(101)
18-3-1976ع
سدائين بهارين ۾ هُجو،
سائين منهنجا،
اوهان جو ڪَلهه خط مليو، مصروفيتن هوندي به خط لکڻ لاءِ ٽيم ڪڍڻ
جي وڏي مهرباني. اُميد ته آئنده پڻ ائين يادگيري
ڪندا رهندا. جيتريقدر افسانن جي چونڊ جو تعلق
آهي، ته جيڪو حال حبيبان هو سو پيش پريان ڪيوسين.
واقعي سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻا افسانا اهڙا آهن، جن جو
ترجمو ڪرڻ وڏي مصيبت آهي. ڪي ته وري اهڙا آهن، جو
انگريزيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ شايد پنهنجو وزن وڃائي
ويهن.
علمي ۽ ادبي ڪم جو جيتريقدر سوال آهي، ته دُنيا جي سڄاڻن الائي
ڪهڙين ڪهڙين ڏکين حالت ۾ ڪم ڪيا آهن. اسان کي
پوءِ به نسبتاً وڌيڪ سهوليتون مـِليل آهن. پاڻ
وارن يارن کان ڪم پڄندو نه آهي، پوءِ فنڊس جي ڪمي
۽ نظرياتي پابندين جو روئڻو رُئندا آهن. آءٌ ته
سمجهان ته جيڪڏهن نيت صاف آهي ته سڀ معاملا صاف
آهن.
سنڌي ادبي بورڊ اوهان جي وقت ۾ به هو ۽ هاڻ به آهي، پر سچ ڪري
پڇو ته اڳي ڪم هو ۽ هاڻ خالي اخباري پروئگنڊا ۽
هوٽلن جون تقريرون آهن. بنا ڪم جي ٺلهي ڄاڙي هَڻي
ڪيستائين پنهنجو بچاءُ ڪبو رهبو ۽ ڪيستائين اڳي
ٿيل ڪم تي پيو ڪُڏبو.
سنڌالاجي ته ماشاءَ الله آهي، پر جيتريون ڊگهيون ڳالهيون آهن
اوتريون ڇوٽيون وِکون آهن. اِتي ته وري عقل جي
ڪميءَ جو معاملو به آهي. صورت مان ئي ڪم نه بکندو،
ته عملي ميان ۾ وري ڪهڙا ڦاڙها مرندا.
منهنجي ته دل ڏاڍو ٿي چئي ته ڪم ڪريان ۽ سنڌالاجيءَ جهڙي اداري
۾ اچي ڪم ڪرڻ ته اسان لاءِ تمام وڏي غنميت آهي. ڪم
ڪبو ۽ گوڏا کوڙي ڪَبو. ڳالهه رڳي اِها آهي ته ڪٿي
پير کوڙجي. نواجوانن کي به آزمائي ته ڏسڻ گُهرجي.
اياز جو
V.C. ٿي اچڻ ئي حوصلو بخشيندڙ ڳالهه آهي. مون کي
خبر آهي ته هُن پنهنجو وڪالت ۽ شاعريءَ سان نڀايو
آهي، سو يونيورسٽيءَ سان به نڀائيندو. اهڙا حال
حقيقتون اسان تائين پهچن پيا ته همراه جي وٺ وٺان
لڳي پيئي آهي. اُميد ته پاڻ سنڌالاجيءَ تي به جوڳو
ڌيان ڏيندو.
آءٌ اڄڪلهه سوشالاجيءَ ۾
M.A.
ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو. ان سلسلي ۾
رجسٽريشن ڪرائڻ ايندس ته روبرو ويهي ڳالهه ٻولهه
ڪبي ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچبو.
هـِت هن ڌنڌي ۾ ته صلاحيتن جو قتل پيو ٿئي. منهنجي خيال ۾ هتي
جي ماحول ۾ ماستري اهڙي ئي آهي (مون لاءِ) جيڪا
روايتي ڏائڻ وانگر گوڏا چٽي، ٽنگون سُڪائي، هلڻ
کان لاچار ڪري ڇڏيندي. نه دُنيا کي ڪجهه ڏيئي
سگهنداسين نه دُنيا ڪجهه اسان کي ڏيئي سگهندي.
ائين برابر آهي ته ڳوٺاڻي زندگيءَ جي لهه چڙ کان
واقفيت وڌندي وڃي، پر اُن واقفيت کي ڪم جو روپ ته
ڪم جي ماحول ۾ ئي ڏيئي سگهجي ٿو.
جيتريقدر پاڻ جي سوسائٽيءَ جي رسالي جو تعلق آهي ته اُن لاءِ
ڀانيان ٿو ته منهنجي ناول جو باب بلڪل ٺيڪ رهندو.
اُهو جلدئي نقل ڪري اوهان ڏانهن موڪليندس.
دنيا جي ناول نگارن جون ڪوششون ڏسي اِهو احساس تمام گهڻو ٿو
ٿئي ته اسان کان ڪو به ڪم پُڄي نه سگهيو آهي، پر
هاڻ نه ڇڏبو ۽ انهن همراهن سان قطار ۾ ضرور بيهبو،
پوءِ ڀلي ڇا به ٿي پوي. جهڙا هُو ماڻهو آهن تهڙا
اسين آهيون. نڪو هو اُڀ مان ڪريا آهن، نڪو اسين
کوهن مان نڪتا آهيون.
اسان وٽ هڪڙو سيٺ چنديرام آهي، سو نوجوان زميندارن (سندس
گراهڪن) کي هـِئين نصيحت ڪندوآهي: ”بابا پئسو،
گهوڙا پئسو، هاءِ پئسو، مَرو مُئا پئسو ئي پئسو!“
تيئن اسان کان به زبان مان نڪريو وڃي ته: ”بابا
ڪَمُ، گهوڙا ڪم،هاءِ ڪم، مرو مُئا ڪم ئي ڪم“
پاڻ جيڪو ويهي سوسائٽيءَ جي باري ۾ پئي سوچيو آهي ته ڪجهه
سرياند ماڻهن کان ان ڪم لاءِ پئسو هٿ ڪجي تنهن
لاءِ ته آءٌ ائين چوندس ته وڏيرن کان پئسو گُهرڻ
جي بدران شينهن جي وات ۾ وڃڻ چڱو آهي. هـِت وڌ ۾
وڌ جسم ڦٽبو. هُتِ ته روح ۽ ضمير کي ڦٽڻو ٿو پوي.
وقت ملي ته جواب ڏيندا.
سلام ع.ق. شيخ کي عرض آهن.
عبدالقادر جوڻيجو
(102)
1-4-1982ع
سائين،
گذارش ته ميان هاشم اچي ٿو. سندس مسودا کپن ٿا. ان باري ۾ پاڻ
حال احوال اڳيئي ڪيو هو. ان ڪري کين مسودا اپس
ڪندا.
اُميد ته توهين خوش هوندا.
عبدالقدر جوڻيجو
مون کي برابر 2 نوٽبڪ هرهڪ
"Tales From Hashim" ۽ ٻيو ”Tales
f.S. Hens“
جا برابر محمد ابراهيم جويو کان واپس مليا.
محمد هاشم دَل
1-4-1982ع
تازو قلم، سائين!
اهو شمشير جي خلاف ڇپيل ۽ اياز جي حمايت ۾ محسن پوڀاليءَ جو
پمفلٽ ضرور موڪليندا.
تنهن کان سواءِ اوهان جي بورڊ جا ٻه ٽي ڪتاب جيڪڏهن ملي سگهن
ته موڪليو.
ڪتاب آهن:
(1) گوگول جو ”انسپيڪٽر جنرل“ مترجم قليچ بيگ
(2) ٽالسٽاءِ جي آتم ڪهاڻي، جا قليچ بيگ جي ترجمو ڪيل آهي.
(3) ”سائو پن يا ڪارو پن“ شايد قليچ بيگ جي سوانح
آهي. سلام
طول العمره، پنوهر ۽ ربانيءَ کي عرض آهن.
عبدالقادر جوڻيجو
پوسٽ آفيس فضل ڀنڀرو، ٿرپارڪر.
|