■ککو پلو، ڄام تماچي ۽ اَلرجي
غلام نبي مغل
اها ڪا پراڻي ڳالهه ناهي. پر سال، مان ٽن مهينن
لاءِ سجاول ڏانهن بدلي ٿي ويس. هونئن بدليون
سدليون پيون ٿينديون آهن ۽ مان به چاهيندو آهيان
ته جوڳي رمندو ڀلو. هڪ هنڌ گهڻو رهڻ ڪري، ماڻهو ان
بيٺل پاڻي وانگر ٿيو پوي، جنهن ۾ پوسل ۽ بُو ٿي
پوندي آهي. اها بُو ٿورو اڳتي هلي بدبو ۽ پوءِ ڌپ
۾ بدلجي ويندي آهي. جيستائين منهنجو تعلق آهي،
منهنجي پنهنجي طبيعت آهي. مون کي ڪنهن به قسم جي
بُوءِ کان ڪريڀ ٿيندي آهي ۽ الرجڪ هوندو آهيان.
چانهه ۾ ڪوئلي يا ڪاٺيءَ جي بُوءِ مون کي نه وڻي.
چانهه ۾ ڦوٽي وجهڻ کانپوءِ ماڻهو جنهن کي خوشبو
چوندا آهن، سا منهنجي لاءِ ڪنهن به حالت ۾ برداشت
جوڳي ناهي. گوشت ٻاڪرو هلندو، پر چرٻي جي سڻڀ يا
بُوءِ کانسواءِ هجي، نه ته گوشت نه کائيندس. دال
ٻه وقت ۽ مهينن تائين کائي سگهان ٿو، پر اهڙي گوشت
کان بس ڀلي. اها خبر منهنجي زال کي ڀليءَ ڀت آهي،
انهيءَ ڪري هوءَ مون سان گڏ پاڇي وانگر هوندي آهي
۽ هر ان ڳالهه جو خيال رکندي آهي، جنهن جو منهنجي
نڪ جي حواس سان تعلق هوندو آهي.
سجاول پهچي مون پنهنجي زال ۽ ننڍڙي بيبي گهرائي جو
انهن کانسواءِ منهنجو رهڻ مشڪل هو. پهرئين ڏينهن
جڏهن منهنجي زال، سڀ ڪم ڪار ختم ڪري، رات جو وهنجي
سهنجي منهنجي ڀر ۾ ليٽي ته مون کي چيائين، ”مان
سمجهان ٿي توهين هت مشڪل رهي سگهو.“
”ڇو؟“ مون کي پنهنجي زال مان بروٽ جي پاڻ ڏانهن
ڇڪيندڙ خوشبو پئي آئي.
”هت ماحول ۾ الائي ڇا جي بو آهي.“
”اها ڳالهه صحيح آهي.“ مون پنهنجيون ناسون
ڦونڊاريون.
”سڀاڻي مون کي الاهي ڪم ڪرڻا آهن.“
”ڪهڙا ڪهڙا؟“
”سڀ کان پهرئين در محمد ۽ زينا جي ڪوٺڙي ۽ رڌڻي کي
صفا ڪرائڻو آهي.“
”پوءِ ٻنهي ڄڻن لاءِ توهان جا ۽ پنهنجا پراڻا ڪپڙا
ڪڍي رکيا اٿم ۽ سندن ڪپڙا بدلائڻا اٿم...“
”اهو ته ٺيڪ آهي، زينا جا ڪپڙا ڀلي تون بدلائجئين
پر در محمد جي ويجهو نه وڃجئين خار ۾...“
هوءَ کلڻ لڳي. ”نه، ڏاڍا گدلا آهن، هفتو هفتو ڪپڙا
نٿا بدلائن.“
”هڪڙو ڪم ٻيو به ڪر.“ مون چيو.
”ڪهڙو؟“
”مون کان نه ٿي سگهندو. توهان زالون ڪرڻ تي اچو ته
جائز ناجائز سڀ حڪم صادر ڪري سگهو ٿيون.“
”چئو ائين پيا ڄڻ سدائين منهنجي حڪم هيٺ هلو پيا.“
”منهنجو مطلب آهي ته گهر ۾ تون پنهنجو 144 قلم
هڻي، مڇي پلي جي چرپر، رڌ پچاءَ ۽ آزاديءَ سان
کائڻ تي بندش وجهي ڇڏ.“
”اها ڳالهه ڏکي آهي. هي ماڻهو آهن ئي اهڙي پاسي جا
جت هنن جي خوراڪ آهي ئي رات ڏينهن مڇي مارڻ ۽
کائڻ.“
”آهي ته ڳالهه ٺيڪ، پر منهنجي لاءِ جٺ ٿي پئي
آهي.“
”ٻئي زال مڙس نوڪري ڇڏي ويندا پر پنهنجي خوراڪ
ڪيئن ڇڏيندا.“
”جي مڪمل بندش غير انساني فعل آهي ته،“ مون چيو،
”پوءِ ڪجهه حفاظتي اپاءُ اختيار ڪجن.“
”مثال طور...“
”مطلب ته مڇي پلي جي استعمال کي ختم نه ته گهٽائي
سگهجي ٿو. مڇي کائي هٿ پنهنجي چولي يا سٿڻ سان نه
اگهن. انهيءَ ڪم لاءِ صابڻ ’سرڪار‘ سپلاءِ ڪندي،
ٽوال پڻ. مڇي جي کائڻي اٿن ته پنهنجي ڪوٺڙي کان
ٻاهر نه نڪرن. ڪنڊا، چوسيل ڪنهڙ، ڇلر ۽ ٻيو گند
سند، گهر کان ايترو ٻاهر ڦٽو ڪن ۽ هوا جي اهڙي رخ
ڏي، جتان اها ڌپ اسان ڏي نه اچي.“
”ڪجهه ڪبو، پر کين ته ڌپ جو احساس ئي ناهي.“
”منجهند جو گوشت جو ٻوڙ ڀانيان ٿو درمحمد رڌو هو،
جو اڃا تائين سمجهان ٿو ته منهنجي وات ۾ بو سمايل
آهي ۽ ڪنهن ڪنهن مهل ڳيت ڏيان ٿو ته ائين لڳيم ٿو،
ڄڻ مڇيءَ ڌوتل پاڻي، پنهنجي انهيءَ ڌپ ۽ ساءُ سان
ڳيهي ويو آهيان. دل ڪچي ٿي ٿئي.“
مون واري زال کلڻ لڳي، ”نه نه گوشت مون پاڻ رڌو
هو. درمحمد رڳو ڌوئي صفا ڪري ڏنو هو ۽ جوڻس بصر
وڍيو هو.“
”منهنجي ڳالهه سچي ٿي نه. حق تي وات جي اهڙي حالت
آهي جهڙو مڇيءَ مارڪيٽ جو گٽر پيو لڳيم.“
”اجايو ايترو الرجڪ به نه ٿيو. آخر سونهن ۽ نئڙت
جي ديوي نوري به ته اتيئي جي پيدائش هئي. ڄام
تماچي ته سنڌ جو بادشاهه هو ۽ ڪيئن ڪينجهر جي
هندوري ۾ ۽ کک جي گدامن منجهه نوريءَ سان پيار ڪيو
هئائين.“
مون کي پنهنجي زال جي ڳالهه صفا نه وڻي.
”منهنجي خيال ۾ ته ڄام تماچي، دنيا جي واهيات
عاشقن مان هڪ هو.“
”ڇو؟“
”ڪينجهر ۾ عشق ڪرڻ ائين ئي آهي ڄڻ ماڻهو مڇي
مارڪيٽ ۾ ٺهيل ٿلن تي ليٽي، ڪنهن ساٽياڻيءَ سان
سانگ رچائي. توبهان الله سائين.“ منهنجي دل ڪچي
ٿيڻ لڳي.
”عشق ته ذات پات نه ڏسندو آهي.“ منهنجي زال چيو.
”ذات پات ڀلي نه ڏسي،“ مون چيو، ”پر ڏسي ته جنهن
سان عشق فرمائجي ٿو سا صاف سٿري به آهي يا نه
جيڪڏهن ڪمري ۾ ڌپ ڦهليل آهي ته ماڻهو وڃي کڏ تي
عشق ڪري، ڪجهه ته عشق جا به آداب هوندا.“
”عشق انڌو آهي سائين...“ منهنجي زال کي پنهنجو عشق
ياد اچڻ لڳو. ”پنهنجو عشق ياد نه اٿئي. مان ڪيڏي
وڏي گهر جي هيس ۽ تون ان وقت نان گزيٽيڊ هيڊ
منشيءَ واري گريڊ ۾ هئين. منهنجو ڀاءُ ان وقت ڪرنل
ٿيڻ وارو هو. منهنجو چاچو ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن تان
تازو ريٽائر ٿيو آهي. منهنجو پيءُ تر جي معزز ترين
شخصيت آهي پر مون تنهنجي لاءِ سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو.“
”چڱو هاڻ اهو تنهنجي بدران اوهان چوڻ شروع ڪر ته
جيئن ماڻهپي ۾ اچين. تڏهن مان به عاشق صادق هوندو
هوس ۽ روهڙي اسٽيشن تي چار چار ڪلاڪ بيهي مٿي
آسمان تي جيڪي به تارا ڏسڻ ۾ اچي سگهندا هئا سي
ڳڻيندو هوس.“ مون پنهنجي عشق جا ڪارناما ورجايا.
”هڪ دفعي تنهنجي جهلڪ ڏسڻ لاءِ مون روهڙي اسٽيشن
تي ڇائيتاليهه هزار تارا ڳڻيا. اهو زمانو 71ع جي
پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ جو زمانو هو ۽ اها
منهنجي خوش نصيبي هئي جو اسٽيشن ماسٽر منهنجو واقف
هو، تنهن ماڻهن جي رپورٽ تي اچي مون کي پاڻ سان گڏ
ورتو ۽ چيائين: هي تون مٿي آسمان ۾ اشارا ڇا جا
پيو ڪرين؟ سو به بلئڪ آئوٽ ۾. مون جواب ڏنو ته:
منهنجي معشوق خيبر ميل ۾ هتان ڪراچي لاءِ سوار
ٿيڻي آهي، تنهنجي انتظار ۾ تارا پيو ڳڻيان. اسٽيشن
ماسٽر نيڪ مرد مون کي سمجهايو ته: بلئڪ آئوٽ ۾
پبلڪ جاين تي عشق جي آهه به نه ڀر، ماڻهو ڀارتي
جاسوس پيا سمجهن توکي. اجايو آزار ۾ پئجي ويندين.“
”چڱو هاڻي اهي ورجايل ڳالهيون بند ڪريو“، منهنجي
زال منهنجي وات تي هٿ رکيو.
”تو به مڇي کاڌي آهي ڇا؟“
”نه. ڇو!“
”الائي بروٽ جي خوشبوءَ ۾ مڇي جي ککاڻ به شامل پئي
لڳي.“ مان کلڻ لڳس. منهنجي زال جي جسم مان خوشبوئن
جا درياهه پلٽبا آهن. انهيءَ سرهاڻ ۾ مون کي سڪون
ايندو آهي، پر هاڻ الائي ڇو سندس وات مان مڇيءَ
هاڻي بوءِ پئي آئي.
”اٿي صابڻ سان گرڙي ڪري اچ.“ مون چيو.
”هاڻ چرچا نه ڪريو، مون ڪانه کاڌي آهي.“
”ضرور لڪي لڪي کاڌي هونديئي. نه ته اڄ رات
ڪارروائي ڪابه نه ٿي سگهندي.“
منهنجي زال مون کي بيزاري منجهان ڏٺو.
”توهان جي انهيءَ الرجڪ طبيعت بيزار ڪري ڇڏيو
آهي.“
صبح جو مان ڪمري منجهه آفيس لاءِ تياري ڪري رهيو
هوس ۽ منهنجي زال، ٻاهر درمحمد ۽ سندس زال زينا کي
هدايتون ڏئي رهي هئي.
”اسين مڇي ڪونه کائون.“
”توهان ڀلي کائو ڪا جهل پل ناهي.“
”پر مڇي اسان جي ڪِچن ۾ نه رڌبي.“
”توهان پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ ڀلي رڌيو.“
”پر مڇيءَ جو استعمال گهٽ ڪريو ته بهتر.“
”ڪپڙا روز ڌو ۽ روز صاف سٿرا رهو.“
”هٿ پنهنجن ڪپڙن سان نه اگهو.“
”توهان ٻنهي لاءِ ٻه ٻه جوڙا ڪپڙا ڪڍي رکيا اٿم.“
اهي هدايتون مان پنهنجي ڪمري منجهه ٻڌي رهيو هوس.
هونئن ته مون کي پنهنجي زال جي انتظامي صلاحيتن تي
پورو اعتماد هو، پر هي هڪ وقت ۾ سڀ هدايتون ڏيڻ
صحيح نه هو، جو هو ضرور ڪنهن نه ڪنهن هدايت کي
وساري ويهندا ۽ پوءِ مون لاءِ آزار. ماهر نفسيات ۽
ماهر انتظامي امور اهو ئي چون ٿا ته هدايتون هڪ
ٻئي جي پٺيان وقفي وقفي کانپوءِ جاري ڪجن ته
اثرائتيون ۽ عمل ۾ آڻيندڙ ثابت ٿينديون، هونئن
ائمريڪن ائڊ ۾ اسان کي ’وقفو نهايت ضروري آهي ‘ جو
جملو پڻ مليو آهي، جنهن کي اسان جي جوانن ڪا لفٽ
ئي نه ڏني آهي. سواءِ منهنجي زال جي، جنهن جو وقفو
ائين پيو لڳي، ڄڻ فلم ختم ٿي ويئي آهي.
شام جوجڏهن مان اٿيس ته سموري گهر ۾ فلٽ جي خوشبو
ڦهليل هئي. منهنجي دل به خوش ٿي. منهنجي زال سڄو
ڏينهن صفائي ڪرائي هئي. فلٽ جا ٻه دٻا پورا ٿيل
هئا. باٿ روم ۾ ويس ته ڊيٽال جا لاهه نڪتل هئا ۽
ايئر فريشنر پڻ رکيل هئا. مون پهريون ڀيرو هن گهر
۾ ڊگهو ساهه کنيو ۽ ڏاڍو وهنجي سهنجي ٻاهر نڪتس ته
پنهنجي ڪمري ۾ گلاب جي خوشبو واري ايئر فريشنر جو
اسپري ٿيل هو. مون هن گهر ۾ ٻيهر ڊگهو ساهه کنيو.
ايتري ۾ منهنجي زال اندر آئي.
”ٺيڪ آهي.“
”فسڪلاس،“ مون چيو. ”پر روز اسپري جي بدران ڊيٽال
جو اسپري ڪرين ها ته جيوڙا ۽ ڌپ وري هيڏانهن نه
ايندا.“
”اجايو ٿا ونءُ وڃو،“ هن بيزار ٿيندي چيو، ”ڪانهي
ڪا ڌپ ٻپ. توهان جي مرضي آهي ته گهر کي سول اسپتال
بڻائي ڇڏيان.“ مان سمجهي ويس ته اڳتي ڳالهائڻ نه
کپي. هڪ چڱي مڙس هئڻ جي نسخي ۾ ائين ئي لکيل آهي.
”درمحمد.“ منهنجي زال اندر ڪمري ۾ صوفي تي ويٺي رڙ
ڪئي. حڪم جو بندو اچي سامهون بيٺو.
”جي بيگم صاحبه.“ هن چيو ۽ سڌو ٿي بيهي رهيو.
هڪ ته مون کي اها ’جي بيگم صاحبه‘ صفا نه وڻي ٻيو
منهنجي هڪ پراڻي سٿڻ خميس ۾ صفا ڍڪجي ويل درمحمد
به الائي ڇو خراب لڳو. ڪپڙا منهنجا، جسم پرائو ۽
وري چوي منهنجي زال کي بيگم صاحبه. مان وري الرجڪ
ٿي پيس. جيتوڻيڪ ڏاڙهي به ڪوڙيل هئس. مڇون جيڪي
صفا بي سريون هيون، سي به هاڻ سُر ۾ هئس. وار به
اڄ ٺهرايل هئس. ڪياڙي صفا ڪوڙيل هئي، وهنتل سهنتل،
وارن ۾ تيل ۽ ڦڻي ڪيل. پڪ ڪنن مان به مير نڪتل
هوندس.
”چانهه کڻي اچ.“ منهنجي زال فرمان جاري ڪيو ۽ حڪم
جو غلام واپس ويو هليو.
”هيءَ محنت سڄي تنهنجي آهي؟“ مون پڇيو.
”ڪهڙي محنت؟“
”هن همراهه کي ماڻهو ٺاهڻ ۾.“
”ها. ڪيئن ٺيڪ آهي.“
”بلڪل ٺيڪ آهي. پر مُڇن ۽ وارن جي ڪٽ تو پنهنجي
پسند سان ڪرائي آهي.“
”باهه ڏيانس. اوهان به عجيب ڳالهيون ڪريو ٿا. مون
رڳو ايترو چيومانس ته هي پنج رپيا اٿئي. وڃي اهي
ڄرڪي جهڙيون مڇون ۽ وارن جا بج ٺاهرائي اچ.“
ايتري ۾ درمحمد چانهه جي ٽري کڻي آيو ۽ اچي منهنجي
اڳيان ٽپائيءَ تي رکيائين. جيتوڻيڪ هن مان درٻار
عطر يا رستا- روڪ عطر جي خوشبو پئي آئي، پر مون کي
اهڙي بوءِ محسوس ٿي ڄڻ تريل پلو کائڻ کانپوءِ
ماڻهو صابڻ سان هٿ ڌوئيندو آهي يا صابڻ لڳل آڱر
سان گرڙي ڪندو آهي ته کک ۽ صابڻ جي خوشبو مليل
پاڻيءَ مان جيڪا ايندي آهي.
”تون کير کي ڏس ۽ زينا کي موڪل.“ منهنجي زال چيو.
درمحمد ڪمري مان نڪتو ته مون چيو، ”انهيءَ زينا جو
وري ڪهڙو ڪم آهي هتي.“
”مان چاهيان ٿي ته ماڻهوءَ جي ذات سان جيڪا اوهان
کي الرجي ٿي پئي آهي سا ختم ٿئي. مان اڄ سڄو ڏينهن
زال مڙسن سان مٿو کپايو آهي.“
سائين زينا به اچي حاضر ٿي. ڊگهي قد جي، وچولي عمر
جي زال هئي. مون کي جيڪا تبديلي محسوس ٿي سا اها
ته سندس ڇَتا جيڪي سدائين ڇُڙيا پيا هئا سي ٻن ڇڪي
ڪيل چوٽين ۾ هنڌائتا پئي لڳا. منهنجي زال جو لان
جو وڳو جو کيس پيو هو سو ڪجهه ڍلو ڍالو هئس. آخر
صاحبن جا ڪپڙا هئا- ضرور نوڪرن کي ويڪرا ٿيندا.
”تون هلي اڱڻ ۾ هنڌ وڇائي.“ منهنجي زال جو اهو حڪم
مون کي صفا نه وڻيو.
”هن جا هٿ به صفا آهن يا هلي آهي هنڌ وڇائڻ.“
زينا ويندي ويندي مڙي مون کي ڏٺو ۽ عجب بي پرواهي
سان هلي ويئي.
”نه نه، اڄ وهنجي سهنجي ڪپڙا پاتا اٿس.“ منهنجي
زال چيو، ”۽ ٻيو مون کيس چيو آهي ته هڪ هفتو پورو
مڇي پلو يا جهينگا نه کائين.“
”بس ڇڙو هڪ هفتو“، مون چيو. ”هڪ ڏينهن مڇي کائڻ
سان هڪ هفتو ته ککَ، وات ۾ ۽ هٿن ۾ ڪنهن نه ڪنهن
مقدار ۾ سمايل هوندي آهي.“
”اجايون پابنديون به ته ٺيڪ ناهن، ۽ ٻيو توهان کک
کان ايترو الرجڪ به اجايو آهيو. ڪراچي هلي ڪنهن
سائڪٽرسٽ کي ڏيکاريو.“
منهنجي زال پئي ڳالهايو پر منهنجو ڌيان سڄو منهنجي
زال جا ڪپڙا پهريل زينا ڏانهن هو، جيڪا هاڻ منهنجو
بسترو پئي ٺاهيندي هوندي. اڄ سمهڻ به ڇٽو.
منهنجو نڪ الله سائين اهڙو اسپيشل ٺاهيو آهي جو
بوءِ يا ڌپ نه به هجي ته به ڳولي لهان. زينا جي
عمر جيڪڏهن ٽيهه ٻٽيهه سال به کڻي هجي ته روز هڪ
مڇي يا پلو کائڻ جي حساب سان به هوءَ ڏهه يارنهن
هزار مڇيون پلا کائي چڪي هوندي. روز ٻه پهر کڻي
ليکجن جن ۾ هن مڇي پلو رڌڻ، کائڻ ۽ ٿانوَ ڌوئڻ ۾
گذاريا هجن ته به ذري گهٽ ڏهه سال لاڳيتو ٿين ٿا.
منهنجي ذهن ۾ ڪيلڪيوليٽر پئي هليو. جنهن زال ڏهه
يارنهن هزار مڇيون پلا کاڌا هجن ۽ ڏهه سالن جي
عرصي ۾ لاڳيتو انهيءَ واهپي ۾ رهي هجي، سا منهنجي
زال جي ڏنل هڪ لَڪس صابڻ جي چئن آئونسن جي ٽڪيءَ
سان هڪ ڀيري وهنجڻ يا هٿ ڌوئڻ ڪري، انهي کک مان
آزاد ٿي ويئي هوندي! منهنجي زال به بادشاهي
ڳالهيون ٿي ڪري. |