هن نسرين ڏانهن ڏسندي ڏک منجهان چيو، ”ها، ڪيڏي نه
گهري خاموشي ڇائنجي ويئي آهي. هر شام ۾ هڪ لڪل،
سمجهه ۾ نه ايندڙ ۽ ڄاتل سڃاتل خاموشي سمايل هوندي
آهي... پر مون فضول ڳالهائي، شايد سڀني جو موڊ
خراب ڪري ڇڏيو. خبر ناهي ڇو انسان ڪڏهن ڪڏهن
هروڀرو بنا ڪنهن سوچ ۽ سمجهه جي ڳالهائيندو رهندو
آهي!“ سندس آواز ڄڻ ڀرجي آيو.
اقبال ۽ نسرين کيس خاموشيءَ سان ڏٺو ۽ هوءَ چپ
چاپ، سامهون آهستي آهستي ڦهلجندڙ انڌڪار ۾ خبر
ناهي ڇا ڏسڻ لڳي... (ڪڏهن ته سوچيو هيوسين، ڪنهن
شام جو، سانوري ۽ اونداهي شام جو، جڏهن سج ڌيري
ڌيري سامهون آسمان ۾ ٻڏي ويندو ۽ پيلاڻ جا ڪيترا
ئي رنگ گهڙيءَ ۾ بدلجندا رهندا، تڏهن تون ۽ مان
پنهنجي لان ۾، ڪنهن انب يا نِم جي گهاٽي وڻ هيٺان،
ويٺا هونداسين، پر اي وقت! کلندڙ زندگين کي
اونداهين ۾ ڌڪيندڙ وقت، تون به ته ڪيترو نه ظالم
آهين، جو انسان کي انسان کان، زندگي کي زندگي کان
ائين جدا ٿو ڪرين ڇڏين، جو ڪڏهن ڪير ياد به اچي ٿو
ته فقط...؟!)
هن کي خاموش ڏسي، سندس مڙس کي شايد احساس ٿيو ته
هوءَ غمگين ٿي ويئي آهي. هن ڏانهنس ڏسندي چوڻ شروع
ڪيو، ”رخسانا، تون غلط نه سمجهه. منهنجو موڊ خراب
نه ٿيو آهي. مان فقط ايترو سمجهان ٿو ته اسان ڪنهن
کي سمجهڻ ۾ دير ڪريون ٿا. فرق فقط سمجهڻ جو آهي.
تون بيحد جذباتي ۽ سينزيٽو آهين ۽ مان هڪ حقيقت
پسند. پر تون گهڻو خيال نه ڪر. ڏس نه، اقبال صاحب
وارا ڇا سوچيندا ته اسان کي گهر ۾ سڏائي پاڻ ۾
وڙهن پيا!“
(رخسانا سوچيو: ۽ جڏهن هڪ ٻئي کي سمجهون ٿا، تڏهن
وري وقت هٿن مان نڪريو وڃي!)
اقبال رحم ڀريل نگاهن سان کيس ڏسندي چيو، ”نه.
اسين ڌاريا ته ڪونه آهيون، جو ائين سوچينداسين.
مان ۽ نسرين، رخسانا سان گڏ پڙهيا آهيون ۽ اسين هن
جي طبيعت مان واقف آهيون.“
رخسانا، پنهنجي مڙس ڏانهن ڏٺو، جيڪو شايد اٿڻ تي
هو. (جڏهن ڪير ڪنهن تي رحم ڪندو آهي، ته ڪيڏو نه
عجيب لڳندو آهي. اسان سڀني کي هڪ ٻئي تي رحم ڪرڻ
کپي. اسين سڀ رحم جوڳا ڪردار آهيون، زندگيءَ جي هن
سمجهه ۾ نه ايندڙ ويڙهه منجهه. ڪنهن کي به ڪا ڄاڻ
نه آهي ته هي سڄو مانڊاڻ ڇو آهي؟ سوال ’ڇو ۽ ڇا
لاءِ‘ جو آهي. ڳولها هر شيءَ ۾ آهي. ڳولها ۽ ڄاڻ
زندگيءَ جا سڀ کان پهريان ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ جذبا
آهن ۽ زندگي سڄي فقط سمجهڻ ۾ ئي پوري ٿيو وڃي.
زندگي مختصر، ۽ ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ته الائي ڪيترا
جنم کپن، هيءَ سڄو سانگ ته کن پل جو آهي.)
سندس مڙس اٿي بيٺو. ”اقبال صاحب! مان اجازت وٺندس،
ڇاڪاڻ ته مان اڳواٽ ئي ڪنهن کي ٽائيم ڏيئي ويٺو
آهيان. مون رخسانا کي شروع ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو. ۽
ها رخسانا! ڏس، اقبال صاحب وارن کي رات جي مانيءَ
کانسواءِ نه ڇڏجائين. هي پهريون ڀيرو پاڻ وٽ آيا
آهن. مان نائين وڳي تائين مانيءَ جي ٽائيم تي موٽي
ايندس.“
رخسانا ڏک ڀريل نگاهن سان پنهنجي مڙس ڏانهن ڏسندي
سوچيو: اسين هڪ ٻئي جي احساسن ۽ جذبن جو مذاق
اڏائي ڪيترو نه خوش ٿيندا آهيون. هي منهنجو مڙس
مون مان خوش نه آهي ۽ آءٌ شايد هُن مان نه! پر؟...
سندس مڙس هليو ويو، ته کيس احساس ٿيو، ڄڻ سندس من
تان ڪو بار لهي ويو هجي. هن خالي خالي نظرن سان
لان ۾ ڦهليل هلڪي هلڪي روشني ۾، شام جي اُداس
آسمان هيٺان، هنن گهاٽن ۽ اوچن وڻن جي ڀر ۾،
پنهنجو پاڻ کي هڪ عجيب انسان محسوس ڪيو. (انسان!
زندگيءَ جو هڪ رحم جوڳو ڪردار، سڪون ۽ مستقل
خوشيءَ جي مستقل ڳولها، سمجهه ۾ نه ايندڙ جذبا،
اجنبي چهرا، اجنبيت ۽ ڏک، چئني پاسن کان. بيزاريءَ
جي بيزار ڪندڙ اجنبي ڌنڌ. مسلسل انتظار. اميدون ۽
آسرا. خواهشن، ڏُکن ۽ غمن جي صليب تي چڙهيل
ائبنارمل، ائبسٽرئڪٽ، ۽ خالي خالي انسان...!، ۽
زندگي پنهنجي ئي پيدا ڪيل مونجهارن جي ڌُنڌ ۾ گم ۽
ڦاٿل. ڪو آهي، جيڪو ساٿ ڏيئي؟ ساٿ؟ زندگي، ۽ زندگي
ائين ئي هلندي رهندي، احساس ۽ جذبي جي هوندي، بنا
ڪنهن احساس ۽ جذبي جي.)
نسرين کيس خاموش ڏسي چيو، ”رخسانا، توکي پنهنجي
مڙس سان ائين نه هلڻ کپي.“
هن ڇرڪ ڀري سامهون ڏٺو: سامهون سندس مڙس واري ڪرسي
خالي هئي، کيس خالي ڪرسي ڏسي ڪجهه ڏک ٿيو. هن خالي
ڪرسيءَ تان نظر هٽائي، اقبال ڏانهن ڏٺو، جيڪو چپ
چاپ سگريٽ جا هلڪا هلڪا ڪش هڻي کيس ڏسي رهيو هو.
هُن کي ڄڻ هڪ عجيب ڊپ محسوس ٿيو. هن تيزيءَ سان
چيو، ”نسرين، منهنجي طبيعت، منهنجي وس ۾ نه آهي.
مان پنهنجي پاڻ کي ۽ پنهنجي طبيعت کي سمجهي نٿي
سگهان. سويل ڪجهه دير اڳ، مون کي پنهنجي مڙس جي
موجودگي خراب پئي لڳي، ۽ هاڻ جڏهن هُو هتي ناهي،
تڏهن وري هيءَ خالي ڪرسي ڏسي، هُن جي وڃڻ جو بيحد
ڏک ٿي رهيو اٿم. نسرين، اسين سڀ عجيب انسان آهيون.
هن دؤر جا عجيب انسان، جيڪي سدائين اونداهين ۾
رهندي به وڌيڪ اونداهه چاهيندا آهن! پر نسرين تو
ڪڏهن محسوس ڪيو آهي ته پنهنجي چوڌاري ڪيتري نه
اونداهه، خاموشي ۽ سناٽو ڇانيل آهي، ڏس هينئر هن
مهل شام جا هي ختم ٿيندڙ پاڇولا به ڪيڏا نه عجيب
هئا؟ ڇا اسان اها خاموشي، اُداسي ۽ سناٽو محسوس
ڪيو؟ پر مون کي اهو سڀ ائين الائي ڇو ٿو محسوس
ٿئي؟ مون کي پنهنجي اڪيلي هئڻ جو ايترو ته گهرو
احساس ٿئي ٿو، جو ڪنهن ڪنهن مهل مان پنهنجي پاڻ
کان، پنهنجي ماحول کان ۽ جتي مان ويٺي هوندي
آهيان، ان هنڌ کان، دور الائي ڪٿي گُم ٿي ويندي
آهيان. ائين الائي ڇو ٿو محسوس ٿئي؟ اقبال، تون ئي
ٻڌاءِ ته اهو سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ ڇا آهي آخر اهو سڀ
ڪجهه؟“
اقبال سگريٽ جو آخري ٽڪرو پريان ڇٻر تي اڇلائيندي
چيو، ”ڇاڪاڻ ته پاڻ سدائين زندگيءَ کي هڪ سندر
سپنو سمجهندا آهيون ۽ سپنو به اهڙو، جنهن جي دور
کان هڪ جهلڪ ڏسي پوءِ پنهنجين اميدن ۽ آسرن جا
سوين محل بنايو ڇڏيون ۽ اهي محل فقط واريءَ جا محل
هوندا آهن. جيڪي ٺهندا ۽ ڊهندا رهندا آهن پر
رخسانا توکي زندگيءَ کي ڏسڻ لاءِ پنهنجي جذباتيت
وارو انداز بدلائڻ کپي.“
”اقبال، مان آخر هن زندگيءَ مان سيٽسفاءِ ڇو نه
آهيان؟ ڪٿي ائين ته ناهي جو جيڪي ڪجهه مون چاهيو
ٿي، اهو ٿي نه سگهيو ۽ جيڪي ٿيو، ان جي موٽ ۾
منهنجي جهوليءَ ۾ اچي ڪِريا فقط ڏک ۽ مايوسيون.“
اقبال سگريٽ دکائيندي، نسرين کي چيو، ”نسرين،
رخسانا پنهنجي هن زندگيءَ مان سيٽسفاءِ نه آهي پر
کيس هن ماحول سان آخر ٺاهه ڪرڻو ئي پوندو.“
”ٺاهه...“ رخسانا کان ٿڌو ساهه نڪري ويو. هن ڏک
ڀريل نگاهن سان مٿي آسمان ۾ نهار ڪئي، پورو آڪاش
اونداهيءَ ۾ ٻڏل هو. سامهون کان فقط هڪڙو تارو ٽم
ٽم ڪري رهيو هو. (هن هيڏي ساري آسمان ۾ هي شام جو
تارو آهي پر ڪيترو نه اڪيلو ۽ ڪيترو نه تنها! هي
آسمان به ڪيڏو نه عجيب آهي! صدين کان ائين ئي بيٺو
آهي ۽ الائي ڪيسين تائين ائين بيٺل رهندو. ڪيترا
انسان هن جي هيٺان زنده آهن ۽ ڪيترا انسان زنده
هوندي به مريو وڃن.)
”رخسانا، توکي راحيل ياد آهي.“
آواز اقبال جو هو. هن کي محسوس ٿيو، ڄڻ هن جي دل ۾
ڪنهن ڏار وجهي ڇڏيا هجن. (ڪڏهن ته سوچيو هوسين،
ڪنهن شام جو، ڪنهن سونهريءَ شام جو، سج جڏهن تجلا
ڪري گم ٿي ويندو، تون ۽ مان پنهنجي لان ۾....) هن
اونداهي آسمان تان نظرون کڻي، اقبال ڏانهن ڏٺو.
کيس هلڪي هلڪي اونداهه ۾، اقبال ڪجهه عجيب محسوس
ٿيو. شايد ان سوال جي ڪري. هن کان بي اختيار هڪ
ٿڌو ساهه نڪري ويو. هُن اقبال کي جواب ڏنو، ”ها،
چڱيءَ طرح ياد اٿم... پر، هوُ توکي ڪيئن ياد آيو؟“
”تنهنجيون ڳالهيون ٻڌم، ته مون کي هو بي اختيار
ياد آيو. مون هن کي اڌ پنڌ ۾ ڇڏيو هو. مان جيڪي
ڪجهه ٿيڻ چاهيو ٿي، اهو هن ٿي ڏيکاريو. مون کي بعد
۾ اهو احساس ٿيو ته هو ڪجهه نه هوندي به گهڻو ڪجهه
هو.“
”پر تون ته اُن وقت هن سان سخت اختلاف رکندو
هئين!“ نسرين اقبال کي چيو.
رخسانا ڪجهه ٽوڪ منجهان چيو، ”هي صاحب اُن وقت سخت
ڪميونسٽ هو.“
”مان مڃان ٿو، ان وقت هُن سان مون اختلاف ڪيو هو.
توهان کي شايد اها خبر ڪانهي ته هُو پاڻ به
ڪميونسٽ هو ۽ ڪنهن وقت ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ رهي چڪو
هو. جڏهن مان پارٽيءَ ۾ شامل ٿيس ته هو پارٽي ڇڏي
چڪو هو نئشنلزم جي سوال تان، ڇاڪاڻ ته هو بنيادي
طور تي فقط هڪ فنڪار هو ۽ شايد فنڪار ڪنهن به شيءِ
سان ٺاهه نه ڪري سگهندو آهي. مون به اها ڳالهه
گهڻي وقت کانپوءِ محسوس ڪئي ته جيڪي ڪجهه هو چوندو
هو، اهو سچ هو. هو سدائين چوندو هو ته :’هڪ فنڪار
جو يا هڪ حساس دل ماڻهوءَ جو سياست ۾ هلڻ تمام
ڏکيو آهي.‘ ۽ شايد اهو ئي سبب هو جو مان ڪجهه وقت
پارٽيءَ ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ ٿڪجي پيس. مون لاءِ ’هول
ٽائيمز‘ ٿي ڪم ڪرڻ تمام ڏکيو هو. جڏهن ڪجهه وقت
لاءِ ’انڊر گرائونڊ‘ ٿيس ته ويتر احساس ٿيم، ته هي
سڀ ڪجهه منهنجي وس کان ٻاهر آهي- پوءِ سياست ڇڏيم،
نوڪري ورتم، ٻاهر ويس ۽ واپس اچي چپ چاپ شادي ڪري
ماٺ ٿي ويهي رهيس... پر ڪڏهن ڪڏهن احساس ٿيندو
اٿم، ڄڻ هُو مون کي اڃا تائين ڪنهن راهه تان سڏ
ڪري رهيو آهي.“
رخسانا جو من ڀرجي آيو. هن کي محسوس ٿيو، ڄڻ دور
ڪٿان ماضيءَ جي وشال ميدانن مان ڪيترائي آواز وڏي
واڪي کيس سڏي رهيا آهن. هن جي دل چاهيو ته هو اڃا
به اقبال جي واتان راحيل جو ذڪر ٻڌندي رهي. هن
اقبال کان گهٽيل آواز ۾ پڇيو، ”اقبال... ڪا خبر به
پئي ته هن جو ڇا ٿيو؟“
”شايد توکي خبر هجي به يا نه، ته هُو مون سان آخري
ڀيري مليو هو. هو ڪيترن سالن کان انڊر گرائونڊ هو.
مان جڏهن ٻاهران موٽي آيس ته هُو سخت تڪليفن ۾ هو
۽ ان ئي زماني ۾ مان ساڻس ملاقات ڪئي هئي. هُو شهر
کان ٻاهر هڪ ڪچي جاءِ ۾ رهيل هو. لالٽين جي جهڪي
روشنيءَ ۾ هُو هڪ وڏي ڪاري ڏاڙهيءَ سان، مون کي هڪ
عجيب انسان لڳو هو. ٻاهر مينهن وسي رهيو هو. مون
کي ڄڻ ان مهل محسوس ٿيو ته هو هلي هلي بيحد ٿڪجي
پيو هو. مون کيس گهڻو ئي چيو ته هو هي سڀ ڪجهه ڇڏي
ڏي. پر منهنجي ڪنهن به ڳالهه جو جواب ڏيڻ بدران هو
چپ چاپ لالٽين جي روشنيءَ ۾ سگريٽ پيئندي ٻاهر
وسندڙ مينهن کي ڏسي رهيو هو. الائي ڇو مون کي ان
مهل محسوس ٿيو هو، ته هو هڪ سيڊيسٽ بنجي چڪو هو.
کيس پنهنجو پاڻ کي برباد ڪرڻ ۾ مزو پئي آيوــــ
مان ساڻس اُتي ٽي چار ڪلاڪ گڏ هيس پر هُن تمام گهٽ
ڳالهايو. جڏهن مون ساڻس موڪلايو، ته هُن خاموشيءَ
سان مون کي رخصت ڪيو. هلڪي هلڪي بوند پئي رهي هئي
۽ ٻاهر گهٽيءَ ۾ اونداهه هئي. هو مون کي گهٽيءَ جي
مهڙ تائين ڇڏڻ آيو هو. گهٽيءَ جي مهڙ تي هن مون
سان مُرڪي هٿ ملايو هو. هو مرڪيو هو، ته ڄڻ مون کي
محسوس ٿيو هوڄڻ اونداهي وايو منڊل ۾ ڪا کنوڻ ٿي
هئي، جنهن جي چمڪاٽ ۾ مون کي هن جي چهري تي هزارين
دک ۽ درد نظر آيا. هُن موڪلائڻ مهل فقط ايترو چيو،
’زندگي... هاڻ جنهن به روپ ۾ ملي اٿم، اها قابل
قبول آهي. هاڻ فقط چاهيان ٿو سڪون، جنهن جي ڳولها
اٿم ۽ جنهن جي ڳولها ۾ ڀٽڪي رهيو آهيان.‘ ائين چئي
هو واپس وريو هو. مون ڪجهه قدم اڳيان هلي پويان
ڏٺو هو. اوندهه ۾ هو ننڍا ننڍا قدم کڻندو وڃي رهيو
هو. زندگيءَ سان لڙندڙ ۽ وڙهندڙ، ان اونداهه ۾
ويندڙ انسان کي ويندو ڏسي، منهنجي دل محسوس ڪيو هو
ته هن انسان کي شايد مان ڪڏهن وري الائي ڏسي
سگهندس به يا نه؟...“ اقبال سگريٽ جو هڪ وڏو ڪش
هڻي، سگريٽ پريان اڇلائي، ڪنڌ پويان ڪرسيءَ تي رکي
اکيون بند ڪري ڇڏيون.
رخسانا، هڪ سمجهه ۾ نه ايندڙ احساس سان اهو سڀ
ڪجهه ٻڌي رهي هئي. کيس اهو سڀ ڪجهه الائي ڇو ايترو
عجيب محسوس نه ٿي رهيو هو. ان جي اندر مان ڪيترائي
سڏ ۽ پڙاڏا نڪري اچڻ لاءِ آتا هئا. هُن هروڀرو به
مٿي اونداهي آڪاس ۾ نهار ڪئي. اونداهي آسمان ۾
ڪيترائي ستارا هئا، جيڪي چمڪي رهيا هئا. آسمان ۾
ته ڪيترائي ستارا هئا، پر شام جو اڪيلو تارو خبر
ناهي ڪنهن مهل گم ٿي ويو هو يا انهن هزارن ستارن ۾
پنهنجي سڃاڻپ وڃائي چڪو هو. پريان ڪٿان ڪنهن بنگلي
۾ ڪير تيز آواز ۾ ٽيپ رڪارڊر وڄائي رهيو هو، جنهن
جو آواز هن خاموشيءَ ۾، هن ازلي ۽ ابدي خاموشيءَ ۾
تمام عجيب ۽ وڻندڙ لڳي رهيو هو. هر طرف خاموشيءَ
جو هڪ سناٽو ڇانيل هو. ڪنهن ڪنهن مهل ڪِچن مان
نوڪرن جو آواز اچي وري بند ٿي پئي ويو. ٻاهر روڊ
تي ڪي ماڻهو زور زور سان ڳالهائيندا پئي ويا. اهي
سڀ آواز گڏجي کيس هڪ عجيب سُڪون ڏيئي رهيا هئا.
(ڪڏهن ڪڏهن ڪي آواز، اسان لاءِ زندگيءَ ۾، هن
سنسان ۽ اُجڙ زندگيءَ ۾، هن بي انت سناٽي ۾، ڪيڏو
نه سُڪون ڏين ٿا... اسان کي زندگيءَ جي موڙ تي، هر
موڙ تي ڪنهن نه ڪنهن ذهني ساٿ ۽ سهاري جي ضرورت
آهي... پر مون ته وقت وڃائي ڇڏيو. وقت ته ڪڏهوڪو
هٿن مان ڇڏائجي الائي ڪيڏانهن اُڏامي ويو. مون ته
اهو سڄو عرصو ائين ئي گذاري ڇڏيو، بنا ڪنهن سوچ ۽
سمجهه جي!... مُندون ته وري به اينديون، پر اي
زندگي! تون نه هوندينءَ. نظرن کان ته دور ۽ گهڻو
دور ٿي ويو سڀ ڪجهه، پر جتي ڪڏهن مليا هئاسين ۽
جيڪي ڪجهه ڳالهايو هيوسين، اهو سڀ ڪجهه ڪڏهن واپس
وري سگهندو؟ پر تون هجين ها اي دوست، ته شايد ائين
نه ٿئي ها!...)
اقبال اکيون کولي رخسانا کي ڏٺو، جيڪا سامهون
آسمان ۾ الائي ڇاکي ڏسي رهي هئي. (هيءَ ڇوڪري به
ڪيتري نه عجيب آهي! پنهنجي ٺاهيل دنيا مان هڪ قدم
به ٻاهر اچڻ لاءِ تيار ڪانهي! زمانو ته الائي ڪٿي
وڃي پهتو، پر هيءَ اتي جو اتي بيٺي آهي. هن به ته
پيار ڪيو هو راحيل کي ۽ شادي وڃي ڪيائين هڪ اهڙي
ڪاموري سان، جيڪو هن مان ۽ هن جي عجيب خيالن ۽
سوچن مان بيزار آهي!- اقبال سوچيو.)
اوچتو نسرين اقبال کي چيو، ”تو وٽ راحيل جا ڪي خط
به ته آهن نه.“
اقبال ڪجهه ڇرڪي چيو، ”ها... مون وٽ هن جا آخري
لکيل ٻه خط آهن، جيڪي هن مون کي لکيا هئا، مون سان
ملاقات ڪرڻ کانپوءِ.“ |