سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: وفائي جا خط

 

باب: --

صفحو :10 

گويا اهڙي قسم جا سوين سوال پڇي ڪري مون کي منجهائي ڇڏيندو آهين. هميشه ئي هڪ ٻه سمجهداريءَ جا سوال پڇڻ گهرجن.  جن جا سولائيءَ ۽ سهنجائيءَ سان جواب ڏيئي سگهجن.

هن دفعي تو پنهنجي مادري زبان جي متعلق سوال پڇيو آهي. توکي خبر هئڻ گهرجي ته اسان جي سنڌي سٻاجهڙي ٻوليءَ جي سونهن ۽ سوڀيا، سادگي ۽ صفائي، سٺائي ۽ سچائي، بيهڪ ۽ بناوت ۽ اصليت جي ادائن جي جيڪڏهن ويهي واکاڻ ڪبي ته ڪيئي دفتر درڪار ٿي ويندا. اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي سخاوت هن مان ظاهرآهي ته هو هر ڪنهن غير ٻوليءَ جي اکرن کي، اهڙيءَ طرح هضم ڪري ڇڏيندي آهي، جوانهن اکرن جي اصل نسل جي ڪا به ڪل پئجي نه سگهندي آهي، ۽ اهي اکر ائين معلوم ٿيندا رهندا آهن، ته گويا اهي اسان جي مادري زبان جا پنهنجا پيدا ڪيل ۽ پاليل آهن، دنيا جي لسانيت جي ماهرن سنڌي ٻوليءَ کي قديم تر ۽ شاهوڪار ٻولي تسليم ڪيو آهي. منهنجو پنهنجو ذاتي مطالعو ۽مشاهدو آهي، ته جيڪڏهن دنيا جون سموريون ٻوليون هڪ صف ۾ سينگارجي سنوارجي اچي بيهن ته انهن ٻولين جي امامت ۽اڳواڻي صرف سنڌي ٻولي ئي ڪري سگهي ٿي.

ٽيڪنڪ ۽ فن جي لحاظ کان سنڌي زبان جو ڪو به جواب نه آهي. انهيءَ قديمي ٻوليءَ کي هر دور ۾ ميسارڻ ۽ مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، مگر سنڌي زبان جو بنياد ايترو ۽ ايڏو اونهو ۽ مضبوط آهي جو ان کي اڄ ڏينهن تائين ڪا به طاقت ۽ لياقت زير زبر ڪري نه سگهي آهي ۽ نه ڪري سگهندي. ڪڏهن ائين چيو ويو  ته (فارسي، گهوڙي چاڙهسي) ڪڏهن اهي ٻول ٻوليا ويا ته (سنڌ وائي قلم نه آئي).

هن وقت سنڌي زبان کي جيڪو وڏي ۾ وڏو خطرو پيدا ٿي پيو آهي. اهو پروان کان وڌيڪ پنهنجن مان آهي. تون جيڪڏهن سنڌي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب پڙهندو هوندين يا وري ريڊيو ٻڌندو هوندين يا ٽيليويزن ڏسندو هوندين ته توکي معلوم ٿي ويو هوندو ته اهي، مٿيان ادارا سنڌ زبان جي اصليت کي بگاڙي سندس جيڪو حال ۽ حشر ڪندا رهن ٿا، تنهن جوذڪر ڪهڙي زبان ۽ ڪهڙي قلم سان قلمبند ڪجي. جڏهن پنهنجئي پنهنجي ٻولي جي نڙي تي نهن ڏيئي نچوڙي ساهه ڪڍي رهيا آهن، ته سنڌي کان اڻ ڄاڻن تي ڪهڙي ميار او يار. توکي معلوم هئڻ گهرجي ته مذهب کان پوءِ ٻوليءَ جو درجو هوندو آهي.

دنيا جي هيءَ واحد زبان آهي جنهن جي ڪافين، بيتن، ڏوهيڙن ۽ نظم جو ڪنهن به زبان ۾ صحيح معنيٰ ۾ ترجمو نه ٿو ڪري سگهجي. هر هڪ ٻوليءَ جي قادر ڪلامي، اکرن جي رواني، تشبيهون تمثيلون، ترتيبون ترڪيبون، تاويلون، محاورا، مثال بالڪل پنهنجا، مختلف ۽ جدا جدا هوندا آهن. هر ٻوليءَ جي مطالعي مان جيڪو مٺاس ۽ مزو ايندو آهي، سو ڪڏهن به ان جي ترجمي ٿيل نظم يا نثر مان حاصل ٿي نه سگهندو آهي. جن اديبن، شاعرن ۽ عالمن سنڌي زبان جي ڪنهن به  صنف کي ڪنهن به زبان ۾ ترجمي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سي پنهنجو اصل مطلب ۽ مقصد حاصل ڪري نه سگهيا آهن، دنيا جي هر هڪ ٻوليءَ جي نثر جو ترجمو ٿيندو رهندو آهي، ۽ نثر جي ترجمي واري ڳالهه سمجهه ۾ به اچي سگهي ٿي، باقي نظم جي ترجمي مان اصلي مزوڪي لسانيات جا ماهر ماڻي سگهن ٿا.

ترجمو بذات خود هڪ وڏو فن آهي. ترجمو ڪندڙ جيستائين ترجمي ڪندڙ ٻوليءَ جو ڄاڻو ۽ماهر نه آهي، تيستائين هو ترجمي جي فن کي صحيح معنيٰ ۾ سينگاري، سنواري ۽ صفائيءَ سان پيش نه ڪري سگهندو. نظم جو ترجمو آزاد هجي يا فني پابندين ۾ جڪڙيل، ان جي باوجود به نظم جو جيڪو اصلي مزو سندس ٻوليءَ مان حاصل ٿي سگهندو، اهڙو لطف ڪا به غير زبان نه ڏيئي سگهندي.

جيڪي ماڻهو مندن ۽ موسومن ۽ بهارن کان بيخبر هجن، وقت ۽ حالتن ۽ ماحول جي معاملن جي مسئلن کان به محروم هجن، بهادري ۽ بيباڪيءَ جي وصفن جي واکاڻ کان به وانجهيل هجن، محنت ۽ مشقت ڪوشش ۽ ڪاوش کان به ڪيٻائيندا هجن، مختلف گلن ۽ انهن جي جدا جدا خوشبوئن کان به غير واقف هجن، علم ۽ ادب ڪتاب ۽ قلم جي مطالعي ۽مشاهدي جي شعور کان به بي شعور هجن، نيڻن ۾ نلور ۽ سيني ۾ سرور پيدا ڪندڙن نظان کان به ناراض هجن، پريت ۽ پيار، سلام ۽ ڪلام، انس ۾ الفت، محبت ۽ عشق ۾ تفاوت ڪرڻ به ڪورا هجن، سمجهڻ، سمجهائڻ ۽ سمجهي وڃڻ جي سليقي ۽ ساڃهه کان به صاف هجن. پنهنجو رکي ٻين جي کائڻ جا به هيراڪ هجن، پرائي پچار جي پٽ پاراتي جي پاتال ۾ به پهتل هجن، انهن سان ڪهڙي قسم جو گفتگو ڪري سگهجي ٿو.

(وفائي)

[27]

خط تنهنجو پهتو، هن دفعي تو ڪن اکرن جي باري ۾ سوال پڇيو آهي،  منهنجا دوست!

اکرن جي اشارن، آثار، اهڃاڻن ۽ انهن جي جوڙجڪ، جسماني جسامت، بيهڪ ۽ بناوت، زينت ۽ زيب، سونهن ۽ سوڀيا. زير زبر، شد، مد ۽ پيش جي پچار ڪبي ته گهڻو ڪري، انهن جون معنائون ۽مطلب مقصد ۽محاورا بلڪل مختلف ۽ جدا جدا ظاهر ٿيندا رهندا. مگر افسوس جو اسان جا ڪيترا لکندڙ ۽پڙهندڙ همراه پڙهڻ کانپوءِ به اکرن جي اعليٰ ۽ اوچي ادائن جي ادائگي کان به آزاد ۽ آجا هوندا آهن، ڪيترا صاحب وري لکندا اڳ ۾ آهن ۽پڙهندا پوءِ آهن، جنهن ڪري لکڻ، پڙهڻ، سمجهڻ ۽ سوچڻ جو سمورو ڍانچو ذري گهٽ ڊانوان ڊول ٿيندو رهي ٿو، ڪير آهي جو انهن علمي ۽ ادبي معاملن ۽ مسئلن کي صاف ۽ سهڻي نموني ۾ سڌارڻ ۽ سنوارڻ جي ڪوشش ڪري. اسان جي سنڌ ۾ ڪيترا اديب، عالم، محقق، تحقيق ۽ تخليق جا ماهر، لسانيات ۽ لغت جا ڄاڻو ۽ سڃاڻو موجود آهن، جيڪڏهن هو انهن ڪمين پيشين ڪمزورين ۽ ڪوتاهين کي درست ڪري، دستگيري ۽ رهنمائي ڪندا ته پڙهندڙن ۽ لکندڙن لاءِ بهتر ٿيندو.

مگر افسوس هن ڳالهه جو آهي ته هن موجود دور جو صرف هي مزاج مقرر ٿي چڪو آهي ته جنهن کي نيڪي ۽نصيحت ڪرڻ جي، ڪوشش ڪئي ويندي ته گويا پنهنجي مخالفت پئدا ڪبي ۽ ان سان گڏ جيڪڏهن ڪنهن تي احسان ڪبو ته اهو همراهه احسان ڪندڙ جي پڳ لاهڻ جي پهه پهچائڻ ۾ پورو هوندو، جنهن تي تعميري ۽ اصلاحي تنقيد ڪبي ته هو مڇرجي ويندو ۽ جذبات جي تڪڙي وهڪري ۾ وهي ويندو، جنهن ڪري اسانجا ڪيترا اديب ۽ اهل قلم، قلم کڻڻ کان ڪيٻائيندا رهن ٿا.

هن دفعي مان پنهنجي محدود ۽ مختصر معلومات ۽ مطالعي ۽ مشاهدي موجب، ٻن ننڍڙن مختصر ۽معنيٰ خيز اکرن جي باري ۾ ڪي نڪتا تنهنجي پڙهڻ لاءِ پيش ڪري رهيو آهيان. اهي الفاظ آهن هڪ ”وقت“ ۽ ٻيو ”بخت“ انهن لفظن کي جيڪڏهن لغت جو بادشاهه ۽ شهنشاهه چيو وڃي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ڇو ته هر هڪ حرف ٽن ٽن اکرن جو سهڻو، صاف دلنشين ۽دلڪش مجموعوآهي ۽ ان کانسواءِ سڄي ڏينهن جي گفتگو جي دوران ۾ ”وقت“ ۽ ”بخت“ جهڙن اکرن کي بار بار دهرائيو ويندو آهي. ائين ڇو آهي. ڇالاءِ آهي، ڇو ٿي رهيو آهي، ان جو سبب اکرن جي ڪشش ۽ ڪوشش سمجهجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ”وقت“ ۽ ”بخت“ ڪڏهن به، ڪٿي به، ڪنهن لاءِ به، نه ترسيا آهن نه ترسندا، اهي ٻئي لفظ ڪنهن جو به انتظار ۽ اوسيئڙو ڪرڻ نه سکيا آهن. وقت کي ڪڏهن به هٿن جي وٿين مان واري وانگر وهائڻ نه گهرجي ۽ ان سان گڏ بخت جي به عزت ۽ احترام ڪجي ڇو ته اهي ٻئي شيون انسان جي زندگي ۾ بار بار نصيب نه ٿينديون آهن ۽ نه وري انهن کي ڪنهن به قيمت تي خريد ڪري سگهجي ٿو ۽نه انهن جو ملهه ئي مارڪيٽن ۽ منڊين ۾ مقرر ٿيل آهي. الله تعاليٰ پنهنجي نيڪ بخت بندن تي وقت ۽ بخت جا ڀال ڀلائيندو رهندو آهي، ڇو ته جڏهن ڏاتار، ڏڏن کي ڏيڻ تي ايندو آهي تڏهن عقل ۽دانش ٻئي گڏجي حيرت ۽حسرت سان ڏسندا رهجي ويندا آهن. هنن گنهگار اکين سنڌ ۾ اهڙا اهڙا مانجهي مڙس مٿيرا ۽مٿڀرا ڏٺا ۽ پسيا هئا جن کي سڄي زندگي بخت نه ڇڏيو مگر هو بخت کي لتان هڻي، هن فاني جهان کان الوداع ڪري وڃي پنهنجي حقيقي حاڪم اڳيان حاضر ٿيا ۽ ڪيترا همراهه اهڙا به ڏٺا ويا آهن، جن سڄي زندگي بخت جي برادري، ڀائيواري ۽ ڀائيچاري لاءِ واجهه وجهيو واجهائڻ، سان گڏ ان جي حاصل ڪرڻ لاءِ هل هلان، ڀڄ ڀڄان ۽ وٺ وٺان جي راهن ۽ رستن، پنڌن ۽ پيچرن ۾ پنهنجا پويان پساهه پورا ڪري ڇڏيا، مگر بخت بادشاهه انهن جي ڪوششن ۽ ڪاوشن، محنتن ۽ مشقتن ڏانهن ڪڏهن به اک کڻي نهارڻ جي تڪليف گوارا نه ڪئي. وقت  جون به ساڳيون ئي خوبيون ۽ خاصيتون آهن، وقت جنهن جو ساٿ ڏيندو آهي، ان ساٿي کي آسمان جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيندو آهي. مگر جنهن کان ناراض ٿيو ته وڃي تحت السريٰ جي تري ۾ ڦٽو ڪندس. جنهن انسان جي ڪڍ وقت ۽ بخت هجي ته ڪڏهن به ان جي مخالفت نه ڪجي پر جيڪڏهن ڪي مت جا موڙها، اکين هوندي انڌا، ڪنن هوندي ٻوڙا مخالفت ڪندا ته ڄڻ پنهنجي خلاف محاذ کڙو ڪري رهيا آهن. تنهن ڪري هر ماڻهوءَ کي گهرجي ته هو پنهنجي ذاتي ۽ شخصي ۽ انفرادي فائدن کي پرڀرو ۽ پاسيرو رکي، اجتماعي، ملڪي ۽ قومي سڌاري ۽ واڌاري تعمير ۽ ترقي جي معاملن سان ساٿ ڏيئي ”وقت“ ۽ ”بخت“ جي مخالفت نه ڪري ته بهتر آهي، جنهن ۾ سندس ئي فائدو آهي.

[28]

خط تنهنجو پهتو هن دفعي تو ڏيڻ، وٺڻ ۽ رکڻ جي باري ۾ پڇيو آهي.

ڪائنات جي سموري ڪاروبار ۽ ڪم ڪار جو ڪارخانو ڏيڻ وٺڻ ۽ رکڻ جي، رازن ۽ رمزن جي راهن ۽ رستن ۾ هلندو هو، هلندو رهي ٿو ۽ هلندو رهندو. ڏيڻ ۾ ٽي اکر وٺڻ ۾ به ٽي حرف ۽ رکڻ به ٽن لفظن جو مجموعو آهي، سندن بيهڪ، بناوت ۽ نقشي جو بنياد به ساڳيو آهي. انهن ننڍڙن ٽن اکرن تي جيڪڏهن غور ۽ فڪر ڪبو ته زندگيءَ جي سمورن ساٺ سنوڻن، ساز ۽ سامانن جو سمورو دارو مدار ٽن اکرن تي چيو وڃي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ  ڪو نه ٿيندو. ڏيڻ ڏيهه جي ڏاتار طرفان ڏات هوندي آهي وٺڻ وارا هميشه وساميل، وانجهيل ۽ وائڙا هوندا آهن ۽ رکڻ وارن کي ڪڏهن به ڪٿي به چڱن لفظن سان ياد نه ڪيو ويندو آهي. انهن ٽن ننڍڙن لفظن جي معنيٰ مطلب، ۽ مقصد جي جيڪڏهن تشريح ڪبي ته ڪيئي دفتر درڪار ٿي ويندا. ڏيڻ وٺڻ ۽ رکڻ جي فلاسافي جي فتويٰ جو فيصلو هي ٿيل آهي، ته جنهن کي ڏجي ان کي وساري ڇڏجي ۽ جنهن کان وٺجي ان کي سڄي زندگي ياد ڪندو رهجي، جنهن جي معنيٰ اها ٿي ته ڏبو آهي وسارڻ لاءِ ۽ وٺبو آهي ياد ڪرڻ لاءِ ۽ رکبو آهي، خراب خوار ٿيڻ لاءِ. مگر هن دور جو عجيب ۽ غريب مزاج آهي ته وٺجي ٿو سوارڻ لاءِ، ڏجي ٿو ياد ڪرڻ لاءِ ۽ رکجي ٿو بدنام ٿيڻ لاءِ. هونئن به رکيل ۽ ميڙيل مال پنهنجو هجي يا پرايو هميشه ئي مصيبتن، مخالفتن ۽ محاذ آرائين جا آثار ۽ اهڃاڻ ظاهر ڪندو رهندو آهي.

اسان جي مذهب، عقيدي ۽ اصول ۾ رکڻ جو رواج ۽ روايت بلڪل ڪا نه آهي. صرف هي حڪم ٿيل آهي ته ايترو رکو جو ڪڏهن به ڪنهن وقت به ڪنهن  جو محتاج نه ٿيڻو پوي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي ضروريات پوري ٿيڻ کانپوءِ ٻين ضرورتمندن جي ضرورت انهن ڌيان ڌرڻ لاءِ بار بار چوي ويو آهي. هونئن به وکر اهو وهائجي جيڪو پئي پراڻو نه ٿئي.

سي لنڊيون لک لهن، جيڪي پنهنجو ڏين ڏيهه کي.

سي ستيون سڀ مرن، جيڪي پنهنجو رکن پاڻ سين.

ڏنو ڪنو نه ٿئي، توڙي ٿورو توڙي گهڻو.

مٽر ۽ چڻو، جيئن ڀيل تيئن ڀلو ٿئي.

هاڻي تون ڏيڻ وٺڻ ۽ رکڻ جي رواج ۽ رسمن جي سمورين معنائن، مقصدن ۽ مطلبن کان چڱي طرح واقف ٿي ويو هوندين. اسان ڪيڏا نه خوش نصيب آهيون جو اسان جي قومي شاعر جي رسالي جي ڪنهن به سر، داستان، بيت، بيان، ڪافي، ڪلام ۽ وائي ۾ ٽي لفظ نظر نه ايندا. هڪ ”قصيدو“، ٻيو ”جهان پناهه“، ٽيون ”ظل سبحاني“. جنهن ڪري اسان پنهنجي قومي شاعر تي جيترو فخر ڪريون سو گهٽ آهي. هونئن به قومي شاعر ان کي چيو ويندو آهي، جنهن شاعر پنهنجي مادري زبان ۾ شاعري ڪئي هجي. اسان جا اديب، شاعر ۽ محقق مبارڪ جا مستحق آهن، جن پنهنجي لياقت ۽ طاقت آهر شاهه تي ڪم ڪيو آهي ۽ ڪندا رهن ٿا. پر اڃان تائين شاهه سائين جي شان شوڪت، مان ۽ مرتبي، عزت ۽ احترام ۽ ان جي انقلابي سوچ، عوامي دوستي، پورهيت جي پارت، ڪامين  ۽ ڪڙمين سان قرب، هارين سان همدردي ۽ وطن پرستي جي باريڪ نقطن کي صحيح معنيٰ ۾ اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. اسان جي سکي ستابي سرسبز سنڌڙي سان جن عشق جي داستانن جو وجهه واسطو، لڳ لاڳاپو  ۽تعلق آهي، انهن سمورن داستانن ۾ پهريون نالو عورت جو اچي ٿو، صرف هڪ ئي داستان آهي، جنهن ۾  مرد جو نالو پهريون آيو آهي، اهو آهي، عمر ۽مارئي. ان کانسواءِ شاهه سائين پنهنجن سمورين سورمين جي واتان اُهي اُهي دلخراش ۽ درد ڀريا داستان دهرائيندو رهيو آهي. جن جو مثال دنيا جو ڪو به شاعر پيش نه ٿو ڪري سگهي. عورتن جي واتان  هر هڪ ڳالهه نهايت ئي بيباڪيءَ ۽ بهادريءَ سان بيان ڪرائي وئي آهي. مگر مردن طرفان سواءِ ميهار جي ٻئي ڪنهن به هيري کان ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍرائي آهي. صرف ميهار جي طرفان بيت بيان ڪرايو آهي، ان بيت جي آخري سٽ آهي ته:

درياه توتي دانهن، ڏينديس ڏينهن قيام جي

جيڪڏهن درياهه عاشقن جي عزت ۽ احترام ۾ پنهنجو تيز وهڪرو ساعت ۽ گهڙي پلڪ ۽ پهر لاءِ بند ڪري ڇڏي، ها ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها ۽ نه وري شاهه صاحب کي سر سهڻي ۾ ميهار جي واتان درياه تي دانهن ڏيڻ جو موقعو ملي ها. عاشقن جي آهن ۽ دانهن کان پوءِ درياه پنهنجي اصلي رستن ۽راهن کان هٽجي ويو، اڄ ڏينهن تائين سندس قديم راهه ۽ رستا، گام ۽ گس، ڪپر ۽ ڪنڌين جا نشان ڏسڻ  ۽ پسڻ ۾ ايندا آهن. درياهه جڏهن اونهاري ۾ پنهنجي اوج ۽ عروج ۾ اچي ٿو تڏهن سندس بيقرار لهرون ۽ بيچين ڇوليون ڇوهه ڇنڊينديون ڪپرن ۽ ڪنڌين کي ڪمزور ڪنديون ڪيرائينديون رهنديون آهن. وري جڏهن سياري جي مند موٽي ايندي آهي تڏهن منهن ملول ۽ مايوس ٿي ويندو اٿس ۽ سندس سمورو وجود وهندڙ وهڪرن ۽ واهڙن جي ور چڙهي ويندو آهي، جنهن ڪري مال متاع ۽ ايندڙ ويندڙ سندس سيني تي قدم رکندا آرام ۽ اطمينان سان ايندا ويندا رهندا آهن. عاشقن جي عزت ۽ احترام نه ڪرڻ ڪري پنهنجي شرم کي لڪائڻ لاءِ سمنڊ جو سهارو وٺندو رهندو آهي.

ميهار جيڪا درياه تي دانهن ڏني آهي، ان بيت جي سٽ ۾ اکرن جو سٽاءُ اهڙي سهڻي نموني ۾ سونپيو، سنواريو، سموهيو ۽ سڌاريو ويو آهي جو پڙهندڙ دنگ رهجي ويندا. مان ڀانيان ٿو ته هن کان اڳ ڪنهن به محقق ۽ شاهه جي شيدائي ڪڏهن به انهن اکرن جي روانگي، عام فهمي، جوڙجڪ، قادر قلامي ۽ حسن طرف ڌيان نه ڌريو آهي. پنجن اکرن جي مناسبت ڪري مهراڻ،  ميهار، ۽ وهڪري کي وچ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. مهراڻ ۾ به پنج اکر، ميهار ۾ به پنج اکر، وهڪري ۾ به پنج اکر، درياهه ۾ به پنج اکر، دانهن ۾ به پنج اکر، ڏيندس ۾ به پنج اکر، ڏينهن ۾ به پنج اکر، ۽ قيام جنهن جي معنيٰ آهي، قيامت ان ۾ به پنج اکر آهن. هاڻي تون پاڻ ويهي فيصلو ڪر ته پنجن جو ايڪو ۽ اتحاد ڪيڏو نه سهڻو ۽ صاف آهي. شاهه جي سمورين سورمين مان صرف سسئي ئي هڪ سورمي آهي، جنهن کي سامائڻ سان سورن ۽ سختين سوگهو ڪيو هو. هن سورن جي ستايل سورميءَ جا پرديسين ۽ پراين سان پريت ۽ پيار جا پلو ۽ پيوند پئجي ويا هئا. ”رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايم جت سين.“ جتن جي جور ۽ جفائن، جهيڙن، جٺين ۽ جنگين، طعنن ۽تنڪن، پارت ۽ پاراتن، ڏيرن جي ڏاڍن  ۽ڏمرن، ڏکن، ڏوجهرن ۽سورن جي ستايل سسئي کي جڏهن سندس ظاهري حيلن ۽ وسيلن، اميدن ۽ آسرن کان نااميدي ۽ نراسائي نظر آئي، تڏهن پنهنجي ور کي ورائڻ لاءِ ڀنڀور جي ڀت کي آخري ۽ الوداعي چمي ڏنائين ۽ ان چمي جي اوچي ۽ اعليٰ آواز جي ادا کي اسان جي شاهه سائين هن طرح ادا ڪري اسان کي بيداري ۽ سجاڳي جو سنيهو ۽ سبق سيکاريندي فرمايو ته:

”ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org