[5]
تنهنجو خط پهتو ۽ احوال معلوم ٿيو. تو بنا
سمجهه، سوچ جي جذبات جي تڪڙن وهڪرن ۾ وهي ڪري
حڪايتن ۽ شڪايتن
جا دفتر کولي ڇڏيا آهن. منهنجا سڄڻ، انسان کي
ڪڏهن به جذبات کان ڪم نه وٺڻ گهرجي ته بهتر آهي.
اڳئين خط ۾ مان توکي صرف ٻن سوالن جا جواب نه
ڏنا هئا ۽ واعدو ڪيو هو ته ايندڙ خط ۾ تنهنجي
انهن سوالن جا ڏيندس. هن دفعي تو هڪ تاريخي سوال
پڇيو آهي، يعني امام احمد بن حنبل ۽ ابو الهثيم
حدار جو. پهرين ته مان توکي اڳين ٻن سوالن جو
جواب ڏيان ٿو، ان بعد هن تاريخي سوال جو جواب
ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس. خلافت تحريڪ جي تاريخي پس
منظر کان
اسان جا ڪيترا دوست ۽ احباب ۽ نئين ٽهيءَ جا
نوجوان بي خبر آهن، ته خلافت تحريڪ ڇا هئي، هن
تحريڪ جو تعلق خاص طرح سنڌ جي مسلمانن جي سياسي
سجاڳي، بيداري، بهادري ۽ بي باڪي سان هو.
انهيءَ تحريڪ کي دٻائڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ انگريزن
هر ممڪن ڪوشش ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هڪ
انگريز دوست مولوي فيض الڪريم کان ترڪي جي خلافت
جي برخلاف حجاز جي شريف حسين جي فائدي ۾ هڪ
رسالو لکرايو، جنهن جو انگريزي ۾ به ترجمو
ڪرائي، ڪن چالاڪ ماڻهن جي اونهين چالبازين سان
انهيءَ تي صحيحون وٺي هزارن جي تعداد ۾ ڇپائي
عوام تائين پهچايو ويو ته جيئن ترڪيءَ جي حڪومت
سان ماڻهن جي وڌندڙ همدردي ختم ٿئي ۽ انگريزن جي
طرفدار شريف حسين جو بچاءُ ٿي سگهي. انهيءَ
رسالي جي شايع ٿيڻ سبب سنڌ ۾ تحريڪ کي نقصان
پهچڻ جو سخت انديشو پيدا ٿي پيو هو. ليڪن منهنجي
والد سائين مولانا دين محمد وفائي رحه انهيءَ
ڳالهه کي هڪدم محسوس ڪيو ۽ انهيءَ رسالي جي
برخلاف سخت پروپئگنڊا جو ڪم شروع ڪيو. ساڳئي وقت
امروٽ شريف ۾ قدوت السالڪين حضرت مولانا سيد تاج
محمود رحمت الله عليه جي نظرداري هيٺ، انهيءَ
”تحقيق الخلافت“ جي جواب ۾ ”اظهار الڪرامت“ نالي
رسالو لکي تيار ڪيائين ۽ مارچ 1920ع ۾ لاڙڪاڻه
جي خلافت ڪانفرنس ۾ جنهن ۾ مولانا ابوالڪلام
”آزاد“، مولانا عبدالباري مرحوم لکنوي ۽ مولانا
شوڪت علي شريڪ ٿيا هئا، اهو رسالو ورهايو ويو
هو ۽ جلد ئي والد سائين کي جميعت العلماءَ سنڌ
جو ناظم مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ انگريز
پنهنجي مڪارانه چال کان ڪم وٺي خلافت جي بانين ۽
ڪم ڪندڙن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ امن سڀائون قائم ڪرڻ
جو ڪم شروع ڪيو، يعني سنڌ جي سياست سنڌ جي مخلص
۽ محافظن کان کسي پنهنجي پيدا ڪيل ڇاڙتن جي هٿن
۾ آندائون. اهي امن سڀائي ڪير
هئا؟.............. سنڌ جي زردارن ۽ زميندارن
مان ڪن کي خانبهادر جي خطاب سان خوش ڪيو ويو ۽
ڪن کي خانصاحبيءَ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ وڌو ويو. ڪن کي
لونگين جي نوازش ڪئي ويئي ڪيترن کي ڪلٽر،
ڪماني ۽ ڪمشنر جي درٻارن ۾ ڪرسين تي ويهڻ جا
نمبر ڏنا ويا ۽ اهڙيءَ طرح هڪڙي طبقي کي طاقت
ڏيئي سنڌ جي عوام جو ستياناس ڪيو ويو. سنڌ جي
سياهه بختي تي جيترو به ماتم ڪجي اوترو گهٽ آهي.
پنهجن پراون جيترا به سنڌ ۽ سنڌين سان ڪلور ۽
ڪيس ڪيا آهن، تن دردن جي داستان کي ڪهڙي زبان ۽
ڪهڙي قلم سان قلمبند ڪجي. مون سنڌ جي ڪيترن ئي
سورمن ۽ سياستدانن جي طبيعت ۽ خلوص جو نهايت ئي
ويجهو ويهي مطالعو ڪيو آهي ته اهي ڏسڻا وائسڻا
رهبر ۽رهنما زندگي جي ڪاروان جي هر قدم ۽ هر
منزل تي رهزن نظر آيا آهن. يعني پهريائين مطلب ۽
مقصد پنهنجو، ان بعد ملڪ ۽ قوم!
ٻيو سوال تنهنجو سکر جي مسجد منزل گاهه متعلق
هو. سڄڻ! سمجهه آيم ته سکر سونهارو منهنجي
سامهون هو. سکر جي سونهن ۽ سوڀيا جي باري ۾ ڇا
لکي ڇا لکجي. جن سڄڻن ۽ ساٿين سکر شهر کي ڏٺو
هوندو، اهي ئي شهر جي هر ادا جو اندازو لڳائي
سگهندا ته سکر ڇا هو. انهيءَ شهر ۾ مسجد منزل
گاهه جو هڪ خوني ڊرامو تيار ڪيو ويو، جنهن کي
مذهبي رنگ ڏيئي ڪن فتني انگيز دماغن انهيءَ باهه
کي ڀڙڪايو جن جو اسلام ۽ مذهب سان ڪنهن به قسم
جو ڪو به واسطو، وجهه ۽ لڳ لاڳاپو ڪو نه هو. نه
هو اسلام پسند هئا ۽ نه اسلام پرست. مگر هو
پنهنجي چالاڪين ۽ چالبازين سان ان وقت الله بخش
سومري جي وزارت کي ختم ڪري پاڻ ان تي قابض ٿيڻ
گهرن پيا ۽ انهن انهي خالص سياسي حرڪت ۽ حرفت کي
مذهبي رنگ ڏيئي سنڌ جي ڪيترن سادن سودن، سنون
سڌن، سنڌين جا خاندان ۽ گهر تباهه ۽ تلف ڪري
ڇڏيا ۽ ڪيترائي ڪونڌر ڪسجي ويا.
جڏهن مسجد منزل گاهه انهن اسلام پرست ۽ اسلام
پسند ٽولي کي ملي تڏهن ان مسجد ۽ ان جي ميدان
سان جيڪا به بي توجهي ۽ بي پرواهي ڪئي ويئي، ان
کان هر هڪ باخبر ماڻهو بخوبي واقف آهي. اڄ اها
مسجد منزل گاهه انهن ليڊرن جي ذهنيت تي ماتم
ڪندي رهي ٿي. مسجد منزل گاهه ۽ ساڌ ٻيلو بلڪل هڪ
ٻئي جي آمهون سامهون آهن ۽ انهن ٻنهي عبادت گاهن
جي وچ ۾ صرف بندر روڊ جي وٿي ۽ وڇوٽي آهي. هو هڪ
ٻئي کي ڳجهه ڳوهه ۾ مهراڻ جي معرفت
سنيها ۽ سلام موڪليندا رهندا آهن. انهن جي راز ۽
نياز کان بکر جو قلعو بخوبي واقف آهي، اسان جي
درياهه جون به عجيب ادائون هونديون آهن. بکر جي
قلعي سان باتيون
ڪندو، ساڌ ٻيلي سان سينو سيني سان ملائيندو،
بئراج جي پل جي دروازن ڏانهن ڌوڪيندو اڳتي وڌندو
رهندو آهي. اهو ساڳيو ئي تاريخي بکر آهي جتي
قاضي قادن کان وٺي ويندي مسجد منزل گاهه تائين
ڪيترائي خوني ڊراما ٿي گذريا آهن.
جڏهن وري ون يونٽ کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ اعليٰ
اختياري وارن کي ضرورت ٿي تڏهن انهن انهيءَ
ساڳئي ٽولي کي استعمال ڪرڻ لاءِ انتخاب ڪيو ۽
کين وزارتون ڏيئي ون يونٽ کي وجود ۾ آندو.
انهن جي حرڪت ۽ حرفتن ڪري سنڌ ۾ ڪي سياسي سيلاب
آيا ۽ انهن سيلابن سنڌ جي سادي سودي، بي زبان ۽
اٻوجهه عوام تي سوين سور ۽ سختين جا واهوڙ وهائي
ڇڏيا ۽ ڪئين ملاکڙا ۽ ميڙا متا ۽ ڪيترن پڙن جون
ٻانهون ڀڳيون ۽ نرالا ناٽڪ ۽ نظارا نروار ٿيا.
انهيءَ سياسي وٺ پڪڙ ۽ ڌماچوڪڙيءَ ۾ ڪيئي سنڌ جا
ليڊر ٿوري لالچ ۾ وڪامي ويا ۽ ڪيترن ڪرسي جي نشي
۾ ڪڌا ڪرتوت ڪيا ۽ ڪيترا ئي صاحب جيڪي ڪالهه
مانيءَ لاءِ محتاج هئا يا قرض ۾ ڪارا هئا سي
ڏسندي ڏسندي قارون ٿي پيا. خير انهيءَ ڪارخير ۾
ان جنس جا سمورا صاحب هڪ جهڙا ثابت ٿيا ۽ ون
يونٽ وجود ۾ آڻي پوءِ ساهه کنيائون.
ٽيون سوال تنهنجو امام احمد بن حنبل متعلق آهي.
تاريخ جي مطالع مان معلوم ٿئي ٿو ته امام احمد
بن حنبل جي فرزند جو بيان آهي ته منهنجو والد
سائين هيئن چوندو هو ته:
”رحم الله ابا الهثيم! غفر الله لا ابا الهثيم“
(يعني خدا ابو الهثيم تي شل رحم ڪري! ان کي معاف
ڪري ڇڏي.)
جنهن تي هڪ دفعو مون کانئن پڇيو ته ابوالهثيم
آهي ڪير؟
چيائون جنهن ڏينهن سرڪاري سپاهي مونکي بادشاهي
درٻار ۾ وٺيو ٿي ويا جتي مون کي ڦٽڪا لڳايا ويا
هئا، ته واٽ تي مون کي هڪڙو شخص مليو، جنهن مون
کان پڇيو ته مون کي سڃاڻو ٿا؟ آئون مشهور معروف
چور ۽ عيار ابوالهثيم حدار آهيان، منهنجو نالو
بادشاهي رجسٽر ۾ به داخل آهي. ڪيئي دفعا چوري
ڪندي پڪڙيو آهيان ۽ وڏيون وڏيون سزائون ڀوڳيون
اٿم، رڳو ڦٽڪن جي سزا کي کڻي ڳڻيون ته سڀئي
ملائي ڪري گهٽ ۾ گهٽ 18 هزار ڦٽڪا ٿيندا، جيڪي
منهنجي پٺيءَ تي لڳايا ويا آهن. تنهن هوندي به
منهنجي استقامت جو اهو حال آهي جو اڃا تائين
چوري کان باز نه آيو آهيان. منهنجي استقامت به
ڏيکاري نه سگهئين ۽ دين حق خاطر چند ڦٽڪن جون
ضربون برداشت نه ڪري سگهئين؟ اهو ٻڌي مون سوچيو
ته واقعي جيڪڏهن حق جي راهه ۾ ايترو به نه ڪري
سگهياسين جيترو هڪ چور ڌاڙيل دنيا ڪارڻ ڪري سگهي
ٿو ته پوءِ حيف آهي اسان جي عبادتن ۽ بندگين تي!
۽ لک ڀيرا بهتر آهي بت پرستي، اسان جي هن
خداپرستيءَ کان.
[6]
تنهنجو گهڻي وقت کان وٺي شڪايتن ۽ حڪايتن جو هڪ
وڏو لنبو چوڙو خط پهتل آهي، جنهن جو بروقت جواب
نه ڏئي سگهيو آهيان. ان جا ته سوين سبب آهن.
هتي ڪهڙا لکي ڪهڙا لکجن. ڪراچي جي بي انتها
مصروف زندگي ۾ وقت ۽ واندڪائي جو ملڻ مشڪل ۽
محال ٿي پيو آهي. گويا حضرت انسان هن هڻ هڻان ۽
وٺ وٺان، ڀڄ ڀڄان، ڊڪ ڊڪان ۽ بي صبري جي بي
انتها ۽ بي مقصد وهڪرن جي اهڙو ور چڙهي ويو آهي
جو کيس سموريون صلاحيتون ۽ قابليتون صرف جهنم
جهڙي ڀڀ کي ڀرڻ ۾ پوريون ٿينديون رهن ٿيون، ان
ڪري آهسته آهسته فهم ۽ فڪر، عقل ۽ ادراڪ ختم
ٿيندو رهي ٿو. جنهن جو هتي ذڪر نه ڪجي ته بهتر
آهي. تو پنهنجن جي پرڪارن تان پردو کڻندي پراين
جو به ذڪر ڪيو آهي. منهنجا ڀاءُ، توکي خبر هئڻ
گهرجي ته جنهن کي اسان سماج چئون ٿا ان سماج ۾
جيڪي به جاگيردارانه نظام جون بي انتها بڇڙايون،
بديون ۽ بدعتيون پيدا ٿيل آهن، ان هٿرادو رسم
رواجن کي ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان ختم ڪري سگهجي
ٿو، اهو پنهنجي مٿي هڪ وڏو بحث آهي. مان ڀانيان
ٿو ته اڃان تون ڪنهن به قصي ۽ ڪهاڻي جي تهه
تائين نه پهچي سگهيو آهين. توکي هن ڳالهه جي
شايد خبر نه آهي ته هن ميدان ڪارزار ۾ تعليم ۽
تربيت، علم ۽ عقل، مشاهدي ۽ مطالع کان وڌيڪ
انسان لاءِ تلخ تجربا ۽ آزمايل آزمودا اهڙا سبق
هوندا آهن، جيڪي دل جي ڦرهي تي نقش ٿي ويندا
آهن.
دوکن، دغائن، فريب ۽ فسادن ۽ ڪوڙ جي اونهي
اوڙاهه جي آويڙ ۾ اڙيلن کي هر قدم تي فريب کائڻ
کانسواءِ ٻيا ڪاري وارا ڪک نظر ايندا رهندا آهن.
انسان جي به عجيب فطرت آهي ته هو هميشه ئي ظاهري
زينت، زيب ۽ نروار ٿيندڙ نظارن جو مشتاق ۽
متوالو هوندو آهي، جنهن ڪري هو انهن آسرن اميدن
تي پنهنجي زندگي جي مستقبل جا پلئه ۽ پاند پختا
ڪري ويهي رهندو آهي. موقعن، مهلن، وقتن ۽ حالتن
جي مناسبت ڪري اهي سمورا ظاهري اميدن ۽ آسرن جا
مينار هميشه دوکو ڏيندا رهندا آهن.
منهنجو پنهنجو ذاتي مشاهدو ۽ مطالعو آهي ته هن
دنيا ۾ انسانيت ۽ اعتبار اهي ٻئي لفظ دلڪش ۽
دلنشين ٿي ويا آهن، جيڪي صرف بنا عمل جي استعمال
ڪيا ويندا آهن. ان سان گڏ انهن اکرن کي سفيد
ڪاغذ جي سيني تي غزل ۽ گيتن، ڏوهيڙن ۽ بيتن گويا
نثر ۽ نظم جي قاعدي قانون مطابق سهڻي نموني ۾
سينگاريا ويندا آهن. دوست! انسان جو بنيادي
سرمايو صرف سچ آهي. جن سچارن سچ کي سيني سان
سانڍي زندگي جو مول، متو ۽ مقصد مقرر ڪيو آهي،
اهي دنيا جي سمورين نعمتن کان مالا مال آهن،
انهن جو ايمان ارادو صرف اهو آهي ته سواءِ سچ جي
هن دنيا ۾ قلب جي قرار ۽ من جي ميٺاس واسطي ۽
انسانيت جي پيار ڪرڻ لاءِ ٻي ڪا به راهه ۽ رستو،
پنڌ ۽ پيچرو، گام ۽ گس ڪو نه آهي. تو ڪجهه
پنهنجي حالتن جي شڪايت ڪئي آهي، جيڪا توکي نه
ڪرڻ گهرجي. بهادر ۽ بيباڪ مڙس ڪڏهن به همت نه
هاريندا آهن. عارضي وقت جي اٿلن پٿلن ۽ تيز
تبديليون مانجهي مڙسن جي مڻيا کي منجهائي نه
سگهنديون آهن. همٿ ۽ حوصلو هڪ اهڙو هٿيڪو هٿيار
آهي، جنهن سان ٻيو ڪو به هٿيار مقابلو نه ڪري
سگهندو آهي
[7]
خط تنهنجو پهتو ۽ احوال معلوم ٿيو، هن دفعي آئون
تنهنجي سمورن سوالن کي پرڀرو ۽ پاسيرو رکي صرف
ڪتاب ۽ اديب ٻنهي متعلق ٻه اکر پيش ڪري رهيو
آهيان، جيئن جيئن وقت جي تيز رفتاري وڃي ٿي تيز
ٿيندي، تيئن تيئن زندگي جي هر ڪاروبار ۽ هر ادا
۾ وڃي ٿو اضافو ٿيندو، گويا وقت ۽ حالتن جي
مطابق هر هڪ شيءِ جو اڳتي وڌڻ لازم ٿي پيو آهي.
منهنجو پنهنجو ذاتي خيال آهي ته دنيا جي سمورن
ڪمن ڪارين، ۽ وڻج واپارن کان ڏکئي ۾ ڏکيو ۽ مشڪل
کان مشڪل ڪم قلم جي ڪرت يعني تصنيف ۽ تاليف آهي.
جن به بزرگن ۽ اديبن جو تصنيف ۽ تاليف سان تعلق
آهي، انهن کي ئي ان ڳالهه جو احساس ۽ اثر هوندو
ته تصنيف ۽ تاليف ڇا آهي. هونئن به هن قحط
الرجال جي دور ۾ قدردانن جي ايتري ڪمي، قلت ۽
گهٽتائي ٿي رهي آهي جيڪڏهن ناقدردانن جو هتي ذڪر
نه ڪجي ته بهتر آهي. ڇو ته قلم، مس ۽ ڪاغذ ضايع
ٿي ويندو. ڪتاب پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، ٻڌڻ ۽ٻڌائڻ
نهايت آسان ۽ سولو ڪم هوندو آهي.
مگر ڪتابن تي صحيح معنيٰ ۾ تبصرو يا تنقيد ڪرڻ
سڀ ڪنهن اهل قلم جو ڪم نه هوندو آهي. تنقيد ۽
تبصرو پنهنجي مٿي هڪ وڏو فن آهي. جيئن ته علمي
ادبي دنيا جي ٻين صنفن وانگر هن فن جا به ڪي
قائدا قانون قائم ٿيل هوندا
آهن،
جنهن ڪري تبصرو ڪندڙ ڪڏهن به انهن قانونن جي
ڀڃڪڙي ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي.
افسانو هجي يا ڊرامو، ڪهاڻي هجي يا قصو، نثر هجي
يا نظم. ان ۾، فڪر، فهم، عقل ۽ ادراڪ جي ادا جو
هجڻ تمام ضروري آهي. ٿورو ئي لکجي مگر ان ۾ ڪا
گهرائي هجي ڇو ته جيستائين قلم جي ڪرت ۾ ڪا
ڪارائتي ۽ ڪم واري شيءِ نه هوندي، تيستائين نه
لکندڙ جي محنت ئي صاب پوندي نه وري پڙهندڙن کي
ئي مزو ايندو.
اديب بذات خود هن معاشري جو هڪ فرد آهي، جيڪو
ماحول ۽ حالتن جو صحيح جائزو وٺي ان کي جاچي
جوچي ڏسي وائسي، ڇنڊي ڇاڻي گهري مطالعي ۽ مشاهدي
کان پوءِ پنهنجي سوچ ۽ سمجهه مطابق تجربي ۽
آزمودي جي بنياد تي انهن وارداتن، حقيقتن ۽
حڪايتن کي اکرن جو پهراڻ پارائي پنهنجي نب جي
نوڪ سان نروار ڪندو رهندو آهي. اديب ۽ اهل قلم
جي محنت ۽ مشقت، ڪٺن ۽ ڪشالي واري ڪم جو قدر يا
ناقدري پڙهندڙن تي ئي منحصر هوندي آهي. هونئن به
جيستائين اديب، ماڻهن جي جذبات جي صحيح معنيٰ ۾
ترجماني نه ڪندو، تيستائين ماڻهو انهن جي لکڻين
ڏانهن تمام گهٽ توجهه ڏيندا رهندا آهن. تنهن ڪري
اديب کي گهرجي ته مصلحتن جي منجهيل معاملن کان
آزاد ۽ آجو ٿي، پنهنجي قلم کي اهڙي اديبانه ادا
سان ادا ڪندو رهي جو، سندس قلم جو وقار مجروح نه
ٿئي ۽ پڙهندڙ به سندس لکڻين کي پيار ۽ محبت سان
پڙهندا رهن. ان کانسواءِ هر اديب ۽ اهل قلم جي
لکڻ جي پنهنجي پنهنجي خاص ادا هوندي آهي، جيڪڏهن
ڪنهن به اديب ۽ عالم جي، بنا نالي ڪو مضمون نظر
مان گذرندو ته مستقل مطالعو ڪندڙ هڪدم ائين
محسوس ڪندا، ته هي مضمون فلاڻي اديب ۽ عالم جو
لکيل آهي. ادبي دنيا ۾ ڪنهن به ادبي شخصيت جي
ڄاڻ سڃاڻ به هن جي لکڻين ۽ ان سان گڏ اسلوب مان
معلوم ٿي سگهندي آهي ته لکندڙ مصلحتن ۽ معاملن
کي سامهون رکي قلم کان ڪمزوري جوڪم وٺي رهيو آهي
يا وري نهايت ئي بيباڪي ۽ بهادري سان هر هڪ
ڳالهه کي ظاهر ڪندو رهي ٿو. قلم هڪ اهڙو واحد
ذريعو آهي، جو اديب جي صحيح سڃاڻپ ڪرڻ کانسواءِ
رهي نه سگهندو آهي، ۽ اديب جي اندر وري انسان جي
هر ادا کان واقف ڪرائيندو رهندو آهي. ان
کانسواءِ هڪ اديب ۽ عالم تي پنهنجي وطن ۽ ان جي
سڌاري ۽ واڌاري، ترقي ۽ تعمير، ڀلائي ۽ بهبودي
گويا ان تي قومي ۽ ملڪي وڏيون جوابداريون عائد
ٿين ٿيون، ڇو ته اديب نه صرف موجوده نسل جو ذهني
معمار آهي، پر ايندڙ نسلن لاءِ به سندس لکڻيون
دستگيري ۽ رهنمائي جو ڪم ڪنديون رهنديون آهن.
دنيا ۾ سمورن هٿيارن کان وڌيڪ هٿيڪو هٿيار قلم
ئي هوندو آهي، جيڪو قومن جي ذهنن کي بگاڙي ۽
سڌاري سگهي ٿو. هڪ اعليٰ اديب جيستائين ماضيءَ
جي مسئلن ۽معاملن کي حال جي ڪڙين سان ملائيندي
مستقبل جو مسئلو حل نه ڪندو، تيستائين ماضيءَ،
حال ۽ مستقبل، ٽئي سندس قلم ۾ وانجهجي ۽ وڪوڙجي
ويندا.
هر هڪ اديب ۽ اهل قلم جو اولين فرض آهي ته هو
پنهنجي قوم کي ذهني طرح پهريون تيار ڪرڻ جي ڪوشش
ڪري. جڏهين ۽ جتي به ڪا قوم ذهني طرح هر هڪ ڪم
کي سمجهڻ لاءِ تيار ٿيندي آهي ته پوءِ ٻيڙوئي
پار ٿي ويندو آهي.
صرف ڪتاب جي چئن اکرن واري لفظ جي ويهي وصفن جي
واکاڻ ڪنداسون ته ڪيئي دفتر درڪار ٿي ويندا.
ڪتاب ۾ چار اکر آهن، جيڪڏهن انهن چئن اکرن وارن
لفظن جي واکاڻ ڪبي يعني اديب، عالم، مصنف، محقق،
مورخ، محدث، مدرس، مفڪر، مفسر، شاعر، فاضل،
راحت، رهاڻ، دوست، سڪون، سهنج، پيار، پريت، محبت
۽مروت گويا اهڙن چئن اکرن وارا ڪيئي دلڪش
۽دلنشين الفاظ موجود آهن، جي نالي کڻڻ سان يا
ٻڌڻ سان عزت ۽ احترام جا جذبا جاڳي پوندا آهن.
جنهن ڪري سچو اديب ۽ عالم پنهنجي دور ۾ هڪ دور
هوندو آهي. ’و خير جليس في الزمان ڪتاب‘ (دنيا ۾
سڀ کان بهترين سنگتي ۽ساٿي صرف ڪتاب آهي)
سچي ۽ مخلص عالم ۽ اديب جو اولين فرض هوندو آهي
ته هو قلم جي وقار کي قائم ڪرڻ ۽ ان جي آبروءَ
کي برقرار رکڻ لاءِ سڄي دنيا جي مخالفتن جو
مخالف ٿي ڪري پنهنجي نيڪ ۽ مبارڪ مقصد ۾ هميشه
اڳتي وڌندو رهندو آهي.
(وفائي)
[8]
خط تنهنجو پهتو، ۽ احوال معلوم ٿيو، تو موجوده
مايوس ماحول ۽ مرجهايل زندگيءَ جي منجهيل معاملن
۽ مسئلن متعلق پڇيو آهي. اسان جي معاشري ۾ اسي
سيڪڙو ماڻهو زندگيءَ جي بنيادي ضرورت کان بلڪل
محروم ۽ مايوس ٿيل آهن. يعني صبح کان شام تائين
زندگيءَ جي ڳاهه ڳاهڻ سان گڏ سندن قدم قدم تي
واسينگ ور ور ڪيو وار ڪندا رهن ٿا. مان پنهنجي
محدود مطالعي ۽ مشاهدي کانپوءِ هن نتيجي تي پهتو
آهيان ته دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ڏوهه، ڏوراپو ۽ جرم،
غربت آهي. اها منحوس مفلسي هميشه ئي بي پهچ ۽ بي
سهاري انسان کي عجيب ۽ غريب اوڙاهه جي آويڙن ۾
اڙائيندي رهندي آهي. انساني تاريخ جا ورق ورائڻ
سان مطالعو ڪندڙ کي معلوم ٿي وڃي ٿو ته رسم ۽
رواج ننڍ وڏائي، ذات، پات، خاندانيون ۽
پاندانيون هيڻن جا حق هضم ڪندڙن ڪم ظرفن جون
حيواني حرڪتون ۽ حرفتون، طبقاتي ڪشمڪش ۽ ان سان
گڏوگڏ حقارت ۽ نفرت کي جنم ڏينديون رهنديون آهن.
اسان جي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ عالمن، اديبن، شاعرن
۽ دانشورن سان جنهن طور طريقي سان پنهنجن ۽
پراون جيڪا روش اختيار ڪئي آهي، انهيءَ جو ذڪر
نه ڪجي ته بهتر آهي، ڇو ته ڪيترن نازڪ مزاج
همراهن جي طبيعتن تي ناگوار گذرندو. جيستائين
دانشورن جي فن ۽ فڪر جي صحيح معنيٰ ۾ سرپرستي ۽
سنڀال لهڻ سان گڏوگڏ قدرداني نه ڪئي ويندي،
تيستائين انهن جون سوين سهڻيون صلاحيتون
ناقدريءَ جي دز ۾ دٻجي وينديون. ترار جيستائين
مياڻ ۾ محفوظ هوندي آهي، تيستائين هن جي چمڪ ۽
ڌمڪ جو اندازو لڳائڻ ناممڪن ٿي پوندو آهي.
ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته زردار پنهنجي زر کي وڌيڪ
وڌائڻ لاءِ، ملڪي ۽ قومي سڌاري ۽واڌاري کان هٽي
ڪري پنهنجي ذاتي ۽شخصي سهنجائي، سولائي، سهولت،
عيش ۽آرام جي استعمال لاءِ ڪتب آڻيندا رهن ٿا.
اهڙي بڇڙائي ۽ بدي ان ڪري ٿي رهي آهي جو مال ۽
ملڪيتون، باغ ۽ بنگلا، جاگيرون ۽ جائدادون صرف
هڪ طبقي جي هٿ ۾ ڪٺيون آهن. يعني ڏهه سيڪڙو
ماڻهن وٽ زر ۽ زور وڃي جمع ٿيو آهي، نوي سيڪڙو
پنهنجي پابندي پوري نه هجڻ جي پڪارن ۾ پورو آهي.
وقت، حالتن ۽ تڪڙين تيز تبديلين جي ڪري به طاقت
وارو پنهنجي حرڪتن کان باز نه اچي رهيو آهي.
ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته جنهن ملڪ ۽ معاشري جي
ماڻهن مان فهم ۽ فڪر جهڙيون آفاقي وصفون
وانجهجي وينديون آهن، اتي عقل جي ڳالهه ڪرڻ
اجائي بيڪار ۽ بي سود ثابت ٿيندي رهندي آهي.
دنيا جو دستور آهي، ته جن ملڪن ۾ انصاف ۽
رحمدليءَ جو نالو به نه هوندو آهي، اهي ملڪ ۽
قومون ڪڏهن به ترقيءَ جي منزل ڏانهن وک وڌائي نه
سگهنديون آهن، پر ان جي جاءِ تي بڇڙيون، بيڪار ۽
بيسود حرڪتون ۽ حرفتون، چالاڪيون ۽ چالبازيون
قدم قدم تي آجيان ۽ استقبال ڪنديون رهنديون آهن.
جڏهن ڇڙواڳي جي مطلب کي آزادي سمجهيو وينديو
آهي، تڏهن صحيح آزادي انهن خيال ڪندڙ ماڻهن تي
ماتم ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندي آهي.
اسان جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ جنهن
قسم جي تعليم ۽ تربيت ڏني وڃي ٿي، ان جو اندازو
انهن درسگاهن ۽ تعليمي ادارن ۾ روبرو وڃي ڏسجي
ته استاد ڪهڙي
ڪرت ۽ ڪم ۾ مصروف آهن؟ ۽ طالب ڪهڙن ترڪتالن ۾
تباهه ۽برباد ٿي رهيا آهن!
سجاڳي ۽ بيداري جهڙن نيڪ نالن کي استعمال ڪندي،
انساني اخلاق جا لاهه ڪڍيا وڃن ٿا. گويا زندگيءَ
جا جيڪي به قيمتي قدر آهن، سي نهايت ئي بيدرديءَ
۽ بي توجهيءَ جي ڪري تباهه
۽
برباد ٿي رهيا آهن، ڪير آهي جو انهن قومي
ڪمزورين ۽ ڪوتاهين ڏانهن توجهه ڏئي.
هر هڪ ماڻهوءَ جي قول ۽ فعل ۾ ايترو ۽ ايڏو ويڇو
پيدا ٿي پيو آهي، جو سندن نه قول جي ڪل پئجي
سگهي ٿي! نه وري عمل جو ئي پورو اهڃاڻ نظر اچي
ٿو!!
تو قومي شاعرن متعلق ڪي سوال پڇيا آهن، قومي
شاعر بصيرت جا بي تاج بادشاهه هوندا آهن ۽ هو
هميشه پنهنجي باطني اک سان جيڪي ڏسندا پسندا
آهن، سو قوم جي سمجهه ۽ سوچ جي مطابق قوم جي
مادري زبان جي نهايت سهڻي سانچي ۾ سنواري ۽
سڌاري سندن رهبري ۽ رهنمائي ڪندا رهندا آهن.
جيڪڏهن انهيءَ عظيم ۽ قومي شاعرن جي ٻڌايل هڪ هڪ
اکر جي سيني ۾ جهاتي پائي ڏسبو ته انسانيت جي
ڀلائي ۽ بهبودي، ان جي ترقي جا ڪيئي راز ۽ رمزون
ڏسڻ ۽ پسڻ ۾ اينديون. انهن نقطن کي ڪي سمجهو ئي
سمجهندا رهندا آهن.
[9]
تنهنجو خط پهتو ۽ احوال معلوم ٿيو، تو شڪايت ڪئي
آهي ته خط لکڻ ڇو بند ڪيا اٿئي. توکي خبر هئڻ
گهرجي ته انسان ڪڏهن به هڪجهڙي حالت ۾ نه هوندو
آهي.
ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾، ڪڏهن مٿاهينءَ تي ته
ڪڏهن هيٺاهينءَ تي، ڪڏهن گهر ۾ ڪڏهن گهاٽ تي، ڪڏهن
اڪيلائيءَ ۾ ڪڏهن اُداسيءَ ۾، ڪڏهن محفلن ۾ ڪڏهن
مجلسن ۾، ڪڏهن پنهنجن ۾ ڪڏهن پراين ۾، ڪڏهن خيالن
۾ ڪڏهن خوابن ۾، ڪڏهن حقيقت ۾ ڪڏهن حڪايت ۾، ڪڏهن
شڪوَن
۾ ڪڏهن شڪايتن ۾، ڪڏهن وڇوڙي ۾ ڪڏهن وصال ۾، ڪڏهن
آزمائش ۾ ڪڏهن آرام ۾، ڪڏهن اطمينان ۾ ڪڏهن اعتبار
۾، ڪڏهن جوش ۾ ڪڏهن هوش ۾، ڪڏهن ڪرت ۾ ڪڏهن ڪار ۾،
ڪڏهن لکڻ جي لوري ۾ ڪڏهن مطالعي جي مشغولي ۾، ڪڏهن
بيزاري ۾ ڪڏهن بيزاري ۾ ڪڏهن بغاوت ۾، ڪڏهن پيار ۾
ڪڏهن پريت ۾. فقير ۽ حقير آزادي جي فضا ۾ اڏامندڙ،
بندش بڙيءَ کان بڇان ۽ بيزاري، پهرن ۽ پابندين کان
پاسيرا، سڀ ڪنهن لاءِ سک سلامتي ۽ سڻائيءَ جا
سوالي، سڀ جو ڀلو ۽ سڀ جو خير، ڇو ته پاڻ وٽ نڪا
عداوت نه ڪا عدورت، نه ڪا ڪارنهن نه ڪا ڪٽ، نه ڪو
انتظار نه ڪو اوسيئڙو، نه ڪا اميد نه ڪو آسرو، نه
ڪا ريت نه ڪا رسم، نه ڪو رواج نه ڪو رولو، نه ڪا
استادي نه ڪا شاگردي، نه ڪو پير نه ڪو مريد، نه ڪو
مقصد نه ڪو مطلب، نه ڪا منزل نه ڪا مهم، نه ڪا
وڏائپ نه ڪا وڏيرپ، نه ڪا زر نه ڪا زرداري، نه ڪا
طاقت نه ڪا توانائي، نه ڪا سگهه نه ڪا سگهڙپائي،
نه ڪا رسائي نه ڪا راهڪي، نه ڪا ڪمداري نه ڪا
ڪارروائي،
نه
ڪو هاري نه ڪو ناري،
نه ڪو ڪم نه ڪو ڪار، نه ڪو ڪارخانو نه ڪا
ڪاريگيري، نه ڪا محنت نه ڪا مزدوري، نه ڪا سفارش
نه ڪا سياست، نه ڪا پرائپ نه ڪا پنهنجائپ،
نه ڪا ذات نه ڪا ڏات، نه ڪو شجرو نه ڪو شان، نه ڪا
شوڪت نه ڪا شجاعت، نه ڪا سوڀ نه ڪا ساراهه، نه ڪا
هلندي نه ڪا پڄندي، نه ڪا رشوت نه ڪا رسائي، نه ڪا
واقفيت نه ڪا ويجهائي، نه ڪو رنج نه ڪو رسامو، نه
ڪا گلا نه ڪا غيبت، نه ڪو غير نه ڪو غم، نه ڪا
خرابت نه ڪا خسارت، نه ڪو ڏک نه ڪو ڏوراپو، نه ڪو
ڀؤ نه ڪو ڀولو، نه ڪو امام نه ڪو اڳواڻ، نه ڪو
رهبر نه ڪو رهنماءُ. |