(62)
پيارا سائين،
اوهان جو خط حضرت عليءَ جي دُعا پڙهي، حيرت ۾ پئجي ويس. ڪتاب
ڪٿان هٿ اچي ويو ته خوب پڙهندوسانس. جيتوڻيڪ حصرت
عليءَ بابت مصر جي مشهور قوم پرست سوشلسٽ مفڪر
يحيٰ عويس جي راءِ اڳ ۾ ئي پڙهي هيم ته حضرت علي
پنهنجي دور ۾ غريبن سان تعلق رکندڙ ۽ غريبن جو
انقلابي همدرد هو، پر ايتري خبر ڪانه هُيم ته حضرت
عليءَ جو اظهار ايترو ڀرتو ۽ زورائتو هوندو، منجهس
ايڏو عظيم فنڪار لـِڪل هوندو.
پوين ٽن خيلفن جي هڪٻئي پويان شهادت پڻ ڪجهه اهڙي ئي نظرياتي
ڇڪتاڻ جو نتيجو هُئي. پر هتان جا مذهبي اڳواڻ ان
دور جي تاريخ تي سائنٽيفڪ نقطي نگاه کان نظر وجهڻ
بجاءِ، ڀرمن جي ڄار ۾ ڦٿڙندا رهن ٿا. عرب ترقي
پسند مُلڪن ۾ اهڙيون ڇنڊڇاڻون ڇپيون آهن، پر سائين
منهنجا انهن جا ترجما ڇو ڇپجن؟
پڙهڻ تي ڏاڍي دِل چوندي آهي پر............ سمجهو آهيو.
جي. ايم. جو ڪتاب ’جيئن ڏٺو آه مون ‘مون چڱي طرح پڙهي ڏٺو آهي.
مون نه رڳو اِن ڪتاب کي پڙهندڙن جي حيثيت ۾ پڙهيو
آهي، پر پنهنجي ليکي پارکو بڻجي پڙهيو اٿم، ۽
اختلاف راءِ جي پڻ همت ساري سگهيو آهيان. هت
’اختلاف راءِ‘مان ڄٽڪي اختلاف راءِ مراد نه وٺجو.
هونئن به جي ايم جا اقتصادي، سياسي ۽ عمراني نطريا
گهڻي قدر عرب بعث پارٽيءَ جي ٺاهيندڙ ميشيل عفلق
کان متاثر آهن. جيتوڻيڪ ترقي پسند عرب ملڪن ۾
جيڪو نظام چالو آهي، سو جزوي اختلاف کان سواءِ
گهڻو ڪري بعث فلسفي جي ويجهو آهي. ايتريقدر جو ٺوس
سوشلسٽ ملڪ شام جي سوشلزم به بعث ازم سان ڳنڍيل
آهي. باقي رهي اِها ڳالهه ته عرب هڪ نقطي نگاه رکڻ
جي باوجود، جو هڪٻئي جا جاني دشمن پيا ٿين، ۽
انقلاب پيا اچن وڃن، ته اِها ڀانيان ٿو ته سندن
قومي خصوصيت آهي، جو جزوي اختلاف به وٽن دشمنيءَ
جو ڪارڻ بنجيو وڃن. تنهن کان سواءِ سامراجي قوتون
پڻ منجهن لڪل رستن کان ڦوٽ وجهي رهيون آهن. بهرحال
انهن عربن جي نظرين توڙي جي ايم جي فلسفي ۾
مٽيلريلزم، مذهب ۽ مارڪسزم اهڙو ته مـِلي جُلي
آهي، جو مشڪل سان ڪا تيز نگاهه انهن کي پرکي سگهي
ٿي.
هت منهنجو هڪ سنڌي ماستر يار آهي. جو گفتي جو ڏاڍو چاڪ ۽ روشن
خيال آهي. اُردو، پارسي ۽ سنڌي شاعريءَ جا بياضن
جا بياض ياد اٿس، چرچن گهڻن جو به شهنشاه آهي. کيس
ڪيترائي اهڙا لطيفا ياد آهن، جو سنڌي عوام طرفان
مذهبي تنگ نظريءَ تي جڙيل آهن. دِل ٿي چوي ته انهن
لطيفن سان مڙيئي اوهان کي مزو وٺرائجي. جي پسند
ڪيو ته لکي موڪليندو وڃان؟ البت ڪجهه فحش آهن پر
خط ۾ مڙيئي خير آهي. البت سندس ڳالهه ڪرڻ جو ڍنگ،
جو کـِل جو هڪ سبب بنبو آهي، اُهو ته ظاهر آهي خط
۾ نٿو اچي سگهي، پر تڏهن به اوهان کان ٽهڪ نڪري
ويندو.
هڪ افسانو ”جهڙا ٻور“ سنڌيءَ ۾ لکيو اٿم، جو پوءِ پڙهي ڏسجو،
جڏهن ڇپجي. اڃا اُن ۾ رکي رکي سڌارا آڻيندس، جو هن
افساني ۾ افساني جي ٻين جزن کان ٻوليءَ تي وڌ ڌيان
ڏنل آهي.
اوهان اِتان هيڏانهن حيدرآباد ايندي، جي لاهور ٻاهور ٽـِڪي پئو
رات اڌ، ته مون لاءِ جديد پنجابي ادب جا ڪجهه ڪتاب
آڻيندا ڇو جو سمجهان ٿو ته پنجابي ادب مان ترجمو
ڪيل شيءَ سنڌيءَ ۾ ڏاڍي ڦٻندي. ڇو ته انهن ٻنهي
زبانن جي مزاج ۾ عجيب قسم جي هڪجهڙائي آهي.
راڄن ۾ موڪلون ٿي وييون، اوهان اڃان اِت ويٺا آهيو؟
پٺاڻ ماسترن کي گهڻا گهنا سلام
عبدالقادر
(63
پيارا سائين!
مٺا مـِٺا سيءَ چالو ٿي ويا آهن. بهار جون هوائون موتئي ۽ گلاب
جون اکيون کولينديون آهن. پر هي سياري جون ٿڌيون
هوائون مَنَ جي گلن جون اکيون پيون کولين. بهار جا
اَثر خارجي پهرين آهن ۽ داخلي پوءِ، پر سياري جو
اثر پهرين داخلي آهي ۽ پوءِ خارجي. مَن جي گُلن جي
کلڻ جي موسم ڪيڏي نه پياري آهي. پر هاءِ! هي
پياريون هوائون جڏهن ڊٺل چونئرن جي وِٿين مان
سرڙاٽ ڪنديون، اڌ اگهاڙن جسمن ۾ تيز ڪاتين وانگر
لَهي وينديون، تڏهن اسان جي دلين جو ڇا ٿيندو؟
اڄ جڏهن ڀنڀرڪي جو اُٿيس، ان وقت اِهوئي خيال ٿيم ته هيءُ سڄو
ماحول جويي سائينءَ جي دل ۾ گُلن وانگر ڇَٽي
ڇڏيان، پر اسان جي ڪمزور قَلم ۾ ايڏي سَگهه ڪٿان
آئي. رات کي اڌرنگ ٿي پيو هو، صبحَ ته اڃان اکيون
کڻي رڳو نهاريو هو، ٻي ڳالهه ته پري پيئي هُئي.
اسان جي اڄ جي اونداهي دور تي ته سجاڳيءَ جي نظر
مس پيئي آهي. تنهن ئي اڌرنگ ڪري ڇڏيو اٿس. اڳي مون
خط ۾ ڪونه لکيو هو ته اِهي ٻلي وارا آخري جهائُو
آهن! سو هيءُ وقت به ناحق جي آخري جهائُن جو وقت
آهي. ظاهر آهي ته آخري جهيڙو خطرناڪ هوندو آهي. ان
جو ثبوت اڄ جا خطرناڪ هٿيار آهن، شايد سـِسـِڪندڙ
’ناحق‘ انهن کي استعمال ڪري، پر ويندو نپوڙجي. حق
جي چهري تي جيڪي زخم ايندا اُنهن مان گُل ڦٽندا.
ته ها! رات جو پويون پهر، وڇانيل سيءُ، رلين ۾ ويڙهيل بُوتا،
اُتر جي هوائن جون چَڪن جهريون چُميون، جنڊن جا
لاڳيتا گهرڙاٽ، کير ولوڙڻ جا آواز، مال ۾ ٻڌل چڙن،
چنگن ۽ مَٽرين جي هلڪي چـِڻ چـِڻ- آوازن جو به
عجيب سنگم آهي. اُهڙي وقت ۾ دليون اُڌامنديون آهن.
شاعر جا جذبات ڦٿڪندا آهن، ڪهاڻيڪار جي کيسي ۾
پيل قلم ٽـِپـِڪيون کائيندو آهي. مصور جون اکيون
ماحول کي هضم ڪرڻ چاهينديون آهن. سنگيتڪار
(واڄارو) هوائن تي ترندو آهي. ڪنوارَن جا هٿ
وِهاڻن ڏانهن وَڌي ايندا آهن ۽ ڌيان ڪنهن نازڪ نار
ڏانهن وَڌي ويندو آهي. غريبن جا پير ۽ گوڏا
واڏَڻين وٽان سـِري پيٽ ۾ اچي لڳندا آهن. مسجدن ۾
ٿيندڙ سنهي ڀُڻ ڀُڻ واقعي مقدس ٿي ويندي آهي. ان
ڀُڻ ڀُڻ ۾ اڻ ڄاتل ازلي سنگيت ڀرجي ويندو آهي.
ڀنڀرڪي جو اُٿي، ڪنهن مسجد جي ڪنهن دريءَ کي ٽيڪ
ڏيئي بيهو ته سهي!
اوهان جي لَک لَک ٿورن سان هاڻِ ڳوٺ ۾ آهيان. سُک سان آهيان،
اوهان ڏانهن اُڏامڻ جي پيو ڪريان. اڳيون اِسڪول
ڇڏي آيس، پر آلين اکين سان. وڃڻ وقت ڳوٺ وارن ايڏو
ته قرب ڏنو، جو ڇا چئجي! ويچارا، سنڌ جا اَمُلهه
ڳوٺاڻا. شهر مان جيڪڏهن ڪو بَدلي ٿي وڃي، ته ڪير
اڌ تي به ڪونه پُڇيس. وڌ ۾ وڌ ڪو وڏو آفيسر بدلي
ٿي ويو، ته ان جي رسمي ٽـِي پارٽي ڪندا آهن يا ڊنر
يا......... مون کي ته اِنهن نڀاڳين جا نالائي نه
ٿا اچن. پر هتان ڳوٺن مان ڪو مون پارو ماستر بدلي
ٿيو وڃي، ته سڄو پيار ويڙهجيو اچي، لڙڪ دلين مان
ٿيندا اکين مان اچيو نڪرن. هڪ هزار ايڪڙ جي مالڪ
ڪمال خان جي دل ڀرجي آئي. هارين جو ته حال نه
پُڇو. ڪاسائي ماسترن جي ڪُٺل شاگردن کان جڏهن مون
پارو فنڪار دوست وڇڙيو وڃي ته ڇا اُنهن جو ڏک گهٽ
هوندو؟ مون کي ته ڪُڪڙ کي سـِير وجهندي اکين ۾
پاڻي اچي ويو هو، ۽ هاڻ ڪُهان ئي ڪونه. سوڀلا
ڪنهن معصوم انسان کي ڪيئن ڪُهندس. اُهو ڌنڌو اسان
جي سنڌ جي ڪـِن پـِٽيل ۽ جلاد ماسترن جو ڌنڌو آهي.
اوهان جا موڪليل ڪتاب سڀ پڙهي ڇڏيا اٿم، اوهان کي ڪو ڪتاب کپي
ڇا؟ جي ها ته ٻه اکر لکي موڪليان.
طُول العمره مون کي چيو هو، ”توکي جيڪڏهن ڳوٺ بدلي ڪرائينداسون
ته مُلان ٿي پوندين، ۽ اسان کي مُلان نه
کپي......“
سچ پڇو ته آءٌ ڳوٺ رَهان يا ٻئي پاسي، مُلان ئي رهندو آهيان.
بلڪه مون تي ”مُلون“ نالو پئجي ويندو آهي، پوءِ ڪي
پڙهيل ماڻهو وري ”ڪافر مولوي“ سڏيندا اٿم.
ڀلا ان طول العمره جي ڪهاڻي ڇا ۾ ٿي اچي ۽ ڪڏهن ٿي اچي؟
اِتي جي ادبي سرگرمين ۽ اديبن بابت احوال ضرور ڏيندا ڪريو.
منهنجي ذهن ۾ هينئر تازي ڪهاڻي گهمريون کائي رَهي آهي. هڪ فنڪار
جي- فنڪار ڪُو؟ ”پليجو“ يا ”اياز“ نه. بلڪه اُهو
فنڪار- ڳورو ڳورو ڇورو، وڏا وار ڇڏيل، هر شاديءَ ۾
حاضر، ناچو ڇورو، رات جي پوئين پهر ۾ جمالو ڳائي،
ڪنهن وڏيري جي ٻانهُن ۾ ڦٿڪندو ڇورو.
ناول لکڻ جي به پيو ڪريان. اِهو ناول اٺن نون مهينن کان سوچيندو
اچان. ان جو موضوع ”سنڌ جي جهيڙن ۾ تباهه ٿيندڙ
خاندان“ آهي- ڇا راءِ آهي؟
والسلام
عبدالقادر
سلام- طول العمره، غلام ربانيءَ، پنوهر ۽ ٻين دوستن کي ڏيندا-
هي سلام رسمي نه آهن.
ڀلا هيڏانهن ڪڏهن ٿا اچو؟ هاڻ ته گهر ۾ ويٺو آهيان.
پيارا سائين! خط نه مليم. ڀلا طارق جي صحيح نه ڏيڻ تي سندس
دوستن جهڙوڪ مغل، نظير شيخ ۽ ٻين ڪهڙو ردعمل
ڏيکاريو؟
(64)
ڪوهاٽ
9-1-1969ع
پيارا عبدالقادر، شال خوش هجين-
تنهنجو خط ڪافي ڏينهن کان مليل آهي. جواب ڏيڻ ۾ دير ڪئي اٿم ان
لاءِ معاف ڪج.
عيد به ان وچ ۾ آئي ۽ گذري ويئي ۽ نئون سال به شروع ٿي ويو. عيد
جي ڏينهن توڙي نئين سال جي پهرئين ڏينهن يعني 31
ڊسمبر 1968ع جي ختم ٿيڻ تي رات جو 12 بجي، سال جي
پهرين جنوري شروع ٿيڻ مهل، تون ۽ ٻيا ڪيترائي دل
گهريا، دوست عزيز ۽ ساٿي ياد ڪيا هئم ۽ انهن ڏانهن
دعائون ۽ نيڪ تمنائون روانيون ڪيون هيم. هونئن به
هتي اڪيلائي ۽ نکمڻائيءَ ۾ گهڻو ڪري هر وقت ۽ هر
گهڙيءَ دل گهريا دوست ۽ ساٿي ياد ايندا ٿا رهن.
بهرحال توکي وري به هي رسمي خطي عيد مبارڪون ۽
نئين سال جون مبارڪون هجن. شال اسان لاءِ، اسان
جي سنڌ لاءِ ۽ اسان جي سنڌ جي مسڪين ۽ معصوم عوام
لاءِ هيءُ نئون سال مبارڪ ثابت ٿئي. چوڌاري ملڪ ۾
ڪافي جدوجهد آهي. هر ڪو پنهنجي پنهنجي قومي مفاد
جي حاصلات ۽ حفاظت لاءِ پنهنجي منهن هن جدوجهد ۾
مصروف آهي. اسان جا ماڻهو ويچارا به پنهنجي وس آهر
اُن ۾ مشغول آهن. ڳالهه واقعي هيءَ آهي ته ”کٽين
جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ“- سو جيڪو جيترو هٿ
پير هڻندو اهو ايترو ڪجهه آئينده لاءِ حاصل ڪندو.
پنهنجي نجات ته جيئي سنڌ ۾ آهي- ڇاڪاڻ ته ان جي
مُئي اسان مان ڪوبه جيئڻ جي آس نٿو رکي سگهي.
دراصل سنڌ جي جيئڻ ۾ ئي پاڪستان جي جيئڻ جو راز
مضر ٿو ڏسجي. گهر جا سڀ ڀاتي جيئن ۽ وڌن ويجهن –
ان لاءِ ضروري آهي ته منجهن انصاف ۽ محبت جي بنياد
تي برادري قائم ٿئي ۽ قائم رهي. هڪ جي ڳچيءَ تي لت
ڏيئي جيڪو به اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندو، سو اڳتي ڪونه
وڌندو، بلڪ هڪ قدم کڻندي ئي مُنهن ڀر ڪرندو.
اسانجي دعا اهائي آهي. هاڻي جـِي نه پر هميشه کان
وٺي-
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار!
دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين!
اسين سڀ جا گهڻگهرا آهيون، ڪنهن جا به مٺگهرا نه آهيون. شال
اسان جو ڪو مٺگهرو نه ٿئي. پر دنيا ۾ رڳو نيڪ
تمنائون ۽ نيڪ خيال ڪم ڪونه ٿا اچن. بد خيال ۽
بدنيت ڀائرن ۽ همراهن جي فتنن کان خبردار ۽ انهن
کان بچڻ لاءِ تيار رهڻو پوي ٿو. شال اسان جي دوستن
۽ ساٿين ۾ اهو خيال ۽ اهو احساس هميشه موجود رهي ۽
سجاڳ رهي!
تو پنهنجي هڪ زندهه دل دوست جي ضريفانه صلاحيتن جو ذڪر ڪيو آهي.
خدا جي ڏني مان جيڪي ڪجهه وٽس هجي. ان مان ڪجهه
اسان جي ضيافت طبع لاءِ به موڪلي ڇڏ. مهرباني
ٿيندي.
ادبي بورڊ جي تازي ”مهراڻ“ رسالي ۾ ٿر جي وسڪاري تي مضمون
پرڀوءَ جي والد مرحوم جو لکيل ڇاپيو اٿن- ڏاڍو سٺو
مضمون آهي- مون کي پڙهي نهايت خوشي ٿي. اميد ته تو
به اهو مضمون پڙهيو هوندو.
آءٌ مارچ جي هفتي ۾ هڪ ڏينهن لاءِ حيدرآباد ايندس. قسمت ٿي ته
ملنداسون. اسان جا اسڪول اڃا بند آهن. ممڪن آهي ته
هاڻي ترت کلن.
پنهنجي سموري حال احوال کان واقف ڪج.
زياده خير، والسلام
تنهنجو محمد ابراهيم
(65)
جنهاڻ
15-1-1969ع
پيارا سائين،
اوهان جو خط مليو، مهرباني. دير ان ڪري ٿي، جو رسمي خط لکڻ ۾
مون کي تڪليف ٿيندي آهي. جيستائين اندر ۾ تخليق جو
وهڪرو نه هُجي تيستائين خط لکڻ به عذاب بنجيو وڃي.
هينئر چوڌاري دوائن جي بوءِ پکڙيل آهي. ڪو وقت هو، جو مون کي
اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن کان نفرت ان ڪري هُئي، جو مون کي
دوائن جي بوءِ ڪانه وڻندي هُئي. هاڻي ته آهستي
آهستي ٿي اِها دوا جي بوءِ ڄڻ منهنجي پور پور ۾
سمهي پيئي آهي، بلڪ بوءِ جي ته ڪا خبر نٿي پوي
البت گهر کان ٻاهر نڪري اوپرائيءَ جو احساس ٿو
ٿئيم.
گهر ۾ هاڻي ٺيڪائي ٿيندي ٿي وڃي، ڄڻ منهنجي پڃري جا تيلا ڀڄندا
پيا وڃن. البت مون کي ڪجهه زڪام آهي پر پنهنجي
اهڙيءَ جسماني تڪليف کي هروڀر لفٽ به ڪانه ٿو
ڏيان.
هنيئر سياست جون ديڳيون چڙهيون پيون آهن، ٺڳ ٺڳ جي ذات اچي ڪٺي
ٿي آهي. هر ڪو ڳوٺ ۾ ڏنڊي گهمائيندي، اسان کي
گاريون ڏيو، هتان روانو ٿيو وڃي. اسين سنڌ جا
زخمي عوام ڄڻ سندن جاگير آهيون. ڪهاڙيءَ جو زخم
ماڻهو کايو ٺيڪ ٿيو وڃي، پر هي مـِٺا زهر اسان جو
رت ست ختم ڪري ڇڏيندا. مٺي زهر جون رنگين شيشيون
جيڪڏهن عوام ڀڃي ڇڏي، ته ڏاڍو چڱو، پر ڪهاڙيءَ جو
ڦٽ به ڇُٽي! هاءِ! سنڌ جي عوام جو حافظو، اِهي
ساڳيا چوڌري ۽ دولتانا هُئا، جن اونداهين جو فائدو
وٺي، اسان جي دل ۾ خنجر لاهي ڇڏيو، ۽ اُن
اونداهيءَ رات جي رڳن ۾ سنڌ جي عوام جو ڳاڙهو رت
پکڙجي ويو هو.
تحريڪ جمهوريت اُٿي آهي، پر خبر نٿي پوي ته اِها جمهوريت ڪهڙي
هوندي! ڏاڍن جي جمهوريت يا هيڻن جي جمهوريت؟
اوهان جيڪي خط ۾ نجات متعلق لکيو آهي، اُن سان پاڻ سورهن آنا
متفق آهيون. واقعي هت قدم قدم تي پنجوڙ آهي: جن کي
صرف شينهن ٽوڙيندا آهن.
ٿر جا حال اُهي ئي آهن جيڪي اڳي هُئا. ڀٽ جي ڪنهن ڊگهي چوٽ تي
چڙهندا ته اوهان کي ڏهرن ۾ سُڃ ڊوڙندي نظر ايندي
جا ڇاتيءَ تي ڏڪار جي ڦٽيل ماڻهن جون آهون کڻي
هلندي آهي، ڪڻڪ کڻي وڃڻ لاءِ هيءُ ممنوع علائقو
آهي، جو ٿر سڄي کي ’بارڊر‘ ۾ شمار ڪيو ٿو وڃي.
هينئر ڪا ڪهاڻي نه لکي سگهيو آهيان، جو هڪ ته پنهنجيءَ هڻ وٺ ۾
وقت گذريو وڃي، ۽ ٻيو جيڪي ڪا نظر ٿوري باهڙجيو
ٻاهر وڃيو پئي، سا سياسي حالتن جي ڍينگرن ۾ اٽڪيو
پوي.
اِنهيءَ اوهان جي پَٽ ۾ ته سيءُ ڪونه ٿيو هوندو. هت بهار جي
ڪيفيت وڇائنجي ويئي آهي، پر اُهو بهار نه جنهن جي
هر سڄاڻ کي ڳولا هوندي آهي.
هاڻي، هيءَ ننڍڙي ڪهاڻي:
”ابا ڪير جهلاڻو آهي؟“
”هڪ شاعر“
”ڪوه پوءِ مُئن کي تُڪون نٿو ڏئي ته ڪُل مري رَهن!“
”نه، اسان وٽ شاعر تُڪن سان جيئرن کي ڪونه ماريندا
آهن، پر مئلن کي جيئرو ڪندا آهن“
-ٻي ڪهاڻي:
”ادا! مبارڪون هجنئي پٽڙي جون!“
”خير مبارڪ“
”نالو ڇا رکيو اٿئيس؟“
”هيروشيما“
-ٽين ڪهاڻي:
” ’فلاڻو؛ شاعر ڏٺو اٿئي؟“
”ها! صرف اکيون ڏٺيون اٿمانس“
”اکين ۾ ڇا ڏٺئيس؟“
”مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ سندس اکين مان هزارين ڪبوتر نياپا
کڻي هڪٻئي پويان ڦڙ ڦڙ ڪري اُڏري آسمان تي
گهمريون پائي رهيا هجن. کنڀن جي ڦڙ ڦڙ هـِن پار
کان هُن پار تائين فضا تي وڇانئجي ويئي هُجي.“
اِن ڪهاڻيءَ جي تصديق لاءِ شاعر جي اکين ۾ چڱيءَ طرح جانچي
ڏسجو!
فقط اوهان جو عبدالقادر
(66)
29-4-1969ع
پيارا سائين!
هيترا سارا ڏينهن گذري چڪا آهن. نه اوهان طرفان احوال آيو آهي،
نه وري مون، ڪجهه پل بدتميزيءَ کي پاسيرو رکي،
اوهان ڏانهن ڪجهه لکيو آهي. سمهان ٿو ته اوهان سان
به مون وارو حال ساڳيو آهي. هڻ وٺ، ڀڄ ڀڄان، نه
يار جي نه دوست جي، نه راڄ جي نه ڪنهن جي. ماڻهو
زندگيءَ جي بيل گاڏيءَ تي سوار آهي. ڍڳا جَڙَ آهن.
رستي ۾ کڏون کوٻا ۽ ور آهِن. حالتن جي ڌڌڙ اچيو
اکين ۾ پئي- هيڏانهن هوڏانهن، هيٺ مٿي، ڏندن هيٺان
مٽي، ڪچر ڪچر، اکيون ڳاڙهيون، بس پيو رينگٽ هلي.
ٿر مان ماڻهو لابارا ڪري وارُو ٿيا آهن. ڪڻڪ اڍائي مڻ کڻڻ جي
ماڻهوءَ کي اجازت آهي. هوائون زور زور سان پيون
هلن. اڃا ته آسرو ڪونهي.
اوهين پنهنجي احوال کان واقف ڪندا.
B.Ed
جو فارم ڀرايو اٿم، آئنده ماهه ليسَنَ آهي.
عبدالقادر جوڻيجو
(67)
ڪوهاٽ
5-5-1969ع
پيارا عبدالقادر،
خوش هجين شال،
تنهنجو خط نيٺ اچي ويو. نهايت مهرباني. آءٌ ته هتي ٻڌجي ويو
آهيان. گذريل سيپٽمبر مهيني کان هتي آهيان. ارادو
هو ته اپريل ۾ بهار جي موڪلن ۾ ايڏانهن اچي
سگهندس، پر عين موقعي تي موڪلن جي رڪجي وڃڻ سبب،
ورتل ريل جي ٽڪيٽ به واپس ڪرڻي پئي. اونهاري جي
وئڪيشن جولاءِ جي پهرينءَ تاريخ کان گهڻو ڪري
ملندي- اُن تي اِنهي پاسي اچڻ جو ارادو آهي. ٻه
مهينا کن وئڪيشن جا ٿيندا آهن- ڏسجي ته هن ڀيري
سڄي وئڪيشن ڏين ٿا يا ڪجهه گهٽائين ٿا. اتي هجان
ها ته جيئن ٻين کي پروموشن ڏيئي ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽرس
آف اسڪولس ڪيو اٿن، تيئن منهنجو به حق هو، پر هتي
هئڻ سبب نطر انداز ڪري ڇڏيو اٿن. اُن ڪري کاص
اونَ به ڪانه اٿم، ۽ هونئن به آگسٽ 1970ع ۾ 55
سال عمر جا پورا ڪري رٽائر ٿيڻو ئي آهي. باقي هي
ڪجهه مهينا آهن. سي به هن غلاميءَ جا ڏينهن ۽ پهر
ڳڻي ڳڻي پورا ڪري وڃي پار پئبو. حالتون ٻيون آهن.
ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿو پيش اچي. شال سنڌ سدائين شاد ۽
آباد هجي. ٿر جي ڏڪار جون خبرون عبرت اخبار ۾
اينديون رهن ٿيون. مَن هـِن سال مينهن پون ۽ سکَ
ٿين!
تنهنجي بي. ايڊ جي امتحان جي گرما گرم تيارين جو پڙهي دل خوش
ٿي. هن گڏ ڪجهه تعليم ۾ سکيا متعلق نڪتل نوٽ سائڪو
اسٽائيل ٿيل موڪليان ٿو. تون اهي خيال سان پڙهندين
ته اميد ته توکي انهن ۾ چڱو فائدو نظر ايندو.
هتي هيتريءَ دروريءَ تي پنهنجو ته حال هيءُ آهي جو ايڏانهن جي
اون ائين ئي دل بيٺي ئي آهي- ۽ هر وقت دل ۾ اچي
ٿو ته:
آءٌ ڪانگا وڻ ويهه، سُڌيون ڏي ساڻيهه جون،
چڱا ڀلا سپرين، ڪـِ سک وَسي ساڻيهه!
پريَنِ لئه پرڏيهه، مون تان گهڻو نهاريو.
سو، انهيءَ پاسي جو ڪو خط اچي ٿو ۽ سو به تو جهري قربدار جو، ته
من خوشيءَ ۾ اڇلون کائي اُٿي نچي ٿو. ڪيترن يارن
ته شروع کان ئي لکڻ بند ڪري ڇڏيو- ڪن جي سُستي،
ڪن جي لاپرواهي، ڪن جي حالت ۾ وري ڊيڄڙي جو حساب،
تون ته مهرباني ڪري ٻه اکر وقت بوقت لکندو رهج.
وڌيڪ ڊيگهه جي به ضرورت ڪانهي- رڳو خير ۽ عافيت
جون ٻه سٽون ئي لکُ لهن.
حالتون ڪيئن هجن ۽ ڪهڙيون به هجن، اوهان اديبن ۽ فنڪارن کي
پنهنجي قلم جي پورهئي کي بند نه ڪرڻ کپي. ادب ۽ فن
جي دنيا ۾ تخليق ئي آهي، جا ڪنهن تهذيب جي بقا ۽
ترقيءَ لاءِ ضمانت جو ڪم ڏئي ٿي- پنهنجي انفرادي
روح جي وندر ته اُها آهي ئي- هر فنڪار جو اُداس
روح اُن ۾ اَجهو وٺي ٿو. سو جي اوهان ڪجهه نه ڪجهه
خدا جي ڏني مان اسان کي ڏيندا رهندا، ته اُن ۾
اوهان جو پنهنجو فائدو به آهي. ”نئين زندگي“ ۽
”بادل“ ٻه رسالا ته وڃي خير سان بچيا آهن. انهن
لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور توکي لکڻ گهرجي.
اميد ته هر طرح خيريت سان هوندين.
تنهنجو محمد ابراهيم |