سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: وفائي جا خط

 

باب: --

صفحو :6

منهنجا دوست! مان توکي هميشه نيڪين ۽ نصيحيتن جا خط لکندو رهندو آهيان، انهن تي تون عمل ڪرين يا نه ڪرين، ڇو جو تون هن وقت پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ ۽ مختيار آهين.

جنهن محفل ۽ مجلس ۾ سون، چاندي، هيرن ۽ جواهرن، موتين ۽ملهائتي مالهائن جو رات ڏينهن ذڪر ۽ فڪر ٿيندو هجي ته ڪڏهن به اتي وڃڻ جي ڪوشش نه ڪجان، ڇو ته اهي فهم ۽ فراست جهڙين آفاقي خوبين ۽ خاصيتن کان خالي هوندا آهن ۽ هو صرف بي جان پٿرن ۽ چمڪندڙ شين  جي پويان پيل هوندا آهن. پوءِ پائي ۽ پيسن سان پيار ڪندڙن کان هميشه پاسو ڪجانءِ، اهي هڏن جي هڪ مشين مثل هوندا آهن،  جيڪي پئسن گڏ ڪرڻ جي پاراتي جي پاتال ۾ پهتل هوندا آهن. جنهن معاملي ۽ مسئلي متعلق توکي ڄاڻ سڃاڻ نه هجي ته ان تي ڪڏهن به بحث ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪجان ته بهتر آهي، ورنه تنهنجي جهالت ۽ اڻڄاڻائيءَ جا اهڃاڻ ۽ آثار ظاهر ٿي پوندا. هميشه ڪدورت واري ڪارنهن ۽ڪٽ کي ڪٽي ڪوري انسان کي انسان سمجهي، ان جو احترام ڪجانءِ ۽ دردمندن ۽ ڏکايل جي لڙڪن کي دل جي دامن سان اگهڻ جي ڪوشش ڪجانءِ، مٺا ٻول انسان جي شرافت ۽ اخلاق جا سڄڻ ۽ ساٿي هوندا آهن. حسد ۽ ساڙ، ڪينو ۽ بغض، پرائي پچار ۽ پاراتا ڏيڻ اهي هڪ قسم جون بڇڙيون بيماريون آهن، ان جو صرف اهو علاج آهي ته ماڻهو سمورين بيڪار ۽ بيسود ڳالهين کي وساري صرف پنهنجي سڌاري، واڌاري ۽ ترقيءَ ڏانهن توجهه ڏيندو رهي ته بهتر آهي.

دنيا وارن جي دوستي ڪڏهن به اهلِ دل وارن سان جٽاءُ نه ڪري سگهندي آهي. ڇو ته دنيا وارن کي دولت کپي ۽ دل وارن کي دوستي. ظاهري ٺٺ ٺانگر ۽ ڏيک ويک، چمڪ، ڌمڪ ۽ سوديشي سونهن ۽ سوڀيا تي هرکجي نه پئجانءِ ڇو ته انهن سمورن جو اندر کوکلو  ۽خالي هوندو آهي. بيڪار ريتن جي بيسود وسوسن ۾ وڪوڙجي ويندڙن کي ڪڏهن به ڪائنات جي ڪنهن به شيءِ جي ڪل ڪا نه پئجي سگهندي آهي. ڪڏهن به طاقت جي اڳيان عقل جي ڳالهه نه ڪجانءِ. هر محفل ۽ مجلس جي گفتگو جا پنهنجا پنهنجا انداز هوندا آهن، جيستائين توکي ڪنهن به محفل ۽ مجلس جي ماحول جي معلومات نه آهي. تيستائين انهن ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ.

حضرت انسان جو سمورو دارو مدار ماضيءَ جي معاملن ۽ حال جي احوالن کي سامهون رکي پوءِ مستقبل جي منجهيل مسئلن متعلق سوچڻ ۽ سمجهڻ تي هوندو آهي. ڏاهپ جو ڏاڻ هر هڪ لاءِ نه هوندو آهي، ان لاءِ به ڪي شرط مقرر هوندا آهن. زندگي جا تجربا ۽آزمودا به انسان لاءِ هڪ رهبر ۽ رهنما جي حيثيت رکندي، هميشه ئي دستگيري ۽ رهنمائي ڪندا رهندا آهن.

(وفائي)

[10]

خط تنهنجو پهتو هو، مگر بروقت جواب ڏئي نه سگهيس، جنهن ڪري مون کي معاف ڪندا. هن دفعي تو ٻين سوالن کي پرڀرو ۽ پاسيرو رکي صرف ماه مبارڪ جي ڀلاين ۽ برڪتن، ان جي فضيلت ۽ روزي جي فلاسافي جي باري ۾ سوال پڇيو آهي ۽ ٻيو سوال خطن متعلق آهي ته خطن لکڻ جا طور طريقا  ۽ خاص خطن جي حيثيت علم ۽ ادب ۾ ڪهڙي ۽ڪيتري هوندي آهي. منهنجا دوست ! توکي معلوم هئڻ گهرجي ته مون کي مذهب جي مسئلن معاملن جي ”ميم“ جي به معلومات ڪا نه آهي پر ان هوندي به آءٌ پنهنجي محدود مطالعي مطابق ٻنهي سوالن جي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو.

بيشڪ سال جا سڀئي مهينا ڀالارا آهن. پر رمضان اهو برڪت وارو ۽ ڀلارو مهينو آهي، جنهن ۾ رب العالمين دنيا ۽ دنيا وارن تي هڪ آئين جنهن کي اسين قرآن مجيد چئون ٿا ان کي نازل فرمايو. ماهه رمضان کي سال جي ٻين مهينن تي ان ڪري به فضيلت آهي جو هن مهيني ۾ عالمگير انقلاب آيا ۽ انهن سڀني مان جيڪو روحاني ۽ اخلاقي انقلاب عظيم آيو سو به رمضان جي مهيني ۾ ئي آيو. هن مهيني ۾ روزا، قرآن جي تلاوت ۽ ان جي معنيٰ تي غور ۽ فڪر ڪرڻ ڪري، پرهيزگاري ۽ تقويٰ جو عملي طريقو حاصل ٿئي ٿو.  روزو، اسلام جي پنجن اهم ۽ عظيم بنيادن مان هڪ آهي ۽ روزو خدا، رسالت  ۽قيامت جي يقين کي دل ۾ پختو ۽ مضبوط ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي.

هڪ نظر نه ايندڙ ۽ غائب خدا جي رضا کي ڳولڻ ۽ ان جي حڪم جي احترام ۾ پاڻ تي سڄي مهيني لاءِ، ساري ڏينهن تائين کاڌو پيتو بند ڪري ڇڏڻ ۽ پنهنجي ازدواجي خواهشن کي روڪي ڇڏڻ ۽ انهي سلسلي ۾ ڪنهن ٻئي جي نظرداري کانسواءِ پاڻ تي ضابطو رکڻ ايمان ۽ عقيدي جي وڏي مضبوطي آهي. اهڙي طرح خدا شريعت جي حڪم موجب حلال ۽ جائز شين کان پاسي رهڻ مان انسان کي، هي سبق ضرور سکڻو آهي ته جڏهن ته هو آسماني حڪم تي حلال شيون حرام ڪري رهيو آهي، تڏهن هن کي انهيءَ ساڳئي حاڪم جي هميشه لاءِ حرام ڪيل شين کي ڪهڙي طرح پاڻ تي حلال ڪرڻ گهرجي ۽ جن ڪمن کي هن گناهه ٺهرائي، انهن کان روڪيو آهي تن کي ڪيئن ويجهو وڃڻ گهرجي. جيڪو شخص خدا جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ اَن پاڻي جهڙيون حلال شيون پاڻ تي حرام ڪري سگهي ٿو،  تنهن کي اهڙن ڪمن کان ضرور پاسو ڪرڻ گهرجي، جن تي خدا ناراض ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته جيڪو ماڻهو خدا جي رضامندي جو طالب آهي ۽ انهيءَ لاءِ اڃ ۽ بک جون سختيون سهي ٿو، تنهن کي اهو ڪڏهن به نه ٿو سونهي ته هو اهڙا ڪم ڪري جن سان اهو خدا ناراض ٿئي، جنهن کي راضي ۽ خوش ڪرڻ جي کيس ڳڻتي آهي.

اهو ئي سبب آهي جو قرآن پاڪ ۾ روزي کي پاڪبازي ۽ پرهيزگاري جو ذريعو ٺهرايو ويو آهي. ”مسلمانو! اڳوڻين امتن وانگر اوهان تي به روزا انهيءَ ڪري فرض ڪيا ويا آهن ته اوهان پاڪباز ۽ پرهيزگار ٿيو.“ بهرحال رمضان المبارڪ ۾ نفس جي اصلاح، روح جي پاڪيزگي ۽ اعمال جي درستي جا ڪئين دروازا کولي ڇڏيندو آهي. روزي سان خدا جو خوف پيدا ٿئي ٿو. روزي سان بکايل ۽ اُڃايل جو احساس ٿئي ٿو ۽ روزي سان نفس ڪشي ۽ نفساني خواهشن جي مارڻ جي تربيت ملي ٿي. روزي سان صبر تحمل  ۽ ارادي جي مضبوطي پيدا ٿئي ٿي. روزي سان بداخلاقي ۽ بدعادتن کان باز رهڻ جو جذبو پيدا ٿئي ٿو.

ٻيو سوال آهي خطن جي باري ۾، دنيا ۾ هر قسم جا خط هوندا آهن، ڪي دوستن احبابن ڏانهن، ڪي سنگتين ساٿين ڏانهن، ڪي پنهنجن پيارن ۽ پريت وارن ڏانهن، ڪي سياسي ڪي سماجي، ڪي تاريخي، ڪي اصلاحي ڪي اخلاقي ڪي علمي ۽ ڪي ادبي. خاص خطن جو جيڪڏهن ويهي شمار ڪبو ته انهن متعلق ڪيئي ڪتاب تيار ٿي سگهن ٿا. ڪيترا علمي ۽ ادبي، ذاتي ۽شخصي، معلوماتي ۽ معنيٰ خيز خط به هر هڪ ادب جو هڪ وڏو حصو هوندا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن خطن ۾ اهي حڪمت ڀريا لفظ، نيڪ نصيحتون، ناصحانه نڪتا، عالمانه اصول، دور انديشي جا داستان، عقلمندي جا اهڃاڻ، خاص خصلتن جا ڪيئي خزانه موجود هوندا آهن، ڇو ته خط لکڻ خالص ذاتي معاملي ۽ مسئلو هوندو آهي. خط لکڻ وقت گهڻو ڪري انسان جي ذهن، ضمير ۽جذبات کان وڌيڪ سندس دل جي وابستگي هوندي آهي. هزارين اهڙا خط ڏٺا ۽ پسيا ويا آهن، جن ۾ لکندڙ جي اصلي شخصيت سندس قلم جي زبان مان ظاهر ٿي پوندي آهي.

ڪيترا اهڙا راز ۽ رمزون، معاملا ۽ مسئلا، اندر جا حال ۽ احوال اورڻ جا واحد ذريعا خط ئي هوندا آهن. ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون هونديون آهن، جيڪي ماڻهو روبرو نه ڪري سگهندو آهي، مگر هو خط جي ذريعي نه ظاهر ڪرڻ جهڙين ڳالهين کي نهايت ئي معصومانه انداز ۾ بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي ڪاغذ جي سفيد سيني تي نب جي نوڪ سان نروار ڪندو آهي. خط لکڻ بذات خود هڪ وڏو فن آهي، خط جي فني خوبين کان ڪيترائي لکندڙ بي خبر هوندا آهن. خطن جي لکڻ جو بنياد ذاتي، شخصي تعلقاتن تي هوندو آهي. ڪيترن خطن کي پنهنجو پنهنجو مان ۽ مرتبو، شان ۽ شوڪت هوندو آهي. ڪيترن خطن کي کولڻ ۽ پڙهڻ کان اڳ ۾ چميون ڏيئي اکين تي رکي نهايت خيال ۽ خبرداري سان کولي پوءِ پڙهبو ۽ سيني سان سانڍي رکبو آهي. ڪيترا خط بي خبري ۽ بي توجهي سان کولڻ وقت لفافن کي هيٺ مٿي ڪري ۽ ڪاٽي ڪوٽي  خط پڙهي لفافي سميت پر ڀرو ۽ پاسيرو ڪري رکبا آهن. هونءَ به دنيا جي هر ادب ۾ خطن جي پنهنجي حيثيت هوندي آهي، افسوس صرف هن ڳالهه جو آهي ته اسان جي ادب جو دامن ادبي، علمي ۽ تاريخي خطن کان خالي رهندو اچي ٿو.  صرف چند ڪتاب آهن، جن ۾ ذاتي شخصي خطن جو ذڪر ٿيل  آهي، ٻيو مڙئي ٿيو خير. سنڌ جي ڪيترن علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتين وٽ ڪيترا خط موجود آهن، جيڪڏهن هو انهن خطن کي شايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا يا ڪرائيندا ته اسان جي سنڌي علم ۽ ادب جو دامن خطن جي خوبين ۽ خاصيتن کان مالا مال ٿيندو ۽ پڙهندڙن جي به محدود معلومات ۾ ڪافي اضافو ٿيندو رهندو.

دنيا جو مالڪ ۽ خالق جڏهن  حسن وارو آهي تڏهن هن جيڪي شيون پيدا ڪيون آهن، سي لاجواب، خوبصورت پيدا ڪيون اٿس .اوهان جنهن به شئي کي ڏسندا يا پسندا يا پروڙيندا يا جنهن شئي ڏانهن هٿ کڻي اشارو ڪندا سا نهايت ئي دلفريب ۽ دلنشين من کي موهيندڙ، نيڻن ۾ نور ۽ سيني ۾ سرور پيدا ڪندڙ نظر ايندي گويا سموري دنيا جمال ئي جمال آهي، بلڪه هر هڪ ذرڙو ڪمال ۽ جمال جو مظهر آهي.

(وفائي)

[11]

مان توکي مختلف موقعن ۽ مهلن جي مناسبت موجب پنهنجي تلخ تجربن ۽ آزمايل آزمودن جي بنياد تي خط لکندو ۽ تنهنجي سوالن جا جواب ڏيندو رهندو آهيان. مون کي اميد آهي ته تون انهن خطن کي غور سان پڙهي عمل ڪندين ته ان ۾ تنهنجي ڀلائي ۽ بهبودي آهي.  دنيا ۾ سوين اهڙا سوز ڀريا سنيها ۽ پريت ڀريا پيغام نيڪي ۽ نصيحتن سان گڏوگڏ خيرخواهي ۽ خوشخبري جا خط لکيا ويندا هئا، لکبا آهن ۽ لکبا رهبا.

منهنجا دوست هن دفعي مان توکي ڪي مختصر ۽ معنيٰ خيز ڳالهيون لکي رهيو آهيان. تون ضرور انهن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جي ڪوشش ڪجانءِ. زندگيءَ جي سفر ۾ جيستائين انسان سوچي سمجهي اڳ پٺ جاچي جوچي آئنده جو احوال اڳيان رکي سنگتين، ساٿين،دوستن ۽ احبابن جو صحيح انتخاب نه ٿو ڪري تيستائين کيس ڪڏهن ۽ ڪنهن تي به اعتبار ڪرڻ گويا پاڻ کي دوکو ڏيڻو آهي. جيڪي سڄڻ ۽ ساٿي تنهنجي ڪمزورين ۽ ڪوتاهين، غلطين ۽ گناهن کان توکي آگاهه نه ٿا ڪن تن لاءِ ايئن سمجهڻ گهرجي ته هو تنهنجي مخالف ڪندا رهن ٿا. هميشه پنهنجي غلطين ۽ گناهن ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جو اقرار ڪرڻ نفسياتي طرح بلند اخلاقي، بيباڪي ۽ جرئت جو ڪم هوندو آهي.

صحتمند ۽ تعميري نڪته چيني جي هميشه آجيان ۽ استقبال ڪرڻ گهرجي. معاف ڪرڻ ۽ وساري ڇڏڻ وڏ ماڻهپيءَ جي خوبي ۽ خاصيت هوندي آهي. جنهن محفل ۽ مجلس ۾ پرائي پچار جا پهه پچندا هجن ان ڪچهري ۾ ڪڏهن به وڃڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ. ڪفايت ۽ قناعت توکي ٻين جي محتاجي کان هميشه محفوظ رکندي رهندي. پنهنجي راز کي راز ۾ رهڻ ڏيندين ته ان ۾ توکي روح جي راحت ملندي، پر جيڪڏهن تو پنهنجو راز ڪنهن ٻيئي کي ٻڌايو ته توکي ائين سمجهڻ گهرجي ته تو پنهنجي پڳ ٻئي جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي. اعتبار ۽ آسري جي ڪنهن ۾ به اميد رکڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ، ڇو ته انهيءَ آزمائش ۾ هميشه ئي شڪست نصيب ٿيندي رهندي آهي. مٿي نهارڻ کان وڌيڪ هيٺ نهارڻ ۾ تنهنجي ڀلائي ۽ ڀلو ٿيندو رهندو. ٻڌل ڳالهه کي ڪڏهن به دهرائڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ، ڇو ته ٻڌل ڳالهه کي بار بار دهرائيندڙ تمام خسيس ۽ هلڪي مزاج جا ماڻهو هوندا آهن. ڏيتي ليتي ۽ اوڌر واري ڏيڻ وٺڻ کان هميشه ئي پرڀرو ۽ پاسيرو رهجانءِ، انهيءَ ڪاروبار  ۾ ڪيئي ننڍيون وڏيون غلط فهميون ۽ شڪ شبها پيدا ٿيندا رهندا آهن. مذهبي معاملن، عقيدن ۽ ارادن تي ڪڏهن به بحث ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ، ڇو ته هر هڪ ماڻهو پنهنجي سمجهه ۽ سوچ مطابق سوچيندو، ۽ پنهنجي هٽي آهر هوڪي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي. بڇڙائي ۽ بدي، برائي ۽ بيهودگي هميشه انسان جي چڱن جذبن ۽ بلند خيالن کي برباد ۽ تباهه ڪري ڇڏيندي آهي. ان کانسواءِ لالچ ۽ لوڀ، ڪينو ۽ بغض اهي چار ئي شيون ماڻهوءَ کي ذليل ۽ خوار ڪنديون رهنديون آهن. قلم جي ڪرت ۽ ڪتابن جي مطالع مان نئين سمجهه، نئون فڪر ۽ نئون فهم پيدا ٿيندو رهندو آهي ۽ پڙهندڙ جي محدود معلومات ۾ ايڏو اضافو ٿئي ٿو، ڄڻ ساري جهان جو نقشو سندس اکين آڏو اچي بيهي ٿو. وڏن ۽ بزرگن جي جيتري ۽ جيڏي به عزت، احترام ۽ خدمت ڪندو رهندين ته انهن جون دعائون هميشه تنهنجو ساٿ ڏينديون رهنديون. نياز، نوڙت، نهٺائي، ۽ نرمائي جهڙن سهڻين صفتن تي عمل ڪرڻ سان انسان جتي ڪٿي ڪامياب ۽ فتحياب ٿيندو رهندو آهي. ڪنهن به دوست احباب کي ڪڏهن به ڪو ننڍو وڏو اقتدار نصيب ٿئي ته ان کان هميشه ئي پاسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪجانءِ. جيستائين هو توکي ياد نه ڪري تيستائين تون ڪڏهن به هن جي ويجهو نه وڃجانءِ، هميشه هلال ۽ حرام کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجانءِ. پنهنجي پاڙي اوڙي جي پرگهور لهڻ تمام ضروري آهي، ان مان پنهنجائپ جا جذبا ظاهر ٿيندا رهندا آهن. مٿو ٻڌي ڪانڀ ڪڍي ويهڻ وارن جي ڪچهري ۾ ڪڏهن نه وڃجانءِ، ڇو ته اتي صرف سست، ڪاهل، نڪما  ۽ نکمڻا ماڻهو ايندا ويندا رهندا آهن. جي حضوري ڪندڙ ۽ درٻاري ذهنيت رکندڙن جي ڪنهن به ڳالهه تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪجانءِ. متولي، مجاورن، ملن ۽ مولوين جي منجهيل مسئلن ۾ ڪڏهن به منجهي نه پئجانءِ. انسان جي سمورين خوبين ۽ خاصيتن ۾ سندس سهڻي صفت صرف سچ ڳالهائڻ جي هوندي آهي. ڇو ته سچار هميشه  بهادر ۽ بيباڪ هوندو آهي. ڪوڙ ڳالهائيندڙ ڪمزور، ڪانئر، ڪم طاقت ۽ ڪم چور هوندو آهي. هو هڪڙي ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ هزارين ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو.  آهي. واقفيت، لڳ لاڳاپا، وجهه واسطا، ڏيٺ ويٺ، ڄاڻ سڃاڻ، سلام ۽ ڪلام انهن سمورين ڳالهين ۾ تفاوت رکڻ جي ڪوشش ڪجانءِ، جنهن ۾ تنهنجو ئي ڀلو ٿيندو رهندو.

انسان جي رزق جو دارو مدار نيڪ نيتي ۽ مستقل مزاجي تي هوندو آهي. بدنيت ۽ بدبخت هميشه بدنام ٿيندو رهندو آهي. هر معاملي ۾ سچائي ۽ صداقت کي سامهون رکي قدم کڻبو ته پوءِ ڪاميابي ۽ فتحيابي يقيني آهي. خدارا خودداري کي نه ڇڏيو، جنهن کي جيئڻ اچي ٿو، سي هزار بار جيئندا رهن ٿا. مگر جيڪي جيئڻ جي جوت کان جدا آهن، سي پنهنجي ڪمزورين ۽ ڪوتاهين کي لڪائڻ لاءِ ٻين تي نڪته چيني ڪندا رهندا آهن.

(وفائي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org