(76)
جنهاڻ
12-4-1970ع
پيارا سائين،
اوهان کان جيئن خيرن جو موڪلائي روانو ٿيس ته فضل ڀنڀري ۾ پهچڻ
ساڻ، اوهان جو چوڻ وٺي، سگريٽ پيئڻ ڇڏي ڏنم. اُهو
ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن هاڻي دونهون به نٿو وڻي.
البت ڳوٺ پهچڻ شرط بخار ٿي پيم. ڊاڪٽر اناج. کائڻ، کٽ تان اُٿي
ٻاهر رُلڻ، لکڻ پڙهڻ تي بندش وجهي ڇڏي. چار پنج
ڏينهن ٿيا آهن، جو بخار ڇڏيو آهي. البت کاڌي جي
ڪـِري اڃا ڊاڪٽر ڪرايو اچي. آءٌ به اهڙو ڊيڄاريل
آهيان، جو ٽي مهينا چوندو ته اناج ڪونه کائيندس.
اڄڪلهه جَوَن تي گذارو آهي.
اسان جي پاسي ٻيو ته خير آهي، البت مارئيءَ جو ميلو لڳندو.
اوهين ايندا يا نه! مون کي چيو ويو آهي پر مون کي
هاڻ مارئيءَ جي ميلي تي وڃڻ جو ڪو خيال نه آهي.
اِهو ميلو ’اخبار ۾ مراسلو ڇپائڻ‘ وارن اديبن جي
ڪم جو آهي. يا تو هم پرست تاريخدانن جو. اڳئين
ڀيري به مون ڏاڍي ’اڪيلائي‘ محسوس ڪئي هُئي. اوهان
کي شوق هُجي ته دوست وٺيو اچجو يا مون کي اطلاع
ڪجو، نه ته ڏاڍا ’بور‘ ٿيندئو.
ملڪ ۾ ڏاڍا گوڙ گٻوڙ ۽ تبديليون لڳيون پيون آهن. تازو اسڪلين جو
اعلان به ڪيو اٿن. گرئجوئيٽ اسڪيل ڏيڻ لاءِ جڏهن
انٽرويو تي گُهرائين تڏهن جي تاريخ جو اطلاع معلوم
ٿيڻ شرط مون کي موڪليندا. ته مهرباني ٿيندي. اوهين
پنهنجو حال احوال دوستن جو حال احوال پورو ڏيندا.
عملي ۽ ادبي سرگرمين ۾ ڏاڍي ماٺار لڳي پيئي آهي.
اعلان گهڻا، ڪم ٺهيئي ڪونه. اسان واري ’چوڏس‘ به
پيئي دم کڻي. اڄڪلهه افسانه نگار هڪڙا ’سياست‘ ۾
مشغول آهن. ٻيا وري به فلمن جي پويان ڪاهي پيا
آهن. ڪي ته وري اسٽنڊرڊ ڪرڻ جي ڊپ ۾ نٿا لکن.
منهنجي خيال ۾ ڪلاڪار صفا بس ڪري ڪونه وِهندو
آهي. باقي شوقيه ليکڪ هونئن ئي ميدان ڇڏيو وڃن.
هونئن به اسان وٽ ٻه ٽي افسانه نگار آهن، جيڪي
هلڪي جملي بازيءَ جي زور تي چڙهي ويا هُئا، يا ته
اردوءَ ۾ سوين ڀيرا استعمال ڪيل پراڻين تشبيهن ۽
استعارن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري. البت جن اردو ادب
جو سڀ سٺو
fiction پڙهيو آهي انهن کي ته ڪابه اپيل نٿيون
ڪن، بهرحال وقت پاڻيهي کير ۽ پاڻي ڌار ڪري ڇڏيندو.
سو اڄڪلهه اهو هلڪو سلڪو ادب به نٿو لکجي.
اوهين مهرباني ڪري هڪ مضمون لکي ’چوڏس‘ کي ڏيندا. يارَ
سائينءَ جي ڪنهن مضمون لاءِ به آتا آهن. پر پوءِ
مُنهن سان چيو نٿا سگهن.
شيخ ’اياز‘ جو ڪلام جڏهن به ڇپجي تڏهن هڪڙي ڪاپي مون کي
موڪليندا ضرور.
سلام پنهور کي.
ٻيو سڀ خير،
عبدالقادر جوڻيجو
حال احوال سِگهو ڏيندا.
(77)
سدا سلامت
پيارا سائين،
ڪيترا ڏينهن گذري ويا آهن، جو نه اوهان سان ڪا ملاقات ٿي سگهي ۽
نه وري ’اڌ ملاقات‘. هينئر آءٌ ۽ خير محمد اوهان
جي آفيس کي ڳوليندا ڳوليندا اچي نڪتا هُئاسين پر
اوهين موڪل تي ڪراچيءَ ويل هُئا. اوهين ته الائي
ڪهڙن حالن ۾ آهيو. مون کي عارضي طرح فضل ڀنڀري ۾
مڊل اسڪول جو انچارج ڪيو اٿن. اسڪول نئون کليو
آهي تنهنڪري شاگردن وغيره لاءِ ڏاڍي وٺ پڪڙ ڪرڻي
پوي ٿي. سو وقت ڏاڍو مصروف ۽ سٺو گذري پيو. نئين
اسڪول کي ڪاميابيءَ تي پهچڻ تائين محنت ڪرڻ ۾ ڏاڍو
مزو پيو اچيم. رهيو اسڪيل جو معاملو، سو جهڙا حال
آهن. ته ڪانه ملندي. نيون حالتون ته مون لاءِ
اطمينان جوڳيون آهن ۽ اوهان لاءِ به ائين هوندو.
هينئر ارباب سان ڏاڍيون ڪچهريون ٿيون. سوئر قسم جو
انٽليڪچوئل آهي. ان جي ڀيٽ ۾ پاڻ جا وڪيل دوست گهر
پيا مرن. حال احوال ضرور ڏيو.
سلام يارن دوستن کي.
والسلام
عبدالقادر جوڻيجو
(78)
جنهاڻ
13-7-1970ع
مٺا سائين،
سدا خوش هجو.
وقت وڃي گذرندو . اسان جون سستيون ۽ اوهان جون مصروفيتون وڃن
اينگهه وٺنديون. ان وچ ۾ ڪَيئن ڳالهيون ٿيون، ڪي
بُت ڊٺا، ڪي جُڙيا، پر پاڻ حال احوال نه ڪري
سگهياسين.
هيل اسان جي مُلڪ تي ڏاڍا مينهن وٺا آهن، شايد مينهُن به ون
يونٽ جون سگهرون ٽوڙائي نڪتو آهي. منهنجي صحت به
پهرين جولاءِ کان پوءِ وڌيڪ سڌريل آهي. جام رت
ڪيو اٿئون، ڏٺي خبرون آهن.
اوهين به اهڙيءَ ڪُرسيءَ تي آهيو. جو ماڻهو اچي نه ٻه ٽي ڦٽاڪا
ڳالهين جا ڇوڙي، تن جي به ڇُوٽي نٿي ملي.
اڄڪلهه پڙهڻ به جام ٿو ٿئي. صبح جو سوير کان وٺي سج لٿي تائين
ڪتابن سان رهاڻيون آهن. لکڻ جي فرصت صفا ڪانهي.
سنڌي ادبي رسالن کي الائي ڇا ٿيو آهي. شايد آزاديءَ جا جهوٽا
جهٽي، سنڌي اديبُ آرسجي پيو آهي. نڪو ڪو ٿو رسالو
نڪري نه ڳالهه . اِهو آرس وري به اوهان پارو ڪو
ٽوڙي نه ته الله مالڪ آهي.
ڏهن پندرهن ڏينهن کان پوءِ ٿَرُ گهمڻ جهڙو ٿي ويندو. اوهان کي
به ضرور گهمڻ جو خيال هوندو. هجي نه ته سجاڳ ڪندا
ته اسين به اک پٽيون. هيترا ڏينهن ٿيا آهن. آءٌ
ڳوٺ آهيان. سنگت ساٿ سان صفا ملڻ نٿو ٿئي. ڪيترن
ئي دوستن اڳيان جوابدار آهيان. ٿوري دير ڪم ڪيم ته
چارج شيٽ ملندي.
اوهين مهرباني ڪري پهرينءَ سَٽ حال احوال کان واقف ڪندا.
عبدالقادر جوڻيجو
(79)
جنهاڻ
27-7-1970ع
پيارا سائين،
هڪڙو خط اڳ ۾ لکيو هوم، ان جو جواب اڃا تائين نه آيو آهي. ڪم
جي گهڻائيءَ مان جيڪڏهن پَلَ ڏيڍ لاءِ ڪنڌ کڻي
اسان سان اک ٽيٽ ڪريو ته هوند ڪر اسان جي دِل به
خوش ٿي وڃي ۽ اوهان جي به. وس وارا آهيو. ڀلي
اُرهه زورائي ڪريو. مون کي ته اوهان جي ياد ڏاڍو
ايندي آهي، پر آءٌ هتان ڪن مجبورين ڪري نڪري نٿو
سگهان، جو حيدرآباد جو چڪر هڻي وڃان ۽ يارن دوستن
جو ديدار ڪري وڃان.
جهونا ڳڙهه جو جوڳي علي بابا ۽ لغاري خير محمد هت مون وٽ آيا
هئا پر انهن ڏينهُن اَڌُ ٽڪاءُ به ڪونه ڪيو، ڄڻ
موئن جو دڙو ڏسڻ آيا هُئا، سو ڏسي موٽي ويا.
گهڻيئي جهليو مانِ پر اُٺ جي مهار مان هٿ ئي نه
ڪڍن. هر ڪنهن کي ڪم جو کَنڀير کڻيو بيٺو آهي، ڪنهن
جو پيرَ ٽڪاءُ ئي نٿو ٿئي، جو ويهي ڪي ٻه ٽي آڏيون
اُبتيون هڻجن جَڻُ هن ويهن صديءَ گذريل صدي جو سڄو
’تحريڪ‘ پنهنجو پاڻ ۾ ئي سمائي ڇڏيو آهي.
هت ڏاڍا مينهن پيا هُئا، گاهه به جام ٿيو آهي، وچ ۾ جو تيز
واهوندو لڳڻ شروع ٿيو، تنهن هڻي مڙسن جا هينئان
ڦاڙي ڇڏيا. ڄڻ اسرافيل جي ڦوڪ ڌڳندڙ روحن تي ٿي
پيئي. پر ٻن ڏينهن کان وري گُهٽ ٿي آهي ۽ ماڻهن
اکيون پٽيون آهن. کليو ڳالهائين ٿا.
اوهان جي گهمڻ جو موقعو هيءُ آهي. سايون ڀٽون ڏسي اکيون ٺري
پونديُوَ. ’اياز‘ به نه هيڏانهن اچي نڪري! ڪيترن
ڏينهن کان اياز جي شاعري نه پڙهي اٿس، ڄڻ ’مٺا
ماڻهو‘ موڪلائي قبرن ۾ وڃي سمهي رهيا آهن ۽ پويان
سندن ياد جي اُڏندڙ لٽ ذهن جي پردي تي ڇڻي رهي
آهي. رات خواب ۾ ڏٺومانس.
اوهين ضرور هيڏانهن اچو ۽ علي بابا کي پڻ وٺيو اچو. بندوبست آءٌ
۽ خير محمد رکنداسين.
آزاديءَ جي پهرئين جهوٽي منهنجي فنڪار کي کيپ ڏيئي ڇڏيو هو. پر
هاڻ بندن ڪوٽن مان زنجيرن جو اُڏرندڙ آواز دل جي
سُتل تارن ۾ پيهي ويو آهي ۽ تارون وڄي اٿيون آهن ۽
تخليق کي پيون جنم ڏين.
اسان اڃا اوندهه جي ڇولين ۾ پيا تُڙڳون. پري کان ڪنارن جون
روشنيون ائين ڌَڳنديون پيون اچن، جيئن اسانجي پَٽَ
۾ ڪارونجهر پاسي وسندڙ مينهن جي کنوڻ آڌيءَ رات جي
ڪپرن وٽ کجـِڪندي نظر ايندي آهي. اسان جي اک اُنهن
ڌڳندڙ روشنين تي آهي. وچ ۾ سامونڊي ڌاڙيل اسان جي
پسيل ڇاتين ڏانهن پاڻ سَڃيو بيٺا آهن. اسان جي اک
۽ اسان جي دَل اُنهن اڏندڙ سُهاين ۾ آهي- اسين، جو
جيئن پوءِ تيئن ايڏانهن ڇُلندا وڃون. رات جي ڀيٽ ۾
اُٿيل ڇوليون جهڪيون ٿينديون وڃن. اسين ضرور اتي
پهچي وينداسين.
هڪ نئين شاعر هيءُ نظم لکيو آهي. پڙهي راءِ ڏيندا-
”هَٿَ هَنئي، ساز وڃن ٿا.
سـِر ڏني، سُرَ لُڙهن ٿا.
ڌرتيءَ ڌوڻي، گل ڇڻن ٿا.
رت ڏني، رنگ چڙهن ٿا.
رنگ چڙهن ٿا،
سُر لُڙهن ٿا،
هي اياڻا امر ٿين ٿا.
امر ٿين ٿا
امر ٿين ٿا
امر.......“
منهنجيءَ نئينءَ ڪهاڻيءَ جو انتظار ڪريو.
سلام ع. ق. شيخ ۽ طُول العمره کي عرض آهن.
والسلام
عبدالقادر جوڻيجو
(80)
17-7-1971ع
سائين منهنجا،
سدائين سلامت،
احوال ته سستي به ڏينهون ڏينهن ايتري ته چڙهندي وڃي، جو ادب جي
سلسلي ۾ ڪجهه لکڻ پڙهڻ ته پنهنجي جاءِ، پر ٻن اکرن
ذريعي پنهنجي ڪنهن پياري جي سنڀال لهڻ به ڏُکي ٿي
پيئي آهي. مس مس خط لکڻ تي هٿ ورايو اٿم. اُميد ته
اوهين به پنهنجي حال احوال کان واقف ڪندا.
هن طرف هيل به مينهن پيو آهي ۽ اڃا وسي پيو. ملڪ ۾ ساوڪ جام ٿي
پيئي آهي. اوهين جيڪڏهن ڳڻتين کان ٻه ڏينهن ڪن
ٽارَ ڪرڻ چاهيو ته لهي اچو ٿر ۾-گُهمڻ جي هينئر
موج آهي ۽ اوهان کي دعوت آهي. خير محمد لغاري به
بدلي ٿي مٺيءَ ويو آهي. سندس ’صاحب‘ سندس ئي ڪو
گهرو آهي ۽ اُهو گهـِلي ويو اٿس.
آءٌ عبدالحق عالماڻيءَ جي شادي تي اِتي آيو هوس پر اوهان سان
ملاقات ٿي نه سگهي، جو مون کي وقت ٿورو هو. پر
هينئر موڪل آهي، انهيءَ ڪري ڏينهن ڏاڍو ڊگهو ٿيو
پوي- هونئن ته ماڻهو ٻارڙن سان وندريو ويٺو آهي.
مون کي مرحوم فقير فيض محمد جلالاڻيءَ (سنڌ جو مشهور مهمان
نواز) جي پٽ ۽ سندس سؤٽ جي اتاليق ڪري رکيو ويو
آهي، جو موڪل کان سواءِ آءٌ ساڻن گڏ سندن اسٽيٽ تي
رهندو آهيان. ڇوڪرا چڱا خاصا هوشيار آهن. ازنسواءِ
منهنجو ڪجهه هٿين لڳين ٿو- آءٌ کين ڪوشش ڪري هر
پهلوءَ کان سنواري ڇڏيندس. مهمان نوازيءَ جي روايت
به رکيو اچن. ڪڏهن موقعو مليو ته توهان وٽان
گهمائي ويندوسانِ.
سلام سنگت کي.
سلام ٿر جا قبول ڪندا.
عبدالقادر جوڻيجو
(81)
حيدرآباد،
سنڌ
27-7-1971ع
پيارا ڀاءُ عبدالقادر،
شال خوش هجين-
تون اسان جو ڪهڙو نه سٺو ڀاءُ آهين، جو وري وري پيو اسان کي
پنهنجي ڀائپيءَ جون يادگيريون ڏيارين. اڳي به ٻه
چار خط لکيا اٿيئي پر مون انهن جو جواب توکي ڪونه
ڏنو آهي. وري به هيءُ قرب ڀريو خط موڪليو اٿيئي،
اُن لاءِ تنهنجي بيحد مهرباني.
جيئن تو لکيو آهي ته هن ڀيي رڳو خط ڪتابت کي شروع ڪرڻ جي
نشانيءَ طور ٻه چار لفظ لکي موڪليا اٿيئي، تيئن
آءٌ به هي مختصر خط ساڳئي مقصد لاءِ توڏانهن
موڪليان ٿو ته جيئن آئنده لاءِ هڪٻئي ڏانهن خطن
لکڻ جو رستو چـِٽو ٿي بيهي. ٻئي خط ۾ وڌيڪ ڊگهو
حال احوال توڏانهن موڪليندس.
ٿر ۾ وسڪارو ٿيو آهي، اُن جو ٻڌي دل ڏاڍي خوش ٿي. آگسٽ ۾ ڪنهن
موقعي تي ارادو آهي ته ٻه چار دوست گڏجي توڏانهن
اچون. عالماڻي اڳئين ڀيري به گسائي ويو، من هن
ڀيري سنگت سان گڏجي نڪري پوي! علي بابا ته مولائي
ماڻهو آهي، جڏهن چئبس تڏهن تيار ٿي بيهندو. شوڪت
به هليو هلندو. مٺيءَ ۾ پنهنجو يار آهي، اِها ته
پاڻ وڌيڪ ڳالهه جي ٽيڪ آهي.
آءٌ هن ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ ڏاڍو ڏکيو ٿيو آهيان. شايد هـِتان ترت
ئي ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي واپس کاتي ۾ مقرري ٿئي.
اميد ته تون هر حالت ۾ خوش چڱو ڀلو هوندين.
وڌيڪ خير
سلام پنهنجيءَ سڄيءَ سنگت کي چئج.
تنهنجو پنهنجو
محمد ابراهيم جويو
(82)
جنهاڻ
3-8-1971ع
سدا سلامت،
سائين منهنجا،
ٽيو ڏينهن اوهان جو خط پهتو. هيترن سارن ڏينهن کان پوءِ توهان
جو خط پڙهي سچ پڇو ته ڏاڍي خوشي ٿي. منهنجو پڻ
اِهو خيال هو ته رکيو رکيو توهان کي پنهنجي زندهه
هئڻ جي يادگيري پيو ڏياريندس. ڪڏهن ڪڏهن اوهين به
مَنَ بڊي جي ڪڪر وانگر وسي پئو، سو نيٺ ٿيو به
ائين. پر سانوڻ جي ئي مهيني ۾! توهان جي ٿر گهمڻ
جو پروگرام جو پڙهي خوشي ٿي. سـِگها نڪري پئو ته
ڏاڍو سٺو ٿئي، نه ته 16 آگسٽ کان پوءِ اسين اسڪول
۾ سُڪ ٿي وينداسين. بهرحال اچو ته هفتو کن اڳواٽ
اطلاع ڪندا ته ڪو بندوبست ڪجي.
توهان جي ڊگهي حال احوال جو ڏاڍو انتظار رهندو. منهنجو ڊگهو حال
احوال ته تمام مختصر آهي. اڄڪلهه لکڻ پڙهڻ پڄي ئي
نٿو، هونئن به بقول اوهان جي ته ’ڳوٺ ۾ رهي ڪري
ماڻهو سنهي ٿلهي ڪم ۾ قابو ٿيو پوي،‘ نه ته پڙهڻ
جي سلسلي ۾ هينئر تمام گهڻي سهولت اٿم ۽ ڪتابن
خريد ڪرڻ جي قوت اٿم. ذاتي زندگيءَ ۾ اڳين بي حالي
۽ بي وسي نه رهي آهي. اسڪول دوران ڏينهن جو ڊيوٽي
ڏيو، پوءِ پنهنجي ٻن شاگردن کي ٽيوشن ڏيڻ لاءِ
سندن اسٽيٽ تي هيلو ويندو آهيان جتي ساڻن منهنجو
گڏ رهڻ ٿيندو آهي، ۽ ڇنڇر تي مون کي ڳوٺ پهچايو
ويندو آهي. اڄلڪهه موڪل ۾ ته ڳوٺ ويٺو آهيان.
اهڙيءَ حالت ۾ لکڻ پڙهڻ جو ڪو وجهه ئي نه ٿو ملي.
ٽيوشن جو ليکو نه آهي، جيترو کپندو آهي اوترو کڻي
وٺندو آهيان. پنڌ ڪرڻ کان ڇُٽو پيو آهيان، پر وري
اهو فڪر ٿي بيٺو آهي ته متان اجائي چرٻي چڙهي وڃي!
ان عذاب کان اڳ ۾ ئي مس مس جند ڇڏائي هيم. توهان
سان ملاقات کان اڳ ۾ آءٌ ايترو ته ٿلهو هوندو
هوس، جو ماڻهو ڏسي ٽهڪ ڏيندا هُئا! ايڏانهن
حيدرآباد ڏانهن اچڻ وڃڻ به جهڪو ٿي ويو آهي.
هونئن به يار دوست ڪک پن ٿي ويا آهن. توهان وٽ
اچجي، سو توهان کي به حالتن ايترو ته جڪڙي وڌو
آهي، جو ملڻ مشڪل ٿيو پوي. رڳو آفيس ۾ در جي
پٽيوالي جي جهل جهلان اسان کي اڌو اڌ لاهيو ڇڏي.
حساس ماڻهو، متان ڪو سنگت جي باري ۾ ڪو غلط خيال
دل ۾ ڪنڊي وانگر لڳي وڃي. جيتوڻيڪ توهان جون
مشغوليون ۽ مجبوريون سمجهان ٿو، پر دل ڏاڍي
پاڻياٺي آهي. ارباب سنڌيءَ جو وري ڪونه ڪو امتحان
ويجهو هوندو آهي، وري وٽس ماڻهو وڃي ته سڄي رات جي
ننڊ حرام. مون وانگر
intimacy مرض جي حد تائين اٿس. يار ڪو ٻه پير ڀري ويو
ته سڄو ڪم ڇُٽو. اهڙي حال ۾ وٽس وڃي سندس دشمني
ڪرڻي ٿي. ميڊيڪل ۾ پاڳوٺيون کوڙي پڙهڻو پوندو
آهي. هڪ دوست شوڪت ئي آهي، جنهن کي ملڻ ۾ ڪا به
دقت نه آهي ۽ ان سان ملاقات ٿي به ويندي آهي ۽ وقت
سولو گذرندو آهي. عالماڻي وري ڪُلهي تي هٿ رکڻ
ڪونه ڏيندو آهي ۽ ڪپڙا ڇنڊڻ شروع ڪري ڏيندو آهي.
علي بابا جو هڪڙو پير ڪراچيءَ ته ٻيو پير
حيدرآباد ۾، وري جي ڪو پروگرام ڏجي وٺجي ته جواب
افساني ۾ ڏيئي ڇڏيندو! سندس ڪنهن به ڳالهه جو
اعتماد ڪرڻ معنيٰ ته رُلي پنهنجو سـِڙ وڃائڻ. خير
محمد وڃي مٺيءَ مان نڪتو آهي.
مون وارن افساسن جو مجموعو پَلين جي وڏيرپائيءَ جو شڪار ٿي ويو.
جيتوڻيڪ راڄ محمد ان سلسلي ۾ خط به لکيا آهن. پر
انهن خطن پٺيان آءٌ گهڻو لڳس. هونئن راڄ محمد جي
هٿ وس به ڪجهه نه آهي. عبدالڪريم ”مَمبَرُ صاب“ ٿي
ويو آهي. سڀاڻي شايد ”بجير “ به ٿي وڃي. سو هاڻ
وٽس ڪو عرضدار هُجي جيڪو وڃي. منٿ ڪري ته مجموعو
ڇپجي. البت راڄ محمد گسين پنڌين ملبو ته سلام ڪري
ڇڏبس. رهيو مجموعو، سو هاڻ آءٌ پاڻ ڇپائي سگهان ٿو
۽ ڇپائيندس ۽ شان سان ڇپائيندس، ۽ جيڪڏهن
عبدالڪريم پنهنجا اٺ ڏهه مجموعا ڏيندو ته ڇپرائي
ڏيندوسانس.
ابن حيات ۽ع. ق. جن ڪيئن آهن؟ کين منهنجا سلام عرض آهن.
عبدالقادر جوڻيجو
(83)
حيدرآباد، سنڌ
29-8-1971ع
پيارا ڀاءُ عبدالقادر، خوش هجين شال،
تنهنجو قربن ڀريو خط مليو. پڙهي ڏاڍي دل خوشي ٿي. جيڪي
خوشخبريون ان ۾ تو لکيون آهن، انهن جي پڙهڻ کان
پوءِ هيڪاري توسان ملڻ ۽ تنهنجي پَٽَ جي سير ڪرڻ
جي شوق ۾ دل ٽپا ڏيڻ لڳي. ٻه ٽي گهمرا شوڪت سان
مليس،عالماڻيءَ سان ڳالهايم. هڪ ڀيري علي بابا
رستي ويندي مليو، تنهن سان صلاح ڪيم، پر هنن
دوستن منجهان ڪنهن هڪ جي دل ۾ به ڪو اهڙو مَجهَلُ
اُڌمو ڪونه ڏٺم، جو کين ايڏانهن اچڻ تي تيار ڪري
سگهي. ۽ ائين ٿيندي ٿيندي، ڏينهن گذري ويا، ۽ هن
سانوڻ ۾ يارن جو ديدار ۽ ٿر ۽ ٿر جي ڪارونجهر جي
ياترا کان محروم رهجي وياسين. حياتي آهي ته ٻئي
سال ڪوشش ڪنداسين.
ٻيو سبب هن سال ايڏانهن نه اچڻ جو اِهو به چئي سگهجي ٿو، ته
منهنجي هـِتان بدلي ٿي آهي. ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي
نوڪريءَ ۾ هونئن به ڪا خوشي ڪانه ٿي ملي. ماحول ۽
ماڻهو اتان جا سازگار نه ٿي لڳا. باقي ٻه سال
نوڪريءَ جا پورا ڪرڻا هئا، تن کي پنهنجي وس آهر
سڦلي ڪرڻ جي اونَ هيم. ائين ويهي، هٿ تي هٿ رکي ۽
پنهنجي ضمير ۽ خودداريءَ کي هيسائي ۽ هيٺ ڪري،
هليو هلجي ها، نه ٻه سال اُتي به گذري وڃن ها. پر
اِها صورت دل کي سهڻي ڪانه لڳي. توکي شايد معلوم
هجي، خيرپور جو انسپيڪٽر آف اسڪولس ڪري رکيو اٿن.
سو اوڏانهن 31 تاريخ شام جو ويندس ۽ پهرين
سيپٽمبر تي صبح جو وڃي چارج وٺندس. اُتان جي
انسپيڪٽر مسٽر الهداد سومري کي هـِٽي حيدرآباد ۾
اسنپيڪٽر آف ٽريننگ انسٽيٽوشنز ڪري رکيو اٿن. ڏسجي
ته هن نئينءَ ذميداريءَ کي ڪيئن ٿو نباهي سگهجي.
دل ۾ امنگ ۽ اميدون ته چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ گهڻيون ئي
آهن. اميد ته پوريون ٿيندون.
اسان جو يار ابن حيات ٽنڊي ڄام منجهان لڏي، ٻار ٻچا وٺي ۽ ٽپڙا
ٽاڙي کڻي، ايڏانهن کپري جي ڀرسان ڪو ننڍڙو ڳوٺڙو
آهي، جتي ڪي سندس مائٽ رهن تا، اُتي وڃي رهيو
آهي. هو بهادر ۽ حوصلي وارو مڙس آهي. زماني جا
ڏاڍا ڌڪا ڌوما سٺا اٿس. سواءِ دعائن ۽ نيڪ تمانئن
جي اسين کيس ڏيئي به ڇا ٿا سگهون! شل ٻچڙن سان عزت
۽ آبرو جا ۽ سُک ۽ سلامتيءَ جا چار ڏينهن گهاري
سگهي.
تون مهرباني ڪري خط پٽ لکندو رهج. متان مون وانگر سست ۽ بي خبر
۽ لاپرواهه بنجي وڃين!
وڌيڪ خيريت والسلام، تنهنجو محمد ابراهيم
(84)
فضل ڀنڀرو
16-9-1971ع
سدا جڙيا هجو،
سائين منهنجا،
اوهان جي قرب ڀريو خط مليو، پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. البت ان ڳالهه
جو ڏُک ضرور آهي ته اوهان ۽ ٻيا دوست هن پاسي
لڙيا. هر ڪو پنهنجيءَ هڻ وٺ ۾ لڳو پيو آهي. آءٌ هن
سال وري وَٽِ کي ڍري پيس- وَٽِ ڏيپلي ۽ مٺي تعلقي
جي ڏاکڻي حصي کي چئبو آهي، جيڪو رڻ سان ڳنڍيل آهي.
مون کي ته ٻئي ٿر کان بلڪل الڳ پِئي لڳي. انهيءَ
پاسي ڏاڍا ڪي مينهن پيا هُئا. رستي جي ٻِنـِهِي
پاسن کان ايترو ته گاهه هو، جو اسان کي ٽوياٽا
جهڙيءَ اوچيءَ جيپ جون به دريون بند ڪرڻيون ٿي
پيون، ۽ ٻاجهر جو قد سراسري 16،15 فوٽ کن لڳو پئي.
جيترو گاهه ۽ ٻاجهر ڏٺيسين ايترو ئي قرب ماڻهن ۾
ڏٺوسين ۽ سادگي به. فقير فيض محمد بالاڻي محمد
ترجو بـِنـِهين وڏو ماڻهو ۽ رڄ ماڻهو هو، پر سندس
اوطاق تي به اُهائي سادگي هُئي. طباق ۾ کاڌسون ۽
وٽي ۾ پيتوسون ۽ ٻاهر جتي به وياسين اتي ماڻهو
سندن گهر وٺي پئي ويا، منجهن ايمان ۽ اعتماد
سرسيرو پئي ڏٺاڻو. پاڻ اڳ ۾ هليا هئاسين ته آزاد
نه هئاسين، پر هنيئر آءٌ ڏاڍيءَ آزاديءَ سان
گهمـِي آيس، عام ماڻهوءَ سان گهڻي ملاقات پئي ٿِي.
هاڻوڪي سَنبَت رڻ ۾ هرڻ جي شڪار جي آهي. جيپ پنهنجي اٿئون، پڄڻ
جو ڪوبه مسئلو نه رهيو آهي. توهان ته وري وڃي سنڌ
جي ”سيراندي“ ورتي آهي. بالائي ڪڏهن ايندئو؟
حيدرآباد وڃڻ صفا نٿو ٿئي، جو دِل ڪم ۾ رُڌُي پيئي آهي.
ويجهڙائيءَ ۾ به ڪو امڪان حيدرآباد وڃڻ جو نٿو پيو
ڏسجي. ها! خيروءَ وٽ مٺيءَ ۾ ته اسان جا پنڌ لڳا
پيا آهن. ڪتابن پڙهڻ لاءِ به لئه لڳي پيئي آهي.
پاڻ جي سنگت ته اِنهيءَ پاسي به گهڻي آهي. ان ڪري سمجهان ٿو ته
وقت مڙئي اوهان جو به سٺو پيو گذرندو. ابن حيات
پنوهر ڏهاڪو ڏينهن ٿيا هُئا ته هتان اچي نڪتو.
مون وسين لڳي گهڻئي چاڪري ڪئيمانس پر ترسيو صفا
ڪونه. کپري ۾ ڪا شادي هُئي ان تي پهچڻو هوس. نه ته
ڏاڍو گُهمايانس ها. اوهان جو نالو جڏهن آيو ٿي ته
ٿڌا ٿي ڀريائين ۽ منهن مان سليائين ڪجهه به نه.
والسلام
عبدالقادر جوڻيجو
سلام سنگت کي رسن
(85)
ڳوٺ فقير محمد
بِلالاڻي
3-10-1971ع
سائين منهنجا،
هڪ خط لکيو اٿم، ٻيو هيءُ لکان پيو. خبر اٿم ته اوهين وڏيءَ
حشريءَ ۾ هوندا. آهي ته هاڻ مون کي به واندڪائي
ڪانه، پر اڄ آچر جو واندو آهيان. توهان ٽيڪسٽ بُڪ
بورڊ ڇڏيو، ته پويان چيئرمين صاحب به بدلجي ويو.
هجو ها ته هاڻ مزو هو. ٻيو نه ته اسان پارو اچي
ديدار ڪري وڃي ها. هاڻ ته ڪوهين ويٺا آهيو، ماڻهو
پڄيو پڄندو.
هيل سال اڌ ٿر بـِنـِهين ڀلو ۽ اڌ ٿر بنهين ويران رهيو.
توهان پنهنجي حال احوال کان ضرور واقف ڪندا.
والسلام
عبدالقادر جوڻيجو
(86)
جنهاڻ
2-1-1972ع
مٺڙا سائين،
ايترا ته حال احوال آهن، جو پني اڌ تي پورا ٿيڻ مشڪل آهن. جڏهن
به مُوڊ ۾ آيس تڏهن سربستا لکي موڪليندس. هيستائين
ته جنگ صرف فلمن ۾ ڏٺيسين، ۽ جنگ جي پيداوار اديبن
جي لکڻين ۾ محسوس ڪيئسين، پر هينئر اهو سيڪ بلڪل
ويجهڙائيءَ ۾ محسوس ڪيوسين. توهان جو ويچارو ته
هينئر ”نئين“ پاڪستان ڏانهن هوندو، پر اسان جو
ڌيان اڃا ڀٽي، مجيب، بنگال وغيره ڏانهن وڌي ئي
نٿو. هت ته وڻ وڻ ۾ لَڏو لٿل آهي. بکايل ۽ لُٽيل
ماڻهو آهن. اخلاقي قدرن جي ڀڳل ٽڪرن جا ڍير آهن ۽
اسان جي انڌيءَ ۽ ٻوڙيءَ سياست جو لاش آهي ۽ ردعمل
جا ڀوت پيا نچن.
سڄي ڇاڇراٽي ۽ ننگرپارڪر جا ماڻهو اچي ٽُٽا آهن. سندن ڪهاڻيون
انهن قافلن جيتريون ئي ڊگهيون آهن. سندن ڪهاڻين ۾
بارُود جي ڌپ ۽ دونهون سمايل آهي. اِهي ڀٽون ته
پاڻ لارين ۾ چڙهي ڏٺيون آهن پر انهن ڀٽن ۾ خوف
وچان پيرين پيادو، ٻارن ۽ زالن سان گڏ ڀڄڻ ڪيڏو نه
ڏکيو آهي. نه ان نه پاڻي، مٿان تهه سيارو- چوان ٿو
ته ماڻهو ڏونگر کان به ڏاڍو آهي. جڏهن ماڻهو ان
حالت ۾ هوندو آهي، تڏهن ڏونگر وانگر دِل به ڪونه
ڌاريندو آهي.
آءٌ جنگ جا پهريان چار پنج ڏينهن بارڊر تي پنهنجي شاگردن جي ڳوٺ
فقير فيض محمد بلالاڻيءَ جي ڳوٺ هوس. هتان ويو ته
جيپ ۾ هوس پر موٽندي گهوڙن تي اچڻو پيو، جو جيپ ۾
فقيرن جو لڏو کڻڻو هو. گهوڙي جي پُٺي، اَسـِي
ميلن جو سفر، ڀٽن جون لهانديون چڙهانديون، ٻارهن
ڪلاڪن ۾ اِهو سفر پورو ڪيم. لاريون ته هونئن ئي
بند ٿي ويون هُيون. هڪ اڌ لاري مـِٺيءَ ۾ سرڪاري
ملازمن کي کڻڻ لاءِ بيٺي هُئي، اُها به اڌ ۾ اچي
رسي. خير محمد ته اڳ ۾ ئي ڪنهن ميٽنگ سانگي
حيدرآباد هليو ويو هو.
هت بارڊرن تي جيڪا
Indus Rangers
رکيل هُئي، جيڪا غريبن کي ڦرڻ،
لُٽڻ ۽ رعب ڄمائڻ ۾ مشهور آهي، سا ته ائين ڀڳي!
واٽ ۾ ڪو ڪهاڙيءَ سان ماڻهو ٿي ملين، ته رائفلون
ڇڏي،
Hands up
ٿي ڪيُنِ.
ڏاڍيءَ جا ماستر جيڪي ٿر ۾ هندن ماسترن جي جاين تي رکيا هُئن،
انهن ويچارن ته انهن ڀٽن ۾ ڀڄڻ سان پوريون ڪري
ڇڏيون. هڪڙو ماستر جيڪو ڏاني-ڌانڌل ۾ هو سو رات جو
هڪ بجي گهيري مان نڪري ڀڳو، سو صبح جو 8 بجي 50
ميل پنڌ ڪري اسلام ڪوٽ جي ڀرسان وَڄـِي اچي نڪتو!
آءٌ ته خطري کان ته پري هوس، پر گهوڙو ڀٽارو کنوڻ
هو، دير ئي ڪانه ڪيائين.
ٻيا حال ٻئي خط ۾
اوهين پنهنجي حال احوال کان ضرور واقف ڪندا.
گهڻو انتظار نه ڪرائيندا.
والسلام
عبدالقادر جوڻيجو
(87)
خيرپور ميرس
16-1-1972ع
پيارا عبدالقادر،
تنهنجو خط هفتو کن ٿيو، هتي خيرپور ۾ مليم: اڳئين هفتي ٻه چار
ڏينهن حيدرآباد ويو هوس، اُتان موٽيو هوس ته مليو
هوم. پوءِ وري اسڪولن جي انسپيڪشنن لاءِ پهريائين
شڪارپور ڏانهن ۽ پوءِ نوابشاهه ضلعي ۾ ويو هوس.
اُتان ڪالهه موٽي آيو آهيان.
حال احوال ته سچ پچ ڏاڍا گهڻا، ڏاڍا ڏکيا ۽ ڏاڍا ڏکوئيندڙ آهن.
پر ڇا ڪجي! انسان کي هيءَ جا دل مليل آهي، سا آهي
ئي ڏُکڻي، نه ته جـِيوَ ته ٻيا به هزارين، لکين،
ڪروڙين بلڪ ڳاڻاٽي کان ٻاهر اِئين ئي پيا هيٺ مٿي
ٿين، مرن، مارجن ۽ مارائجن - مارڻ ۽ مارائڻ جون
ڳالهيون به منجهن اُهڙيون ئي بلڪ گهڻيون گهڻيون
اُن کان وڌيڪ اُگريون ۽ تَپُرُسَ ۾ وجهڻ جهڙيون
اِئين ئي پيون عمل ۾ اچن. خبر نه آهي ته اُهي به
اسان انسانن وانگر اِئين ئي ڏکوئبا ۽ ڏمربا هوندا
يا نه!
توکي خبر آهي ته آءٌ تنهنجي خط لاءِ ڪيترو نه سِيڏائيدو آهيان!
توکي مون ٻه چار ڀيرا اڳي به چتائي ڇڏيو آهي ته
آءٌ خطن لکڻ ۾ بنهه ناڪارو آهيان، ۽ تون منهنجن
خطن جو انتظار نه ڪندو ڪج. پر اوهين نوجوان آهيو،
اوهان کي به پنهنجا گهڻائي چاههَ ۽ چَسَ آهن. سو
تون به واڻئي واري هڪ هڪ ٻن ٻن جي حساب ۽ مُلي
واري تون تون ۽ مان مان ۾ پئجي وڃين ٿو ۽ مون وٽان
خط جي خط نه ملڻ سان ٻئي خط جي لکڻ کان بس ڪري
ويهي ٿو رهين. پيارا ڀاءُ مهرباني ڪري ائين نه ڪر.
تنهنجو خط ڏسي ۽ پڙهي منهنجي دل ڏاڍي خوش ٿئي ٿي.
آءٌ عيد جي موقعي تي حيدرآباد ويندس.
اميد ته تون ۽ ٻيا سڀ دوست خيريت سان هوندا.
تنهنجو پنهنجو
محمد ابراهيم
(88)
ڳوٺ فقير فيض محمد بلالاڻي
17-2-1972ع
سائين منهنجا،
توهان جو خط ڪافي وقت کان کيسي ۾ پيو آهي ۽ بار بار پڙهڻ سان
ٿـِڳڙي ٿي ويو آهي. سوچيان ٿو ته اِهو فائيل ٿي
ڪيئن سگهندو. اوهان جي اها مهرباني آهي جو جمعي
چنداڻي ٻه اکر لکي پيا ياد ڪندا آهيو. پري جي يارن
جا خط به ڏڍ آهن. سو سدائين دل ته گهرندي ته ڪو خط
اچي . باقي رهي مُلان واري تون تون مان مان ـ
واڻئي واري هڪ هڪ ٻه ٻه وارا ليکا، ڀانيون ٿا ته
اسان ۾ ڪين آهن. توهان کي اهڙي ڳالهه اسان ۾ نظر
آئي هجي ته ان کي غلط سمجهي ذهن مان ڪڍي ڇڏيندا.
اِهو برابر آهي ته اسان کي پنهنجا چاهه ۽ چس آهن پر مال مستي
ڪانهي. ائين برابر آهي ته جُوان به آهيون پر
جُواڻيءَ جي زور تي بـِنـِهين ماڻهن کي چپليندا
ڪونه وتون. اهڙا انڌا ڪونه آهيون، جو توهان پارن
قربائيتن جا جذبا به جواڻيءَ جي انڌ ۾ لتاڙي وڃون.
اهڙا ماڻهو به ڪي هوندا ۽ آهن پر ان ۾ توهان جو يا
منهنجو ڪوبه ڏوهه نه آهي.
توهين به ڪوهن جي پنڌ تي ويٺا آهيو، ملجي ته آخر ڪيئن ملجي.
اسان جي پڄڻ جي گهٽي ڪانهي، باقي جي اچي حيدرآباد
مان نڪتو، پوءِ سرڪاري طرح ۽ خانگي طرح، ته ڪَرُ
اچي ملجي.
آءٌ معروف ته آهيان ئي، جو مڊل اسڪول مٿي تي کڻي هلندو آهيان.
جڏهن سمهندو آهيان تڏهن به 6،5 شاگرد آسپاس موجود
هوندا آهن، توهين پاڻ سوچيو، اسان جي نرم طبيعت ۽
کپرا ڇوڪرا- حَشرِي متي پيئي آهي، پڙهڻ لکڻ جو حال
ته اِهو جو سڄو اسڪول مٿي ٿي- ڪتاب وٺي وٺي ڍير
ڪري ڇڏيا اٿم. پر پڙهون نٿا، جو ماني ڍءٌ تي
اٿئون ۽ موچڙو گهٽ!
اسان جي پَٽ جا حال ساڳيا آهن. ٿر بر آهي سا حقيقت صحيح روپ ۾
هاڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڳوٺن ۾ اڃا تائين لاقانونيت
سببان هراس آهي، البت اسان جو مُهراڻو اڳئين وانگر
ڀريو تَريو آهي.
اوهان جي خيرپور ۾ ته سنگت چڱي چوکي هوندي. اڳيون حال ڪونه
هوندو، جو يارن کي ڏسي به نه سگهجي، سندن ڪا
دانهن ڪوڪ به ٻڌي نه سگهجي.
اياز جو نئون ڪلام ته جام هوندو، اوهان ضرور پڙهيو هوندو، ڪڏهن
غريب کي خط لکو ته ڪو هڪ اڌ سندس تازو شعر پڻ لکڻ
جي تڪليف ڪندا.
والسلام
عبدالقادر جوڻيجو |