[21]
تنهنجو خط پهتو ۽ احوال معلوم ٿيو. تون هميشه ئي
عجيب و غريب سوال پڇندو رهندو آهين. ڪن ڪن سوالن
جا جواب مون وٽ به نه هوندا آهن. هن دفعي تو هڪ
اهڙو سوال پڇيو آهي جو اهوسوال پڙهندي منهنجا
پلڪ پسي پيا. تو سنڌ جي شان ۽ شوڪت مان ۽ مرتبي،
سونهن ۽ سوڀيا جو ذڪر ڪندي منهنجي دل تي نقش ٿيل
خوبصورت يادگيرين جي ڪيترن ئي ڪتابن جا وسري ويل
ورق ورائي ڇڏيا آهن. مان ڀانيان ٿو ته انهن نيڻن
۾ نور ۽ سيني ۾ سرور پيدا ڪندڙ، من کي موهيندڙ ۽
روح کي راحت ڏيندڙ رس رهاڻين کي ڪهڙي قلم ۽ ڪهڙي
زبان سان قلمبند ڪريان. سرسبز ۽ سونهاري، سندر ۽
سهڻي سٻاجهڙي سنڌ جي سکين ستابن، صداقتن ۽
سچائين، سهوليتن ۽سنهنجائين
وارن سکر ڏينهن کي ساريندي نيڻن مان نير نڪري
نروار ٿيندا آهن. آءٌ گهڻو ڪري ماضيءَ جي وسريل
يادگيرين کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهيان. ڇو
ته اهي يادگيريون منهنجي دل ۽ دماغ تي عجيب و
غريب اثر پيدا ڪنديون رهنديون آهن.
جڏهن به ماضيءَ جون محبت ڀريون محفلون ۽ مجلسون،
انس ۽ الفت واريون من موهيندڙ ملاقاتون، روح کي
راحت ڏيندڙ راتيون، قلم کي قرار ڏيندڙ قرب، اندر
۾ آرام ڏيندڙ الفتن، سرير کي سک ڏيندڙ سهنجاين
کي ساريندي، هنجون هارجي وينديون آهن. تڏهن
منهنجا دوست! ڪنهن کي ياد ڪري، ڪنهن کي ياد ڪجي
۽ ڪنهن کي وساري، ڪنهن کي وسارجي. جيڪڏهن انهن
سمورن گذري ويل قصن ۽ ڪهاڻين، واقعن ۽ وارداتن،
موقعن ۽ مهلن ۽ محفلن ۽ مجلسن، ميلن ۽ ميلاپن،
محبتن ۽ مروتن، انس ۽ الفتن، نزاڪتن ۽ نفاستن،
برادرين ۽ برابرين، لڳ ۽ لاڳاپن، وجهه ۽ واسطن،
تعلقاتن ۽ تنوارن جي دلي داستانن کي قلمبند ڪري
ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪبي ته سنڌ جا ڪيئي
سونهري دور جيئرا ٿي اکين آڏو اچي بيهندا.
سڄڻ سائين! موجوده دورنگي دور کي ڏسي اهو احساس
ٿو ٿئي ته، نه اها سسئي نه اهي سور، نه اها سڪ
نه اهو سوز،
نه اهو پنهون نه اها پچار، نه اهو ڪيچ نه اها
ڪاهه، نه اهو ڀنڀور نه اهي بهارون، نه اهي جبل
نه اهي جهنگل، نه اهي رستا نه اهي راهون، نه اهي
پنڌ نه اهي پيچرا، نه اهي گس نه اهي گام، نه اها
سهڻي
نه اها سير، نه اهو ميهر نه اها محبت، نه اهي
ڪپر نه اهي ڪانهن، نه اهي گهيڙ نه اهي گهاٽ، نه
اهي درياه نه اهي ڌڌڪا، نه اهي لهرون نه اهي
لوڏا، نه اهي ڪن نه اهي ڪڙڪا، نه اهي ڀاڻ نه اهي
بيٺڪون، نه اهي جهانگي نه اهي سانگي، نه اهي مال
نه اهي مارو، نه اها مومل نه اها ماڙي، نه اهي
راڻا نه اهي راڄ، نه اهي محل نه اهي ماڙيون، نه
اهي باغ نه اهي بنگلا، نه اهي مال نه اهي مڏيون،
نه اها ڪاڪ نه اهي ڪنگ، نه اها سومل نه اها
سياڻپ، نه اها مارئي نه اهو ملير، نه اهو عمر نه
اها ارڏائي، نه اهي ڪوٽ نه اهي قلعا، نه اهي
پابنديون نه اهي پهرا، نه اهي بندشون نه اهي
بار، نه اهي قيد نه اهي ڪاٺ، نه اهي بندشون نه
اهي بار، نه اهي قيد نه اهي ڪاٺ، نه اهي تڙ نه
اهي بر، نه اها ساوڪ نه اها سرهاڻ، نه اهي گل نه
اهي ڦل، نه اهي وڏڦڙا نه اهي وسڪارا، نه اها
نوري نه اهو نياز، نه اها نؤڙت نه اها نهٺائي،
نه اها عاجزي نه اها انڪساري، نه اهو تماچي نه
اها طلب، نه اهو ڄام نه اهو طعام، نه اها ڪينجهر
نه اهي ڪنڌيون، نه اهي تڙ نه اهي تنواريون، نه
اهو چنيسر نه اها ليلا، نه اها سورٺ نه اها سڪ،
نه اهو ساز نه اها سئن، نه اهو ٻيجل نه اها
ٻولي، نه اهو ڏياچ نه اهو ڏيڻ، نه اهو مورڙو نه
اهي ميربحر، نه اهي مڇ نه اهي مانگر، نه اهي مڙس
نه اهي معاملا، نه اهي مقابلا نه اهي محاذ
آرايون، نه اهي راڄ نه اهي ڀاڳ، نه اهي ڪچهريون
نه اهي قدردانيون، نه اهي بهادر نه اهي بيٺڪون،
نه اهي من موهندڙ ماڻهو، نه اهي ڄاڻو، نه اهي
سنگتي نه اهي ساٿي، نه اهو انس نه اها الفت، نه
اها محبت
نه اها مروت، نه اهو مان نه اهو شان، نه اهي
بيان نه اهي باتيون، نه اهي حقيقتون نه اهي
حڪايتون، نه اهي قصا نه اهي ڪهاڻيون، نه اهي
محفلون نه اهي مجلسون، نه اهي ميل نه اهي
ملاقاتون، نه اهي سگهڙ نه اهي سياڻا، نه اهي دور
انديش نه اهي دانشمند، نه اهي سخن سنج نه اهي
سخن فهم، نه اها روح رهاڻ نه اها راحت، نه اهي
سلام نه اهي سنيها، نه اهي پيغام نه اهي پرچا،
نه اهي سک نه اهي سڻايون، نه اهي راڳ نه اهي
رمزون، نه اهي وجهه نه اهي واسطا، نه اهي لڳ نه
اهي لاڳاپا، نه اهي راحتون نه اهي رنگينيون، نه
اهي صوفي نه اهي صادق، نه اها سمجهه نه اها
سچائي، نه اها صداقت نه اها سڌ نه اهو سماءُ، نه
اها ساڃهه، نه اها سوچ نه اها لوچ، نه اهي اديب
نه اهي عالم، نه اهو ادب نه اهو علم، نه اها
تحقيق نه اها تڙپ، نه اهو نثر نه اهو نظم، نه
اها ترقي نه اها تيزي، نه اهي لکندڙ نه اهي
پڙهندڙ، نه اهي تقريرون نه اهي تحريرون، نه اهي
استاد نه اهي شاگرد، نه اها تعليم نه اها تربيت،
نه اهي مدرس نه اهي درس، نه اها تهذيب نه اها
تمدن، نه اهي سهولتون نه اهي
سهنجايون،
نه اهو آرام نه اهي آسائشون، نه اهي دلبر نه اهي
دلنوازيون، نه اها دلڪشي نه اها دلنشيني، نه اهي
قاصد نه اهي ڪاريگر، نه اهي رهبر
نه اهي رهنما، نه اهي قدردان نه اهي ڪم ڪندڙ، نه
اهي راکا نه
آهي
رکپال، نه اهي سخي نه اهي سخاوتون، نه اهي مهمان
نه اهي ميزبان، نه اهي ساقي نه اهو ساغر، نه اهي
پياڪ نه اهي پياسا، نه اها پريت نه اهي پچارون،
نه اهو پيار نه اهي پيار ڪندڙ، نه اهي يار نه
اهي ياراڻيون، نه اهي ماڻهو نه اهي مانجهي، نه
اهو مان نه اهو امن، نه اهو اتفاق نه اهو اتحاد،
نه اها صلح نه اها سانت، نه اهو عدل نه اهو
انصاف، نه اهو قاعدو
نه اهو قانون، نه اها غذا نه اها فضا، نه اهي
مندون نه اهي موسمون، نه اهي ڏينهن نه اهي
شينهن، گويا هن وقت سموري دنيا بدليل آهي.
جنهنڪري ڪنهن به شيءِ جي انتها جو اندازو لڳائڻ
نه صرف مشڪل پر ناممڪن ٿي پيو آهي. نيڪي نالي
ماتر گوشه نشينيءَ ۾ غرق آهي ۽ بديون بيشمار
بالا خانن ۾ بهاريون ڪنديون رهن ٿيون. جنهنڪري
هيئن چوڻ کان رهي نه ٿو سگهجي ته:
”ڏٺو سڀ وسار ۽ اڻ ڏٺي کي ياد ڪر“
ابن الوقت ڪاريگرن ۽ پيشيور خوشامندڙين ۽ اقتدار
جي پوڄارين امن و امان ۾ رنڊڪون وجهندڙ، نفرت ۽
منافقي ڪندڙن ٺلهي ”ها ۾ ها“ ملائيندڙن ۽ سڀ
ڪجهه ٺيڪ چوندڙن، چغل خورن، گلا ۽ غيبت ڪندڙن،
سفيد پوش پيداگيرن، درٻاري ذهنيت رکندڙن، بيجا
خوشامند ڪندڙن، ٻچاپڙن، دلالي ڪندڙن دلالن،
شرافت ۽ خاموشيءَ مان ناجائز فائدو وٺندڙن کان
پاسو ڪرڻ گهرجي.
(وفائي)
[22]
خط تنهنجو پهتو. هن دفعي تو قلم ۽ ڪتاب جي باري
۾ سوال ڪيو آهي. گويا ائين سمجهڻ گهرجي ته تو هڪ
علمي ادبي بحث ڇيڙن جي ڪوشش ڪئي آهي.
منهنجا دوست! قلم جي ڪرت ۽ ڪار، دنيا جي سمورن
ڪمن ڪارن ۽ ڪاروبارن، وڻج واپارن، وندر ۽ وروحن،
روح ۽ رهاڻين، خوشين ۽ خوراڪن، آرام ۽ آسائشن،
مال ۽ملڪيتن، باغ ۽ بنگلن، محلن ماڙين، زر، زور
۽ زمينن کان زياده آهي. شل نه ڪنهن ماڻهو جو قلم
سان وجهه واسطو، لڳ لاڳاپو ۽ لؤن لڳي وڃي، پوءِ
سڄي زندگي ان همراه جو قلم سان قرب قائم ۽ دائم
رهندو ايندو، جيئن ته قلم ٽن اکرن جو ننڍڙو،
سهڻو، دلڪش ۽ دلنشين لفظ آهي. پهريون اکر ”ق“ ۽
پوءِ ”ل“ ان بعد ”م“. ”ق“ سان قرب ”ل“ سان لڳ
لاڳاپو ۽ لؤن، ”م“ سان محبت ۽ مروت، جڏهن ۽ جتي
به مٿيون خوبيون ۽ خاصيتون هڪ هنڌ اچي گڏ
ٿينديون، اتي ضرور نيڪي ۽ نصيحت ڀريا نڪتا نڪري
نروار ٿيندا آهن، جيڪي نيڻن ۾ نور ۽ سيني ۾
سرور پيدا ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندا آهن
.هونءَ به قلم، قوم جي طرفان، اديب وٽ امانت
هوندو آهي، امانت جي حفاظت ڪرڻ عظيم عبادت
آهي
۽ امانت ۾ خيانت ڪرڻ، هڪ ناقابل معافي جرم هوندو
آهي. دنيا جي وڏن اديبن، قلم جي وقار ۽ آبروءَ
کي برقرار رکڻ لاءِ پاڻ تي سوين سور ۽ سختيون،
ڏاڍ ۽ ڏاڍايون، ڏک ۽ ڏولاوا، ڏمر ۽ ڏهڪاءَ،
ڏر ۽ ڏوهه سهندا رهيا، مگر قلم جي عظمت کي ڪڏهن
به مجروح نه ڪيائون.
قلم جي تاريخ جي وصفن تي ويهي واکاڻ ڪبي ته ڪيئي
دفتر درڪار ٿي ويندا. هاڻي هي ڏسڻو آهي ته جن
اديبن وٽ قلم آهي، اهي قلم کان ڪڏهن، ۽ ڪهڙو ۽
ڪنهن وقت ڪارائتو ۽ ڪم وارو ڪم وٺندا رهن ٿا. ڇو
ته اديب تي به ڪي اهم جوابداريون عائد هونديون
آهن. اديب ڇو ته لکي، ڇالاءِ ٿو لکي، ڪنهن لاءِ
ٿو لکي، ڪيئن ٿو لکي، ڪڏهن ٿو لکي، ۽ سندس لکڻين
۽ لکتن جا ڪهڙا نتيجا نڪري نروار ٿيندا آهن.
منهنجي خيال موجب نب جي نوڪ هڪ ترازو مثل آهي،
جنهن ۾ هر حقيقت ۽ حڪايت، شڪوه ۽ شڪايت کي نهايت
ئي سوچي سمجهي، ڄاڻي سڃاڻي، ڇنڊي ۽ ڇاڻي، ڏسي
وائسي ۽ تڪي توري پوءِ ڪاغذ جي سيني تي پڙهندڙ
لاءِ پيش ڪجي ٿو. هونءَ به جيستائين پڙهندڙن جي
سوچ سمجهه، فهم، ۽ فراست، عقل ۽ ادراڪ مطابق ڪا
به ڳالهه قلمبند نه ڪبي تيستائين هو اديب جي
ڪنهن به ادا تي فدا نه ٿي سگهندا.
هر هڪ دور جڏهن ختم ٿيندو آهي، تڏهن نئون دور ان
جي جاءِ نشين ٿيڻ سان گڏوگڏ اڳئين دور جي هر هڪ
شيءِ کي مٽائيندو ۽ ميسار ڪندو، وقت ۽ حالتن سان
ساٿ ڏيندو، تيزيءَ سان اڳتي وک وڌائيندو رهندو
آهي. صرف وقت جو مثال وٺجي ٿو ته وقت هڪ اهڙي
شيءِ آهي، جنهن جي اچڻ ۽ وڃڻ
جو اندازو اڄ ڏينهن تائين سمجهدار ۽ سياڻا،
سگهارا سگهڙ ۽ سوچيندڙ نه سوچي سگهيا آهن ۽نه
سمجهي سگهيا آهن. ڪيترا اديب اهڙا به آهن، جيڪي
ادب جي اوٽ ۽ اولڙي ۾ اُهي
اُهي
ارڏايون، اڻانگيون ۽ اوباشيون ڪندا رهن ٿا، جن
جي حرڪتن ۽ حرفتن تي صحيح ۽ صاف ادب شرمسار
ٿيندو رهي ٿو. ڪيترا اهڙا به عظيم ۽ اعليٰ اديب
آهن، جيڪي مصلحت جي منجهائيندڙن معاملن جي حالتن
۽ حقيقتن کان آجا ۽ آزاد ٿي ڪري ماروي کي ”ميم“
سان مشابهت ڏيڻ جي بجاءِ پنهنجي، جذبات ۽
احساسات کي نهايت ئي بيباڪي سان بنياد ڪندا
رهندا آهن. جيئين ته هر جنس جون هن ملڪ ۾
مارڪيٽون ۽ منڊيون موجود ۽ مقرر ٿيل آهن، تيئن
علم ۽ ادب، ڪتاب ۽قلم جا ڪاروبار ۽ ڪارخانا به
قائم ڪيل آهن. اهو ڪاروبار به سوَن
سود خور سوداگرن جي معرفت ٿيندو رهي ٿو. ان
وڪامندڙ وکر جو ذڪر ڪهڙي زبان ۽ ڪهڙي قلم سان
قلمبند ڪجي.
جنهن تاريخ جي نازڪ
دور مان اسان گذري رهيا آهيون، انهيءَ دور ۾ وڏي
۾ وڏو ظلم، جيڪو ڪتاب ۽ قلم سان ٿي رهيو آهي ۽
ٿيندو رهي ٿو، جيڪڏهن انهن ٻنهي مظلومن جي ظلم
جي داستانن کي دهرائبو ته ڪيترن دليرن جون دليون
دهلجي وينديون. قلم ۽ ڪتاب جو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان
باقاعده مقابلو ٿي رهيو آهي ۽ هڪ ٻئي جون
اوڻايون ۽ عيب، ڪمزوريون ۽ڪوتاهيون بيان ڪندي
پنهنجي عزت ۽ عظمت جي داد حاصل ڪرڻ لاءِ دانهون
ڪندا رهن ٿا. پر هن اقتصادي تيز طوفان جي وهڪري
۾ ڪتاب ۽ قلم جون ڪير ويٺو ڪاڻيون ڪڍي. تاريخ جي
ورق ورائڻ سان معلوم ٿي رهيو آهي ته هر دور ۾
قدر ۽ ناقدري جا ڪيئي واقعا ۽ وارداتون ٿينديون
رهيون آهن ۽ ٿينديون رهن ٿيون. مگر افسوس، جو
قلم ۽ ڪتاب جي ناقدري جو ههڙو دور نه پڙهڻ ۾
آيو، نه ڏسڻ ۾ آيو. خبر ناهي ته اسان جا اديب،
عالم، فاضل، محقق، مفسر، محدث، معاملي شناس،
صحافي، دانشور ۽ شاعر هن وقت قلم ۽ ڪتاب جي قدر
وڌائڻ لاءِ ڪهڙو قدم کڻي رهيا آهن. منهنجو ذاتي
خيال آهي ته جنهن ملڪ ۽معاشري ۾ ڪتاب ۽قلم جو
صحيح قدر ۽ قيمت قائم ڪيل نه آهي. ان ملڪ ۽
معاشري جي ماڻهن جي ذهنيت متعلق ڇا لکي ڇا لکجي.
خدا ڪري اسان جي ملڪ جا اديب، قلم جو وقار قائم
ڪندي، ڪتابن جو قدر ڪندا ته بهتر ٿيندو.
قلم ۽ ڪتاب به عجيب شيون آهن. شل نه ڪنهنجو انهن
ٻنهي سان وجهه واسطو ۽ لڳ لاڳاپو پوي، پوءِ سڄي
زندگي ان ماڻهو کي انهن مان نجات نصيب نه ٿيندي.
اهي بادشاهه وٽ هجن يا فقير وٽ، ڪرت ساڳي هوندي
آهي، مگر استعمال ڪرڻ جو انداز جدا جدا هوندو
آهي.
(وفائي)
[23]
خط پهتو ۽ احوال معلم ٿيو. تو هن دفعي سرسبز ۽
سکي ستابي
سکر
سنڌڙي جي سکين ۽ساون ڏينهن جي متعلق سوال
پڇيوآهي. منهنجا دوست گذري ويل زماني جي حسين
يادگيرين کي ياد نه ڪجي ته بهتر آهي. ورنه اهي
سمورا زمانا اکين آڏو اچي بيهن ٿا. مان هتي سنڌ
جي وساريان نه وسرن جهڙن سونهري ورقن کي ورائڻ
جي ڪوشش ڪيان ٿو.
سنڌ لفظ جي پڙهڻ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ سان اهل دل انسان
اڳيان، سوين سونهن ڀريا اکر سامهون اچي وڃن ٿا.
سنڌ سان ثقافت، سخاوت، صداقت، سياست، سياحت،
سنگت، سانت، سنگيت، ساعت صورت، سيرت صفت، سنت،
سرت، سلامت، سوغات، صلوات، سائين، سدائين سڪار،
سانگي، ساڌا سوڌا، سنوان سڌا، سٻاجهڙا، ساٿي،
ساد، صفا، سچا، سگهڙ، سياڻا، سمجهدار، سورما ،
سگهارا، سورهيه سکيا، ستابا، سڻڀا سڄر، سرها،
سرواڻ، سامي، سلوڪ، سخن گو، سخن سنج، سخن فهم،
سمجهه، سوچ، سوجهرو، سليقو، سانهه، صبر، سک،
سڻايون، سيج سواري، صاف ۽صفايون، صوفي سولو ۽
سنجهايون، سٺو ۽ سٺايون، سار ۽ سنڀال، سرهاڻ ۽
سينگار، سماءُ، سٻر، سير سپاٽو، ساٺ، سنوڻ،
سانگ، سورٺ ساز، سڪ، سوز، ساقي، ساغر، صبح صادق،
سوير، سانجهي، سومهاڻي، سهنجي، سولي، سرسبز،
سلوڪ، صلح، صفائي، سنڌاڻ، سامهون، سال، سن
صديون، سفر سجاڳي سرنگ، سگهه، سونا، سنج، سچ،
سرس، سنها، سهڻ، سمهڻ، سلام، سنها، سپ، صنم،
سهڻو، سهڻي، سسئي، سبڻ، سٻنڌ، سنگم، ساهه، ساڻ،
سانڍڻ، سگهو، سائو، سفيد، ساراهه، ساوڻ، سيف،
صندوق، صندل، سير، سمورا، صرف، ستر،
سستو، سهانگو، سودو سلف، سڄر، سڀاڳو، سٿيل سڌ،
سماءُ، سمڪ، سيلارجن سرڙجن، سمو، ساهي، سردار،
سرڪي، سوائي، سواد، سڻڀو، سوڙهه، سوڙ، سمهڻ،
سيارو، سرڪڻ، سرتيون، سگهاريون، سوکڙي،
سايو، سعيو، سٿا، سورميون، ساهڙ، سٿر، ستار،
سيد، سعيد، صياد، سلڇڻو، سانڀر، سوسيون، سڄايو،
صالح صفدر، سلطان، ساران، صفوران، سردي، سومر،
صفر، سڌريل، سنواريل، صاحب، صحافي، صفحو، صمند،
صف، سٿڻ، سلوار، سرخ، سرڪو، سرخو، سيڙپ، سستائي،
سهنگائي، سالارا، سرتاج، سيڙي، سمنڊ، سنڀالي،
سموهي، سينگار، سوار، سلامي، سر، سوري، سارنگ،
سانوڻ، سڻائڻ، گويا اهڙا سوين اکر سنڌ لاءِ
استعمال ڪري سگهجن ٿا. هونئن به سنڌ جي سونهن
۽سوڀيا لاءِ سڀ ڪو ساراهه جون سرڪيون ڀريندو
رهيو هو، ڀريندو رهي ٿو ۽ ڀريندو رهندو.
انسان جي ذهني نشونما ۽ اوسر تي وڏي ۾ وڏو اثر
سماجي ۽ اقتصادي حالتن ۽ وطن جي جاگرافيائي حدن
جو ٿئي ٿو، مگر اسان جي سرسبز، سٻاجهي سنڌ ديس
جي پنهنجي مٿي هڪ جدا تهذيب، تمدن، علم ۽ ادب،
تاريخ ۽جاگرافي ۽ ان سان گڏ سوچ ۽ سمجهه جو
انداز ئي نرالو ۽ نئين رنگ ۽ ڍنگ جو آهي. سنڌ جي
ڪنهن به پهلوءَ تي جيڪڏهن تحقيقات ڪبي ت هاسان
کي ڀلائي ۽ بهبودي، صلح ۽ سانت، امن ۽ امان نظر
ايندو رهندو. مگر وقت جي انقلابن زماني جي اٿلن
پٿلن ۽تيز طوفانن جي اچڻ ڪري ملڪن ۽ قومن جون
عادتون ۽ اطوار، تهذيب ۽ تمدن، شان ۽ شوڪت، مان
۽مرتبو، عزت ۽ آبروءِ
گويا ان زمين جو سمورو معاشرو زير ۽ زبر ٿي ڪري
نئين آيل طوفان جو اثر قبول ڪرڻ کانسواءِ رهي
نه سگهندو آهي.
(وفائي)
[24]
خط تنهنجو پهتو. هن دفعي تو ڏاڍا اوکا ۽ ۽ اڻاگا
سوال پڇيا آهن. هڪ حضرت انسان جي خوبين ۽ خاصيتن
جي باري ۾
۽
ٻيو بنياد ۽ وجود متعلق. منهنجا دوست! توکي
معلوم هئڻ گهرجي ته مذهب جي ”م“ فقه جي ”ف“ ۽
شريعت جي ”ش“ جي به مون حقير ۽ فقير کي ڪا به ڪل
ڪا نه آهي، هونئن به مذهبي ۽ معلوماتي ،محققانه
تحقيقي ۽ تخليقي مقالن جا سوال جواب ڏيڻ ۽ وٺڻ
منهنجي لياقت ۽ طاقت کان بلڪل بلند ۽ بالا آهن،
ڇو ته آءٌ نه اديب آهيان نه عالم، نه فاضل ۽ نه
وري صحيح معنيٰ ۾ صحافي، اڃا مون کي هٿ ۾ قلم
کڻڻ جي به ڪل ڪا نه آهي، صرف هر مسئلي ۽ معاملي
۾ رندا روڙيندو رهندو آهيان. اهڙي قسم جا علمي،
ادبي ۽ مذهبي سوال ڪنهن علماءَ يا اديب فاضل کان
پڇڻ گهرجن.
آئون هتي، عالمن ۽ اديبن، فلاسافرن ۽ مفڪرن، جن
پنهنجي سمجهه ۽ سوچ ڪائنات جي ذري ذري کي وڏي
غور ۽ فڪر ۽ عقل جي اوزار سان اٿلائڻ پٿلائڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان سان گڏ وجود جي باري ۾ جيڪي
جيڪي پنهنجا مختلف ۽ جدا جدا رايا پيش ڪيا آهن،
سي تنهنجي پڙهڻ لاءِ پيش ڪري رهيو آهيان.
زندگي جي هن ميدان ڪار زار ۾ حضرت انسان هزارين
حسرتن ۽ اميدن جي آسرن ۽ اهڃاڻ تي اڳتي وڌندو
زندگي جو سفر طئي ڪندو رهي ٿو. ڪي ڳالهيون اهڙيون
به هونديون آهن، جي سڀ ڪنهن جي سمجهه سوچ، هوش ۽
عقل کان بلند ۽ بالا هونديون آهن، جن جي تهه
تائين پهچڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي
آهي.
حضرت انسان ”لقد خلقنه الانسان في احسن تقويم –
رددناهه اسفل سافين“ يعني الله تعاليٰ انسان کي
ساري مخلوقات کان وڌيڪ سهڻي سانچي ۾ پيدا ڪري
پوءِ انهيءَ کي ڪمال درجي جون صلاحيتون عطا ڪري
سڀ کان وڌيڪ ڏورانهين هنڌ تي ڦٽو ڪيو، انهيءَ
لاءِ هو (انسان) پنهنجي خداداد صلاحيتن
کان ڪم وٺي ايمان ۽ صالح عمل جو ثمر ساڻ ڪري
عروج تي رسي پنهنجي اصلي مقام تائين پهچي، جتان
کان کيس اڇلايو ويو هو. انسان جي انهي عروج کي
خلافت الاهي جي نالي سان تعبير ڪيو ويو آهي، جتي
فرشتن جي رسائي به ناممڪن آهي.
وجود ۽ زندگي جي هر شعبي لاءِ خدا جو قانون هڪ
ئي آهي. اسان کڻي ان تي ڪئي، مختلف ۽ جدا جدا
نالا رکون پر اهو هڪ کان وڌيڪ نه آهي.
هاڻي ٿورو غور ڪريو ته وجود جي تحقيق ۽ تڪميل
لاءِ خدا جو قانون حيات ڪهڙو آهي، سج روزانو
آسمان تي چمڪي ٿو. تارا به سدائين زمين جي طرف
جهاتيون پائيندا ٿا رهن. هوائون برابر گرمجوشيءَ
سان لڳنديون رهن ٿيون. ڪڪرن جي رفتار ۾ ڪڏهن به
رڪاوٽ نٿي اچي، سج جا ڪرڻا سمنڊ کي ڇڪڻ ۽ پاڻيءَ
جي ذخيري کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪوتاهي نه ٿا ڪن. زمين جي
سطح پنهنجي سڀني خزانن سميت موجود آهي. مٽيءَ جو
هر ذرو پنهنجي تاثر ۽خاصيت کان خالي نه آهي.
موسمن جي تبديلين ۽ رات ڏينهن جي گردش پنهنجي
مقصد ۽ حڪمت کان ٻاهر نه آهي
۽ اهڙي قسم جون ٻيون ڪيتريون اڻ ڳڻيون، ۽ بي حساب
شيون موجود آهن، جيڪڏهن توهان خدا جي نعمتن ۽
ڪائنات جي بخشش کي ڳڻڻ چاهيو ته اهي ايتريون ته
بيشمار آهن، جو اوهان ڪڏهن به ۽ ڪنهن وقت به ان
جو ڪاٿو نه ٿا ڪٿي سگهو.
قوتن جو اڻ کٽ خزانو ۽ بخششن جي بيشمار هجڻ جو
طور طريقو عام جام آهي ۽ پنهنجي مجموعي صورت ۾
ڪائنات هستي جي اها خارجي ادا فائديمند آهي،
جيڪا وجود جي پئدائش ۽ ان جي سئين سڌي ڪرڻ جو
سامان مهيا ڪري ٿي، سدائين انهيءَ جي انتظار ۾
اکيون وڇايو ويٺي آهي. پر ٻاهر واري انهيءَ
فائدي مان فقط اهي شيون فائدو وٺي سگهن ٿيون ۽
پنهنجي حصي جون بخششون حاصل ڪري سگهن ٿيون، جن
جي اندر خود سندن ”اندر واري صلاحيت“ موجود آهي
.ٻين لفظن ۾ وجود ڪنهن اندرين صلاحيت جي طفيل
آهي. فلسفي جي زبان ۾ چئبو ته ”اها اندروني
صلاحيت ٻاهرين صلاحيت واري ڪارخاني جي تاثير
لاءِ تحميل واري منزل آهي، جيستائين افعال وارو
چپ سوال لاءِ نه کلندو، فعل ۽ تاثير جي جواب
وارو فيضان، چرپر ۾ نٿو اچي سگهي.“
هاري هڪڙو ٻج کڻي زمين جي حوالي ڪري ٿو. هاڻي
ڏسو ته انهيءَ ٻج جي ڄمڻ خاطر الاهي قدرت ڪهڙي
طرح نه پنهنجي سڄي ڪائنات کي وقف ڪري ڇڏيو آهي.
سج پنهنجي پوري تپش انهيءَ لاءِ مهيا ڪرڻ لاءِ
منتظر آهي. ڪڪر پنهنجي پاڻيءَ جي ذخيرن کي
وسڪاري ڪرڻ لاءِ وس وسان جي ويسن ۽ وڳن ۾ هوندا
آهن. زمين پنهنجي آعوش کي ڪشادي ڪرڻ لاءِ تيار
آهي پر انهيءَ سڀ ڪجهه هوندي به هن سڄي بخشش
واري ڪارخاني مان اهو ٻج انهيءَ وقت ئي فائدو
وٺي سگهي ٿو، جڏهن منجهس ”ڦٽڻ“، ”زندگي پيدا
ڪرڻ“ يا ظاهر ظهور ٿيڻ جي صلاحيت هوندي آهي. پر
جيڪڏهن ائين نه آهي ته پوءِ بخشش عطا ڪرڻ وارو
سمورو ڪارخانو انهيءَ جي لاءِ بيڪار آهي. سج
پنهنجي
ڀڀڪندڙ
تنور هوندي به انهيءَ کي گرمي ڏيئي حياتي عطا
ڪري نه سگهندو. ڪڪر جيڪڏهن پنهنجي پاڻيءَ جو
سمورو ذخيرو ختم ڪري ڇڏين، تڏهن به انهيءَ ٻج کي
زندگيءَ جي رطوبت جو هڪڙو قطرو به نه ملي
سگهندو.
منهنجا دوست، انهيءَ مختصر ۽ معنيٰ خيز جواب
کان پوءِ توکي معلوم ٿي ويو هوندو ته قدرت جو
سمورو ڪارخانو خالق جي خلق جي بچاءُ ۽ بقاءُ،
سڌاري ۽ واڌاري جي سنوارڻ ۾ هلندو رهي ٿو.
انسان کي ان مان سبق پرائڻ کپي ته جڏهن باري
تعاليٰ پنهنجي بندن لاءِ هي سمورو ساز ۽ سامان
تيار ڪيو آهي، تڏهن انسان تي به ڪيئي اندروني
جوابداريون عائد ٿين ٿيون. انسان جي اها اندروني
جوابداري ڪهڙي آهي؟ زندگي پيدا ڪرڻ، زندگيءَ کي
برقرار رکڻ ۽ حياتيءَ جي مانڊاڻ کي بامقصد ۽ با
معنيٰ بنائڻ. اهو فقط تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن
انسان باعمل آهي، مرد بي عمل، سست، ڪاهل ۽ بي
مقصد انسان لاءِ خدا جو فيضان بيڪار ٿيندو. خدا
ڏئي ٿو، پر وٺڻ واري ۾ صلاحيت به هجي، ته ان
”ڏيڻ“ کي حيات بخش طور طريقن سان قبول ڪري،
وڌائي، ويجهائي ۽ انسان ذات لاءِ سڌاري ۽ واڌاري
جو سبب بنائي. اهي نڪتا ۽ فڪر جون ڳالهيون ڪي
سمجهڻ وارا ئي سمجهندا آهن.
جتي علم ۽ ادب، ڪتاب ۽ قلم، انسانيت ۽ حسن جو
ذڪر ۽ فڪر ٿيندو هجي، اتي عزت ۽ احترام ڪرڻ تمام
ضروري ٿي پوندو آهي.
(وفائي)
[25]
هن خط ۾ تو مون حقير ۽ فقير متعلق سوال پڇيو
آهي، خاڪسار پنهنجي باري ۾ ڪهڙو جواب ڏيئي سگهي
ٿو.
اسان سيلاني سفر، سير ۽ سياحت جا سودائي، بنا
ڪنهن بندوبست ۽بندش کان آجا ۽ آزاد، جيڏانهن ڪنڌ
تيڏانهن پنڌ، ڪڏهن برن ۾ ڪڏهن ڀٽن
۾، ڪڏهن واهڻن ۾ ڪڏهن وانڍين ۾، ڪڏهن وستين ۾،
ڪڏهن ويرانين ۾، ڪڏهن جهنگن ۾ ڪڏهن جهرن ۾، ڪڏهن
ميلن ۾ ڪڏهن ملاکڙن ۾، ڪڏهن بهارن ۾، ڪڏهن خزائن
۾، ڪڏهن طوفانن جي تيزين ۾ ڪڏهن لڪن جي لهسن ۾،
ڪڏهن واچوڙن جي وچن ۾، ڪڏهن رستن ۾ ڪڏهن راهن ۾،
ڪڏهن چونڪن ۾، ڪڏهن چوراهن جي چڪرن، ڪڏهن سارين
جي سهولتن ۾، ڪڏهن پنڌن ۾، ڪڏهن پيچرن جي پاسن
۾، ڪڏهن محلن ۾ ڪڏهن ماڙين ۾، ڪڏهن اوطاقتن ۾،
ڪڏهن اوتارن ۾، ڪڏهن درياهه جي دنگين ۾، ڪڏهن
صوفين، ڪڏهن صادقن جي سنگت ۾، ڪڏهن رندن جي راهن
۾، ڪڏهن مسجدن ۾، ڪڏهن مسافر خانن ۾، ڪڏهن مندرن
۾ ڪڏهن مڙهين ۾، ڪڏهن دوستن ۾، ڪڏهن دشمنن ۾،
ڪڏهن وندر ۾، ڪڏهن حال ۾ ڪڏهن حقيقتن ۾، ڪڏهن
بيحاليءَ ۾ ڪڏهن بيخبريءَ ۾، ڪڏهن نياز ۾، ڪڏهن
نوڙت ۾، ڪڏهن عاجزي ۾، ڪڏهن انڪساريءَ ۾، ڪڏهن
مروت ۾، ڪڏهن محبت ۾، ڪڏهن انس ۾، ڪڏهن الفت ۾،
ڪڏهن عشق ۾، ڪڏهن سونهن جي سودا ۾، ڪڏهن حسن جي
حيراني ۽ پريشانيءَ ۾، ڪڏهن دل وارن جي دڪانن
تي، ڪڏهن بي دلين جي بازارن ۾، ڪڏهن قدردارنن جي
ڪچهرين ۾، ڪڏهن بي قدرن جي بي توجهين ۾، ڪڏهن
علم وارن جي اشارن ۾، ڪڏهن جاهلن جي جهٽڪن ۾،
ڪڏهن درد وارن جي ديرن تي، ڪڏهن بي دردن جي
بيٺڪن ۾، ڪڏهن بک ۾ ڪڏهن بيڪاريءَ ۾، ڪڏهن ڍوءَ
جي ڊراپن ۾، ڪڏهن اتر اترادين ۾، ڪڏهن وچولي جي
وڏڙن ۾، ڪڏهن لاڙ جي لالن ۾، ڪڏهن ٿر جي ٿر وارن
۾. فقيراڻي زندگي نه ڪنهن سان واسطو نه ڪنهن سان
وجهه، نه ڪنهن سان لڳ نه ڪنهن سان لاڳاپو، نه
ڪنهن سان حجت نه ڪنهن تي حڪم، صرف سڀ جو ڀلو ۽
سڀ جو خير.
انسان کي انسان سمجهي پيار ڪرڻ جو سبق سکيل،
عقيدت، اصولن، رسم ۽ رواجن کان بلڪل باغي ۽
بيزار، صرف خالق جي خلق جي خدمت ۽ ان جا
خيرخواهه، مال ۽ ملڪيت جي منجهائيندڙ مسئلن،
معاملن ۽ مصيبتن کان پري ۽ پرڀرو، آڻيون ۽
چاڙهيون، رکڻ جي رواج کان آجا ۽ آزاد، هر حال ۾
شڪر ۽ صبر جي ستي پيل، ڪفايت ۽ قناعت جا قائل،
سادگي ۽ صفائيءَ جا پابند، سچائي ۽ صداقت جا
پوڄاري، مظلومن جا مددگار، غريبن جا غمخوار،
پورهيتن جا پوئلڳ، هارين جا همدرد، مزدورن جا
مددگار، هيڻن جا همراهه، زر زور ۽ زبردستي ڪندڙڻ
جا مخالف، هيڻن جا حق هضم ڪندڙن جا پول پڌرا
ڪندڙ، علم ادب جو احترام ڪندڙ، جهالت جي پاڙ
پٽيندڙ، گويا هر برائي ۽ بڇڙائي بدين ۽ بيهودگين
سان جنگ ڪندڙ، هڪ هنڌ ويهڻ جا ويري پنهنجي ديس
جي رهندڙن سان روح رهاڻيون ڪرڻ مطالعي ۽ مشاهدي،
تجربي ۽ آزمودي جا عادي، گويا سنڌ ۽ ان جي سنون
سڌن صاف گو، ساڌن سوڌن، سٻاجهڙن سانگيئڙن جا
خادم ۽ خدمتگار.
سنڌ جي چپي چپي ۽ ذري ذري سان عشق، دنيا جي
سمورن عشقن کي پنهنجي وطن جي بلند ۽ بالا، اوچي
۽ اعليٰ عشق تان قربان ڪرڻ جا قائل ۽ بس.
هر ذهن ۾ فڪر جي گهرائي نه هوندي آهي.
هر دل درد کان آشنا نه هوندي آهي.
هر حسن ۾ ڪشش نه هوندي آهي.
هر صورت ۾ سيرت نه هوندي آهي.
هر با اختيار بهادر نه هوندو آهي.
هر چمڪندڙ سون نه هوندو آهي.
هر دوست وفادار نه هوندو آهي.
هر دشمن بهادر نه هوندو آهي.
هر زردار
زوراور نه هوندو آهي.
هر طاقتور تيز نه هوندوآهي.
هر تعليم يافته اهل علم نه هوندو آهي.
هر نظر اهل نظر جي نه هوندي آهي.
هر لکندڙ اديب نه هوندو آهي.
هر رازدار رازدان نه هوندو آهي.
هر
رهبر
رهنما نه هوندو آهي.
هر امام اڳواڻ نه هوندو آهي.
(وفائي)
[26]
تون هر هڪ خط ۾ نهايت ئي نازڪ، عجيب ۽ غريب سوال
پڇندو رهندو آهين.
ڪڏهن عدل ۽ انصاف جا، ڪڏهن امن ۽ امان جا، ڪڏهن
دين ۽ ڌرم جا، ڪڏهن عقيدن ۽ اصولن جا، ڪڏهن حديث ۽
هدايت جا، ڪڏهن ايمانداري ۽ ديانتداريءَ جا، ڪڏهن
مسلماني ۽ مساوات جا، ڪڏهن اخلاق ۽ انسانيت جا،
ڪڏهن پيار ۽ پريت جا، ڪڏهن محبت ۽ مروت جا، ڪڏهن
حجت ۽ حجاب جا، ڪڏهن عشق ۽ محبت جا، ڪڏهن عاشقن ۽
معشوقن جا، ڪڏهن ميلن ۽ ميلاپن جا، ڪڏهن وصالن ۽
وڇوڙن جا، ڪڏهن پنهنجائپ ۽ پرائپ جا، ڪڏهن برادري
۽ برابري جا، ڪڏهن فلسفي ۽ فقيهه جا، ڪڏهن علم ۽
ادب جا، ڪڏهن تاريخ ۽ تحقيق جا، ڪڏهن شرافت ۽
شائستگي جا، ڪڏهن شان ۽ شوڪت جا، ڪڏهن مان ۽ مرتبي
جا، ڪڏهن طاقت ۽توانائي جا، ڪڏهين تازگي ۽ تراوت
جا، ڪڏهن مخالفت ۽ محاذ آرئي جا، ڪڏهن مزدورن ۽
محنت ڪندڙن جا، ڪڏهن هارين ۽ نارين جا، ڪڏهن ڪم
ڪندڙن ۽ ڪامين جا، ڪڏهن سرمائيدارن ۽ سرنديءَ وارن
جا، ڪڏهن زردارن ۽ زميندارن جا، ڪڏهن حقن هضم ڪرڻ
جي هيراڪن جا، ڪڏهن ناحق ڪندڙن جي نالن جا، ڪڏهن
ظالمن ۽ مظلومن جا، ڪڏهن دغا ڪندڙن ۽ دوکيبازن جا،
ڪڏهن حرڪت ۽ هيراڦيري ڪندڙن جا، ڪڏهن ذات ۽ پات
جا، ڪڏهن ننڍ ۽ وڏائيءَ جا، ڪڏهن شجرن ۽ هجرن جا،
ڪڏهن نياڻين ۽نماڻين جا، ڪڏهن ويهاريل ويائن جا،
ڪڏهن رسم ۽ رواجن جا، ڪڏهن دردمندن جي دلين جا،
ڪڏهن بڇڙاين ۽ براين جا، ڪڏهن بدين ۽ بيهودگين جا،
ڪڏهن سچن ۽ ڪوڙن جا، ڪڏهن مڙي وڃڻ ۽ معاف ڪندڙن
جا، ڪڏهن مجاز جي معاملن جا، ڪڏهن عقل ۽ ادراڪ جا،
ڪڏهن فهم ۽ فراست جا، ڪڏهن صلح ۽ سانت جا، ڪڏهن
حقيقت ۽ طريقت جا، ڪڏهن صوفين ۽ صادقن جا، ڪڏهن
حال ۽ مستقبل جا. |