(49)
جيڪب آباد
27 فيبروري 1968ع
پيارا عبدالقادر!
تنهنجو هڪ خط ڪافي ڏينهن ٿيا، جو پهتل آهي. جواب
نه ڏنو اٿم، اُن لاءِ افسوس اٿم. معافي ٿو گهران.
توکي ٻڌي ڏک ٿيندو ته منهنجي بدلي، اوچتو ئي
اوچتو، پشاور ڪئي اٿن. 23 تاريخ شام جو ڊائريڪٽر
ايڊيوڪيشن، حيدرآباد کان تار پهتي، جنهن جو متن
هيءُ هو:
"Please hand over to the 1st
Assistant and report to the Director education
Peshawar today without availing joining time"
وري 24 تاريخ تار آئي ته:
"Please report compliance."
مون ڊاڪٽر کي لکيو آهي ته هڪ ريجن مان ٻئي ريجن ۾
ڪلاس ٽُو آفيسرن جي بدليءَ جا اختيار گورنمينٽ کي
آهن ۽ نه کيس: تنهنڪري جيڪڏهن ڪو گورنمينٽ جو اهڙو
آرڊر وٽس آيل آهي، ته ان جي ڪاپي مون ڏانهن موڪلي،
ته اُن تي آئون گورنمينٽ کي عرضداشت ڏيڻ گهران ٿو
ته پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪن ۽ بدليءَ جا آرڊر
واپس وٺن. اِهو به لکيو مانس ته مون کي موڪل جا ٻه
مهينا پگهار نه مليا آهن، سو پئسو ڪونه اٿم:
تنهنڪري هڪ مهيني جو اڳواٽ پگهار ۽ ڀتي ڀاڙي جا
پئسا اڳواٽ منظور ڪري ڏنا وڃن: ساڳيءَ ريت جائننگ
ٽائيم به ڏنو وڃي. فوراً تار رستي جواب آيو
”جائننگ ٽائيم ڪونه ملندو، باقي مهيني جو اڳواٽ
پگهار ۽ ٽي اي جا پئسا اڳواٽ منظور ڪيا پيا وڃن.“
وري به تاڪيد ڪيو اٿس ته ”فوراً چارج ڇڏي، پشاور
پاڻ کي پيش ڪري، رپورٽ ڪر!“
انهن ڳالهين مان تون سمجهندين ته هاڻي هي عاليجناب
پاڻ کي وڌيڪ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. منهنجي
هونئن به نوڪري باقي اڍائي سال آهي. انهن مان آخري
12مهينا ارادو هوم ته رٽائرمينٽ جي موڪل وٺندس.
تنهن جي معنيٰ ته مون کي باقي ڪو ڏيڍ سال ئي نوڪري
ڪرڻي آهي. هونئن به گهڻي ۾ گهڻو کڻي نوڪريءَ مان
ڪڍندا- ٻيو ڇا ڪندا. نوڪريءَ تان لاهڻ بعد ٻيو ڪو
هو قدم کڻن ته به کڻي سگهن ٿا. اُن لاءِ به تيار
آهيون. ”جا آئي، سا برسر مٿي تي!“ تقدير جو ماريو
ويچارو سنڌي ائين چوندو آهي.
ٻيو سڀ خير آهي. خط لکندو رهج. هـِن ئي ائڊريس تي
لکي موڪليندين ته به جتي ويندس، اُتي ري- ڊائريڪٽ
ٿي اچي ملندم. ٻئي هنڌ ويس، ته اُتان جي ائڊريس
توڏانهن اُماڻيندس.
اميد ته هر طرح خيريت سان هوندين.
تنهنجو
محمد ابراهيم
(50)
ڪوهاٽ
19 مارچ 1968ع
پيارا ڀاءُ عبدالقادر،
آءٌ ڀانيان ٿو ته پنجين يا چوٿين تاريخ هن مهيني
جي جيڪب آباد مان يا ان کان پوءِ ڪنهن تاريخ تي
حيدرآباد مان توڏانهن خط لکيو هوم، جنهن ۾ توکي
اطلاع ڏنو هوم ته سرڪار بهادر منهنجي بدلي پشاور
ڪئي آهي. اميد ته اهو خط توکي مليو هوندو. عيد
حيدرآباد ۾ گذاريم. ڇهين تاريخ شام جو جيڪب آباد ۾
چارج ڇڏي ستين تاريخ اُتي پهتو هوس. 13 تاريخ
پشاور پهتس. اُتي ڪوهاٽ جي گورنمينٽ ٽيچرس ٽريننگ
اسڪول جي پرنسپال جو آرڊر مليو، ۽ 14 تاريخ شام جو
هتي پهچي، اچي چارج ورتي اٿم.
ڪوهاٽ جو شهر پشاور کان 40 ميل پري آهي. اسان جو
اسڪول ڪوهاٽ کان ڇهه ميل پري آهي. اسڪول جي چوڌاري
هڪ ميل، ٻن ميلن ۽ ٽن ميلن تي ٽي ڳوٺ آهن. جتي
اسڪول جي بلڊنگ آهي اُتان چئن ئي پاسن ڏسجي ٿو ته
چئوڦير جبل ڏسجن ٿا، ۽ انهن جي وچ ۾ وسيع ايراضيءَ
۾ سنئين سڌي زمين آهي، جنهن تي هن وقت هر هنڌ ڪڻڪ
۽ ڄانڀي جا فصل نسريا بيٺا آهن. هتي هنن ڏينهن ۾
بهار جي موسم پنهنجي جوڀن تي آيل آهي. نهايت سهڻي
موسم آهي. ۽ ماڻهو، جن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو
آهي، سي به سڀ ڏاڍا قربائتا ۽ نيڪ طبع ڏسجن ٿا.
هيءُ اسڪول اسان جي ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد
جهڙو آهي. 150 کن شاگرد جي. وي ٽريننگ لاءِ ۽ 50
کن شاگرد سي. ٽي ٽريننگ لاءِ آيل آهن. سڀ پٺاڻ
آهن. هڪڙو به اهڙو ڪونهي، جنهن جي مادري ٻولي اردو
هجي. منجهانئن ڪي اهڙا به آهن، پر تمام ٿورا، جن
جي مادري ٻوليءَ ’هندڪو‘ آهي، جيڪا پنجابي سان
ملندڙ جلندڙ آهي. هنن کي سڄي تعليم اردو ۾ ملي ٿي،
۽ کين به پنهنجن اسڪولن ۾ ٻارن کي اردوءَ ۾ پاڙهڻو
پوندو. هنن مان ڪن کي 15 روپيا ماهوار اسڪالر ملي
ٿي، ۽ جيڪي اڳ نوڪريءَ ۾ هئا ۽ اُتان چونڊجي آيا
آهن، انهن کي پڙهڻ جي موڪل اڌ پگهار سان، جيتري
سندن نوڪريءَ جي عرصي ۾ جمع ٿي هوندي، اوتري ملي
ٿي- يعني ڪن کي ٻه مهينا ته ڪن کي ٽي مهينا، ۽ وڌ
۾ وڌ هـِنن کي ڇهه مهينا اڌ پگهار ملي ٿو- بس هنن
مان ڪيترا ته اهي به آهن جيڪي پنهنجي خرچ تي پڙهڻ
آيا آهن، ۽ انهن کي سرڪاري طور ڪجهه به ڪونه ٿو
ملي. ٽريننگ اسڪول سان گڏ پرئڪٽسنگ اسڪول موجوده
ڪونهي. عملي سبق پاڙهڻ لاءِ استادن ۽ شاگردن کي
پاسي وارن ڳوٺن جي اسڪولن ۾ پنڌ وڃڻو پوي ٿو.
هاسٽل موجود آهي، پر نه پرنسپال لاءِ (اسڪول جي
هيڊ ماستر کي پرنسپال جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو) ۽
نه هائوس ماستر لاءِ ۽ نه ڪو ٻين ماسترن لاءِ ئي
ڪا رهڻ جي جاءِ ٺهيل آهي. حالاڪ هيءُ اسڪول هڪ
رهائشي اسڪول آهي. پڙهائيءَ ۽ ڪم جو معيار هتي
البت ڏاڍو سٺو ۽ تسلي بخش معلوم ٿو ٿئي. پرائمري
ماسترن جا مسئلا ۽ انهن جي نفسيات، جيئن هتي نظر
آيم، ايئن ئي، ڪنهن ٿوريءَ ڦير گهير سان، اتي
حيدرآباد ۾ منهنجي مشاهدي ۾ آيل آهي- 1949۽1950ع ۾
جڏهن اُتي ڪاليج ۾ ماستر هوس ۽ هاسٽل ۾ هائوس
ماستر به هوس. هتي هنن زير تربيت استادن کي ڏسي،
تون ڏاڍو ياد ٿو اچين. ۽ توسان گڏ سڀ اُهي سنڌي
اسڪولن جا ماستر به جن سان واقفيت رهي اٿم. هتي،
خبر نه آهي ته ڇو، پر حقيقت آهي ته ڪا به اٻاڻڪائي
۽ اڪيلائي ڪانه ٿو محسوس ڪريان. جيتوڻيڪ سنڌ ۽ سنڌ
جا دوست، عزيز ۽ ساٿي هر هر دل تري ٿا اچن، بلڪ
ائين تازا توانا دل ۾ موجود رهيا ئي بيٺا آهن. جلا
وطني آهي، سا ڪنهن ريت گذارڻي آهي- خوش ٿي به
گذارڻي آهي ۽ رنج ٿي به گذارڻي آهي. دل کي خوشي ۽
خاطري هن ڳالهه جي آهي ته ڪا ڳالهه آهي، جنهن
لاءِ هيءُ ڪجهه سهڻو ٿو پوي- ۽ اها تحقيق اهڙي
آهي، جنهن تي فخر ڪري سگهجي ٿو-
خوني نه ڪرده ايم ڪسي رانه ڪشته ايم
جرمم همين ست عاشقِ روي تو گشته ايم
مارئيءَ جي ميلي تي جيڪو تو مضمون پڙهيو هو، اُهو
شايد محمد بخش جوهر پنهنجي ”سنڌي ڊائجسٽ“ ماهوار ۾
ڇاپي رهيو آهي. ممڪن آهي ته هيستائين اُهو پرچو
شايع به ٿي ويو هجي. پرچو ڇپجي، ته پڙهي، پنهنجو
رد عمل توڏانهن لکندس. پر حيدرآباد ۾ ٻڌو هوم ته
جيڪي ڪجهه اُتي پڙهيو ويو هو، اُن مان گهڻو ڪجهه
ڪاٽي، فقط اُهي چيزون ”سنڌي ڊائجسٽ“ ۾ ڇاپيون پيون
وڃن جيڪي ”ٺيڪ“ هجن! مير محمد بخش صاحب، جيڪو
ايتريءَ تندهيءَ سان ميلي جو اهتمام ٿو ڪري، اُهو
پاڻ خبر نه آهي ته ڇو ميلي جي ڪارگذاري، مقالن ۽
مشاعري جي شعري مواد سميت، جدا ڪتاب جي صورت ۾ نه
ٿو ڇپائي ۽ شايع ڪرائي. يا هن کي رڳو ميلي جي
لڳارائڻ ۽ ڪجهه وڌيڪ ماڻهن ۾ نمايان ٿيڻ جي خواهش
آهي ۽ بس. بهرحال، جو ڪجهه”سنڌي ڊائجسٽ“ ماهوار ۾
مواد ڇپبو سو به اميد آهي ته پڙهڻ جهڙو ۽ ڪارآمد
مواد هوندو.
اسان کي جون جي مهيني ۾ وئڪيشن آهي. ان تي ارادو
آهي ته حيدرآباد اچجي. جون جي آخر ۾ شايد هيءَ
اسڪول بند ٿيندو. ان کان پوءِ ڪجهه ڏينهن امتحان
هلندا، ۽ پوءِ هتان نڪري سگهبو. شايد جولاءِ جي
ڏهين پندرهين تاريخ تائين حيدرآباد پهچي ويندس.
پوءِ جي قسمت ٿي ته اُتي ملي سگهبو ۽ روبرو ڪچهري
ڪنداسين.
هاڻي، جو آءٌ هيڏانهن ايترو پري آهيان، سو جيڪي
چيزون ادبي رسالن ۾ ڇپبيون رهنديون، انهن کان به
پوريءَ طرح شايد باخبر ۽ واقف نه رهي سگهان. سو
تون مهرباني ڪري، گهٽ ۾ گهٽ جيڪي تنهنجا مضمون يا
افسانا ڪٿي به ڇپبا رهن، انهن جي حال احوال کان
ضرور مون کي واقفيت ڏيندو رهج.
”سهڻي“ ۽ ٻين سلسلن کي بند ڪرڻ جا معاملا ٿيا هئا،
پر ڏسجي ٿو ته همراهه اِهو ڌڪ سهسائي ويا آهن ۽
’سلسلي‘ جي نالي بدران ’پبليڪيشن‘ جي نالي ۾ ڪتاب
نمبر پهريون، ٻيو وغيره الڳ الڳ ڪتابي نالن سان
شايع ڪندي رهڻ جو ارادو رکن ٿا. ان طريقي سان
”سهڻيءَ“ وارن هڪڙو ڪتاب تازو ڪڍيو به آهي. ”روح
رهاڻ“ جو اڃا رسالي جي صورت ۾ نڪري پيو، پر
”درياءَ جي ڪپ تي ڇوري ڪُڏي، اڄ نه ٻڏي ته سڀان
ٻڏي“ واري ڳالهه آهي. شال دشمنن جي بدنظرن کان بچي
وڃي! هـِن مارچ واري پرچي ۾ اياز جا گيت ”هي گيت
اڃايل مورن جا“ جي نالي سان اچن ٿا. انهن تي مهاڳ
وري به منهنجو لکيل آهي. پرچو ڇپجي ۽ هٿ اچيئي، ته
راءِ کان واقف ڪج. ”روح رهاڻ“ جو ميلو به شايد
مارچ يا اپريل ۾ ڪرڻ وارا هئا - پر ”تڙ تڙ تي
طوفان، الو ميان، ناوَ هلي آ گيت کڻي!“ وارو
معاملو آهي. ڏسجي ته ڪيستائين ۽ ڪيتري قدر اسين
پنهنجي ٻوليءَ، ادب ۽ ديس جي سلسلي ۾ اڳتي وڌي
سگهون ٿا ۽ سَهي سگهون ٿا.
اميد ته تون هر طرح خوش چڱو ڀلو هوندين. اوهان جي
خوش چڱڀلائيءَ ۽ خيريت جو خيال ڪندي، ٿر جي مينهن
جو ضرور ويچار اچي ٿو. هـِتي ته گذريل ٽن ڏينهن
کان هر روز شام جو مينهن وسڻ شروع ڪري ٿو، سڄي رات
وسي ٿو ۽ صبح جو بس ٿو ڪري. ڪالهه ۽ ٽيون ڏينهن ته
ڳڙا به ڪريا هئا. ٽيون ڏينهن شام جو اڌ پاءُ جا
وڏا ڳڙا به ڪريا هئا- هيڏا وڏا ڳڙا مون ڪڏهن عمر ۾
ڪونه ڏٺا. هتان جا ماڻهو به چون ٿا ته ايڏا وڏا
ڳڙا هنن به ڪڏهن ڪونه ڏٺا هئا. موسم جي حالت اهڙي
آهي. جهڙيون پاڻ وٽ نومبر جي آخر ۽ ڊسمبر جي شروع
۾ ٿڌيون پونديون آهن، اهڙيون ئي ٿڌيون راتيون ۽
ڏينهن اڄڪلهه هتي آهن. چون ٿا ته مينهن ٻن چئن
ڏينهن ۾ بند ٿيندا ته ٿڌ گهٽجي ويندي ۽ پوءِ سڄو
اپريل جو مهينو بهار جي موسم جا آثار قائم رهندا،
جو سيارو ڪجهه وڌيڪ وقت قائم رهيو آهي.
مهرباني ڪري پنهنجي حال احوال کان واقف ڪندو. رهج.
جيئي سنڌ! اهو سلام پنهنجن سڀني دوستن ۽ ساٿين کي
ڏيندو رهج.
تنهنجو
محمد ابراهيم
(51)
جنهاڻ
20 مارچ 1968ع
پيارا سائين!
هڪ خط اڳ لکيو هوم، جو اُميد ته اوهان کي مليو
هوندو. هيءُ خط جيڪب آباد جي ائڊريس تي موڪليان
ٿو، جو اميد ته ڦري گهري اچي اوهان کي ملندو ۽
اوهان موٽ ائڊريس سميت موڪليندا.
آءٌ هڪ بخار مان اُٿي هلڻ جهڙو مس ٿيس، ته ڊز
مٿان وري بخار اچي ويو ماتا سميت. هينئر طبيعت ٺيڪ
ٿيندي پئي وڃي. وچ ۾ هڪ رات اهڙو ته زور سان بخار
آيو، جو بيهوش ٿي ويس. شاعر سڳورا ته بهارن جي
پٺيان لفظن جون لٺيون کڻي ڪاهي پوندا آهن ۽ سنڌ جي
بهار جون تجريدي آرٽ جهڙيون عجيب غريب نه سمجهه ۾
ايندڙ تصويرون ڪڍندا آهن. مون پارو نئون ماڻهو ته
اِهي بهارون پڙهي بتال ٿي ويندو آهي سُر کان. ڪٿي
بلبلن جا نغما، ڪٿي بهارن سان ماڻهو بخار ۾ سَڙهيا
پيا آهن، واريءَ گوڏا ڦٽي ڇڏيا آهن، گلن جي
خوشبوءِ ته الائي، باقي مٽي وات ۾ ڏندن هيٺيان
ڪنجهندي پيئي آهي.
اسان واري پاسي ماتا دَرَ پُور ڪَري ڇڏي آهي. ڳوٺن
جا ڳوٺ سَڙهي ڇڏيا اٿس. ڪنهن ڪنهن ڳوٺ ۾ ويهه موت
به ٿيا آهن. هڪ گهر جا 9 ڀاتي ختم ٿي ويا. اِها
ڳالهه آءٌ ٿر جي الهندئين پاسي جي ٿو ڪريان. اسان
وٽ جزوي ڪيس ٿيا آهن.
اسان جي پاسي جي زمين هڪ ٻروچ مقاطعي ۾ کنئي
هُئي، جو کيس ٻنيءَ تائين پاڻيءَ پهچائڻ جي طاقت
آهي. مون به ان لاءِ سوچيو ته جوڙو وٺي ڦٽيون
ڪرايان، ته حالتون سڌرنم. پر جڏهن ڍڳن جو مُلهه
ٻڌم، تڏهن ماٺڙي ڪري ويهي رهيس. سوچيان پيو شايد
ڪڻڪون ڪرائي سگهان (آئينديءَ موسم ۾)
B.A. Final
جا فارم ڀرائڻ لاءِ آءٌ اپريل جي شروعات ۾
حيدرآباد ويندس. ظاهر آهي ته اوهان سان ملاقات ٿي
نٿي سگهي. جڏهوڪا مينهن تڏهوڪا پاڻي. اوهان ته سنڌ
جا وڻ ڇڏي ويا. اِتي پشاور متعلق لکندا رهندا.
ڀانيان ٿو پٺاڻ ماڻهو قربائتا ضرور هوندا ۽ اوهان
جي مُڙسي بَرَ کي به سرسبز بنائي ڇڏيندي. حال
احوال لکندا رهندا، سـِگهو.
شال خوش هجو.
واسلام
عبدالقادر جوڻيجو
(52)
ڪوهاٽ
31 مارچ 1986ع
پيارا ڀاءُ عبدالقادر-
تنهنجو خط جيڪب آباد جي ائڊريس تي موڪليل ٻه چار
ڏينهن ٿيا ته مليو- هتي ڪوهاٽ ۾. ان کان اڳ هتان
مون توڏانهن خط لکيو هو، سو اميد ته توکي مليو
هوندو.
ايڏانهن ماتا جي بيماريءَ بابت تنهنجي خط ۾ پڙهي،
نهايت ڏک ٿيو. تو لکيو آهي ته توکي پڻ ماتا نڪتي
هئي، وڌيڪ ڪونه ٻڌايئي ته ڪيتري قدر نڪتي هئي ۽
هاڻ تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي، سو البت اُلڪو ٿي
بيٺو آهي ته شال تون خيريت سان هجين. خط مختصر
لکيو اٿيئي، سا ته فطري ڳالهه آهي جو طبيعت ۾
ناخوش هوندين. وڌيڪ ماڻهو لکي به ڇا ٿو سگهي.
مهرباني ڪري، هاڻي هن خط پهچڻ سان پنهنجي خير
عافيت جو احوال ڪجهه تفصيل سان لکي موڪلج. اميد ته
تون هاڻي هر طرح خوش هوندين.
بهار جي موسم جو ڪجهه مون به پنهنجي اڳئين خط ۾
ذڪر ڪيو هو. توکي شايد اهو ناگوار لڳو هوندو، جو
هڪ ته تون پاڻ ناخوش هئين، ۽ ٻيو اِتي اوهان وٽ،
جيئن تو لکيو آهي، بهار پنهنجا انداز ايترا
دلبريءَ وارا ڪونه ٿو رکي- ۽ وڌيڪ هن سال واري
ماتا جو مرض به ايڏانهن ايترو عام جام هو جيترو
تو ٻڌايو آهي، پر، مٺا، هتي هـِن پاسي بهار پنهنجي
اصلي دلڪش انداز ۾ موجود رهي ٿو، ۽ فيبروريءَ جي
پڇاڙيءَ کان سڄو مارچ ۽ اپريل پڻ هلي ٿو- ڪم از ڪم
مون اِئين سمجهيو، جيتوڻيڪ هتان جا عام ماڻهو اِن
باري ۾ واقعي ٻيو ڪجهه سوچيندا هجن، سو عين ممڪن
آهي. ”پاڙي ناهه پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري!“
اِها حالت اسان جي پورهيت عوام جـِي هر هنڌ آهي.
پر هڪ ڳالهه ته حقيقت طور هتي موجود آهي ته موسم ۽
قدرت جا منظر هتان جا، هن موسم ۾، بنهه دلپذير
آهن.
تو لکيو آهي ته اپريل جي شروع ۾ تون حيدرآباد
ايندين، جو امتحان جا فارم ڀرڻا اٿيئي. اسان کي
پهرين اپريل يعني سڀاڻي کان وٺي 10 اپريل تائين
بهار جي ننڍي وئڪيشن آهي. آءٌ هتان اڄ شام جو
نائين بجي گاڏيءَ ۾ ويهان ٿو ۽ اڱاري جي ڏينهن
ٻيءَ تاريخ صبح جو ڏهين بجي ڌاري حيدرآباد
پهچندس- جو ڪجهه ڪم ٿي پيو آهي، ۽ ڪجهه روح ڇڪي
ڏني آهي. آءٌ اُتان وري خميس ڏينهن ڏهين تاريخ
ٻنپهرن جو گاڏيءَ ۾ موٽ سفر لاءِ ويهندس. سو اِنهن
ڏينهن ۾ جي تون حيدرآباد اچي سگهئين ته ملنداسون ۽
ڪچهري ڪنداسون. نه ته به خط ته تون اوئين ئي
لکندين – سو پڙهي، حال احوال کان واقف ٿي، دک کي
تسلي ڏبي، ۽ آئنده ملاقات لاءِ انتظار ڪڍيو رهبو.
زياده خير
والسلام
تنهنجو پيارن سان
محمد ابراهيم
(53)
پرائمري اسڪول، جنهاڻ
1 مئي 1968ع
پيارا سائين!
حيدرآباد ۾ اوهان سان ملاقات ٿي پر ٿوري. اوهان
پليجي جي جاءِ تي سڌا ويا ۽ مون کان ڳالهه وسري
ويئي ۽ آفيس ۾ اوهان جو انتظار ڪري ڪري واپس وڃي
سمهي رهيس. بعد ۾ پليجي ٻڌايو ته جويو صاحب هتي
ويٺو رهيو ۽ اوهان جو انتظار ڪيائين. خير ملاقاتون
پوءِ به پيون ٿينديون. جشن تي آءٌ حيدرآباد ڪونه
ويس.
B. A. Final
جو فارم ڀريم. اُميد ته گرئجوئيٽ ٿي ويندس. هاڻي
سوال اڳيان اچي بيٺو اٿم آئيندي جو. دل چوندي آهي
ته هن پيڙيندڙ غربت کان آجو ٿيان.
ان لاءِ ڪا چڱي خاصي نوڪري (غربياڻي) حيدرآباد ۾
ڪريان ۽
M. A.
سٺي ڪلاس ۾ پاس ڪري ليڪچرر ٿي
وڃان، يا ته پوءِ گرئجوئيٽ ٿيڻ کان پوءِ چڱي نوڪري
وٺي ويهي رهان- جيئن فوڊ ڊپارٽمينٽ يا ايڪسائيز
ٽئڪسيشن ۾ انسپيڪٽري وغيره. بهرحال ان لاءِءَ
دوستن کي تنگ ڪرڻو پوندم. دوست ڪير؟_ اوهين ٻيو
ڪير- ان معاملي ۾ اوهان جي راءِ کپيم، ۽ حال سارو
مدد پڻ. اُميد ته ان معاملي جو جواب ڏيندا.
منهنجون هن وقت پنج ڪهاڻيون ۽ هڪ ترجمو ڪيل مضمون
مختلف رسالن وٽ پيا آهن. هڪ افسانو ”هورو“ ”روح
رهاڻ“ وٽ، ٻه افسانا ”ڇانهان“ ۽ ”وڃايل ڌُنڌُون“
مهراڻ وٽ، ”ڪيڏانهن وڃو؟“ نئين زندگيءَ وٽ، ”آءٌ،
اليڪٽرڪ پول، ۽ مُڇو“ سهڻيءَ وٽ. ۽ مضون ”ادب اور
سائنس“_ پروفيسر ممتاز حسين جو ترجمو مهراڻ وٽ،
اوهين سڀ پڙهي راءِ ڏيندا، خاص ڪري افساني ”هورو“
تي.
وڌيڪ عرض ته ڪافي وقت کان هڪ ڊگهو خط (جو اوهان
ڏانهن لکندس) دل ۾ پيو هُريم. جڏهن اُڇل! اچي، پر
سـِگهي ايندي.
والسلام
عبدالقادر جوڻيجو.
(54)
ڪوهاٽ
11-5-1968ع
پيارا عبدالقادر،
تنهن ڏينهن سچ پچ مجلس نه ٿي سگهي، ان جو عجب به
آهي ۽ ارمان به. شيخ صاحب کان پوءِ ٻئي ڏينهن
پڇيم، جنهن چيو ته اوهان پليجي جي آفيس ۾ انتظار
ڪري رهيا هئا! بهرحال ٻئي ڏينهن به سڄي ڏينهن ۾
ملاقات ڪانه ٿي سگهي. شايد تون پنهنجي امتحان جي
فارم ڀرڻ ۽ پڄائڻ ۾ پورو هئين ۽ پوءِ ڪنهن پهرينءَ
گاڏيءَ ملئي ئي روانو ٿي ويو هئين. آءٌ به شام جو
پنجين بجي عواميءَ ۾ هيڏانهن راهي ٿيو هوس. ان کان
پوءِ روز توڏانهن خط لکڻ جو سوچي سوچي، ائين ڏينهن
گذري پئي ويا؛ مٿان تنهنجو خط اچي مليو، جنهن تي
ڏاڍي خوشي ٿي.
تون شال گرئجوئيٽ ٿين،ڪا سٺي نوڪري حاصل ڪرين،
ايم. اي. پاس ڪرين ۽ ڪنهن ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿين_
اها اسڪيم آهي ته ڏاڍي سٺي ان ۾ جيڪا مدد پڄي
سگهندي سا آءٌ به ضرور ڪندس ۽ حيدرآباد جا ٻيا
دوست به توکي ڪندا. پر آخرڪار هر ڳالهه ۾ پنهنجي
مُڙسي ۽ محنت ڪم اچي ته اچي، نه ته غريبن جا دوست
غريب ڪا خاص مدد شايد ئي ڪري ٿا سگهن. فوڊ
ڊپارٽمينٽ يا ٽئڪسيشن وغيره ڪنهن آفيس ۾ يا کاتي ۾
ڪو واقفڪار هڪيو هوندو ۽ اُن ۾ ٿورڙي به اميد
هوندي ته هن کي ضرور ڀرپور انداز ۾ چئبو به، منٿ
به ڪبي ۽ چوائبو به: مطلب ته جتي به هٿ پير پڄي
سگهندو اُتي هڻبو. وڌيڪ جو هوندو سو ٿيندو. نه ته
به تنهنجي اِها نوڪري وڃي ڪانه ٿي، ايم. اي تون
اِتان ۽ ائين به پاس ڪري سگهين ٿو. تنهنڪري ڪوشش
ڪرڻ فرض آهي، پر گهڻو پريشان ۽ بي صبر نه ٿبو_ ڇو
ته ان مان فائدي بجاءِ نقصان ٿئي ٿو.
مون ڏانهن ته دوست پاڻ وارا ”روح رهاڻ“ به ڪانه ٿا
موڪلين ۽ نه ٻيو ڪو رسالو ئي هتي مليم ٿو. لکيو ٻن
چئن کي اٿم، پر هر ڪو پنهنجي هٻُڙ دٻڙ ۾ مست ٿيو
پيو ڦري. خط به ڪونه ٿا لکن. هتي سنڌي ڳالهائڻ
وارو ڪونهي. سو عبرت اخبار هر روز پڙهيو (منهنجو
پٽ منور موڪليندو آهي) ڪڏهن ڪڏهن شاهه جو دور ڪيو،
ڪڏهن پنهنجو پاڻ سان ڪجهه ڳالهايو ٻولهايو وقت پيو
گذاريان. هيترن ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا سنڌي ريڊيو اتفاق
سان ٻڌو اٿم_، هڪ ڀيرو حيدرآباد جي اسٽيشن ۽ ٻيو
ڀيرو احمد آباد جي اسٽيشن. مون وٽ جيڪو ننڍڙو
ريڊيو آهي. تنهن اتفاق سان جهٽي ورتيون_ ۽ سنڌي
آواز ٻڌڻ سان طبيعت ۾ ڄڻ بجليءَ جي لهر ڊوڙي ويئي.
اڄ 12 تاريخ ’روح رهاڻ‘ جو سالنامو مليم. تو پڙهيو
آهي؟ ضرور پڙهيو هوندئي. اياز جا گيت ۽ نياز جو
نظم پڙهي ڏسج. علي بابا جو افسانو به پڙهي ڏسج. هن
پرچي ۾ تنهنجو ته افسانو ڪونهي! هونئن سچو سالنامو
پڙهي دل بهار بهار ٿي ويئي آهي. ”نئين زندگي“ ڪانه
ملي اٿم، ”سهڻي“ به الائي ڪڍن ٿا يا نه!
اميد ته تون هر طرح خوش هوندين. خط پٽ مڙيوئي
لکندو ڪر. اوهان وٽان ڪي خط اچن ٿا ته نئون ساهه
پئجيو وڃي. سلام ايڏانهن تنهنجي ڳوٺ ۽ آسپاس ڪنهن
لاءِ توکي موڪليان؟ سڄي ٿر کي سلام چئج، جنهن اسان
کي مارئي ڏني. ٿر جا مور هاڻي ڪيئن آهن؟ انهن کي
به سلام ڏج.
ٻيو سڀ خير_ تنهنجو خيرانديش،
محمد ابراهيم |