٺ 4 ۽ 5 ڊسمبر 1842ع ۾ خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن اڳيان نوان عهدناما پيش ڪري هيٺيان شرط وڌائين:

(i)          ڀنگ ڀاڙي ۽ سبزل ڪوٽ جا علائقا نواب بهاولپور جي حوالي ڪيا وڃن.

(ii)       سکر، بکر ۽ ڀروارن ٻيٽن تي انگريز قبضو ڪن.

(iii)     سنڌونديءَ جي ڪناري مان هڪ سئو وال زمين انگريزن کي ڏني وڃي.

(iv)      انگريزن جو سڪو رواج ۾ آڻي، ان جي هڪ پاسي تي انگلينڊ جي راڻيءَ جي تصوير ڇاپي وڃي.

(v)        انگريزن کان مال جو محصول ۽ ڍلون معاف ڪيون وڃن.

ميرن لاءِ مٿيان شرط قبول ڪرڻ پنهنجي موت جي دستاويز تي دستخط ڪرڻ جي برابر هئا، ڇو جو هڪ طرف تي کين ملڪ جي ڪافي حصي تان هٿ کڻي مالي نقصان برداشت ڪرڻو ٿي پيو، ته ٻئي طرف تي سندن شاهاڻي وقار کي ڪاپاري ڌڪ ٿي لڳو ۽ ٽئين طرف تي سڪي تي راڻيءَ جي تصوير ڇپرائڻ سان سندن مذهب ۾ دخل اندازي هئي، تنهنڪري هنن پنهنجا وڪيل موڪلي عاجزي سان عرض ڪيو ته انهن شرطن ۾ ڪجهه ترميم آندي وڃي، پر چارلس نيپئر سندن هڪ به نه ٻڌي ۽ جلدي تعميل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. آخرڪار ميرن مجبور ٿي اهي شرط به قبول ڪيا.

چارلس نيپئر انهن عهدنامن جي توثيق ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي 8 ڊسمبر تي هڪ فرمان جاري ڪري، مير رستم خان جي ڪافي علائقي تي قبضو ڪيو ۽ ميرن جي ڪاردارن کي حڪم ڏنو ته هو ڍل نه اڳاڙين. انهيءَ ڪاروائي کان پوءِ ٽي دفعا مير صاحب ڏانهن دڙڪن ڀريل خط لکيائين ۽ سندس تخت گاهه تباهه ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏنائين(1) نه، فقط ايترو پر کيس حڪم ڪيائين ته هو پنهنجي فوج کان هٿيار لهرائي ڇڏي(2).

85 ورهن جي پوڙهي مير رستم خان حالتن کان مجبور ٿي چارلس نيپئر وٽ اچي پناهه وٺڻ جي التجا ڪئي، پر نيپئر کيس پنهنجي ڀاءُ مير علي مراد خان وٽ وڃي پناهه وٺڻ جو حڪم ڏنو(3). هو ويچارو ڪسمپرسي جي حالت ۾ پنهنجا ٻار ٻچا ميڙ ڪري، مير علي مراد خان وٽ ويو ۽ هن کي منٿون ڪري سمجهيائين ۽ اهو به وعدو ڪيائين ته جيڪڏهن هو انگريزن جي طرفداري ڇڏيندو ته رياست جي پڳ به سندس حوالي ڪئي ويندي. مير علي مراد خان ٺڳي ڪري هن کان پڳ تان دستبرداري جو عهدنامو لکرائي ورتو(4) مير علي مراد خان عهدنامي لکرائڻ شرط نيپئر کي اطلاع ڏنو ته ”مير رستم خان پڳ تان دستبردار ٿي ويو آهي“. چارلس نيپئر لکي موڪليو ته هو مير رستم خان سان پاڻ ملي پڪ ڪندو. اها ڳالهه پڙهي مير علي مراد خان پنهنجي پيرسن ڀاءُ کي اڌ رات جو ننڊ مان اٿاري خوف ڏياريو ته چارلس نيپئر کيس صبح سان اچي گرفتار ڪندو. مير رستم خان ٻي واهه نه ڏسي، راتو واهه ٿر ڏانهن ڀڄي ويو ۽ واٽ تان پنهنجي ماڻهوءَ هٿ چارلس نيپئر کي چورائي موڪليائين ته مير علي مراد خان ساڻس ٺڳي ڪري، عهدنامي تي زوري مهر هڻائي آهي.

چارلس نيپئر مير علي مراد خان کي ساڻڪري، ٿر ۾ وڃي جنگ جي اعلان ڪرڻ کانسواءِ امام ڳڙهه جو خالي قلعو بارود سان اڏائي ڇڏيو، جيڪو مير محمد خان ولد مير غلام حيدر خان جي ملڪيت هو ۽ جنهن انگريزن کي ڪڏهن به ڪنهن شڪايت جو موقعو نه ڏنو هو. اصل ۾ چارلس نيپئر کي جاسوسن ٻڌايو هو ته انهيءَ قلعي ۾ مير محمد خان جو ٽي لک ست هزار پائونڊ خزانو پوريل آهي ۽ هن جي لالچي نظر ان تي کتل هئي، پر حقيقت ۾ اتي ڪو به ماڻهو يا خزانو ڪونه هو.

مير رستم خان جي ڀڄي وڃڻ جو ٻڌي خيرپور ۾ اچي ڀاڄ پئي ۽ شهر خالي ٿي ويو. مير علي مراد خان جي وزير شيخ علي حسين اچي خيرپور جي خزاني تي قبضو ڪيو ۽ مير رستم خان جي وزير فتح محمد خان غوري کي به گرفتار ڪيائين مطلب ته نواب الهداد لغاري صوفيءَ جي لفظن ۾ خيرپور ٿي شور پور محشر جو مڪان.

مير رستم خان جي تڙ تڪڙ ۾ ڀڄڻ وقت سندس ديري جي ٻانهن ڏوليءَ تان ڪرندي ڀڄي پئي هئي ۽ سندس ٻه نوڪرياڻيون به ڌڪ کائي مري ويون هيون. هو دربدر ٿي پنهنجا قيمتي زيور وڪڻي، گذارو ڪندو، وڃي حيدرآباد جي ميرن وٽ سام پي.

مير رستم خان جو پٽ مير الهه بخش خان ۽ مير مبارڪ خان جا پٽ مير نصير خان ۽ مير ولي محمد خان پنهنجي ڏاڏي زنگي خان سميت اڳ ۾ ئي پنهنجن ڪجهه فوجي دستن سان حيدرآباد ويل هئا(1).

هوڏانهن چارلس نيپئر امام ڳڙهه جو قلمو نابود ڪري حيدرآباد تي چڙهائي ڪرڻ جي خيال سان اڳتي هليو. واٽ تي حيدرآباد جي ميرن جا وڪيل مهرون کڻي سندس ڪئمپ تي آيا ۽ چيائون ته هو ميرن جي طرفان عهدنامي تي مهرون هڻي ڏيندا، پر نيپئر هنن کي حيدرآباد موٽي وڃڻ جو حڪم ڏنو(2).

آخرڪار ميرن 12 فيبروري 1843ع تي عهدنامن تي دستخط ڪري، ميجر آئوٽرام جي حوالي ڪيا، جنهن نيپئر کي هڪ قاصد موڪليو ته هو پنهنجي ڪاهه کي ملتوي ڪري، پر لڳاتار پيغامن باوجود هن نهايت خطرناڪ حالت ۾ حيدرآباد تي پنهنجي ڪاهه جاري رکي(3).

چارلس نيپئر سڪرنڊ وٽ بلوچن جي سردار حيات خان مري ۽ نعيم خان مريءَ کي پنجويهن ماڻهن سميت گرفتار ڪيو. اها خبر ٻڌي ٻيا ٻروچ صبر وڃائي ويٺا (4) ۽ قرآن پاڪ تي وڙهڻ جو فيصلو ڪيائون ۽ چيائون ته: ”سنڌ جي زمين اسان کي ماءُ وانگر آهي. اولاد تي ماءُ پي جو وڏو حق آهي. اسان سنڌ جي خدمت ۾ پنهنجا سر قربان ڪنداسون. جيڪڏهن سر قربان نه ڪياسون ته نمڪ حرام ۽ احسان فراموش سڏباسون(5)“. اهو عهد ڪري هنن نيپئر کان نااميد ٿي وڃي آئوٽرام تي حملو ڪيو(6). ميجر آئوٽرام ان حملي لاءِ لکيو آهي: ”اميرن خواهه ٻروچن کي منهنجي توڙي منهنجي پهريدارن کي قتل ڪرڻ جو ڪو ارادو ڪونه هو، پر جنرل نيپئر جي ڪاهه هنن کي مجبور ڪيو هو ته هو پنهنجي تختگاهه جي حفاظت لاءِ اڳتي وڌي اچن ۽ مون کي ٻاهر ڪڍي ڇڏين. ميرن کي انتها تائين وڃڻ جو ارادو نه هو، جنهن جي ثابتي اهاآهي ته هو پنهنجي سموري ملڪيت ۽ عيال کي حيدرآباد ۾ ڇڏي آيا هئا(1).

ميرن اڃا به جنگ نٿي چاهي. هو مير حسين علي خان ۽ مير صوبدار خان جي پٽ مير فتح علي خان جي شادين جي تياريءَ ۾ مصروف هئا. پرنس سالٽي ڪاف (Solty Koff) جيڪو فيبروريءَ ۾ حيدرآباد آيو هو، تنهن به لکيو آهي ته ميرن کي ان وقت به صلح جي اميد هئي(2).

ميرن ۽ ميجر آئوٽرام جي لڳاتار ڪوششن جي باوجود چارلس نيپئر حيدرآباد جي ويجهو اچي پهتو. اهو حال ڏسي ميرن جا راڄ ۽ ٻروچ سڀني گڏجي مير نصير خان وٽ آيا ۽ ٻيون سڀ واهون بند ڏسي جنگ جي تياري ڪيائون. ٻاهرين سردارن ۽ راڄن ڏانهن ماڻهو موڪلي لشڪر ڪٺي ڪرڻ جو وقت ڪونه هو. لشڪر جيڪو حيدرآباد ۾ اڳ ۾ ڪٺو ٿي چڪو هو، اهو ساڻ ڪري مياڻيءَ جي ميدان ۾ پهتا. ان لشڪر ۾ جيڪي بلوچن جا قبيلا شريڪ ٿيا هئا، تن مان ڪن جا نالا سيد احسان علي شاهه ولد ثابت علي شاهه جي جنگ نامي جي هيٺئين بند مان معلوم ٿين ٿا(3).

ڀرڳڙي ۽ چانگ مري ٽالپر ڏورا هزار؛

۽ نظاماڻي مري کوسا ۽ کوکر نامدار؛

ڇلگري گوپانگ لاشاري لغاري بيشمار؛

رند ڪورائي جتوئي باگڙاڻي ٿيا تيار؛

خان خاناڻي ۽ شهواڻي ۽ شهداداڻي شير؛

چاڪراڻي ماڻڪاڻي ناسور سورهه دلير.

مير نصير خان سان خيرپور جو مير رستم خان ۽سندس پٽ ۽ ڀائٽيا به ڪٺا هئا. مير صوبدار خان ۽ مير مير محمد خان سندس ساٿ نه ڏنو، ڇو جو اهي ٻئي مير اندروني طرح انگريزن سان مليل هئا.انگريزن کين ڏٺو هو ته هو ملڪ فتح ڪري ميرصوبدار خان جي حوالي ڪندا. مير صوبدار خان قرآن پاڪ جا واسطا وجهي مير شير محمد خان ماڻڪاڻي کي به واٽ تان موٽائي ڇڏيو هو(1).

بهرحال ميرن جو ان وقت جمع ٿيل لشڪر ۽ انگريزن جو لشڪر، 17، فيبروري، 1843ع جي صبح تي مياڻيءَ جي ميدان تي هڪ ٻئي جي سامهون ٿيا. هڪ موتمار لڙائي لڳي. بلوچ سر جو سانگو لاهي، وڏي همت سان وڙهيا. ڪافي وقت تائين سندن پاسو زور هو، مگر اوچتو سندن توبخانو سرد ٿيندو ويو، جنهن تي دشمن قبضو ڪري ويا. بلوچن تلوار جا وڏا جوهر ڏيکاريا، پر پري کان ئي دشمن جي توبن ۽ بندوقن جي گولين سان ڦلن وانگر ڀڄندا رهيا. ميرن جي توبخاني جو ڪمانڊر هڪ يورپي جان هاول (John Howell) هو، جنهن جي غداريءَ سبب جنگ جي حالت بدلجي وئي. جان هاول جنگ بعد نيپئر جي داماد مئڪمرڊو اڳيان پاڻ اقرار ڪيو هو ته هن انگريزن جي خير خواهيءَ ۾ گولا اهڙيءَ طرح ٿي اڇلايا، جيئن مٿي هليا وڃن ۽ انگريزن جي لشڪر کي نقصان نه پهچائين(2).

محقق مولائي شيدائي، ليڊي برٽن جي حوالي سان لکيو آهي ته انگريزن ميرن جي توپچين کي اڳواٽ پئسا ڏيئي پنهنجي طرف ڪري ڇڏيو هو ۽انهن جنگ ۾ توبن جا منهن مٿي ڪري گولا ڇوڙيا هئا(3). اهي توبچي يورپي هئا ۽ جن سنڌ جي سردارن سان غداري ڪئي هئي، اهي مير علي مراد خان ۽ مير صوبدار خان جي سازش ۾ شامل هئا(4).

اها خونخوار لڙائي فقط ٽي ڪلاڪ هلي، جنهن ۾ انگريزن کٽيو ۽ ميرن هارايو.

هن لڙائي ۾ خيرپور جي ميرن مان هيٺيان مير شامل هئا؛ مير رستم خان جو چاچو مير زنگي خان، جيڪو لڙائي هلندي ڀڃي ويو هو. سيد احسان علي شاهه جي لفظن ۾:

 

مير رستم خان کي ڇڏي زنگي خان ڀڄي ٻيلي ۾ ويو(1).

مير رستم خان جا پٽ، مير علي اڪبر خان، مير دوست محمد خان ۽ مير الله بخش خان. مير مبارڪ خان جا پٽ ميرنصير خان ۽مير ولي محمد خان ۽مير غلام حيدر خان جو وڏو پٽ مير محمد خان.

انهن سڀني پنهنجن مختصر فوجي دستن سان مقابلو ڪيو ۽ پڇاڙيءَ تائين جنگ جي ميدان تي موجود رهيا. لڙائي هارجڻ وقت مير رستم خان جي حڪم سان مير محمد خان، مير علي اڪبر خان ۽ مير دوست محمد خان عورتن کي ساڻ ڪري ٿرواري رستي کان ڀڄي اچي مير محمد حسن خان سان مليا. مير رستم خان پنهنجن عزيزن سميت مير نصير خان سان قلعي ۾ آيو. سڀني گڏجي ٻار ٻچا ساڻ ڪري روپوش ٿي وڃڻ جي صلاح ڪئي، ته مير صوبدار خان جي ماڻهن ڪوڙي خان ۽ ٻين قلعي جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. مير صوبدار خان جي خاص صلاحڪار ديوان آوتيراءِ وڃي نيپئر کي پنهنجي مير جي طرفان مبارڪ پيش ڪئي. اهو واقعو جنگنامي ۾ هيٺين ريت آهي(2):

قفل ڏيئي ڳوٺ جو در بند ڪيو ڪوڙي يزيد،

مير قيدي ڳوٺ ۾ ڪيا هاءِ ان قوم عنيد،

 

ڪيئون صداقت مئون عداوت ٿيا ڦري سرڪش شديد،

خط نيان جرنيل ڏي جلدي منجهنون آوت پليد،

 

جيئين وڃي انگريز کي هٿن ۾ صاحب جي دعا

قيد ڪياسين ڳوٺ ۾ دشمن سندئي ڏيئي دغا.

ٻئي ڏينهن تي مجبور ٿي مير اچي پيش پيا. چارلس نيپئر کين چيو: ”پنهنجون تراريون واپس وٺو، جيڪي اوهان عزت سان منهنجي خلاف استعمال ڪيون آهن. مان اوهان کي بهادر ٿو سمجهان، مگر جيڪڏهن اوهان وري اسان جي برخلاف ٿيندا ته اوهان کي ڪتي وانگر ماري ڇڏيندس“. ائين چئي هنن کي نظربند ڪيائين. حيدرآباد وارن سان گڏ مير رستم خان، مير نصير خان، مير ولي محمد خان ۽ مير الله بخش ويو، جتي مير رستم خان ۽ سندس ڀائٽئي مير نصير خان وفات ڪئي. بعد ۾ ميرن کي ڪلڪتي ۽ هزاري باغ ۾ آندو ويو، جتي ڪيترائي مري کپي ويا، باقي جيڪي بچيا سي ڏهن سالن جي جلاوطني بعد 1854ع ۾ سنڌ موٽي آيا.

وڏي ناز ۽انداز سان نپايل سنڌ جي شهزادن فرنگين جي قيد ۾ جيڪي تڪليفون سٺيون ۽ ڏک ڏٺا، تن جو اندازو حيدرآباد جي آخري تاجدارمير نصير خان ”جعفري“ جي قيد ۾ چيل هڪ مثنوي سان لڳائي ٿو سگهجي، جنهن جا ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا.

به تن دردناڪ و به دل مستند،

گرفتار ناحق به قيد و به بند؛

 

نه آرام در شب نه راحت به روز،

همه روز در غم هم شب به سوز؛

 

نمي بودگرکشتن خود گناهه،

فگندم همين خويشتن را به چاهه،

به پيش خداوند عقل و هنر،

که مرگ است زين زندگي خوب تر؛

 

يکي غم نه باشد که دردم بسي،

که هرگز نه ديده مراورا کسي.

 

سنڌي ترجمو: ”اسان جي حوصلي سان ناحق گرفتار ٿي دردناڪ حالت ۾ پيا آهيون، نه ڏينهن جو چين ملي ٿو ۽ نه رات جو آرام نصيب ٿئي ٿو. سارو ڏينهن غم ۾ گذاريون ٿا ۽ ساري رات سوز ۾ مرون ٿا. جيڪڏهن خودڪشي گناهه نه هجي ها ته جيڪر پاڻ کي ماري ڇڏيون. اسان خدا کي حاضر ناظر سمجهي چئون ٿا ته هن زندگي کان موت بهتر آهي، اسان کي هڪ غم نه آهي جنهن جو ذڪر ڪريون. اسان ايڏن عذابن ۾ مبتلا آهيون، جيڪي ڪنهن به نه ڏٺا آهن.“

ميرن کي گرفتار ڪري ٻاهر موڪلڻ کان پوءِ انگريز پلٽڻون توبن سان گڏ ان قلعي ۾ داخل ٿيون، جنهن ۾ اڳ نر پکيءَ جو پر نه پوندو هو. شهر ۽ قلعي ۾ پورا ست ڏينهن ڦرلٽ جاري رکيائون. انگريزن هڪ عورت جي معرفت حرمسراءِ جي عورتن جي نهايت ڏکوئيندڙ نموني سان تلاش ورتي وئي. مطلب ته جو ڪجهه هٿ آيو، اهو ٻهاري کنيو ويو. آخرڪار کٽون به وٺي نيلام ڪرايون ويون. عورتون ويچاريون شرم جون ماريون پيرين اگهاڙيون ڀڄي نڪتيون. انهيءَ ڦرلٽ مان صرف چارلس نيپئر جي انعامي حصي ۾ ستر هزار پائونڊ آيا مياڻي جي جنگ ۾ انگريزن ۾ ميرن جي لشڪر متعلق عام تاريخن ۾ غلط بياني ٿيل آهي ته انگريزن جي فوج فقط ستاويهه سئو هئي ۽ بلوچ لشڪر ٻاويهه هزار يا ٽيهه هزار هو. اهو وڌاءُ نيپئر ۽سندس ساٿين رڳو پنهنجي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو هو. انگريزي فوج جي انداز بابت نيپئر جي ڀاءُ وليم نيپئر اڳ ۾ سترهن سون جو انگ ڏنو هو، پر جڏهن جنگ ۾ موجود ڪيترن انگريزن لشڪر جو وڌيڪ انداز ظاهر ڪيو تڏهن سترهن سون مان ڦيرائي اٺاويهه سئو ظاهر ڪيائين.، جيتوڻيڪ اهو تعداد به گهٽ ڏنل آهي(1).

23، آگسٽ 1849ع جي گورنمينٽ گزيٽ بمبئي ۾ جي. جي. او نمبر 435 ۾ ڏيکاريل انعام وٺندڙ فوجين جو تعداد ٿي 4731 آهي، تڏهن اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اصل فوج جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ به ساڍن پنجن هزارن ۽ ڇهن هزارن جي وچ ۾ ضرور هوندو. ميرن جو لشڪر به وڌ ۾وڌ ايترو ئي هو. (2)ڇو جو هنن کي جنگ ڪرڻ ۽لشڪر ڪشي ڪرڻ جو ارادو ئي ڪونه هو. هتي صرف اهي ٻروچ هئا، جيڪي ميرن جي سڏ کان سواءِ پاڻ اچي ڪٺا ٿيا هئا، اها جنگ نيپئر هٺ ڌرمي ڪري مٿن اوچتي مڙهي هئي.

مياڻي جي جنگ کان پوءِ مهيني کن ۾ جڏهن چارلس نيپئر وٽ انگريزن جون تازه دم فوجون پهچي ويون، تڏهن هن 24 مارچ 1843ع تي ميرپورخاص جي مير شير محمد خان تي ڪاهه ڪئي. انگريزن ۽ مير شير محمد خان جو مقابلو دٻيءَ جي ميدان تي ٿيو، جيڪو حيدرآباد ضلعي ۾ ٽنڊي عيسيٰ خان کٽياڻ جي ڀرسان ناريجن جي ڳوٺ وٽ آهي. مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ هي جنگ به وڏي خونخوار هئي، جنهن ۾ بلوچن جي بهادري ڏسي نيپئر خار ۾ پنهنجي مٿي جا وار پٽي رهيو هو، انگريزن جا سپاهي ڀڄڻ تي هئا، ته اوچتو قسمت جي ڪوتاهي سبب هڪ انڌيري اچي وئي، جنهن جو موقعو وٺي خان محمد خان ٺوڙهي غداري ڪري ميرن جي بارود کي باهه ڏئي ڇڏي. ان کان سواءِ مير خان محمد خان ماڻڪاڻي ۽ غلام محمد خان لغاري به ميدان ڇڏي ڀڄي ويا ۽ لشڪر ۾ افراتفري پئجي وئي(3)

عين جنگ هلندي خيرپور جي مير علي مراد خان نواب احمد خان ۽ ان جي ڪافي ماڻهن کي پاڻ وٽ نوڪريءَ جي لالچ ڏئي برغلائي ڇڏيو(4). انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ لڙائي جو پاسو بدلجي ويو ۽ شڪست جو آثار ڏسي، نواب اميد علي خان لغاريءَ جي صلاح سان مير شير محمد خان جنگ جو ميدان هوش محمد شيديءَ جي حوالي ڪري پاڻ ميدان مان نڪري ويو. هوش محمد شيدي وڏي همت سان لڙيو ۽ سنڌ تي  سر قربان ڪري شهادت پاتائين.

مير صاحب جنگ جي ميدان مان کسڪي، ميرپورخاص مان ٿيندو، عمرڪوٽ ۾ آيو ۽ هفتو کن انگريزن جي فوجي دستن سان مقابلو ڪري وري نئون ڪوٽ ۾ آيو. ان کانپوءِ شهدادپور، سڪرنڊ ۽ هالن جي ڀرسان ساڻن چڪريون کائيندو، ڪڇيءَ جي علائقي ۾ بگٽي سردارن جو مهمان ٿيو، جتي بروهين، بگٽين، ڊوميڪين، جکراڻين، بليدين ۽ بجاراڻين انگريزن جي خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو. چارلس نيپئر، مير علي مراد خان ۽نواب ولي محمد خان چانڊئي جي مدد سان انهن سڀني قبيلن تي چڙهائي ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي. اتان مايوس ٿي مير شير محمد خان قنڌار ۽ ڪوئيٽا جا چڪر ڪاٽي، لاهور جي ڀرسان سکن جي سرحد ۾ اچي مقيم ٿيو(1)

نيٺ پنجاب جي حڪومت تي به زوال آيو ۽مير شير محمد خان پاڻ کي گرفتاريءَ لاءِ پيش ڪري، پنهنجي گرفتار ٿيل ساٿين جي جان آزاد ڪرائي. مير صاحب پاڻ به 1854ع ۾ آزاد ٿي پنهنجي ڳوٺ اچي رهيو. هن آزاديءَ جي شمع جي پرواني به 1877ع ۾ رباني راهه ورتي.

انگريزن 1843ع ۾ سنڌ جون ٽيئي آزاد ۽ خودمختار حڪومتون ختم ڪري، سنڌ کي برطانيه سلطنت سان ملائي ڇڏيو.

انگريزن جي مٿي ذڪر ڪيل جنگين ۽سنڌ تي جابرانه قبضي متعلق ڪن انگريز مورخن جا ڪجهه رايا پيش ڪجن ٿا:

ميجر آئوٽرام لکيو آهي (2): ”مان ايمانداري ۽سچائي سان چوان ٿو ته اسان جيڪي ڪجهه سنڌ ۾ ڪيو آهي، اهو هڪ ظلم ۽ ڌاڙو آهي.“ مسٽر ٽيلر لکيو آهي: ”اسان افغانستان مان هار کائي موٽياسون، مگر انهيءَ هار سان گڏ اسان کي اهو به قبول ڪرڻ گهرجي ته هتي اسان جي سنڌ واري پاليسي به غلط هئي“ هڪ ٻئي انگريز ايلفٽن لکيو آهي : ”انگريز افغانستان مان هار کائي سنڌ جي ميرن تي اهڙي طرح حمله آور ٿيا، جيئن ڪو رستي تي موچڙا کائي، گهر ۾ اچي پنهنجن ٻارن کي ماريندو آهي.

مسٽر ڊيويز چيو آهي: ”ميرن انگريزن جي عهدنامن تي اعتراض ڪيا ته اهڙن شرطن مڃڻ سان سندن خودمختياريءَ تي حرف ايندو. انهن ئي اعتراضن جي ڪري چارلس نيپئر مٿن حملو ڪري سنڌ کي انگريزي حڪومت سان ملائي ڇڏيو.“

هڪ ٻئي انگريز مسٽر ٽروٽر لکيو آهي: ”سنڌ جي فتح اسان جو آخري دکدائڪ ڊراما هو.“

جان جيڪب پنهنجي ڀاءُ ڏانهن خط ۾ لکيو هو ته: ”سرچارلس نيپئر سڄي سنڌ ۾ ظلم جي باهه ٻاري ڇڏي آهي.“

جان ڪلرڪ لکيو آهي: ”سنڌ جي الحاق سپاهين ۾ بدنظمي ۽ بي اعتمادي جو ٻج پوکيو، جيڪو تيرهن سالن ۾ غدر جي صورت اختيار ڪري ويو.“

سمٿ باسورٿ جي لفظن ۾: ”سنڌ جي فتح هڪ بدنما داغ آهي، جنهن کي اسان جي سڄي قوم برداشت ڪيو ۽آئينده جي نسلن تائين اهو داغ ورثي ۾ رهندو ايندو.“

مسٽر سيٽن ڊيئرڊن راءِ ڏني آهي ته: ”سنڌ جو الحاق هڪ نفعي وارو ۽ڪارائتو بڇڙائي جو ڪم هو، جنهن لاءِ انگريزن کي پنهنجا اصول اورانگهي عهدناما ٽوڙڻا پيا.“

مسٽر اسپيئر جي لفظن ۾: ”اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ ۾ کنيل قدم انگريزن جي تاريخ ۾ هڪ بدنما داغ آهي.“

مسٽر مئرٽ جي خيال موجب: ”انگريزن کي ميرن کان ورتل شهر واپس ڪرڻ ڏکيا لڳا، تنهنڪري بهانا بڻائي، ڏکيا شرط مڙهيندا ويا ۽ آخرڪار حملو ڪري سارو ملڪ کسي ورتائون.“

مسٽر سمٿ جي راءِ موجب: ”اڄوڪي دور ۾ اهڙي قدم کي ڪو به قدر جي نگاهه سان نه ڏسندو.“

مسٽر اسپيٽ لکيو آهي ته: ”انگريزن افغانستان جي شڪست وارو ڌڪ سنڌ کي هڻي ورتو.“

مسٽر نيوٽن اظهار ڪيو آهي ته : ”هن قدم کي انگلينڊ ۾ گهڻو نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ويو ۽ ان تي نڪته چيني به ڪئي وئي، پرکنيل قدم تان هٿ کڻڻ مشڪل هو، آخرڪار لارڊ ايلنبرو کي هندستان مان برطرف ڪيو ويوـ“.

مسٽر رابرٽس لکيو آهي ته : ”اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به مورخ يا ماهر مياڻيءَ جي جنگ کي سٺو ۽ جائز نه ڄاتو آهي. ميجر آئوٽرام حيدرآباد جي لٽ مان هڪ رپئي کي به هٿ نه لاٿو ۽ نيپئر کي ستر هزار پائونڊ مليا. بورڊ آف ڪنٽرول جي ڊائريڪٽر سر جان هاب هائوس چيو ته جيڪڏهن لارڊ ايلنبرو کي حقيقتن جي خبر هجي ها ته ڪڏهن به انهيءَ قدم کي قبول نه ڪري ها.“

لارڊ آڪلنڊ جي نيت بابت هڪ انگريز شاعر مسٽر ڪيئي Kaye)) هڪ شعر لکيو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته : ”جڏهن حاڪم حق ۽ عدل وارا لفظ چوندا آهن، تڏهن سندن اهڙن ڪوڙن لفظن مان زمين ۽ آسمان ٻئي ڪڪ ٿي پوندا آهن.“

چارلس نيپئر کي خود انهيءَ غلط قدم جو احساس هو ۽ لفظ ”پڪاوي“ چئي قبول ڪيائين ته ”مون گناهه ڪيو آهي“.

چارلس نيپئر پنهنجي ڊائري ۾ لکيو آهي ته ”اسان کي سنڌ کسڻ جو ڪو حق ناهي، پر ان هوندي به اسان سنڌ ضرور کسينداسين، جيتوڻيڪ اهو هڪ وڏو اخلاقي ۽ بدڪرداريءَ وارو قدم ٿيندو.“


(3)  عطا محمد، مرزا، منشي: ”تاريخ تازه نوائي معارک“ ص 615 ۽ 616.

(1)  Hariran Gupta: “Mohan lal Kasmiri”, Minerva Book Shop, Lahore, 1943, p. 114 & 118.

(3)  لطف الله بدوي: ”تذڪره لطفي“، ڀاڱو ٻيو، حوالو ڏنل آهي، ص 49، 50 ۽ 51.

(1)  Azimushan Hyder, Dr: History of Karachi”, Feroz Sons, Karachi, 1974, p. 7.

(2)  محمد حنيف صديقي: ”مضمون مهراڻ“، ص 17.

(3)  گل خان نصير، مير: ”تاريخ بلوچستان، جلد اول“، اقبال اسٽيشنري مارٽ، ڪوئيٽه، 1952ع، ص 262.

(4)  ممتاز حسين، پٺاڻ، ڊاڪٽر: ”ڪئپٽن اسٽوڪ جي انگريزي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو“، ص 73 ۽ 74.

(5)  مير دوست محمد خان: ”سرگذشت ٽالپران فارسي قلمي“.

(1)  لطف الله، بدوي: ”تذڪره لطفي“، ڀاڱو ٻيو، حوالو ڏنل آهي، ص 53.

(2)  Azizmushan Hyder, Dr: “History of Karachi”, Feroz Sons, Karachi, 1974, p . 8.

(3)  Sorly, H.T, Dr: “The Imperial Gazeetteer of West Pakistan”, Govt. Press, Lahore, 1968, p. 177.

(4)  Percevol Spear: “Oxford History of Modern India”, University Press, London, 1965, p. 163 & 164.

(5)  Majumdar, Ray & Data: “An Advanced History of India”, Macmillon & Co:, London, 1961, p. 762.

(6)  Roberts, P. E; “Historical Geography of India”, University Press, Oxford, 1952, p . 328.

(1)  Majumdar, Ray & Datta: “An Advanced History of India”, Macmillan &Co:, London, 1961, p. 763.

(2) Byron Farwell: “Queen Victoria’s Little Wars”, Allen Lane, London, 1973, p. 27.

(3) Napier, W: “The Life & opinions of Sir Charles Napier”, Vol. II, John Murray, London, 1857, p.196, 217, 238, 269 & 301.

(4)  Rosam and Lawcence: “Charles Napier Friend & Fighter”, Johon Marray, London, 1952, p. 151.

(1)  محمد حنيف صديقي: ”مضمون مهراڻ“، حوالو ڏنل آهي، ص 19.

(2)  Allana, G.: “Our Freedom Fighters”, Paradise Subcriptions, Agency, Karachi, 1969, p. 104.

(3)  امير علي شاهه، سيد: حوالو ڏنل آهي، ص 72.

(4) Lambrick: “John Jecob of Jecobabad”, London, 1960, p. 71

(5)  Ibid:

(6) …………………………….missss

(1)  Butter, F. William, Sir: “Sir Charles Napier”, 4th Edition, Macmillians &Co: London, 1911, p. 60.

(2) Rahim, A. Dr: op. cit. p. 60.

(3) Ibid: p. 72.

(4)  لطف الله، بدوي: ”تذڪره لطفي“، ڀاڱو ٻيو، ص 56

(1)  John Clark Marshman: “Abridgement of the History of India”, Vol. IV, 2nd Edition, London, 1983, p. 433.

(2)  Rahim. A, Dr: op. cit, p. 64.

(3)  Echeson, C.V: “Treaties”, vol. VII, Nawalkishore, Lucknow, 1869. p. 13.

(4)  دوست محمد خان، ٽالپر، مير: ”سرگزشت ٽالپران“.

(1)  John Clark Marshman: op. cit. p 433.

(2)  Ibid:

(3)  Montgomery Martin: op.cit. p.451.

(4)  قليچ بيگ، مرزا: ”رياست خيرپور جي تاريخ“، حوالو ڏنل آهي، ص 77.

(5) نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر: ”ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1968ع، ص 130.

(6)  محمد حنيف، صديقي: ”مضمون مهراڻ“، حوالو ڏنل آهي، ص 19.

(1)   دوست محمد خان، ٽالپر، مير: ”سرگزشت ٽالپران“.

(2)  محمد حنيف، صديقي: حوالو ڏنل آهي، ص 19.

(3)  ايضا:

(4)  Rahim, A, Dr: op. cit. p. 67.

(5)  عطا محمد، مرزا، منشي: ”تاريخ تازه نوائي معارک“، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي، 1968ع، ص 655.

(6)  John Hudson: “Respresentative Men of the Bombay Presidency”. Govt: Press, Bombay, 1897, P. 47.

(1)  محمد حنيف، صديقي: ”مضمون مهراڻ“،حوالو ڏنل آهي، ص 19.

(2)  Rahim, A, Dr: op. cit. p. 67.

(3)   احسان علي شاهه، سيد: ”جنگنامو مياڻي“، قلمي مسودو، معلوڪ، ممتازمرزا، ٽنڊو آغا، حيدرآباد.

(1)  محمد حنيف، مهر، ڪاڇيلوي: ”تاريخ ماڻڪاڻي ٽالپر اردو“، پاسبان پرنٽنگ پريس، حيدرآباد، 1971ع ص 122.

(2)  Gray, C: “European Adventures of Northern India”, Govt. Press, Lahore, 1929, P 356.

(3)  رحيمداد، مولائي، شيدائي: ”جنت سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع، ص 742.

(4) دوست محمد خان، ٽالپر، مير: ”سرگزشت ٽالپران“، قلمي فارسي.

(1)  احسان علي شاهه، سيد: حوالو ڏنل آهي.

(2)   ايضا:

(1)  Rosam and Lawrance: op. cit. p p. 133, 134

(2)  محمد حنيف، صديقي: حوالو ڏنل آهي، ص 61.

(3)  محمد ابراهيم، خليل، مخدوم: ”تڪمله مقالات الشعراءَ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي، 1958ع، ص 714 ۽ 715.

(1) Montgomery Martin: op. cit. p. p 451, 452.

(2)  Robert, P.E: “Historical Geography of India”, University Press, Oxford, 1952 p. 329.

(1)  گل حسن، مرزا، احسن، ڪربلائي: ”مضمون جنگنامو مياڻي“، رسالو مهراڻ، 1-2، حيدرآباد، 1957ع، ص 144.

(2)  گل حسن، مرزا، حسن، ڪربلائي: حوالو ڏنل آهي، ص 415.

(3) محمد حنيف، مهر، ڪاڇيلوي: حوالو ڏنل آهي،  ص 79.

(4)  عطا محمد، منشي، مرزا: ”تاريخ تازه نوائي معارک“، حوالو ڏنل آهي، ص 696.

(1)  محمد حنيف، مهر، ڪاڇيلوي: حوالو ڏنل آهي، ص 80 کان 84.

(2)  Goldsmid: “James Outram”, Vol. I. 2nd Edition, Smith Edler &Co. London, 1881, p. 314.

(1)  Butler, W.F: “Sir Charles Nepier”, Macmillan &Co: London, 1911, p. 108

(2)  Byron Farwell: “Queen Victoria’s Little Wars”, Allen Lane, London, 1973, p. 30.

(3)  Griffith Device, J.D: “A New History of England”, William Heincuanu, London, 1932, p. 150

(4)  Trotter, L. J: “Rulers of India”, Clarenden Press, Oxford, 1905, p. 214.

(5)  Lambrick, H.T: “John Jecob of Jecobabad”. Op. cit. p. 121.

(6)  John Clark Marshman: op. cit. p. 436

(1) Smith Boswrth: “Life of Lord Lawrence, Nawal Kishore, Luckow, 1886, p. 157.

(2) Setan Dearden: “The Arabian Knight”, Arther Barket, London, 953, P.17.

(3)  Percival Spear: “Oxford History of Modern India”, University Press, London, 1865, p. 165.

(4)  Marriot, J. A. R: “A History of England:, Vol. VII, 3rd Edition, Mathuen & Co. London, 1919, p. 272.

(5)  Smith, A: “The Oxford History of India”, 3rd Edition, Oxford University Press, London, 1958, p. 609.

(6)  Spate, O. H.K: “India & Pakistan”, Mathuen & Co: London, 1956.

(1)  Newton, A. P: “A Hundred Years of British Empire”, Duckworth, London, 1947, p. 130

(2) Roberts, P.E: “Historical Geography of India”, Oxford University Press, 1952, p. 329.

(3)  Rahim, A. Dr: op. cite. P. 57.

(4)  WilliamSons, T.A: “The foundation & Growth of the British Empire”, 5th. Edition, Macmillan & Co; London, 1953, P. 307.

(1)  Frazer, R.H: “British India”, t. Fisher Huwin, London, 1908, p. 238.

Denis Richards &Hunt: “Modern Britian”, Longmans Gren &Co. London, 1954, p. 368.

Ghulam Mustafa Shah: “The Britishinthe Subcontinents”. Feroz Sons, Lahore, 1964, P. 59.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org