سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: آخري ڪتاب

 

باب: --

صفحو :8 

جيل ۾ 22 مهينا

بلوچستان جي بهادر ليڊر شيرمحمد مري، بي. او. ايس جي اڳواڻ رازق بگٽي، اين. ڊي. پي جي اڳواڻ شاهه محمد شاهه ۽ قمر راڄپر سان گڏوگڏ ڪيترن ئي ٻين سياسي قيدين ۽ عام ڏوهارين سان ملاقاتون.

جيڪي جيلن ۾ آهن انهن لاءِ اثرائتو ڪتاب.

جيڪي جيلن ۾ ويندا انهن لاءِ ڪارائتو ڪتاب.

جيڪي جيلن ۾ نه ويندا انهن لاءِ دلچسپ ڪتاب.

جيل جي ڪوٽ ۾ ڇا ٿو وهي واپري.

پنهنجي انداز جو نرالو ڪتاب.

اڏوهيءَ جيئن ڏکڙا

مدد علي سنڌي

لان ۾ لڳل هلڪا هلڪا بلب ڪنهن ٻاري ڇڏيا، ته رخسانا کي احساس ٿيو ته شام پنهنجا پَر پکيڙي وڃڻ تي هئي. هُن پنهنجي مڙس ڏانهن ڏٺو، جيڪو خاموشيءَ سان سگريٽ ڇڪي رهيو هو. اوچتو هُن کي پنهنجي هيڪلائيءَ جو گهرو احساس ٿيو. ڪجهه دير اڳ ماحول تي جيڪا رنگيني ڇانيل هئي، اُها ڪا مهل ٿي ته اُڏامي چڪي هئي. (زندگيءَ جي خوشين جا رنگ به ته ڪيترا نه ڦڪا آهن؟!) ماحول تي هڪ ڀيرو وري هڪ عجيب خاموشي ۽ بيزاري ڇائنجي ويئي هئي! هُن بيزاريءَ مان اولهه ڏي شام جي آسمان ۾ نهار ڪئي: اولهه ڏي، شام جو آسمان پنهنجي پوريءَ اداسيءَ سان هُن جي مٿان موجود هو، جنهن ۾ نيرا ۽ پيلا رنگ بدلجي رهيا هئا. (شام جي آسمان جا هي رنگ به ڪجهه دير لاءِ آهن! فقط ڪجهه وقت لاءِ. پوءِ هڪ گهري انڌوڪار ڇائنجي ويندي، جنهن ۾ تارن جي روشني نه هجي ته پوءِ؟ هر زندگيءَ جي چيز هتي مڪمل نه آهي. هي سڄو مانڊاڻ به ته فقط چند لمحن جو آهي. ۽ لمحا؟....)

ٻاهر روڊ تان ڪائي موٽر تيز هارن وڄائيندي تيزيءَ سان لنگهي ويئي. هارن جي آواز سان گڏ سندس اندر ۾ ڪئين اونداهيون، پنهنجي پنهنجي مايوسين ۽ ناڪامين سان گڏ گهڙي آيون. ڪجهه وقت اڳ هُن سامهون ويٺل اقبال سان جيڪو Astrology بابت بحث ڪيو هو، اهو هن مهل کيس سخت بي معنى پئي لڳو. (هي سب ڪانٽيننٽ به هتي جي انسان وانگر ايترو ئي پراسرار آهي، جيترو انسان پاڻ! پر سمجهه ۾ نه ايندڙ زندگيءَ جون اُهي قاتل قوتون ڪهڙيون آهن جيڪي سدائين هتي جي وڙهندڙ فنڪار کي، تاريخ جي اونداهن دؤرن ۾ ڌڪي؛ هميشـﮧ هميشـﮧ لاءِ گمناميءَ ۾ گُم ڪري ڇڏينديون آهن؟) اوچتو تيز هوا جا ڪي جهوٽا لڳا، جن هُن جي وارن کي اچي منهن تي ڪيرايو. هن هڪ هٿ سان وار پري ڪندي هڪ ڀيرو وري پنهنجي مڙس ۽ اقبال ڏانهن ڏٺو، جن ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو هو. اقبال اوچتو ڪنهن ڳالهه تان ٽهڪ ڏنو. هُن کلندڙ اقبال ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ سندس زال نسرين ڏانهن جيڪا چپ چاپ هنن جو بحث ٻڌي رهي هئي. کيس الائي ڇو لڳو، ڄڻ اقبال جو اهو ٽهڪ نقلي هو. کيس سخت ڪاوڙ لڳي. هن خبر ناهي ڪيئن چئي ڏنو، ”اقبال حيرت جهڙي ڳالهه آهي، وقت سان گڏ تنهنجو اهو ٽهڪ اڃا نه بدلجي سگهيو آهي؟“

ان اوچتو ڳالهائڻ تي اقبال ڪجهه ڪنفيوز ٿي ويو ۽ نسرين مُرڪي ڏنو. سندس مڙس، جنهن اقبال سان ڳالهايو پئي، تنهن کي شايد سندس اهو وچ ۾ ڳالهائڻ نه وڻيو. هُن کلي اقبال کي چيو،

”پروفيسر توهان جو ڇا خيال آهي، ته هڪ وڌيڪ پڙهيل لکيل ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ به هڪ وڏي مصيبت آهي؟“

اقبال، جنهن پنهنجو پاڻ سنڀالي ورتو هو،تنهن کلي چيو، ”پنهنجو پنهنجو خيال آهي پر مون کي انهيءَ ڳالهه جو اڃا اهڙو تجربو نه ٿي سگهيو آهي.“

-- پروفيسر، هيءَ توهان سان گڏ پڙهي آهي. مان سمجهان ٿو ته هيءَ فلاسفر صاحب ماڻهن کي دعوت ڏيئي گهر ۾ گهرائي پوءِ ويهي انهن جو نفسياتي ڇيد ڪندي آهي.

رخسانا کي سخت ڪاوڙ لڳي. هن کي احساس ٿيو ته کيس اقبال ۽ نسرين کي چانهن پارٽيءَ تي پنهنجي گهر نه سڏڻ کپندو هو. سندس دل ٿي ته هوءَ هڪ ٺاهوڪو جواب ڏي پنهنجي مڙس کي. پر هن موقعي تي، هوءَ زهر جو ڍُڪ ڀري چپ ٿي ويئي.

اقبال ڳالهه کي وڌندو ڏسي يڪدم ڳالهه کي بدلائڻ چاهيو- ”نسرين تون ڇو چپ ڪيو ويٺي آهين؟“

نسرين، جيڪا هن وقت تائين چپ ڪيو ويٺي هئي، تنهن کلندي چيو، ”مان توهان جو بحث ٻڌي رهي هيس.“

رخسانا پنهنجي مڙس ڏانهن نهاريو، جيڪو اقبال کي ڏسي رهيو هو. هُن کي محسوس ٿيو، ڄڻ هوءَ هنن سڀني جي وچ ۾ بيحد اجنبي ۽ بيحد اڪيلي آهي. (پر نه. اڪيلو ته هتي هر ڪو ئي آهي. هر ماڻهو جي اندر ۾ بي انتها اڪيلائي ۽ ويراني آهي. ڪو محسوس ڪري ٿو ۽ ڪو محسوس ڪري به اُن کي محسوس ڪرڻ نٿو ڏي!) اوچتو هن کي محسوس ٿيو ته سندس مڙس اقبال کي ڪجهه چئي رهيو هو. هُن پاڻ کي محفل ۾ واپس آڻڻ چاهيو. سندس مڙس اقبال کي ڇا چيو، اُهو هُن نه ٻڌو. هُن فقط اقبال کي ٻڌو، جيڪو چئي رهيو هو، ”توهان جو چوڻ هو ته: انسان زندگيءَ جي حقيقن کان فراريت ڇو چاهيندو آهي؟“

ـــــ ها، منهنجو اهو ئي چوڻ هو، ته انسان زندگيءَ جي حقيقتن کان ڪيترو به دور ڀڄي، پر زندگيءَ جون اهي حقيقتون انسان کي هڪ نه هڪ ڏينهن مجبور ڪري پنهنجي سڄي حقيقت مڃايو ڇڏين!

اقبال رخسانا ڏانهن ڏسندي چيو، ”توهان جو بلڪل صحيح خيال آهي. مان توهان سان ان ڳالهه ۾ يڪراءِ آهيان.“

سندس مڙس کيس خاموش ڏسي چيو، ”رخسانا تنهنجو ڇا خيال آهي؟“

رخسانا، جيڪا هڪ ڀيرو وري خبر ناهي ڇا سوچي رهي هئي، تنهن اقبال ڏانهن ڏسندي چيو، ”مان سوچي رهي آهيان، ته اسين ڪڏهن ڪڏهن هروڀرو به ڇو ڳالهائيندا آهيون؟ ڪٿي ائين ته ناهي جو اسين پنهنجين ئي ٺاهيل اصولن جي قيد ۾ بند ٿيل اُهي قيدي آهيون، جيڪي هڪ ٻئي جا چهرا ڏسي تنگ ٿي پيا آهيون. زندگيءَ جي هڪجهڙائي ۽ يڪسانيت هاڻ ختم ٿيڻ کپي. هتي اسين هينئر هڪ ٻئي کان بيزار ويٺا آهيون، پر پوءِ به ڳالهائڻ لاءِ مجبور آهيون. جيتوڻيڪ اسان وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به نه رهيو آهي ۽ اسان جا لفظ پنهنجي پنهنجي معنى وڃائي چڪا آهن.“ (۽ رخسانا کي محسوس ٿيو، هُن هروڀرو ڳالهايو، بنا ڪنهن سوچ ۽ سمجهه جي.)

ڪجهه دير لاءِ هڪ خاموشي ڇائنجي ويئي. نسرين اقبال ڏانهن ڏٺو ۽ اقبال مُرڪي سامهون موتئي جي ٻوٽن کي ڏسڻ لڳو. سندس مڙس چپ چاپ سگريٽ دکائي چانهه جي ٽراليءَ ۾ رکيل ڪٽليءَ کي هروڀرو ڦيرائڻ لڳو ۽ رخسانا، حيرانيءَ سان سڀني کي ڏسڻ لڳي. ماحول جي ڳنڀيرتا ۽ خاموشيءَ کي ٽوڙيندي، اقبال آهستي آهستي چوڻ لڳو، ”رخسانا... مون سمجهيو هو، وقت سان گڏ تون پنهنجي ان خوابن جي دنيا کي ڇڏي چڪي هوندينءَ پر اڄ مون کي محسوس ٿيو، تون اڃا تائين پنهنجي انهيءَ خوابن جي دنيا ۾ گهمي رهي آهين!“

۽ رخسانا کي محسوس ٿيو، ڄڻ هي سڀ کيس پاڳل سمجهي رهيا آهن. هوءَ سامهون نم جي وڻ کي ڏسي چوڻ لڳي، ”خواب ۽ انسان جي زندگيءَ جو پاڻ ۾ ايترو ته گهرو تعلق آهي اقبال! جو اسان زندگيءَ ۾ هنن خوابن کان ڪڏهن به جند نٿا ڇڏائي سگهون. سپنا ڏسڻ زندگيءَ جا بنيادي سهارا آهن، اميدون آهن ۽ آسرا آهن. اسين ڪيتري به ڪوشش ڪريون انهن سپنن کان ڀڄڻ جي، پر اسان جي ذهن جي ڪئنواس تي سپنا جڙندا ۽ ڊهندا رهندا. انسان شروع کان وٺي سپنا ڏسندو آيو آهي ۽ ڏسندو رهندو. اڳ جو انسان سپنا ڏسندو هو چترن ۽ پورٽريٽ جي شڪلين ۾، پر اڄ جي انسان سان وڏي مصيبت اها آهي، جو هُو سپنا ته ساڳيا ڏسي ٿو، پر انهن سپنن جو چتر ۽ پورٽريٽ گُم آهي. فقط ٺلهو ڪئنواس آهي، جيڪو خالي خالي ۽ ائبسٽرئڪٽ آهي.“

سندس مڙس جيڪو کيس عجيب نظرن سان ڏسي رهيو هو، تنهن چيو، ”جذباتي ۽ آئيڊلسٽ ماڻهو سدائين حقيقتن کان پري ڀڄندو آهي- جڏهن ته زندگي فقط خواب ڏسڻ نه آهي.“

۽ رخسانا کي سخت ڏک ٿيو. کيس هن ماڻهوءَ سان شادي نه ڪرڻ کپندي هئي. کيس سخت ڪاوڙ آئي- ”حقيقت . . . . . حقيقت! آخر حقيقت ڇاکي ٿو چيو وڃي؟ مان اڃا تائين انهيءَ حقيقت جي معنى کي سمجهي نه سگهي آهيان. زندگيءَ جي حقيقت آخر آهي ڇا؟ فقط لفظ، جن جي ڪا معنى ڪانهي. زندگي خود حقيقت آهي يا نه، پهريون سوال ان ڳالهه جو آهي- جنهن کي اڃا تائين ڪير سمجهي نه سگهيو آهي. هر انسان هتي پنهنجي پنهنجي سوچ ۽ مطلب موجب پنهنجي ئي ڳالهه کي حقيقت جو نالو کڻي ڏنو آهي. اسين جيڪي هينئر هتي ويٺا آهيون، سي هڪ حقيقت آهيون به، ۽ نه به... وقت جي هن دؤر ۾ اڄ اسين هتي حقيقت آهيون، پر سڀان جڏهن اسين نه هونداسين، تڏهن هن ئي هنڌ تي اسان غير حقيقي ٿي وينداسين. فقط وقت حقيقت آهي جيڪو هلندڙ آهي ۽ هلندو رهندو. چهرن ۽ نالن جي ڪا حقيقت ڪانهي، ڇاڪاڻ ته چهرا ۽ نالا سدائين بدلجندا رهندا فقط وقت ساڳيو آهي- ٻيو سڀ ڪجهه غير حقيقي آهي، ٽائيم ليس آهي ۽ اسپيس ليس آهي. خود اسين جيڪي ڪجهه هينئر ڳالهايون پيا، اهو به فضول آهي، بي معنى آهي، لفظن جي راند آهي، جنهن سان اسين پنهنجي اندر کي وندرايون پيا. لفظن جي راند بلڪل بي معنى آهي.“- ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڄڻ هوءَ وسامي پئي. کيس محسوس ٿيو، ڄڻ هوءَ تمام گهڻو ٿڪجي پيئي آهي ۽ ان مهل هُن پنهنجو پاڻ کي سخت رحم جي قابل سمجهيو- ”۽ خود مون هينئر شايد جيڪي ڪجهه ڳالهايو، سو به فضول هو. (۽ هن کي سخت ڏک ٿيو ته هن ايترو ڇو ڳالهايو!)“

هن جي مڙس بيزاريءَ مان سگريٽ ٽراليءَ ۾ ئي وسائيندي چيو، ”شايد نه، پر تو بلڪل فضول ڳالهايو. تو جيڪي ڪجهه ڳالهايو، سو تو پاڻ به نه سمجهيو. رخسانا! تو جهڙا ماڻهو سدائين بنا ڪنهن سوچ ۽ سمجهه جي هن دنيا ۾ هلندا آهن ۽ پوءِ سدائين فقط پڇتائيندا رهندا آهن. تنهنجي بيزاريءَ ۽ مونجهاري جو علاج ڪجهه به نٿو ٿي سگهي. تو پنهنجو پاڻ کي هروڀرو کڻي نفسياتي مريض بڻايو آهي.“

ماحول تي هڪ عجيب سناٽو ڇانئجي ويو ۽ رخسانا کي هڪ ڀيرو وري به الائي ڇو اهو احساس ٿيو ته کيس هن گهر ۾ اقبال ۽ نسرين کي سڏڻ نه کپندو هو. ’پر گهر ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟‘ هن ڏک منجهان سوچيو (ڇا هي گهر منهنجو پنهنجو نه آهي؟ پر آخر منهنجو گهر ڪهڙو آهي؟!- منهنجو مڙس به ته ڪيترو نه عجيب آهي، ڇا اسين هڪ ٻئي مان بيزار ٿي چڪا آهيون؟ ڪٿي هي ائين ته نه سمجهي رهيو آهي ته اقبال ڪو منهنجو پراڻو عاشق آهي. ڪيڏا نه تنگ دل ماڻهو آهن! پنهنجن دوستن سان ملائيندي خوش ٿيندا آهن ۽ زال جي دوستن سان گڏجي شايد اندر ئي اندر ۾ سڙندا آهن. پر نه، جئلسي (Jealousy) هر مرد ۽ عورت ۾ ٿئي ٿي. جئلسي هر انسان جي فطرت آهي. مان هروڀرو ائين سوچي رهي آهيان. مون خود ئي فضول ڳالهايو!)

”ڪيتري نه خاموشي ٿي ويئي آهي!“ نسرين گهري ڇانيل خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org