سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: خط ٻن اديبن جا

باب: --

صفحو : 6 

(33)

حيدرآباد، سنڌ

16 جون 1967ع

پيارا عبدالقادر،

ڪيترن ڏينهن کان پوءِ تنهنجو خط آخر ٽيون ڏينهن مون کي مليو آهي- جيتوڻيڪ ان تي تاريخ 31 مئي 1967ع لڳل آهي. خبر نه آهي ته ايتري دير ڪٿي لاتائين- تو وٽ رستي تي يا هتي پهچڻ تي ڪنهن جي هٿ چڙهي ويو هو.

پهرين ڳالهه ته بي. اي پارٽ اول جي امتحان جون تاريخون اڃا مقرر ڪو نه ٿيون آهن. اندازو آهي ته آگسٽ جي پهرئين هفتي ۾ اهو امتحان  ٿيندو. جيئن تاريخون ٻَڌائون، تيئن توڏانهن لکي موڪليندس.

ٻي ڳالهه ته ”روح رهاڻ“ جا ٻئي پرچا – مئي ۽ جون جا- سڀاڻي توڏانهن روانا ڪندس. تو مون کي چيو هو ته ”روح رهاڻ“ توڏانهن از خود هو سڌو موڪلين ٿا. وري سليم خواجه ۽ حميد سنڌيءَ کان پڇندس به ته ڇو موڪلڻ بند ڪئي اٿن، يا موڪلي هئائون پر تو کي نه ٿي پيئي ملي. هونئن به رسالن تي پوسٽ ۾ مڙيوئي هٿڙي لڳندي رهندي آهي.

ٽي ڳالهه ته ”روح رهاڻ“ جو جشن واهه جو ٿيو. ائين کڻي سمجهه ته اڳي اهڙو نه. توڏانهن دعوت مون پنهنجن هٿن سان موڪلرائي هئي. سليم خواجه ۽ ناصر مورائيءَ ٻنهي کي چئي، لفافي ۾ دعوت نامون بند ڪرائي، ٽڪلي هڻائي، توڏانهن موڪلي هيم. خبر نه آهي ته اِها دعوت به توکي ڇو نه ملي! آهي ته  عجب جهڙي ڳالهه. جشن جو ڪجهه انڌو مَنڊو احوال ريڊيو تان ٻڌو. وڌيڪ جشن نمبر ”روح رهاڻ“ جو هفتي کن ۾ نڪرڻ وارو آهي. ان ۾ پڙهجانءِ. ”عبرت“ اخبار ۾ پرواني ڀٽيءَ پڻ جشن جي بيان ۽ تاثر تي هڪ قسط لکي آهي ۽ ٻي قسط شايد وري به آچر ڏينهن واري صفحي تي ڏيندو، اڳئين آچر جي ’عبرت‘ تو پڙهي هوندي. هن آچر واري پرچي کي به پڙهج.

تون شايد مون ڏانهن ڊگهو ۽ تفصيلي خط لکڻ گهرندو آهين، تنهنڪري فرصت لاءِ پيو واجهائيندو آهين، ۽ پيو سوچيندو آهين ته ڇا لکجي ۽ ڇا نه لکجي. ائين ته مرڳو، ٿـِي ٿـِي، خط لکڻ ئي ڇڏي ڏيندين. خط و ڪتابت کي جاري رکڻو آهي ته خط مختصر لکبا ۽ جيڪي ضروري ڳالهيون، ڪم واريون هونديون، اُهي لکبيون . ادبي ۽ علمي خط روز روز ماڻهو هڪٻئي ڏانهن ڪونه لکندا آهن. جو ڪو خط ادبي ۽ علمي نوعيت وارو نه ٿئي ته مرڳو لکجي ئي نه! ائين نه ڪرڻ گهرجي. تون مون ڏانهن هر هفتي نه ته هر ڏهين پندرهين خط لکندو ڪر. ائين بنهه معمولي طرح جيئن خط لکبو آهي- پوءِ مهيني ٻئي يا ٽئين ڪونه ڪو خط اهڙو پاڻيهي تو کان توڙي مون کان لکجي ويندو، جيڪو عام خط جي صورت لکندي به ادبي ۽ عملي اهميت جو بنجي ويندو. آءٌ هيءَ ڳالهه تو ڏانهن انهيءَ ڪري ٿو لکان ته توکي مون ڏانهن خط لکڻ ۾ تڪليف يا ڪڏهن ڪو به ذهني بار محسوس نه ٿئي.

هو انگريزيءَ وارو مضمون هاڻي وري يارن سنڌيءَ ۾ به ڇاپيو آهي. ان جون ڪاپيون به توڏانهن سڀاڻي موڪلرائيندس.

اهو مور ۽ ٿر وارو ڪم ضرور آهستي آهستي پورو ڪندو رهج. تون ڏسندين ته جڏهن مڪمل ٿيندو ته ڪهڙو نه ’فس ڪلاس‘ مضمون ٿو بنجي بيهي.

هن مينهوڳيءَ جي موسم ۾ مون کي ايڏانهن اوهان جي ٿر گهمڻ جو ڏاڍو شوق آهي. اسان جو يار ڀُٽو صاحب ته اوچتو اوچتو بدلي ٿي، لاهور وڃي پهتو آهي. پر من ڪو ٻيو اهڙو يار نڪري پوي، جو جيپن جو ڀروسي جهڙو ڪو بندوبست ڪري وجهي.

تو هيءُ خط سچ پچ ته واهه جو لکيو آهي. پهرين مون پاڻ پڙهيو، يعني مون کي مليو تنهن کان پوءِ؛ پوءِ يار محمد کي پڙهايم، جو ان مهل مون وٽ ويٺو هو؛ ان کان پوءِ اڄ طول العمره کي پڙهايم. سڀني کي ڏاڍو وڻيو آهي. پر هِن ساراهه جي معنيٰ هيءَ نه وٺجاءِ ته ٻيو خط جيستائين اهڙو سٺو لکي سگهين، تيسين مرڳو ئي نه لکين. اِها ڳالهه مٿي ڪافي سمجهائي آيو آهيان، وري ٻيهر ان بابت توکي آءٌ ڇا چوان. اسان کي تنهنجو خط گهرجي- ٺلها ٻه اکر، ٽن پئسن واري ڪارڊ تي لکي موڪليئي، ته به اسان لاءِ ڀلا. ڊگهي ۽ اوچي خط لکڻ لاءِ ويهي دير مدار نه ڪج، جو مرڳو مهينن جا مٿا نڪري وڃن ۽ تنهنجو خير جو ڪو احوال ئي پهچي نه سگهيسون.

اڄ جيئن ئي هيءُ خط توکي لکي رهيو آهيان تيئن سخت طوفان لڳو ۽ مينهن پوڻ شروع ٿيو ۽ ڏهه پندرهن منٽ وسي بند ٿي ويو. آمان ڪڪرن سان ڇانيل آهي. مُند اٿس. اوهان ڏانهن ڪي وسڪارا ٿين ته ڪي مزا ٿين.

وڌيڪ خير- سلام سڀني يارن ۽ دوستن جا رسن.

تنهنجو

محمد ابراهيم جويو


 

(34)

جنهاڻ،

21 جون 1967ع

پيارا سائين!

 اوهان جو خط مليو. پڙهي خوش ٿيس. سچ پُڇو ته اوهان جو ڏَڍُ اسان کي اڳتي ريڙهيندو رهندو آهي نه ته ڪڏهوڪا کاڄي پـِيڄپي وَڃون.

اوهان جو خط به ڏاڍي سُهڻي سَمي مليو آهي. ڪالهه ٺهيو، ٽي ڏينهن ڪڪرن گڏجي ۽ ويڙهجي وَٺي جو اُٿل کاڌي ته ڀيڄ ڀيڄ ٿي ويئي. سُڪل ٺوٺ واريءَ تي نه پر سُڪل ٺوٺ دلين تي ڇنڊا پيا، سي به مينهن جا. نَيون نه پر ريلا دڙن ۽ ڀـِٽن تان اُٿي هليا. سـِج لهڻ سان گهاٽن ڪڪرن جا ويڙهه خلائن ۾ پورجي ويا. اول ايڪڙ ٻيڪڙ اياز واري  ڪا ’ڇوري ڪڪري‘ رڙهڻ لڳي. ’ڇوري ڪڪريءَ‘ جو عاشق ۽ شاعرن جو معشوق چنڊ آسمان ۾ ترڻ لڳو. ٿڌي مـِٺي ٿر جي هير ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي رڙهڻ لَڳي، جيئن دِل جي ڌرتيءَ تي اياز جون وايون رڙهنديون آهن.

هـِتي ٿر ۾ مينهن جي هر ڪا شيءِ آءُ ڀڳت ڪندي آهي. ڳئون ڪَن کڻي رانڀاٽ ڪنديون آهن، وَڇون ٽَڏنديون ۽ ڪُڏڪارا ڪنديون آهن. ڄارين تي سائو رنگ چاڙهي ايندو آهي، ٻار ”ڀيڄ ڀٽائي ڪر ملڪ مٺائي“ چئي ڊوڙون پائيندا آهن. يا ته وري چار ڄڻا جهولَ پلاند جهلي گهر گهر جي اڱڻ تي وڃي ڳالهائيندا آهن: ”ڪارڙو ڪنڀارڙو، اَنُ پاڻي ڏي ته مينهڙوَ وسي!“ پوءِ گهر جي سُگهڙ ٻه ٻُڪ اَن جا اُن ۾ وجهندي آهي. سڄو اَنُ ڪٺو ڪري، ڏارو ڏري کائيندا آهن. سانڊو ڪنڌ کي هيٺ مٿي ڪندو آهي. بَلا جهڙو انسان دشمن جيت به ڄارين جي چوٽين تي چڙهي ويندو آهي ۽ مينهن کي ساريندو آهي.

مون اوهان کي ڪو ائين نه چيو هو ته ڪو حميد وارا ”روح رهاڻ“ ٿا موڪلينم، پر ’ڀاءُ‘ ويندو آهي ميرپور خاص مان وٺي ايندو آهي، پَر اُها به ٿي ’جي‘ جهڙي ڳالهه. کيس شوق نه آهي، اُن ڪري ڪڏهن آڻي ته ڪڏهن نه به. اُن ڪري مهرباني ڪري اوهين کين چوندا ته هر ماه موڪلين.

اوهان کي مون خط ته برابر 31 تاريخ لکيو هو پر پوسٽ دير سان ڪيو هُئم.

ٿر جي ٻـِي مارئي ’مائي بختاور شهيد‘ جو ته پتو مون کي هاڻ پيو آهي. مون ڪتابن ۾ ٻن ٽن هنڌن سندس ذڪر پڙهيو هو. ”اياز“ جو مٿس شعر جوڙيل آهي. پڇا ڪندي ڪندي الائي اوهان ٻڌايو هو يا ڪنهن ٻئي دوست ته اِها مائي عمر ڪوٽ تعلقي جي آهي ۽ هتي پُڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ڀيل واري ڳالهه ’گهر رو گهر مين“. اها مائي پنهنجي ٿر جي  آهي. سندس ڳوٺ پنهنجي ڳوٺ کان ٽي ميل ڏکڻ مـِٺي تعلقي ۾  آهي ۽ شهيد ٿي هُئي  پنهنجي ڳوٺ کان چار ميل کن اُتر- اوڀر، قاديانين جي اسٽيٽ تعلقي عمر ڪوٽ ۾. سندس پُٽ سان پنهنجا گهاٽا لاڳاپا آهن. دِل پيئي چئي ته سندس سوانح قلمبند ڪريان. اوهان جو ڇا خيال آهي. اوهان جي راءِ ۽ مشوري جو انتظار رهندو. مائي ذات جي خاصخيلڻ ۽  ويٺل ڳوٺ ڊاڀي جي آهي.

عبدالقادر جوڻيجو

سلام طول العمره، رباني ۽ يار محمد کي عرض آهن.

(35)

25 جون 1967ع

مٺڙا سائين،

 افسانو ’ڇڻيل پن‘ موڪليان پيو. اوهان جي هٿن جي ضرورت اٿس. مون کي ”سهڻيءَ“ وارن گهڻو گهڻو چيو هو. کين ڏجو. جي نه ته شمشير جي خطن جي به ڌَم آهي. باقي جي مجموعي جي ڪا ويجهڙائيءَ ۾ اُميد هُجي  ته ان لاءِ رکجو، ڇو جو اِن جهڙي ٻي ڪا ڳالهه ڪانهي. اوهان پنهنجي مرضي گهڻي رکجو.

اوهان جي قُرب ۾ ڦاٿل

عبدالقادر جوڻيجو

سلام طول العمره، رباني، ابن حيات پنهور کي ڏيندا.

تازو قلم- ”روح رهاڻ“ جو لطيف نمبر ۽ ٻه پمفلٽ مليا.

(36)

جنهاڻ

11 جولاءِ 1967ع

پيارا سائين- جيئن سدائين،

احوال ته ڪافي  وقت ٿيو آهي جو هڪڙو خط ۽ اُن بعد هڪ افسانو ’ڇڻيل  پَنُ‘ پـِڻ موڪليو هئم، پر اوهان وَٽان ڪوبه احوال نه آيو آهي. الائي ڇو؟

بهرحال مون کي قرآن شريف جي ٽريننگ لاءِ چونديو اٿن. اُن لاءِ آءٌ مـِٺيءَ پيو وڃان. ڪُل اسين پنجاه ڄڻا آهيون. اُتي رهڻ جو بندوبست ڪيو اٿن. اوهان جو جيڪڏهن ٿر ڏانهن اچڻ (ضرواچو، بهاريون آهن!) ٿئي، ته مـِٺيءَ ۾ اوهان کي ملندس.

هـِتي سڄي ٿر ۾ گذريل ڏيڍ هفتي اندر ڀرتو مينهن پيا آهن. گاهه چڱي اوڀڙ ڪئي آهي. مَالُ مينهن کان وٺي رڍ ٻڪريءَ تائين خوش آهي. البت هينئر جيڪي هوائون لڳيون آهن سي مَن بند ٿين ته جيئن وري مينهن رَسي. اوهان وٽ، اَلائي ڪهڙا مينهن پاڻي آهن؟ منهنجي افساني جو ڇا ڪَيُوَ؟ توڙي امتحان جون ڪهڙيون تاريخون مقرر ڪيو اٿن؟ مهرباني ڪري لکي موڪليندا.

ڪَلا ڪڏهن جهوٽن ۾ آهي، ڪڏهن اکيون پٽيو ويٺي آهي، ڪڏهن کونگهرا پيئي هَڻي. ٻن پلاٽن تي اُٿل پٿل، اوبت سوبت چالو آهي. ها ”مور جو ٿر جي جيوت تي اثر“ لکڻ لاءِ موقعو مليو اٿم، جو اُتي مون کي ڪافي روايتون توڙي گيت ۽ سوڻ ساٺ ملندا. اهڙي قسم جو گهڻيون ريتيون هندن ۾ ملن ٿيون. مسلمانن کي ته وهابي مُلن، بقول ڏيپلائي، کجور ۾ اٽڪائي ڇڏيو آهي. مـِٺيءَ ۾ چڱو خاصو ٽولو ملي ويندو. نوجوانن وٽ جديد ادب لاءِ ڏاڍا قُرب آهن. اسان جو ڪورس 20 آگسٽ تائين هَلندو. ان وچ ۾ هيٺ ڄاڻايل ائڊريس تي خط لکندا.

پوسٽ آفيس مـِٺي ٿرپارڪر

معرفت: سانوڻ پڃارو مانڊڻيءَ وارو

ملي عبدالقادر جوڻيجو، زير تعليم قرآن.

سلام يارن دوستن، ربانيءَ، پنهور، راهيءَ ۽ جناب اعليٰ طول العمره اعليٰ حضرت کي عرض رکندا.

والسلام

عبدالقادر

(38)

حيدرآباد، سنڌ

24 جولاءِ 1967ع

پيارا عبدالقادر،

 تنهنجا ٻه خط مليا اٿم، ۽ افسانو ”ڇڻيل پن“ پڻ مليو اٿم. جواب ڪونه ڏنو اٿم، اُن لاءِ تسليءُ جهڙو توکي ڪهڙو جواب ڏيان، تَنهن لاءِ سوچڻو پوندو. پر هڪڙي ڳالهه توکي ٻڌايان، پوءِ اميد اٿم ته سبب ڪونه گهرندين. سا هيءَ ته ياد تون هر روز ۽ هر وقت رهين ٿو. منهجي اصل اِها هڪڙي ڪـِني عادت ٿي وئي آهي ته پنهنجن دل گهرين کي خطن لکڻ ۾ ڏاڍي دير وجهندو آهيان، پر ان جي عوض پاڻ کي ننديندو پيو آهيان، ۽ ٻيءَ ڳالهئين نه ته اِنهيءَ پنهنجي نندا پاڻ ڪري سان ئي پيو اُنهن کي هرهر ياد ڪندو آهيان. هونئن به توکي اڳي ئي مون چئي ڇڏيو آهي ته منهنجي خط جو توکي انتطار ڪرڻو نه آهي، ۽ اِها منهنجي سَهَو هميشه توکي بخشڻي آهي.

تو ٻڌو هوندو ته منهنجي بدلي ڪئي اٿن. سڀاڻي هتان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي آفيس جي چارج ڇڏيندس. پوءِ هفتو کن تياريءَ جي موڪل کائي، پهرينءَ آگسٽ تي وڃي ٻئي هنڌ دخلڪار ٿيندس. جيڪب آباد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ڪري رکيو اٿن. ملازمت ماستريءَ سان شروع ڪئي هيم ۽ ڏسجي ائين پيو ته ماستريءَ سان پوري ڪندس. 1949ع کان هيلتائين ميز تي ويهي منشگيري ڪئي اٿم. ارڙهن سالن ۾ ماستري شايد وسري ويئي هونديم. بهرحال باقي ٽي سال نوڪري ڪرڻي اٿم، سا ڪيئن به ٿي وڃي دنگ ڪندي. زندگي عجب اسرار آهي. ڪهڙا ڪهڙا روپ ۽ رنگ اٿس، جي پئي بدلائي ۽ ملڪ سڄي کي ڌتاري ۽ خوش ڪري. ادبي بورڊ جي ميٽنگ آهي 29 تاريخ. اُن ۾ بورڊ لاءِ ڪو ٻيو سيڪريٽري تجويز ڪندا. اسين ته ڪوشش ۾ آهيون ته پنهنجو يار رباني ٿئي ته چڱو. پر بورڊ  جا ميمبر زوراور آهن. منجهن ڪي ڏاڍا ڪيني ۽ ڪروڌ وارا آهن: سي شايد هن کي ڪين سهندا.

تنهنجو افسانو ”ڇڻيل پن“ حميد سنڌيءَ کي ڏنو اٿم. ”روح رهاڻ“ جي هن پرچيءَ ۾ ڇپجي رهيوآهي.

تنهنجا امتحان به هاڻي ڏهين يا ٻارهين آگسٽ تي ٿيڻا آهن. سو ضرور تون هيڏانهن ايندين. آءٌ پنجين يا ڇهين آگسٽ کان وٺي 20 آگسٽ تائين هـِتي حيدرآباد ۾ هوندس، جو هاءِ اسڪولن کي وئڪيشن آهي. تون امتحان تي ايندين ته هتي ضرور ملنداسون. ”روح رهاڻ“ جو جشن نمبر توکي مليو آهي، الائي نه؟

مينهن ته هيل ڏاڍا پئجي رهيا آهن. ارادو هو ته هن سال اوهان ڏانهن اچي چڪر هڻي وڃجي، پر هاڻي شايد ائين نه ٿي سگهي.

اميد ته تون خيريت سان هوندين.

تنهنجو پنهنجو

محمر ابراهيم جويو

بدلي سرڪار ڪئي آهي، ڪافي ڏمريل آهي- بزم صوفياء سنڌ، سنڌي ادبي سنگت، ۽ ٻين منهنجن ادب ۽ علم جي دائري ۾ ڪيل ڪمن ڪري. سائين جي ايم. سيد. کي به وري نظربند ڪيو اٿن.

(38)

مـِٺي

مٺڙا سائين!

اوهان جو خط مليو. پڙهي ڇا محسوس ڪيم، اُن جي ڳالهه نه پڇو پر دِل واري دل ۾ آهي. اسان لاءِ ته ڄڻ سڄي حيدرآباد بدلي ٿي ويئي. اڄ جو پريشان انسان قرب جو ئي ته بُکيو آهي. ليڙون ليڙون ٿيل دِل لاءِ ٽوپا جيڪي ڪم ٿا ڏين اُها خبر مون کان وڌيڪ اوهان کي آهي. بهرحال دِل وارن لاءِ جيڪب آباد پنڌ نه آهي. پر افسوس ته دِل ۾ ٻه ڌاريءَ خنجر وانگيان هيٺ لهندو وڃي- خاص ڪري مون پاري مايوس دِل ماڻهوءَ لاءِ.

امتحان تي ايندس ته ملاقات ٿيندي.

ڇا لِکان مٺڙا ڇا لکان.

مَنُ منڌل آهي.

عبدالقادر

(39)

جنهاڻ

26 آگسٽ 1967ع

مٺڙا سائين!

 اوهين  به حيدرآباد کان موڪلائي هليا ويا ۽ اسان به 24 آگسٽ تي ڳوٺ اچي ڪڙڪو ڪيو. ڇا ڪجي. جنهن ڏينهن اوهين جيڪب آباد ويا ٿي، اُن ڏينهن شام جو آءُ اوهان جي گهر هوس پر اوهان جي ڇوڪري چيو ته اوهان جي طبيعت ناسازگار آهي. اُن ڪري ملي نه سگهيس. خير، ملڻ جي خواهش آهي ته سڀڪجهه آهي. اُميد ته ڏورانهين پنڌ تي رهي ڪري به اسان کي ياد ڪندا. انسان فاني آهي پر انسان جي ڇڏيل يادن جا نشان هميشه ڌرتيءَ جي چوڌاريءَ هلندا ۽ ٻُرندا رهن ٿا.

مون واري جذباتي يار شوڪت جـِي ته، اوهان جي ڳالهه ڪندي، دل ڀرجي آئي- اوهان  کي ڏنل پارٽيءَ جو ذڪر ڪندي.

اسين سنڌي گهڻو ڪري مرده پرست آهيون پر جڏهن ڦـِٽ لعنت ٿي تڏهن دُوريُن کي پسند ڪرڻ لڳاسين. ڪو ’انسان‘جڏهن پري هليو ويندو آهي تڏهن ئي اسين اُن کي زياده ياد ڪندا آهيون. بهرحال هاڻ ملاقاتون ته الائي ڪٿي ٿينديون ۽ ڪيئن ٿينديون.

اوهان ان طرف جو حال احوال ڏيندا. ڪي ڳالهائڻ جهڙا يار دوست آهن يا نه؟ رهڻ جو بندوبست سُٺو آهي يا نه؟ وغيره وغيره

اوهان جو پنهنجو

اوهان جي ياد ۾

عبدالقادر جوڻيجو

پوسٽ آفيس فضل ڀنڀرو، ٿرپارڪر سنڌ.  

 

(40)

جيڪب آباد

1 سيپٽمبر 1967ع

پيارا عبدالقادر،

تنهن ڏينهن شام جو برابر آيو هئين، پر نه رڳو تَنهن ڏينهن، پر اهي سمورا ڏينهن جيڪي تون حيدرآباد هئين، سي منهنجا ڏاڍي خفي ۾ ٿي گذريا. اِنهيءَ ڪري توسان ويهي ڪا پوري ڪچهري ڪري ڪين سگهيس. معاف ڪج. تون خير سان ٿر وئين ۽ آءٌ هيڏانهن سنڌ جي ٻئي ڇيڙي تي اچي رسيو آهيان. گويا سيرانديءَ ۽ پيرانديءَ ويٺا سنڌ کي ڏسون. ڪيتري نه بيوس ۽ هيڻي آهي هيءَ اسان جي سنڌ! جيڪب آباد ۽ ٿرپارڪر ضلعا ته هيڪاري مسڪين ضلعا آهن. ماڻهو اٻوجهه ۽ غريب، ٻه چار جيڪي ڏاڍا منجهن آهن، سي هيڪاري ڏاڍا، پنهنجيءَ نادريءَ ۾ ورتا پيا آهن. ڪيڏانهن وڃي ڪيڏانهن وڃجي.

آءٌ 5 سيپٽمبر کان 21 سيپٽمبر تائين شڪارپور ۾ هوندس. اُتي مئٽرڪ جي سپليمينٽري امتحان جو انتظام ڪرڻو اٿم.

تنهنجي خير جي حال احوال جو هميشه انتظار رهندم. مهرباني ڪري خط پٽ لکندو رهج. اڄڪلهه ٿر ته وسيل آهي. هو جيڪي مضمون شروع ڪيا هئئي. تن کي وچ ۾ ڇڏڻ نه کپي.

اميد ته تون هر طرح خيريت سان هوندين.

محمد ابراهيم  جويو

(41)

جنهاڻ

24 سيپٽمبرع

پيارا سائين،

اوهان جو خط ڪافي وقت ٿيو، جو سيرانديءَ کان سـِرڪندو اچي سنڌ جي پيراندين ۾ ڪريو هو، ۽ وچ ۾”سنڌ جو بي سَتو جسم“ (ڪيڏو نه سهڻو خيال لکيو اَٿوَ) ۽ اسان جيڪي هـِن بيمار جي شايد پرگهور لاءِ سيرانديءَ ۽ پيرانديءَ کان ويٺا آهيون، سي اشارن ئي اشارن ۾ ” ڀتين جي کاڄ“ (عورتن) وانگر ڪجهه چيو پيا هڪٻئي ڏي خطن جا پرزا موڪليون- ڊپ اٿئون ته جي زور سان ڳالهايوسون ته سـِر تي بيٺل ڀتيون هڙپ نه ڪري وڃن

. ڪجهه ماس ته پَٽي ويون آهن.

 اڄڪلهه آءٌ نراشائن جي گهنگهور اونداهين ۾ تڙڳي رهيو آهيان. انهن ئي اونداهين ۾ ويهي اونداهين جا ٻه ٽي ڍُڪ چاڙهي ڪهاڻي لکي اٿم-”ڪيڏانهن وڃون؟“ آخر من جي اَڇائي ۽ اُجرائيءَ کي ٻاهرين اونداهين کان ڪيترو بچائجي. اڄلڪهه ته اِهوئي نُڪتو من ۾ پيو هُري ته نراشا حقيقت آهي ۽ حقيقت نراشا آهي، ٻيو ڪجهه به نه آهي.

اِها ڪهاڻي انعامي چٽاڀيٽيءَ لاءِ ”نئين زندگيءَ“ کي موڪلي اٿم.

هن وقت ٿر ۾ سُڪار آهي، ڀِٽون ۽ ڏهر ساوا هِلُ ٿيا پيا آهن. چوڌاري ساوڪ ئي  ساوڪ آهي ۽ وچ ۾ ڪُنڀٽن جا اڇا گل جهڙا سائيءَ چُنيءَ تي چـِٽَ. ڌنارن جي بانسرين ۽ گيتن جا آواز پڙاڏا بنجيو پيا اُڏامن. زندگيءَ عارضي خوشي ماڻي آهي. کين ڪير چوي ته اوهان جون خوشيون رَسن ۾ ٻڌل آهن جن کي ذري کان پوءِ ڇـِڪ ايندي ۽ بس. پڇاڙيءَ ۾ رڳو بانسرين ۽ گيتن جا سُڏڪا ٻُڌڻ ۾ ايندا.

سڀ ماڻهو  ڏينهن جو ٻنين تي ڀڄيو وڃن. پويان ڳوٺ جي چونئرن جا در ٻاڪا ڦاڙيون کائڻ پيا اچن. هَڻي هَڻي سنجها ٽاڻي ڳوٺ ۾ ساهه پوندو آهي، ٿَڪا ٿَڪا آواز، هَلڪا ٽهڪ، ٿانون جي ٽڪرڻ جو ڪو آواز....... ۽ پوءِ رات ڪنهن کوهه ۾ گهڙيو وڃي جتي رڳو ننڊ آهي.

ساڳيو اَن ٽيهن چاليهن روپيئين مَڻُ وٺي کائڻ وارا ڳوٺاڻا اڄ ٻاجهر اَٺين روپئين جي اگهه سان پيا وڪڻڻ ۽ اڳتي هَلي اُها ساڳي ٻاجهر ٽيهن روپئي مَڻُ وٺندا.

سچ پڇو ته صديون ڇڻي ويون آهن، پر پوءِ به حساس دِل جا هي حال آهن:

اب چهائون کهين پائي نهين جاتي

اس دهوپ کي دارائي نهين جاتي

کـِس نائو کي ڊوبني کي دل په هي چوٽ

که ساحل کي هوا کهائي نهين جاتي

بس وقت جو سـِراڙو آهي، اڃا به ڏٺي مان ڪـِي ڏسڻ گهرجي.

هُو ٻه مضمون مڪمل ڪندس، پر وقت گُهرجي.

تازو پڙهيم گرامي صاحب جو مضمون ”مشرقي شاعريءَ جا فني رجحانات“ دوباره پڙهيم. پهرين جڏهن پڙهيو هئم تڏهن وڻيو هو. پر هينئر پڙهي ان کي بلڪل ناپسند ڪيم. اجائي لفاظي، معمولي ڳالهه کي وڌاءُ خوامخواهه پنا ڦٽايا اٿس. مضمون ۾ ترتيب ته بنهين ڪانهي. ترتيب  ته ڇڏيو پر موضوع اُتر ته اُن جي اُپٽار ڏکڻ. ”ياز“ کي ته اُبتيءَ سان ڪُٺو اٿس. سوچيان ته گرامي صاحب بنيادي طرح فنڪار آهي، نه ڪـِه نقاد، جيئن اسان وارو يار ”طول اععمره“ آهي ته فنڪار پر ڪندو گهڻيون تنقيدون آهي. سندس ٻه عظيم شاهڪار ڪهاڻيون پڙهڻ بعد جڏهن سندس تنقيدون پڙهيم ته جذبات کان سواءِ ڪجهه به نظر نه آيم. تنقيد ۽ تخليق جو ميلاپ ته سهڻي ڳالهه آهي، پر هـِتي ته تخيلقي اُڌما ٽَپـِي خالص تنقيد جي حدن ۾ زوريءَ گهڙيو وڃن. البت سندس ڪتاب ”انڌا اونڌا ويڄَ“ اَڃا ڪونه پڙهيو اٿم. هي جملا خالص ادبي نقطي نگاه کان لکيا اٿم، باقي  اسان جي ادبي ”تحريڪ“ سان انهن کي لاڳو نه سمجهندا. اڄڪلهه پڙهڻ جو ڀوت ڪنڌ تي گهڻو سوار اٿم. ڪجهه ڪتاب غلام نبيءَ قاضيءَ وٽان مليا اٿم، جن ۾ ڊورس ايلس، ممتاز حسن، جارج ايليٽ، ڪوپر، بارڪئمن جهڙا اديب آهن! خاص ڪري ممتاز حسن جو ”ادب ۽ سائنس“ مضمون ته ترجمي ڪرڻ جهڙو آهي.

اِتي ڪو اُڙيو ٿُڙيو دوست اچي، ته اُن کي گهاٽا سلام.

اوهين پنهنجين مضروفيتن جو احوال به لکو نه-

واسلام

عبدالقادر جوڻيجو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org