سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: وفائي جا خط

 

باب: --

صفحو :11 

 [29]

تون ڪڏهين ڪڏهين ڏاڍا ڏکيا سوال پڇندو رهندو آهين، مان اهڙن سوالن جي جواب ڏيڻ ۾ منجهي پوندو آهيان. هن دفعي تو پنهنجي خط ۾ ڪوڙ ۽ ڪوڙن جي ڪاريگرن جي باري ۾ پڇيوآهي. منهنجا دوست!

هن ڪوڙي دنيا ۾ ڪوڙن جا ڪئي قسم آهن، جنهن ڪري ڪوڙ هڻڻ وارن ڪاريگرن جا قول آهن، ته ڪوڙ اهڙو ڳالهائجي جنهنجي اڳيان سچ هميشه شرمسار ٿيندو رهي. چوندا آهن ته ڪوڙ کي پير ڪو نه هوندا آهن، پر ڪوڙن جي ڪوٽن کي قائم ڪرڻ وارن جا قول آهن، ته هر دم سچارن ۽ صادقن کي زهر جا پيالا پيئڻ لاءِ ڏنا ويندا آهن. اسان انهن زهر پياڪعاشقن مان ڪو نه آهيون، اهي مصيبتن ۽ مشڪلاتن ڪٺن ڪشالن وارا ڪم سچن صادقن کي ئي سونهن ٿا. اسان ڪوڙ جي ڪاريگرن کي هر دور ۾ هر ڪم لاءِ سهنجائي ۽سهوليت، آرام ۽ آسائش، آسرو ۽ اطمينان گهرجي. اسان کي هن صديءَ ۾ ڪنهن وقت ڪٿي به سچ جو سوجهرو سجهي ئي ڪو نه پوءِ ڇو ويهي سچ کي سيني سان سانڍي صفائي ڪرائيندا وتون، اسان ڏٺو آهي ته زندگي جو هر شعبو پوءِ اهو ڪهڙو به هجي ڪوڙ جي ڪوڙڪي ۾ قابو آهي. هر محفل ۽ مجلس اها علمي هجي يا ادبي، تعلمي هجي يا تبليغي، اصلاحي هجي يا اخلاقي، سياسي هجي يا سماجي، جيڏانهن نظر کڻي نهار تيڏانهن ڪوڙن جا قلعا قائم ۽ دائم آهن .معاشري ۾ سچ ظاهر ڪندڙن کي به ڪوڙ جو ڪاروبار ڪندي ڏٺو ويو آهي، يعني ”گندم نما جوءِ فروش“ وڏن وڏن امامن ۽ اڳواڻن رهبرن ۽ رهنمائن، دانشمندن ۽ دانشورن، علمائن ۽ عالمن، اديبن ۽ صحافين، صوفين ۽ صادقن کي موقعي مهل جي مصلحتن ۽ مناسبتن سان ڪوڙ جي ڪمن ڪارن جي ڪمن ۾ قابو ڏٺو ويو آهي. مگر ان سان گڏوگڏ اڃا ڪي آهن ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي، ڪوڙا هميسه پهن ۽ پچارن ۾ پورا هوندا آهن ته ڪوڙ ڪيئن ڳالهائجي ڇو ڳالهائجي ڇالاءِ ڳالهائجي اهي سوال به عجيب آهن، ڪوڙ ڳالهائڻ  جا به ڪيئي قسم هوندا آهن، هتي ڪهڙا لکي ڪهڙا لکجن، جيڪڏهن انهن جي قسمن جو تفصيل سان هتي ذڪر ڪبو ته ڳالههه وڃي پري پوندي ۽ پڙهندڙن جي حيرت جي حد نه رهندي في الحال هتي صرف هڪ تاريخي ڪوڙ جوذڪر ڪيان ٿو. ڪنهن محفلط ۽ مجلس  ۾هر هڪ مجلسي پنهنجي زندگي جونه وسارڻ جهڙو واقعو ٻڌائڻ شروع ڪيو ۽ انهن ڪوڙن مان هڪ ڪوڙ جو واقعو پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو.

هڪ همراهه چوڻ لڳو ته آئون جڏهن سنڌ جي مشهور معروف تاريخي مدرسي ۾ تعليم وٺندو هوس تڏهن کان وٺي مون کي بادشاهن سان ملڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، اها آرزو دل جو دل ۾ هئي. مون مدرسي جي شروعاتي نصابن جا ڪتاب يعني ڪريما پندنامه، گلستان، بوستان، سڪندر نامو ۽ بهار دانش پورا ڪيا ۽ انهن ڪتابن پڙهڻ کانپوءِ مو ن کي فارسي زبان جي وڏي معلومات حاصل ٿي ويئي.  ڪجهه وقت کانپوءِ مون کي معلوم ٿيو ته نادرشاهه دهليءَ ڏانهن ويندي شڪارپور شهر کان لنگهندو، جنهنڪري مان پڪو پهه پچائي نادرشاهه سان ملڻ لاءِ ڪهي اچي شڪارپور پهتس. شهر ۾ پهچڻ سان معلوم ٿيو ته بادشاهه ۽ سندس لڏو لکي در تي لٿل آهي. آءٌ ڪوشس ڪري نادرشاهه وٽ وڃي پهتس. ان وقت نادرشاهه لکي در جي ٽاور جي گهڙيال ۾ ٽائيم ڏسي رهيو هو. آئون ڀرسان بيهي سلام ڪندي فارسي ۾ چيو مانس ته ”شنيده که ماند ديده؟“ ان کانپوءِ وري چيو مانس ته ”تراديده و يوسف راشنديده“ نادرشاهه ،منهنجي گفتگو ٻڌي بيحد خوش ٿيو. کيس ان وقت جي مشهور چاپ، قلفي ۽ مٺائي کارائي مانس انهيءَ مهمان نوازيءَ ڪري مون کي چيائين ته تون مون سان دهليءَ تائين گڏجي هل ڇو ته تو ۾ وڏيون خوبيون آهن. هڪ ته پارسيءَ جو پارکو آهين ٻيو وري مهمان نواز! مون کيس عرض ڪيو ته تخت طائوس ۽ ڪوهنور جي ڪشش توهان کي دهلي وٺي وڃي رهي آهي، مان توهان کي انهيءَ لالچ ۽ لوڀ واري ڪڌي ڪم ۾ ڪم نه اچي سگهندس. آءُ سنڌي سٻاجهڙو سنئون سڌو صلح ۽ سانت ۽ امن امان جو علمبردار، مون کي ڪڏهن به جهيڙي جهٽي، جنگ جدال ۽ فتني فساد جو خيال ئي نه ايندو آهي. توهان مسلمان ٿي ڪري مسلمانن تي حملا ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهيو. افسوس جو اوهان جي اسلامي برادري ڪٿي آهي؟ پاڻ ٽهڪ ڏيئي جواب ڏنائين ته ”اي ملڙا، تون ملن جي مڪتب ۾ پن جي ٽڪرن تي پلندڙ طالب علم آهين توکي طاقت جي ڪهڙي ڪل، طاقت جي اڳيان سمورا عقيدا ۽ اصول، انساني قدر لفظي معنيٰ کان وڌيڪ ڪا به حقيقت ۽ حيثيت نه رکندا اهن، سنڌين ۾ سوين خوبيون ۽ خصلتون آهن، مگر افسوس جو خوشامند پسند ڏاڍا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌي پنهنجي ڪٽنب جا ويري هوندا آهن، نه پاڻ زندگيءَ ۾ ڪا اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ نه وري پنهنجي ڀائرن جي خوشحالي ڏسي خوش ٿيندا آهن، اوهان ۾ حس ۽ ساڙ برائي پچار ڪيني ۽بغض جون هميشه ئي بٺيون ٻرنديون رهنديون آهن، جيڪي پنهنجدي ڪٽنب جا ويري هوندا آهن، انهن کي ٻيون قومون بيوقوف بنائي مٿن حڪومت ڪنديون رهنديون آهن، ان گفتگو کان پوءِ نادرشاهه دهليءَ روانو ٿي ويو ۽ آئون پنهنجي وٿاڻن تي واپس اچي پهتس.

جيڪي ماڻهو پنهنجن سان پيار ڪن ٿا تن کي پرايا به هميشه عزت جي نگاهه سان ڏسندا رهندا آهن، پر جيڪي پنهنجن کان پاسيرا هوندا آهن، انهن کان پرايا به پري رهندا آهن. پنهنجن سان پير ڪرڻ زندهه قومن جي نشاني هوندي آهي، ڇو ته پنهنجا آخر پنهنجا آهن. پراين جي پيار ۽ پريت جا پيچ ڪڏهن به پائدا ۽ پختا نه هوندا آهن.

(وفائي)

[30]

خط تنهنجو پهتو ۽ احوال معلوم ٿيو،مگر بروقت جواب نه ڏيئي سگهيس. هونئن به توکي خبر آهي ته ڪراچي جي بي انتها مصروف زندگيءَ ۾ وقت ۽ واندڪائيءَ جو ملڻ محال ۽ مشڪل هوندو آهي. منهنجا دوست! منهنجي مجبورين کي مدنظر رکي معاف ڪندين ته چڱو ٿيندو. دنيا ۾ جيڪي واکاڻيل وصفيون، خوبيون ۽ خاصيتڳن آهن، انهن سمورين جو سرتاج صرف مڙي وڃڻ ۽معاف ڪرڻ ئي هوندو آهي. جيڪي سڄڻ ۽ ساٿي سياڻا ۽ سمجهدار معاف ڪرڻ ۽ مڙي وڃڻ جهڙي معياري مقصد کي هيئن سان هنڊائيندا سيني سان سانڍيندا زندگي جو سفر ڪندا آهن، سي نهايت ئي سولائي ۽ سهنجائي، آرام ۽ اطمينان سان پهرين پتڻ وڃي پار پوندا آهن.

هن دفعي تو منهنجي مختصر ڪهاڻين ۽ افسانن جي باري ۾ سوال پڇيو آهي. گويا اهو سوال پڇي ڪري گذريل ۽ گذري ويلن وساريل ۽ وسري ويلن زمانن جي ڪيئي ڪتابن جا ورق ورائي ڇڏيا آهن، جيڪڏهن هڪ هڪ ورق جي ويهي واکاڻ ڪبي ته ڪيئي داستان دهرائجي ويندا، مان توکي اڳي به لکيو آهي ته مهرباني ڪري گذري ويئلن زمانن ۽ زن جي يادگيرين کي ياد ڏيارڻ لاءِ سوال نه پڇندو ڪر. تو اهي سوال پڇي ڪري گويا منهنجي زخمن جي مڙيلن انگورن کي اکيلڻ ۽ اڊيڙڻ ج ي ڪوشش ڪئي آهي، توکي خبر هئڻ کپي ت هماضي جي من موهيندڙن ۽ روح کي راحت ڏيندڙن محفلن ۽ مجلسن کان وڇڙي ورهيه ٿي ويا آهن، ڪنهن کي ياد ڪري ڪنهن کي ياد ڪجي ۽ ڪنهن کي وساري ڪنهن کي وسارجي.

منهنجا دوست! دردمند ۽ درد رکندڙ دلين وارا پنهنجن سکين ستابن، سنهجن ۽ سوليئ وارن ڏينهن کي ساريندا ڳوڙها ڳاڙيندا رهندا آهن. معلوم نه آهي ته اکين ۽ ڳوڙهن جو پاڻ ۾ ڪهڙو ڳوڙهو ڳانڍاپو ڳنڍيل هوندو آهي، اکين ۽ ڳوڙهن جي وچ ۾ صرف آب جو چشمو درد واري دل کي ئي چئي سگهجي ٿو.

ون يونٽ کان اڳ ۾ ٻه ٽي ڪهاڻيون ۽ هڪ ٻه  افسانا لکيا هئا ۽ پڙهندڙن انهن افسانن ۽ ڪهاڻين کي ڏاڍو پسند ڪيو هو. دوست قصو هجي يا ڪهاڻي ناٽڪ هجي يا ناول، افسانو هجي يا آکاڻي انهن سمورن جو بنياد هڪ ئي آهي. مگر هر هڪ جي پيش ڪرڻ جا انداز پنهنجا، مختلف ۽ جدا جدا هوندا آهن. جيستائين اديب آزمايل آزمودن ۽ تلخ تجربن، معياري ڪتابن جي مطالع ۽ معلوماتي مشاهدن جي زيور سان سينگاريل نه هوندو، تيستائين سندس قلم ۾ پختگي ۽ پائيداري جو پيدا ٿيڻ ناممڪن ٿي پوندو آهي. تو جنهن مختصر ڪهاڻي لاءِ لکيو آهي اها هئي ”نوري نماڻي واسينگن وس“ ان ڪهاڻي جو مختصر حصو نوري پنهنجا زباني سان ظاهر ڪندي تنهن جي پڙهڻ لاءِ پيش ڪري ٿي. مان هڪ مظلوم، مجبور، محتاج، مايوس، مسڪين نياڻي نماڻي نوران آهيان. منهنجون سون اهڙن ماڻهن سان ميل ميلاپ، مجلسون، محفلون ۽ ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن، جن جي ظاهري زيب ۽ زينت، مال ۽ ملڪيتن باغ ۽ بنگلن املاڪن ۽ عمارتن ڪاروبارن ۽ڪارخانن، وڻج ۽ واپارن، ڏيک ۽ ڏهڪائن، ڏيل ۽ ڏوهن، ڏاڍ ۽ ڏمرن، زر زور زبردستين، ٺٺ ۽ ٺانگرن اڳيان سوين ماڻهو عقيدي ۽ احترام سان سلامن سان گڏ سجدا ڪندا رهندا آهن. مگر سلام ڪندڙن کي انهن سودخورن سوداگرن جي حيواني حرڪتن ۽ حرفتن ڦيرن ۽ گهيرن، ڪڌن ڪرتوتن ۽ سياهه ڪارنامن جي ڪا به ڪل ڪا نه هوندي آهي. ته اهي انساني صورت ۾ ڪهڙيون ۽ ڪيتريون رنگ ريليون ڪندا، اٻوجهه عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهندا فريبي ڦندن  ۾ ڦاسائيندا پنهنجي من جون مرادون پوريون ڪندا موجون ماڻيندا رهندا آهن. مان هن سڪل سڙيل معاشري جي پيدا ڪيل گندي  ۽بدبودار ماحول مان آزاد ٿيڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهيس.

ڪيترن ئي ظاهري غلاف جي لباس پائينڙن ۽ زم زم جي پاڻي سان وضو ڪندڙن مفتين محافظن، متقين، ميرن ۽ متولين، مجاورن ۽ مخدومن، ملن ۽ مولوين، معاملي شناسن، علمائن ۽ عالمن، پرهيزگارن ۽ پيرن فقيرن، سياڻن ۽ سياستدانن، اديبن ۽ اهل قلم، ترقي پسندن ۽ ترقي يافتن، رجعت پرستن، بااختيارن ۽ باوقارن، تعليم ڏيندڙن ۽ تبليغ ڪندڙن، انسان پرستن ۽ انسان دوستن، دردمندن ۽ داد رسائيندڙ دانشمندن ۽ دانائن، دور انديشن ۽ درويشن، انصاف ڪندڙن ۽ انصاف ڏيندڙن، مدد ڪندڙن ۽ مدد ڏيندڙن، مسلماني ۽ مساوات جي مهندارن، برادري براري ۽ ڀروسي ڏيندڙن، درگاهن ۽ درٻارن تي پنهنجي درد ڀرئي داستان لاءِ پڪاريندي رهي آهيان. ته مون کي هن گندي ماحول جي زندگي مان آزاد  ۽آجو ڪيو وڃي، مگر اڄ ڏينهن تائين مون کي ڪٿي ۽ ڪنهن به هنڌ تي ڪڏهن  تر جيتري انصاف جو ترورو نظر نه آيو، انهن مان ڪيترن دڪاندارن ايمانداري سان بيماني ڪندي مون کي رانديڪي وانگر استعمال ڪندا رهيا. گويا مان ڪڏهن قاتل اڳيان ۽ ڪڏهن خنجر اڳيان انصاف لاءِ پڪاريندي رهيس. خدا آدمي کي نه ڏيکاري ڪڏهن آدميءَ جو خدا هجڻ.

ڏسڻ وائسڻ جا ڪيئي طور طريقا هوندا آهن، انسان هميشه ئي ڏسندو ۽ پسندو رهندو آهي. مگر سڀني کان صاف ۽ سهڻو طريقو پاڻ کان هيٺ نهارڻ جو هوندو آهي.

جيڪي ماڻهو هيٺ نهارڻ جو اصول اختيار ڪندا آهن، اهي ڪڏهن به  ۽ ڪٿي به ٿاٻو ۽ ٺوڪر نه کائيندا آهن.

(وفائي)

[31]

خط تنهنجو پهتو ۽ احوال معلوم ٿيو، تو هن دفعي زبان ۽زمين جي باري ۾ سوال پڇيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن انسان پنهنجي اندر جي اور اورڻ جي اٿلن پٿلن ۽ اڻتڻ جي اظهار لاءِ ايترو ۽ ايڏو آتو ۽ اٻاهرو ٿي ويندو آهي، جو هو انهن اندر جي اڌمن کي نهايت ئي بهادري ۽ بيباڪي سان بيان ڪرڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي ۽ ڪثر نه ڇڏيندو آهي. جيڪڏهن دردمندن جي دلين جا داستان دهرابا ته ڪيترن ئي دليرن جون دليون دهلجي وينديون.

انسان جي بنياد، بيهڪ ۽ بناوت ۾ سندس سرزمين جي مٽيءَ جي مشڪ مليل هوندي آهي. جيستائين انسان پنهنجي مٽيءَ جو مان مرتبو مٿاهون ۽ مٿڀرو نه ٿو ڪري سگهي. تيستائين دنيا جو ڪو به ماڻهو کيس عزت  ۽احترام جي نظر سان ڏسڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. بنيادي ڳالهه آهي بنياد جي. جيڪي پنهنجي بنياد کان بي پرواهه ٿي ڪري سستي شهرت جي هوا ۾ لٺين هڻڻ جا هيراڪ ٿي ويندا آهن، سي گويا پنهنجي بنيادي حيثيت ۽ حقيقت کي هٿن جي وٿين مان واري وانگر وهائي ۽ وڃائي وائڙن وانگر واجهائيندا ويهجي ويندا آهن. انسان جي صحيح سڃاڻپ سندس زمين ۽ زبان سان ئي ظاهر ٿيندي رهندي آهي. جيستائين ڪنهن به ماڻهو جو ڪنهن به زمين سان لڳ لاڳاپو، وجهه واسطو نه آهي، تيستائين ان ماڻهوءَ کي ان زمين جي رهواسين جي ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي، ڇو ته زمين ۽ زبان لازم ۽ ملزوم آهن، تنهن ڪري زمين تي رهندڙن جوان زمين جي زبان کي ڄاڻڻ تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته زمين ۾ به چار اکر آهن ۽زبان به چئن حرفن جو مجموعو آهي. منهنجي محدود ۽ مختصر مطالعي ۽ مشاهدي مطابق دنيا ۾ قرآن مجيد جو جيڪو پهريون ترجمو ۽ تفسير ٿيو سو به سنڌي زبان ۾ ٿيو هو ۽ الله تعاليٰ کي نظم کان وڌيڪ نثر پسند آهي، جنهن ڪري قرآن شريف کي نظم جي بجاءِ نثر ۾ نازل ڪيائين. هونئن به علم ۽ ادب جي سمورين صنفن جي صحيح، صاف سهڻو ۽ صداقت وارو سرمايو صرف نثر ئي آهي.

هر انسان جي مذهب کانپوءِ سندس مادري زبان جو ئي مان ۽مرتبو مڃيو ويندو آهي. زبان کانسواءِ  ڪنهن به قوم، قبيلي ۽ انسان جي وجود جي ڪا به ڪل ڪا نه پئجي سگهندي آهي. تاريخ جا ورق ورائڻ سان واضح ٿي وڃي ٿو ته ڪنهن به قوم کي ختم ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي، ته ان قوم جي ٻولي کي ختم ڪجي. ڇاڪاڻ ته اها ٻولي ئي آهي جنهن سان قومن جا اعليٰ ۽ اوچا جرڪيدار جوهر ظاهر ٿيندا رهندا آهن. دنيا ۾ صرف هي واحد سنڌ جو خطو آهي، جنهن کي الله تعاليٰ پنهنجي سمورين نعمتن ۽نوازشن سان نوازيو آهي. ان کانسواءِ سنڌ صوفين، صالحن، صادقن، ولين، اصحابن، اوليائن، پيرن فقيرن، درويشن ۽ دردمندن، فقهين ۽ فقرائن، قطبن ۽ قلندرن، سيد ۽ ساداتن، عالمن ۽ علمائن، ادب پرورن ۽ علم نوازن، مفڪرن ۽ مفسرن، مخدومن ۽ محدثن، اهل فڪر ۽ اهل علم، فاضلن ۽ فياضن، سخن سنج ۽ سخن فهم، سياڻن، سمجهدار ۽ سگهڙن، سنون سڌن سنڌي سٻاجهڙن جو ديس آهي.

جنهن جي صفائي ۽ سٺائي، سونهن  ۽ سوڀيا، مان ۽ مرتبو، محبت ۽ مروت، شان ۽ شوڪت، شرافت ۽ شائستگي، شجاعت ۽ مردانگي، نماڻائي ۽ نهٺائي، نياز ۽ نوڙت، نفاست ۽ لطافت، ارادي جي مضبوطي، مستقل مزاجي، حق جي حمايت ۽ باطل جي مخالفت، بي باڪي، ۽ بهادري، تحمل ۽ تجمل، همٿ ۽ حوصلو، خوش اخلاقي ۽ خوش ڪلامي، بي ڊپائي ۽ بي ريائي، فراخدلي ۽ فياضي، عقل ۽ ادراڪ ۽ فهم ۽ فراست، مظلوم جي مدد ۽ ظلم جو مقابلو، شيرين گفتار ۽ نيڪ رفتار، ايمانداري ۽ دانتداري، گويا سنڌ ۽ سنڌين جي سمورين خوبين ۽ خاصيتن جي جرڪيدار جوهرن جو جمال ۽ ڪمال ڪهڙي زبان ۽ ڪهڙي قلم سان قلمبند ڪجي. اسان جي ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي ديس لاءِ فرمايو آهي ته:

                   سندي جا ساڻيهه – کهه کٿوري ڀانيان.

شاهه صاحب ساڻيهه يعني وطجن جي کهه (خاڪ) کي يا مٽيءَ کي مشڪ جي برابر ڀانيو آهي.

سنڌ جي هفت زبان شاعر سچل سائين سنڌ لاءِ ڪهڙو نه سهڻو ۽ صداقت ڀريو فقرو چيو آهي.

ديس سچل دا درس درازا، مڪي نا ملتان.

دنيا جي بين الاقوامي شاعر حضرت مولانا جلال الدين رومي رح جن پنهنجي جڳ مشهور مثنوي ۾ فرمائين ٿا ته:

سنديان را اصطلاح، سند مدح.

هنديان را اصطلاح، هند مدح.

بکر جو سيد رحمت الله ولد سيد لطف الله بکري  هڪ نامور شاعر ٿي گذريو آهي. هڪ قصيدي جي شروعات اسان جي سنڌ جي واکاڻ صفت ثنا سان شروع ڪئي اٿس. سندس قصيدي جو رنگ هيٺين ريت آهي جنهن مان سيد صاحب جي فارسيءَ ۾ قادر ڪلامي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. صرف قصيدي جا ٻه بند تنهنجي پڙهڻ لاءِ پيش ڪيان ٿو.

1.                  بارک الله ڪشور سند سواد دلڪشا،

ڪز غبار او بود چشم فلڪ را توتيا.

(دل کي وڻندڙ ۽ فرحت ڏيندڙ سنڌ ديس تي الله جي برڪت هجي شال، جنهن جي خاڪ جي دز آسمان جي اکين جو سرمو آهي).

2.                 آبروئي چهرهء خلدي برين را آبرو

از هوايش گلشن فردوس را نشونما.

(سنڌ بهشت بلند جي چهري جي آبرو آهي ۽ سندس هوا کان بهشت جو باغ وڌي ويجهي رهيو آهي).

حضرت مولانا عبيدالله سنڌي رحه جن فرمايو هيو ته ”دهلي ۽ سنڌ“ پهريون منهنجي فڪر جو مرڪز ۽ ٻيو منهنجي عمل جو مرڪز درياءُ سنڌجو تقدس اسان جي مذهبي ڪتابن ۾ موجود آهي.

سنڌ جي ڳوٺن ۽ ميدانن ۾ منهنجي زندگيءَ جون قيمتي گهڙيون آسوده خواب آهن. اسان جيڪڏهن ڪا آزاد رياست قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين ته ان جي سرڪاري ۽ قومي ٻولي سنڌي هوندي.

[32]

گهڻي وقت کانپوءِ تنهنجو خط پهتو ۽ احوال معلوم ٿيو، مان ائين سمجهو هيم ته تو شايد مونکي وساري ڇڏيو آهي پر مان پنهنجي خيال ۾ غلط هيس.

منهنجا دوست! وساري ڇڏڻ به هڪ قسم جي يادگيري هوندي آهي، اها ڳالهه توکي بروقت سمجهه ۾ نه ايندي ڇو ته سمجهه جو سمورو دارومدار هن سنسار جي سورن سختين جي تلخ تجربن ۽ آزمايل آزمودن تي چيو وڃي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ ڪو نه ٿيندو.

هن دفعي تو هڪ اهڙو اهم سوال پڇيو آهي، جنهن سان منهنجو ڪو به واسطو وجهه نه هيو، نه آهي ۽ نه رهندو. اهو سوال آهي سنڌ جي سڙيل، سڪل ۽ سڪوڙيل سياست جي باري ۾. سڄڻ! جنهن شيءِ سان منهنجو ڪنهن به قسم جو ڪو به لڳ لاڳاپو ڪو نه هجي، ان جي باري ۾ مان توکي ڪهڙو جواب ڏئي سگهان ٿو، سياست جي باري ۾ سوال صرف سياستدانن سڏائيندڙن ۽سمجهندڙن کان ئي پڇڻ گهرجي، جن جي جيءَ جو جياپو صرف سياست جو سهارو ئي هوندو آهي.

منهنجا دوست! اسان جي ملڪ جي سياست جي بازار ۾ جيڪو به وڻج واپار ڪاروبار ۽ ڪم ۽ وکر وڪامندو رهي ٿو ان جي باري ۾ مان توکي ڇا لکي ڇا لکان.

تون جيڪڏهن ڪنهن به سياستدان جي دڪان تي ويندين ته توکي صرف ڪوڙ جو ڪاروبار نظر ايندو ڇو ته گهڻي ڪوڙ جي ڪثرت ڪري سچ انهن وٽان هميشه لاءِ موڪلائي ويو آهي، جيڪڏهن ڪو به ماڻهو غلطيءَ سان سچ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ڪوڙ ان تي کلندو خوش ٿيندو رهي ٿو.

مان توکي سچ ۽ ڪوڙ جو هڪ واقعو ٻڌائي رهيو آهيان، ڪنهن ماڻهو ڪنن جا پردا خراب ٿي پيا ۽ ڪافي تڪليف ٿيڻ لڳس، جنهن ڪري هو پنهنجي پاڙي جي ڊاڪٽر وٽ ويو ۽ ڪنن جي تڪليف جي حقيقت ٻڌايائينس. ڊاڪتڙ همراهه جي ڪنن کي ڏٺو ۽ پسيو ڏسڻ کانپوءِ ڊاڪٽر مريض کي چيو ته تنهنجي ڪنن جو ملون وٽ ڪو به علاج ڪو نه آهي، تون مهرباني ڪري ڪنهن ڪنن جي اعليٰ ۽ اوچي ڊگري حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر وٽ وڃ. اهو تنهنجو چڱي طرح علاج ڪندو.

بيمار پنهنجي پاڙي جي ڊاڪٽر جي صلاح موجب ڪنهن وڏي ڊاڪٽر وٽ وڃي پهتو ۽ ڊاڪٽر سان ڪنن جي پردن جي سور ۽ تڪليف جو احوال ڪيو. ڊاڪٽر پنهنجي اوزارن سان ڪنن جي پردن کي چڱي طرح جانچي ڏٺو ۽ مريض کي چيائين ته مون وٽ به ان جو علاج ڪو نه آهي، تنهن تي مريض چيس ته ڊاڪٽر صاحب پهرين ڊاڪٽر به جواب ڏنو ۽ اوهان به علاج ڪرڻ کان انڪار رهيا آهيو، مان هاڻي ڪاڏي وڃي ڪاڏي وڃان.

ڊاڪٽر صاحب کي رحم آيو ۽ چيائينس ته وڃي ڪنهن حڪيم وٽ علاج ڪراءِ ۽ ان سان گڏ اهو به چيائينس ته ستين ڦڪين وارا حڪيم نه پر اسان جي ملڪ ۾ اهڙا به حڪيم آهن، جيڪي نڪتدان، نڪته سنج ۽ نڪته شناس هوندا آهن. همراهه ڊاڪٽر جي چوڻ موجب شهر جي ڪنهن حڪيم وٽ وڃي پهتو ۽ حڪيم صاحب کي شروعات کان وٺي پنهنجي روئداد ٻڌائي، حڪيم صاحب سندس ڪنن کي چڱي طرح سان ڏسي مريض کان پڇيائين ته ابا – تنهنجي عمر ڪيتري آهي، همراهه چيس ته سائين منهنجي عمر لڳ ڀڳ ويهه پنجويهه سال ٿيندي، بيمار – حڪيم کان پڇيو ته ڪنن جي سور جو عمر سان ڪهڙو واسطو هوندو آهي.  حڪيم صاحب چيس ته بابا جنهن ڏينهن تون ڄايوآهين ا ن ڏينهن کان وٺي تنهنجي ڪنن جي پردن صرف ڪوڙ ئي ڪوڙ ٻڌو آهي، اوچتو ۽ اچانڪ ڪنهن محفل ۽ مجلس ۾ تنهنجي ڪنن جي پردن کي سچ جو آواز پيو آهي، جنهن ڪري توکي تڪليف ٿي آهي. مريض چيو ته حڪيم صاحب، ان جو ڪو علاج – حڪيم صاحب چيس ته بابا – ان جو علاج صرف هي آهي ته تون هميشه سچ ٻڌڻ کان پرهيز ڪندو رهه. اهو آهي تنهنجي ڪنن جي پردن جو صحيح علاج، مٿين مختصر واقعي کان پوءِ توکي سياست ۽ سچ ۽ ڪوڙ جي ڪل پئجي وئي هوندي.

منهنجا دوست!

مان توکي اڳي به لکي چڪو آهيان ته سياست جو سنڃي ماڻهوءَ سان ڪنهن به قسم جو ساٿ، سنگت، سڳنڌ ۽ سروڪار نه سونهندو آهي. جڏهن به سنڃو ۽ سکڻو ماڻهو سياست جو نالو وٺندو آهي، تڏهن مسمات سياست انهيءَ سڃي جي نادانيءَ ۽ ناتجربيگاري تي وڏا ٽهڪ ڏيئي کلندي رهندي آهي. هونئن به سنڃ ۽ سياست جو ڪٿي ۽ ڪڏهن به پاڻ ۾ ميل ميلاپ ٿيڻ نه صرف مشڪل آهي پر ناممڪن آهي.

دوست! جنهن طبقي سان تنهنجو تعلق آهي انهيءَ طبقي جا ماڻهو صرف پنهنجي پيٽ پالڻ ۾ پورا هوندا آهن، ۽ روزگار ڪرڻ جي راهن ۽ رستن تي هل هلان ۾ هلندا رهندا آهن، تون جيڪڏهن سنڌ جي سياسي تاريخ جا ورق ورائڻ جي ڪوشش ڪندين ته توکي ڪنهن به صفحي تي تنهنجي طبقي جي ماڻهوءَ جو نانءُ نشان نظر نه ايندو.

جيئن ته توکي معلوم آهي ته اسان جي ملڪ جي سياست صرف سرمائيدارن، سرندي وارن، هلندي وارن ۽ پڄندي وارن جي پوئتان پيل هوندي آهي ،جنهن ڪري تنهنجي طبقي جو ڪو به ماڻهو اڄ ڏينهن تائين سياست جي ميدان ۾ ننڍي يا وڏي اليڪشن ۾ ڪامياب ۽ فتحياب ٿيو آهي؟

هونئن به جن ماڻهن کي بنا هڏ هلائڻ جي لکن جي آمدني هوندي آهي ته هو پنهنجي وقت گذارڻ لاءِ پنهنجن محلن ۽ماڙين، بنگلن ۽باغن ۾ ويهي ذهني عياشي لاءِ سياست جو سهارو وٺندا رهندا آهن، ڇو ته سنڌ جي سياست تي شروعات کان وٺي مٿين طبقي جو ئي قبضو رهيو آهي، جنهنڪري هو ڪڏهن ۽ ڪنهن وقت به هيٺين طبقي جي هوشيار ۽پڙهيل ڪيل سجاڳ ۽ سياڻي ماڻهوءَ کي پنهنجي دائري ۾ داخلا نه ڏيندا آهن، هو تنهنجي طبقي جي ماڻهن کي صرف استعمال ڪندا ۽ آرام ۽ آسائش سان من جون مرادون پوريون ڪري موجون ماڻيندا رهندا آهن.

مون کي ياد نه آهي ته ڪنهن به سنڌ جي سياستدان سڏائيندڙ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڪو سڌاري ۽ واڌاري ڀلائي ۽ بهبودي، تعمير ۽ ترقي جو ڪم ڪيو هجي ۽ڪرايو هجي. جيڪڏهن ڪنهن غلطيءَ سان سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڪم ڪيو به هوندو تڏهن به ان ۾ سندس ذاتي ۽ شخصي مقصد ۽ مطلب، نام نمود ۽ شهرت جو هجڻ لازمي هوندو.

ان کان سواءِ انهيءَ طبقي عارضي عهديدارن جون اُهي اُهي خدمتون ۽ خادمي جا ڪم ڪيا آهن، جن جو هتي ذڪر نه ڪجي ته بهتر آهي، ڇو ته گهڻن نازڪ مزاج همراهن جي طبيعت تي ناگوار گذرندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org