۽ هاڻي جڏهن هوءَ سمجهي چڪي آهي ته کيس مڙس جي
ضرورت آهي، تڏهن مڙس جي روپ ۾رفيق کي ڏسڻ لاءِ
اندر ۾ ڪا هلچل محسوس ڪري رهي آهي. سندس جسم جو
رت، پيرن کان هلي اچي منهن تي دڳ ٿيڻ لڳو آهي. پاڻ
کي خيال ۾ رکي، رفيق جي جوان رت ۽ جسم جو تصور ڪري
ٽڙي ٽڙي ٿي پوي.
’مقبول، بڇڙو، هر وقت موقعي جي تلاش، هر وقت جنسي
بک، هونئن به سيڪس جي معاملي ۾ مرد، عورت کان وڌيڪ
بي صبر ٿيندو آهي. صاحب، پوڙهو، وارن کي پالي ڪلر
لڳائي جوان هئڻ جو فريب ڏيندڙ، چمڪندڙ ڌاريا ڏند،
دعوت ڏيندڙ اکيون ۽ مان اچي پوڙهي ٿي آهيان-
به-... چئن ٻارن جي ماءُ...‘
”جنهنجو ذهن تازو ۽ جوان هوندو آهي، اهو جسماني
طور تي مون کي جوان ئي لڳندو آهي.“
”پر منهنجي ته جسم جو گهڻو گوشت لڙڪي لڙڪي پيو
آهي.“
”جي ائين ٿي به پيو آهي ته ان ۾ ڪهڙي خرابي آهي.
اهي ته انسان ۾ مختلف مرحلن مان گذرڻ جا حقيقي
نشان آهن.“
”تون ته منهنجي اجائي گهڻي تعريف ٿو ڪرين.“
”مان ڪا تعريف نٿو ڪريانءِ ميڊم، پر توکي انسان جي
جسماني حقيقت ٿو ٻڌايان. ٻارن ڄڻڻ سان يا زندگيءَ
جي ٻين ڪيترن تجربن، ڏکن، سکن، لاهين چاڙهين مان
گذرڻ سان انسان جي جسم جي نشو ۽ نما ۾ فرق اچي ٿو.
تو ڪڏهن منهنجي ماءُ نه ڏٺي هئي.“ ڳالهائيندي هو
وري چپ ٿي ويو، وڏو ساهه اڇل کائي ٻاهر اچڻ تي
هوس، جنهن کي دٻائي ماٺ ڪرڻ ئي بهتر ڄاتائين.
”عورت تمام جلد اثر قبول ڪندي آهي.“
”هون- عورت جوان به جلد ٿئي ته پوڙهي به جلد ٿي
وڃي.“ اونهي ويچار مان چيو هئائين.
”ته مڃين ٿو نه، ته مان پوڙهي آهيان.“
”پر جي تون پوڙهي آهين به ته فڪر جي ڪهڙي ڳالهه
آهي. منهنجي ماءَ به پوڙهي هوندي هئي.“
”سندس سموري جسم جو ماس پيو لڙڪندو هو. توکي خبر
آهي، مون کي ڪيڏي وڻندي هئي.“
”ته- مان- به- توکي-“ هوءَ اڳتي چئي نه سگهي هئي.
هن کيس مرڪي ڏٺو هو ۽ چيو هو، ”ها- جيڪي ڪجهه تون
چوڻ پئي چاهيو ان جو جواب مون وٽ اهو ئي آهي
ته...“ مرڪندي اداس ٿي ويو هو.
هلڪي خوشي، مستقبل جو سونهن ڀريو ساٿ- هن گاڏي ٻئي
رستي تي موڙي ۽ سوچڻ لڳي: ’گهر هوندو به الائي؟‘
پاڻ کان پڇڻ لڳي: ’اڄ ٿيس ڇا جو آفيس ڪين آيو.‘
سوچيائين: ”ڪٿي طبيعت نه خراب ٿي پئي هجيس.‘
’موڪل جي درخواست به ته نه موڪلي هئائين،‘ ’ڪٿان
موڪلي ها! ڪنهن جي هٿ موڪلي ها!‘
پنهنجي ڳالهه تي پاڻ ئي کلي ويٺي ۽ ان سان گڏ سندس
دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي وئي. ’شال گهر ۾ هجي. هئڻ ته
گهرجي. اڄ ته هئڻ گهرجي. اڄ ئي ڇو؟، شرمائجي وئي.
پاڻ کي پڪ ڏنائين- ’گهر ۾ هوندو.‘
”گهر ۾ ويهي ڇا ڪندو آهين؟“ پڇيو هئائينس.
”پڙهندو آهيان.“
”بور نه ٿيندو آهين؟“
”اون- هون.“
”عجيب انسان آهين.“
”جي ها- ٻي وندر به ڀلا ڪهڙي آهي.“
”ناهيد جو ٿي.“
”ها. ناهيد پنهنجي گهر خوش آهي.“ لهجي ۾ ڏک لهي
آيو هئس.
”شاديءَ کان اڳ ۾ اسان جا مائٽ ڇوڪرن تي ڇوڪرين جو
پاڇو پوڻ به نه ڏيندا آهن.“ وڌيڪ چوڻ مناسب نه
سمجهي چپ ٿي ويو.
ٿوري دير کانپوءِ ڳالهه جو تت ٻڌائڻ چاهيو هئائين.
”پر ناهيد به شادي ڪري جڏهن مون وٽ ايندي ته
منهنجي طبيعت مان بيزار ٿي هڪ ڏينهن هوءَ به ڇڏي
ويندي.“
”ته پاڻ کي بدلائين ڇو نه ٿو؟“
”ڪيئن بدلايان؟ ڇا بدلايان؟ مون کي ته لڳي ٿو مان
جيئن آهيان، ٺيڪ آهيان.“ گنڀيرتا سان وراڻيو
هئائين.
”ايڏي خوشفهمي به ٺيڪ ڪانهي.“
هن گاڏي بيهاري، فليٽس جي ٽين منزل ڏانهن نهاريو.
جنهن فليٽ تي هن جي نظر هئي، ان جي گئلري جي رسيءَ
تي هڪڙو ٽوال ٽنگيل هو، جنهن کي ڏسي هن جي دل
وسامي وئي. هوءَ سمجهڻ لڳي ته رفيق گهر ۾ موجود
ناهي. گئلري جي ڀر واري دري بند هئي. هن کي اُڻ تڻ
ويڙهي وئي. گاڏيءَ مان لهي نيٺ وڌي وئي ڏاڪڻ
ڏانهن. ڏاڪڻ تي چڙهندي کيس پڪ ٿيڻ لڳي ته رفيق
ڪيڏانهن ٻاهر ويو آهي. ٽين منزل جي ڏاڪڻ چڙهندي هن
جون بيقرار نگاهون سڌو رفيق جي فليٽ جي دروازي تي
کتيون. پنج ننڍيون ڏاڪڻيون چڙهي هوءَ سهڪي پئي
هئي، پر جڏهن هن کي دروازي تي ڪو تالو نظر ڪونه
آيو ته ساري اڀساهي هڪ وڏي ساهه کڻڻ سان ڄڻ ختم ٿي
ويس. ٻٽا ٻٽا ڏاڪا چڙهي هوءَ اچي در تي پهتي، در
تي ٺڪ ٺڪ ڪيائين. جلد ئي وري به ٿورو زور سان
کڙڪايائين. اندران هلڪو آواز آيو. هن پنهنجي چهري
تي ناراضگيءَ جو تاثر ٺاهيو، در کليو ته هن جي
منهن تان ڪاوڙ جون ريکائون حيرانيءَ ڀاوَ ۾ بدلجي
ويون. هڪ کن لاءِ ته سن ٿي ويئي ۽ پوءِ نيٺ هن جو
بي اختيار هٿ رفيق جي نرڙ ڏانهن کڄي ويو.
”توکي ته بخار ٿو ڏسجي.“ رفيق کي سهارو ڏئي اندر
وٺي آئي. ڪمري ۾ اچي چيائينس، ”ليٽي پُئه.“
”مان- ويهي سگهان ٿو. پر اڄ تون مون وٽ فلئٽ تي
ڀلجي ته نه آئي آهين؟“
”ڀلجي نه، ڄاڻي ٻجهي آئي آهيان.“
”خير ته آهي؟“
”مان توسان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندي آهيان.“
”—“ هيڻائيءَ کان سندس آواز نڪري نه سگهيو.
”منهنجو مطلب آهي ته مان توکي ائين چئي ڪنهن خوش
فهميءَ ۾ مبتلا ڪرڻ نٿي چاهيان.“
”ته-“ خشڪ نڙيءَ مان نيٺ آواز ڪڍيائين.
”ته تنهنجي آفيس نه اچڻ سبب مان هت هلي اچڻ تي
مجبور ٿي آهيان.“
”مان به ايترو جلدي ڪنهن خوشفهميءَ جو شڪار ٿيڻ
وارو ناهيان. پر- مان سمجهان ٿو تنهنجو مون وٽ هلي
اچڻ ۽ ائين پرولين ۾ ڳالهائڻ جي پويان اهڙي ڪا
ڳالهه ضرور آهي، جيڪا تون چوڻ لاءِ آتي آهين.“
ڌيرج سان ڳالهائي کيس ڏٺائين.
”ان ڪري ئي ته مان توکي سچ سچ ٿي ٻڌايان ته دراصل-
اڄ مان- هڪ اهم مسئلو کڻي آئي هئس ۽ اڄ ئي تون
آفيس به نه آئين ۽ اڄ ئي تون بيمار به ٿي پيو
آهين- خير.“
”مسئلو ته ٻڌاءِ نه.“
”توکي بخار آهي ۽ ان ڪري توکي آرام جي ضرورت آهي.“
”بخار، تنهنجي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا
ڪندو ڇا؟“ ٻڏتر ۾ پئجي وئي: ’ٻڌائي ڇڏيانس- پر
هاڻي ڪيئن ٻڌايانس ڇا سوچيندو؟‘
”ترس، مان تولاءِ دوا وٺي اچان.“
”نه- مون ٽئبلٽ کائي ڇڏي آهي، پگهر اچي ويو اٿم،
اجهو ٿو نوبنو ٿيان.“
”ٽئبليٽ ئي ته ڪافي ناهي رفيق.“ پنهنجائپ مان
چيائينس.“
”تون به ته آئي آهين.“
”مان دوا ته نه آهيان!“
”دوا کان وڌيڪ شفاياب ڪندڙ آهين، ميڊم.“ اندر جي
اٿل کي منهن تي مرڪ آڻڻ جي ڪوشش ڪيائين. هوءَ
اکيون ڇنڀي، نه سمجهڻ جو تاثر ڏيندي ڏانهن ڏسڻ
لڳي.
”هونئن به- جڏهن تون منهنجي ويجهو هوندي آهين ته
مان پاڻ کي يتيم ۽ نڌڻڪو نه سمجهندو آهيان ۽ هن
وقت جڏهن مونکي بخار ٿي پيو آهي، تنهنجو اچڻ ڪيڏو
نه آرام ڏيندڙ آهي. شال مون کي هر وقت بخار هجي ۽
تون...“ هو وري چپ ٿي ويو.
”مان آهيان ڇا، جو ايڏو مٿي تي ٿو چاڙهين؟“
”تون نه ٿي ڄاڻين ته تون مون لاءِ آهين ڇا؟“ چوندي
کيس پنهنجي ماءُ ياد اچي وئي، جنهن کي ڪڏهن هن
ائين ڪونه چيو هو. جيڪا هِن جي نڇاور ٿيڻ کي
ٽرڙپائي چوندي هئي.
خلوص جي اظهار جي ماءُ جهڙي موٽ جو تصور ڪندي ئي
چپ ٿي ويو. هميشـﮧ هو اهو نقطو سوچي چپ ٿي ويندو
هو.
”مثال طور ڇا آهيان؟“ هن جي اندر جي آنڌ مانڌ وڌڻ
لڳي.
”تون- منهنجي لاءِ اهڙي هستي آهين، جنهن کي جيڪر
آءٌ – رڳو...“ من ۾ سانڍيل سپنن جا ڪئين اولڙا
سندس ان هڪ لفظ ۾ لڪل هئا، جنهن کي هو ظاهر نه ڪري
سگهيو هو.
”چئه چپ ڇو ٿي وئين؟“
”مون کي ٿورو پاڻي پياريندينءَ.“ سڏڪن کي روڪيندي
چيائين. سندس شادي ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪنهن
پيار مان کانئس پاڻي گهريو هو. ٽڙي ٽڙي پئي، اٿي ۽
پاڻي ڀري واپس اچڻ تائين هن رفيق سان ناتو ڳنڍڻ جي
اڳ ڪيل فيصلي تي آخري ۽ صحيح هئڻ جو يقين ڪري
ڇڏيو. پاڻي ڏيڻ وقت هن کيس ٻانهن جو سهارو ڏنو.
رفيق پنهنجا نماڻا ٿي ويل نيڻ کڻي کيس ڏٺو ۽ گلاس
تي سندس هٿ مٿان هٿ رکي چپن تائين آندو. هن پنهنجو
وجود، سندس ٻانهن تي ئي ڦهلائي ڇڏڻ ٿي چاهيو.
پاڻيءَ جو ڍڪ پيئندي کيس وري ماءُ ياد اچي وئي.
جنهن ڪڏهن به ائين کيس سهارو ڏئي پاڻي نه پياريو
هو.
”هاڻي ابا اٿي کڻي پيءُ.“ ماءُ جي ان جملي
کانپوءِ، ڪمزوري هوندي به اٿي، پاڻ وڃي پاڻي پيتو
هئائين.
”امان-“ ڏاڍي پيار ۽ حسرت وچان چيائين، ”واندي
ويٺي آهين گهڙي کن لاءِ منهنجي ويجهو ويهندينءَ ته
لهي ته نه ويندينءَ.“
”ابا هاڻي ننڍڙو ته ناهين جو توکي هنج ۾ کڻي
وهان.“
”ڀلا جي وڏو ٿي ويو آهيان ته منهنجي هنج ۾ اچي
ويهه.“
”ڪو شرم اچئي ٿو ائين چوندي.“
ننڍڙو هو تنهن وقت ماءُ جي ڳالهه سمجهي ڪونه سگهيو
هو، پر جڏهن جوان ٿيو هو ته سندس پوڙهي ماءُ کيس
هميشـﮧ لاءِ ڇڏي وئي هئي ۽ سندس سموريون آسون ۽
امنگون من ۾ ئي دٻجي ويون هيون. سندس ڀائر ۽ ڀينر
سڀئي هن کان وڏا هئا، پر انهن مان به کيس ڪڏهن
پيار نه ملي سگهيو هو ۽ اڄ جڏهن هو وڏو ٿي ويو آهي
تڏهن به ماءُ جي اُها ڳالهه سمجهي نه سگهيو آهي.
هو اِن ڳالهه کي سمجهڻ چاهي ٿو. ڏاڍي معصوميت سان
چوڻ لڳو: ”ميڊم، تون گهڙي کن مون سان ائين ويهڻ
پسند ڪندينءَ.“
هوءَ ڇرڪي، گلاس تان جڪڙ ڍري ٿي ويس، پويان ورايل
ٻانهن جو سهارو ڇڏيندي چوڻ لڳي، ”تون آرام ڪر.“
”تون به ناراض ٿي وئينءَ؟“
”نه- نه- اهڙي ته ڳالهه ڪانهي.“ ائين چوندي هن پاڻ
کي ڪوڙ ڳالهائيندي محسوس ڪيو. آهستگيءَ سان، گلاس
رکڻ جي بهاني، ڪرسيءَ تي وڃي ويٺي. هن مرڪڻ جي
ڪوشش ٿي ڪئي، پر سندس منهن تي لڙي آيل پاڇن مان
ظاهر پئي ٿيو ته منجهس پنهنجي جسماني احتياط جو
عنصر حاوي ٿي چڪو هو. رفيق ڪجهه سمجهي نه سگهيو،
ڳالهه بدلائيندي چوڻ لڳو، ”ها- ته ميڊم، تو اڃا
پنهنجي مسئلي کان آگاهه ته ڪونه ڪيو.“
”ايڏو وڏو مسئلو به ناهي جو هاڻي ئي ٻڌايانءِ.“
اندر جي هورا کورا تي قابو پائيندي چيائين.
”تنهنجي مرضي.“ هو ليٽي پيو ۽ ڪنڌ هن ڏانهن لاڙي
ڇڏيائين. ڪجهه چوڻ ٿي چاهيائين، پر چوڻ جي سگهه نه
پئي ساريائين. ٿوري دير ٻنهي جي وچ۾ خاموشي رهي.
”توهان بور ته نه پيا ٿيو؟“
”نه- نه ڪو-“ چوندي کيس ئي لڳو ڄڻ چيو هجيس: ’ها.
واقعي بور پئي ٿيان.‘
ڪمري ۾ وري ماٺ ٿي وئي.
”چڱو، مان هلان ٿي.“ چپ ڪري ويهڻ کيس سٺو ڪونه ٿي
لڳو. پنهنجي ڳالهه ڪرڻ جي اُڻ تڻ سبب پاڻ تي
اعتماد هئڻ جي باوجود به اڻڄاتل ڊپ محسوس ڪرڻ لڳي.
”ايترو جلدي!“ منٿ جي انداز ۾ چيائينس، ”ميڊم،
ايترو جلدي نه وڃ.“
”تون مون کي ميڊم نه سڏيندو ڪر.“
”ته ڇا سڏيان؟“ هيسيل هيانءَ سان پڇيائينس.
”منهنجو نالو جميلا آهي ۽ تون بس رڳو جميلا چوندو
ڪر.“
”جي- پر...“ رفيق جي منهن تي ڊپ ۽ خوشيءَ جا اولڙا
پوڻ لڳا.
”مان- پنهنجي ماءُ کي به سندس نالي سان سڏڻ
چاهيندو هوس- پر-“ چوندي چپ ٿي ويو.
”ڇا مطلب؟“
”مطلب ته مان، امان سان فرينڪ ٿيڻ چاهيندو هوس،
جيڪا ڳالهه منهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڪانه وڻندي
هئي.“ هن جو آواز ڀرجي آيو.
”پر مان ته پاڻ اها ڳالهه ٿي چاهيان ته تون مونسان
بلڪل فري ٿي ڳالهاءِ، جيئن پنهنجي ڪنهن دوست سان
ڳالهائبو آهي.“ رفيق جي منهن ۾ نهاريائين، رفيق
ويساهه آ ويساهه مان کيس ڏٺو ۽ ان پلڪ ئي سندس
اکيون جهڪي ويون. هوءَ اٿي سندس سيرانديءَ ٿي ويٺي
۽ سندس مٿي کي زور ڏيڻ لڳي، شاديءَ کانپوءِ پهريون
ڀيرو ائين ڪنهن مرد کي پيار جي اٿاهه گهراين سان
زور ڏيڻ جو خيال ايندي ئي سندس من تي پنهنجي
زندگيءَ جا مختلف ۽ زهر جهڙا ڪوڙا لمحا تري آيا. |