سندس شادي هڪ اهڙي مرد سان ٿي هئي، جيڪو ساڻس
ٻارنهن سالن تائين اجنبي اجنبي ٿي رهيو هو، جنهن
کان جدا ٿيڻ ۾ ئي هن کي پنهنجو ڀلو لڳو هو. ۽ هاڻي
هوءَ ٻارن ٻچن واري اڌ کان گهڻي زندگي گذاري آيل
عورت هئي.
”تون پنهنجي ماضيءَ کي ائين ڇو چهٽيو پيو آهين؟“
”ان سوال جو جواب مون وٽ الائي ڇو ڪونهي ميڊم.“
”وري ڏس. ميڊم چيئه.“
”سوري.“
”تون- مرد ٿي به پنهنجي پسند جي يا آزاديءَ سان
شادي نه ٿو ڪري سگهين؟“
”ان ڪري جو اسان جون مائرون پٽن جون شاديون به
پنهنجي پسند تي ڪرائڻ ۾ ئي عزت سمجهنديون آهن ۽
اسين- والدين جي احترام اڳيان ڪجهه ڪڇي نه ٿا
سگهون.“
”عجيب ڳالهه آهي.“ ائين چئي پاڻ کي نندڻ لڳي، ڇو
ته ساڳي حالت ساڻس به ته رهي هئي. پوءِ حيراني
ظاهر ڪرڻ جو مطلب ڇا هو؟
”غير حقيقي صورتحال ۾، حقيقي ۽ آزاد خيال فرد به
پنهنجي عمل ۾ غير حقيقي ٿي وڃڻ تي مجبور آهي،
ڇاڪاڻ ته هن کي هر صورت ۾ ان معاشري ۾ جيئڻو آهي.
اسان انفرادي طور تي ڪيڏا به آزاد ذهن ڇو نه هجون،
پر غير حقيقي عنصر ۽ قوت اڳيان اسان جو عمل هر
صورت ۾ غير حقيقي ئي رهجي ويندو. منهنجو مطلب آهي
ته غير حقيقي حالتن ۾ اسان حقيقي عمل ڪيئن ٿا ڪري
سگهون؟ اسان اندر ۾ ڏاڍا کوکلا ٿا جيئون ميڊم!
ظاهر ۾ اسان کي تڪلف ايٽيڪيٽس، تصنع ۽ اخلاقي
ضابطن جو ڪيڏو نه وڏو عامل ٿي گذارڻو پوي ٿو.“
پنهنجي فيصلي کي پختو ٿيندي محسوس ڪري هن سوچيو:
’رفيق جهڙو مرد، جيڪڏهن کيس باقي زندگيءَ لاءِ
ساٿيءَ جي حيثيت ۾ ملي وڃي ته جيڪر.‘ سوچيندي سندس
هٿ رڪجي ويا. پيار ۽ همدرديءَ جو اظهار، عورت جي
نرم هٿن جي ڇهاءُ مان محسوس ڪندي رفيق ڪيڏو نه
سڪون پئي ماڻيو. نه چاهيندي به الائي ڇو چئي ويٺو،
”بس- مٿي جو سور لهي ويو آهي.“
”نه- نه- تون آرام ڪر، مان پنهنجي خوشيءَ سان ٿي
ڏيانءِ.“
رفيق اکيون بند ڪري چوڻ لڳو، ”ڪيڏي نه شفقت آهي
تنهنجي رويي ۾- ايڏي پنهنجائپ تي منهنجو هارٽ فيل
نه ٿي وڃي.“
”ائين نه چئه، ڇا تون منهنجي رويي مان اهو محسوس
نٿو ڪرين ته مان به ڪيڏو سڪون محسوس ڪري رهي
آهيان.“
”پنهنجي ڳالهه هر ڪو پاڻ ئي بهتر محسوس ڪري سگهي
ٿو.“
”چوڻ ڇا ٿو چاهين؟“
”تو ڇا ٿي چوڻ چاهيو؟“ اکيون کولي کيس ڏسندي
چيائين.
ٻنهي جون نگاهون مليون، جن ۾ ڪي طوفان، ڪي زلزلا ۽
ڪي حسرتون لڪل هيون، ٻئي گهڙيءَ لاءِ ماٺ ٿي ويا.
”هڪڙي ڳالهه پڇانءِ؟“ ٿوريءَ دير کانپوءِ چيائينس.
”هون-“ هن خيالن مان وراڻيو.
”توکي ڪڏهن، منهنجي اڪيلائيءَ جو احساس ٿيندو آ؟“
وهاڻي تي رکيل مٿي کي ڌوڏي ها ڪيائين. چوڻ لڳس،
”توکي پنهنجي مڙس جي رويي خلاف ڪجهه عقل کان ڪم
ضرور وٺڻ کپندو هو.“
”تنهنجو خيال آهي ته مان هن کان طلاق وٺي غلط قدم
کنيو آهي؟“
ڪاوڙ کي دٻائيندي پاڻ کي ڪنهن مونجهاري ۾ مبتلا
سمجهڻ لڳي. اوچتو سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا،
جيڪي نيٺ ڳڙي پيا.
رفيق اکيون کولي کيس ڏسڻ لڳو. سندس هٿن کي جهلي
پيار مان چيائينس، ”مون کي ائين نه چوڻ کپندو هو،
ميڊم! مان غلطيءَ جي معافي ٿو وٺان.“
”تنهنجي معافي وٺڻ مان مون کي ڇا ٿو ملي؟“ سڏڪندي
چوڻ لڳي.
”نيٺ منهنجو ڪهڙو ڏوهه هو. مون ڪهڙو گناهه ڪيو آهي
جو-“
”هاڻي ته تو هن کان علحدگي اختيار ڪري ورتي نه.“
”علحدگيءَ کان پوءِ به ته مان سڪون جي هڪ گهڙي
ماڻي نه سگهي آهيان.“ هوءَ روئڻ لڳي. رفيق جو من
به ڀرجي آيو. ائين جيئن ننڍي هوندي هو پنهنجي ماءُ
کي پنهنجي فوت ٿي ويل پيءُ لاءِ رُئندي ڏسي ڪنڊ ئي
ڪنڊ ۾ جهڄندو رهندو هو. هن کيس پرچائڻ ٿي چاهيو.
”بس ڪر جميلا، نه ته مان به روئي پوندوسانءِ.“ بي
اختيار چئي ويٺو.
”تون ڇو روئندين؟“ جنهن انداز سان جميلا چيو، سو
سندس مطلب نه هو، پر رفيق ان جو تمام گهڻو اثر
ورتو. آهستگيءَ سان کٽ تان اٿيو ۽ وڌي ويو
رنڌڻي ڏانهن، جتي وڃي هن ذهن تان بار لاهڻ لاءِ
چانهه ٺاهڻ جو خيال ڪيو، تري آيل ڳوڙها اگهيائين
مس ته پويان هوءَ به اچي پهتس.
”ڇا ٿو ڪرين؟“
”چانهه ٿو ٺاهيان.“
”روئين ٿو؟“
”مان ڇو روئندس.“ اکين ۾ ڳوڙهن جا ڀريل آيل بادل
نيٺ برسي پيا ۽ هن واقعي روئي ڏنو.
”مون کان ڪو ڏک پهتو اٿئي؟“
”نه- مون کي ڪنهن کان به ڏک ڪونهي پهتو، ويهڻ
چاهين ته مان تولاءِ چانهه ٺاهي وٺان، وڃڻ چاهين
ته مرضيءَ جي مالڪ آهين.“ جميلا کيس شڪايت ڀرين
نظرن سان ڏٺو، رفيق به کيس جواب طلب نگاهن سان ڏسڻ
لڳو.
”هان! ته- مان وڃان؟“ ڄڻ چوندي هجي: ’ڪيئن ٿي توکي
ڇڏي وڃي سگهان.‘
”تنهنجي مرضي، پر- مان- آئيندي توکي ڪڏهن به
پنهنجو نه سمجهندس. مان سڀ تي بار آهيان، منهنجي
اندر ۾ ڪو ليئو پائڻ وارو به ڪونهي. مان ڪنهن سان
همدردي ڪرڻ جي لائق به ناهيان، بهتر آهي ته مون کي
اڪيلو ڇڏي وڃ.“
”مان نه وينديس.“ رُعب، حجت ۽ انتهائي پيار وچان
سامهون ٿيندي چيائينس.
”ڇو، تون منهنجي ڇا لڳين؟“ ٻارن وانگر جهڄندي
چيائين.
جميلا چپ ٿي وئي. کيس شدت سان محسوس ٿيڻ لڳو ته
هوءَ رفيق کي چاهيندي رهي هئي.
”ڪجهه دير اڳ ۾ تو ڇا پئي سمجهيو مون کي؟“
”مان ڪجهه به ياد رکڻ نٿو چاهيان.“ اندر ۾ اڌ
ٿيندي وراڻيائين.
”تو چيو پئي، تون منهنجي لاءِ اها هستي آهين، جنهن
کي آءٌ- ۽ ان کانپوءِ تو ڪجهه به نه چيو هو.“
”تون مون لاءِ واقعي عظيم هستي رهندينءَ جنهن کي
مان سجدا ڪرڻ . . . .“
هوءَ، اندر ۾ رفيق لاءِ ڪا ڇڪ محسوس ڪري سوچڻ لڳي:
’نوڪري اٿم، گهر اٿم، پوءِ مون کي ڪهڙي ڳالهه جي
ضرورت آهي، شايد مڙس کان علحدگيءَ جي پڇتاءَ جو
احساس اٿم، نه- شايد مون کي رفيق جهڙي آئيڊيل مڙس
جي ضرورت آهي.‘ سوچيندي سندس من ۾ ان خوشيءَ کي
جلدي حاصل ڪرڻ جون ڪتڪتايون ٿيڻ لڳيون. سندس جسم
جو رت پيرن کان هلي اچي منهن تي دڳ ٿيڻ لڳو. پاڻ
کي خيال ۾ رکي رفيق جي جوان جسم ۽ رت جو تصور ڪري
ٽڙندي سوچيائين، ’مون کي به تو جهڙو مڙس ملي وڃي
ته جيڪر مان پير ڌوئي پيئانس.‘ بي اختياريءَ وچان
رفيق جي ٻانهن کان ورتائين، سندس منهن سڌو ڪري پاڻ
ڏانهن ڪيائين. هن جي ڳلن تان ڳوڙها اگهندي کيس مٿس
پيار اچي ويو ۽ بي اختيار سندس ڳل تي چمي ڏنائينس،
”ڏس هيئن پرچائبو آهي.“
رفيق نظرون کڻي کيس ڏسي به نه سگهيو، ويتر يتيم ۽
وڃايل ٻار وانگر روئڻ لڳو.
”هاڻي بس ڪر، ڏس هيڏو پرچايانءِ ٿي ته به بس نٿو
ڪرين.“
ڪيتري دير تائين روئندو رهيو. هن کيس پاڻي پياري
وري مِٺي ڏني ۽ رفيق مسلسل روئندو رهيو. گهڻي گهڻي
دير کانپوءِ جميلا کيس پويان ڀاڪر وجهي ڪمري ڏانهن
وٺي آئي. رفيق جي بدن جو ڄڻ سموري ڄمار جو ٿڪ لهڻ
لڳو. گرم عورت جي بدن جي ڇهاءُ سبب رفيق تي غشي
طاري ٿيڻ لڳي، هن کي لڳو ڄڻ جميلا کي به بخار هو.
جميلا جو ذهن ان ڳالهه تي سوچي ئي ڪونه پئي سگهيو
ته جيڪو ڪجهه هن ڪيو پئي اُهو ڪيئن ۽ ڇو پئي ٿيندو
ويو. هوءَ حيران به ڪانه هئي- رڳو پاڻ کي بي
اختيار ٿي ڀانيائين.
”ڇو چپ ڇو آهين؟“ ڪمري ۾ پهچندي چيائينس.
رفيق ان سڪون ڏيندڙ جڪڙ مان پاڻ ڇڏائڻ نٿي چاهيو.
جميلا کيس کٽ تي ويهاريو ۽ پيار وچان کيس سمهڻ
لاءِ چيو، ”آرام سان ليٽي پئه. هڪ بخار، ٻيو مٿان
ٿو روئين، هاڻي ڏس- متان رنو آهين، حيلا ڪيا اٿم
توکي پرچائڻ لاءِ. توکي ته پرچائڻ به ڪونه ٿي
آيو.“
”اچي ڇو ڪو نه ٿو.“ بود وچان چيائين.
”ته مون کي ائين ڇو ڪونه ٿي پرچايئه؟“
”ان ڊپ کان ته ڪٿي تون منهنجي ان عمل کي غلط سمجهي
ٻين کي ڏيندڙ ڌڪار جهڙو نه بڻائي ڇڏين.“ جميلا
ڏانهن ڏسندي چوڻ لڳو، ”توکي خبر آهي، اسين پنهنجا
ڪيترائي پيارا عمل، خواهشون توڙي امنگون من ۾
دٻائي ڇڏيندا آهيون، ان ڊپ کان ته متان ٻئي کي
خراب نه لڳن.“
”چريا-“ پيار مان کيس ڳل تي هلڪڙي ٿڦڪڙي هنيائينس.
رفيق جي جسم جو سمورو رت ڊوڙڻ لڳو، ڄڻ سندس بخار
ٽٽي ويو هجي. جميلا جي سيني سان لڳي روئڻ ۽
پرچائيندي ڏنل هن جون چميون سندس من جي هڪ وڏي کوٽ
جي پورائيءَ جو شديد احساس منجهس اڀاري رهيون
هيون.
جميلا جي ذهن ۾ به هلچل هئي، فيصلو نه پئي ڪري
سگهي ته نيٺ هوءَ پنهنجي ان دٻايل امنگ جي ڀڙڪڻ کي
ڪيئن روڪي، ڪيئن دٻائي، ڪيئن پورو ڪري؟ هن جيئن ٿي
سوچيو تيئن ٿي سندس ڀاونائون وڌڻ لڳيون. مڙس جي
علحدگيءَ کانپوءِ هن لاءِ هڪ ئي رستو هو ته جميلا،
رفيق کي گهوٽ بڻائي پنهنجي سيج سجائي، گهر جو سڪون
ماڻي، کوٽ کي پورو ڪري پر ان سان گڏ زماني ساز
ماڻهن جون ڳالهيون توڙي نگاهون کيس هر وقت
ڇنڀينديون رهنديون. اوچتو سندس من ۾ خيال آيو ته:
هوءَ رفيق جي دوست ئي رهي ۽ رشتي جي زنجير ۾ جڪڙجڻ
کانسواءِ ئي جنسي پورائو ڪري. ڇو ته گهرو زندگيءَ
۾ هڪ ٻئي جي ملڪيت جي احساس پيدا ٿيڻ جا امڪان هئا
۽ انهن سببن ڪري هڪ ٻئي سان نااتفاقي ۽ ڪي ٻيا
مسئلا يقيني صورت ۾ پيدا ٿيندا ۽ وري ٻنهي لاءِ
سئپريشن جو باعث بڻجندا جيڪو هن نه ٿي چاهيو. هن
چاهيو ٿي مرڻ گهڙيءَ تائين ڀرپور پياري زندگي. سوچ
جي هڪ طرف وهڪري جو احساس خود جميلا کي به هو. هن
پاڻ کي انسان جي انسان لاءِ بڻايل اخلاقي ضابطن جي
خلاف اڪيلو ۽ نٻل محسوس ڪيو، هوءَ ڊڄي وئي، ڌڏي
وئي، پر پوءِ به اندر ۾ اڀري آيل ڳالهه چئي ويٺي.
”اسين جيترو پاڻ ۾ ملندا ٿا رهون، ماڻهو ته چوندا
هوندا ته اسين الائي ڇا ڇا ڪندا هونداسين.“ رفيق
سندس جملي جي مفهوم ۽ خاص طور ڇا ڇا ڪندا هوندا تي
غور ڪرڻ لڳو.
’جي ائين هجي به ته ڀلا ڪهڙو حرج آهي؟‘ ٻنهي جي
مَنَ ۾ هڪ ئي وقت اهو خيال اڀري آيو.
”مان عورت آهيان رفيق! هي مرد، ڪريل ذهنيت وارا
مرد منهنجو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندا.“
”مرد ته مان به آهيان.“
”توکي انهن مردن منجهان نٿي سمجهان، جيڪي جنسي بک
۾ ڦاٿل آهن.“
”هر اهو انسان جيڪو اَن کائي ٿو، جنسي خواهش رکي
ٿو.“
جميلا سمجهيو ته رفيق سندس من جي مام پروڙي ويو
هو، هوءَ سندس ڀرسان اچي ويٺي.
”خواهش ۽ خواهش جي بک جي شدت ۾ توکي ڪو فرق نظر
اچي ٿو؟“
”ها.“
”ڪهڙو؟“
”خواهشون، محرومين منجهان ئي پيدا ٿينديون آهن ۽
پوءِ جڏهن ڪي محروميون انسان کي هر وقت ستائڻ لڳن
۽ پوءِ جڏهن شدت اختيار ڪن.“
”توکي ڪهڙي محرومي آهي؟“ جميلا ٻانهن ورائي سندس
ڳچيءَ ۾ وڌي.
”اها شايد ڪڏهن به پوري نه ٿئي.“ دک ۽ پيڙا وچان
چيائين.
”ڇو؟“
”بس- ان جي نوعيت ئي ڪجهه اهڙي آهي.“
”مون کي نه ٻڌائيندين.“ رفيق جي منهن کي پاڻ ڏانهن
ڪندي چيائين.
”تون پوري ڪري سگهين ٿي.“ سانڍيل نااميدي ظاهر ٿيڻ
لڳي.
”ڇونه.“ ضرورت ڳالهائڻ لڳي.
”تو مون کي مِٺي ڪيئن ڏني؟“
”اها ته مان وري به ڏئي سگهان ٿي.“ جميلا سندس چپن
کي چمي ورتو.
”پر موٽ ۾ مان ته توکي ڀاڪر ۾ ڀري مِٺي نٿو ڏيئي
سگهان.“ گهٽتائي جي احساس کان سندس من ڀرجي آيو.
”ڇو نٿو ڏئي سگهين!“ هن کيس ڏٺو ۽ وري چيو، ”اچي
وٺ.“ ائين چئي هن کيس پنهنجو منهن ويجهو ڪري ڏنو.
رفيق ٻڏتر جي ڪيفيت سان گڏ شرمائيندي نيٺ جميلا جي
ڳٽي تي پنهنجا چپ رکيا ۽ پوءِ- ڀاڪر ۾ ڀري هو کيس
مسلسل چمندو رهيو. |