(ڏ)
84_ ڏاچي هَڻي ڏَهه، ته توڏِي هَڻي تيرنهن:
جڏهن سوڍي (راڻي)، مومل ماڻي، تڏهن روزانو رات جو
ڀليءَ ڏاچيءَ تي چڙهي، وڃي مومل جو مهمان ٿيندو هو
۽ رات اتي گذاري، صبح جو موٽي، ماڳ ايندو هو. اهو
ڳجھه ڳوهه وارو قصو آخر کلي پيو، جنهنڪري همير
سومري کي مٺيان لڳي ۽ ڪاوڙ وچان، راڻي جي سواريءَ
واريءَ ڏاچيءَ کي، پيرن ۾ ڪِيرَ هڻائي، منڊو ڪرائي
ڇڏيائين. هينئر راڻي لاءِ، زندگي ٿي پيئي، سو لڳو
ڪاڪ هلڻ لاءِ گهاٽ گهڙڻ. آخر ڏاچيءَ واري جَتَ کي
گهرائي، کانئس ٻيءَ ڪنهن اهڙيءَ ڀَليءَ ڏاچيءَ يا
اُٺ لاءِ پڇا ڪيائين. جت چيو ته ”سائين، ان ڏاچيءَ
جي هڪڙي توڏي آهي، جنهن کي پڻ، ماءُ جهڙا پاڻي
آهن.“ راڻي چيو ته، ”متان وِچ تي ويلو وجهي؟“ جت
چيس ته، ”سائين، اوهين خيال نه ڪريو، توڏي ننڍي
آهي، مگر وکن ۾ ماءُ کان به وڌيڪ آهي. ڪا پرواهه
نه ڪريو. ڏاچي، ڏهه هڻندي هئي ته توڏي، تيرنهن
هڻندي.“ پوءِ راڻو، روزانو انهيءَ سواريءَ تي مومل
سان ملڻ ويندو هو.
شاهه ڀٽائي به اهڙو ذڪر ڪيو آهي:
ننڍو تان ڪوهه، پر وِکين آهي وِترو،
اچيو ڪاڪ ڪنڌين ۾، پهس پکيءَ جان پوءِ،
ان ڪُرَ منجهان ڪو، ميو ماٺو نه ٿئي.
85_ ڏِسجي ته اُٺ، ڪهڙيءَ ڪَڙيءَ ٿو ويهي:
ڏسجي ته ڇا ٿو ظاهر ٿئي، معاملو ڪهڙي صورت ٿو وٺي
۽ نتيجو ڪهڙو ٿو نڪري.
ڪنهن سبزي فروش ۽ ڪُنڀار گڏجي، ڀاڙي تي هڪڙو اُٺ
ورتو. هڪڙي پاسي، سبزيءَ واري پنهنجون ترڪاريون
لَڏيون، ته ٻئي طرف وري ڪنڀار پنهنجا برتن ڀريا.
رستي تان هلندي هلندي، اُٺ پنهنجي گردن موڙي،
ڀاڄيون کائيندو پئي ويو، جنهنڪري ڪنڀار دل ۾ خوش
پئي ٿيو. ڪنڀار دل ۾ چيو ٿي ته، ”ڏاڍو چڱو ٿيو، جو
مان ته نقصان کان بچي ويس، ڇاڪاڻ ته بازار ۾ ٻنهي
کي، پنهنجو پنهنجو مال وڪڻڻو هو.
جڏهن بازار جي منهن وٽ پهتا ۽ جَتَ، اُٺ کي
ويهاريو ٿي، تڏهن سبزيءَ واري چيو ته، ”ڏسون ته
اُٺ، ڪهڙيءَ ڪَڙيءَ ٿو ويهي!“ هوڏانهن ويهڻ لاءِ
اُٺ، پهريائين بدن کي انهيءَ پاسي کي اُڇل ڏني،
جنهن ڏانهن مٿس ڪنڀار جا برتن رکيل هئا. اُٺ جي
ويهڻ سان، ڪنڀار جا ڪيترائي ڀانءُ ڀڄي پُرزا پُرزا
ٿي پيا.
سبزيءَ واري، جڏهن پنهنجي ۽ ڪنڀار جي نقصان جو
اندازو لڳايو، تڏهن ڏٺائين ته ڪنڀار جو وڌيڪ نقصان
ٿيو آهي. انهيءَ وقت کان اها چوڻي مشهور آهي.
86_ ڏيک مولهي دا توڏا:
هڪڙي جت کي نياپو آيو ته تنهنجي ڏاچي (مولهي)
ويائي آهي، جنهن توڏو ڏنو آهي. جَت تيار ٿيو ته
ڏاچيءَ (جا واهه جي ٻيءَ ڀَر تي، جهنگ ۾ ويائي
هئي) کي ڏسي اچان، پر سندس لاڏلو نينگر چوي ته،
”مان به مولهيءَ جو توڏو ڏسان“. آخر ٻئي تيار ٿيا.
جڏهن واهه جي ڪناري تي آيا، تڏهن پُٽ کي چيائين
ته، ”تون منهنجي ڪُلهي تي چڙهي ويهه ته پار هلون.“
جڏهن واهه جي وچ تي آيو، تڏهن پاڻيءَ جي زور کان،
تَري تَري ٿڪجي پيو ۽ چِڙَ وچان پٽ کي چيائين ته،
”ڏيک مولهي دا توڏا، توکي مون جهليو، ته نه مڙئين،
هينئر ٻنهي جو سِرُ ٿو وڃي“. آخر ٿڙي ڦٿِڙي ڪناري
تي آيو.
مطلب: جڏهن ڪو ضد ڪندو آهي ۽ باز نه ايندو، تڏهن
ان کي ائين چئبو آهي.
87_ ڏيک ياران دير ڦيري، ماءُ تيرِي ڪي ميرِي:
هڪڙا ٻه زال مڙس هئا، هڪڙي دفعي زال، پنهنجي مڙس
جي، پاڻ سان محبت آزمائش وٺڻ جي خيال کان، ڪوڙ ڪري
بيمار ٿي پيئي. ويچاري مرد، کيس سچ پچ بيمار
سمجهي، سندس گهڻا ئي علاج ۽ سُتيون ڦَڪيون ڪرايون،
مگر زال اهڙو مَڪر رٿيو هو، جو مرد کي ڪو به فرق
نظر نه آيو. آخر هڪ ڏينهن زال چيس ته، ”،مون کي
هڪڙي درويش جو ڏسُ مليو آهي ته، جيڪڏهن تون پنهنجي
سسُ جي مٿي جا وار، پنهنجي مٿي هيٺان رکي
سمهندينءَ ته يڪدم چڱي ڀلي ٿي پوندينءَ، ٻيءَ صورت
۾، مري ويندينءَ!“
مرد، اها ڳالهه ٻڌي، تاڙي ويو، ته ”بيماري وغيره
ڪانه آهي، مگر منهنجي آزمائش لاءِ، مَڪر ڪيو اٿس،
ته آءٌ سندس لاءِ، پنهنجي ماءُ جي مٿي جا وار، آڻي
سگهان ٿو يا نه؟“ سو پنهنجيءَ سس وٽ ويو، چيائينس
ته ”تنهنجي ڌيءَ جي چڱي ڀلي ٿيڻ لاءِ، هڪڙي درويش
جو ڏسُ مليو آهي ته جي تنهنجي سَسُ پنهنجي ڌيءَ کي
سندس مٿي جا وار، مٿي هيٺان رکي سمهڻ لاءِ ڏيندي،
ته پوءِ يڪدم چڱي ڀلي ٿي پوندي، ٻيءَ صورت ۾ سندس
بچڻ محال آهي.“ ويچاريءَ ماءُ، اهو حال ٻڌي،
پاڪيءَ سان، پنهنجو مٿو صاف ڪرائي، هَڙ جا هڙ وار،
پنهنجي ڌيءَ ڏي ڏياري موڪليا.
جڏهن مرد، پنهنجي سَسَ جا وار آڻي، پنهنجي زال کي
ڏنا، تڏهن هو خوشيءَ کان، مٿي هيٺان رکي سمهي پئي
۽ هڪدم چڱن ڀلن جهڙي ڏيکاري ڏيڻ لڳي.
اهو حال ڏسي، اهو شخص ڊوڙندو پنهنجي ماءُ ۽ سَسُ
ٻنهي کي زال وٽ وٺي آيو. اُن وقت انهن ڏي اشارو
ڪري، زال کي چيائين ته، ”ڏيک ياران دِي ڦيرِي،
ماءُ تيرِي ڪِي ميرِي؟“
____________
(ر)
88_ رام ڪهاڻي:
ڳالهه کي اجائي ڊيگهه وٺائڻ يا اِنگهائڻ. ٿوري
جواب جي بجا گهڻي بَڪ ڪرڻ.
رام، راجا دسرٿ جو وڏو پُٽ هو. راجا دسرٿ کي 3
زالون هر هڪ ڪوشليا، سُمترا ۽ ڪيڪئي هيون. ڪوشليا
مان، رام، سُمترا مان لڇمڻ ۽ شَترگهن ۽ ڪيڪئي مان
ڀرت هوس. هڪ دفعي راجا دسرٿ کي، ڪو زهر آلوده تير
لڳي ويو هو، جنهن جو زهر، راڻي ڪيڪئي، پنهنجي زبان
سان چوسي ڪڍيو هوس. راجا، سندس ايڏي خدمت مان خوش
ٿي، کيس وچن ڏنو ته، گهُر جيڪي گهُرڻو اٿئي. راڻي
ان وقت عرض ڪيو ته، ”مون، جنهن وقت ضرورت محسوس
ڪئي، تڏهن پنهنجو انعام گهرنديس.“ راجا چيس ته،
”چڱو، توسان وچن آهي، توکي جيڪي به ۽ جڏهن به
گهرجي، تڏهن گهُرجانءِ ته توکي ملندو.“
راجا جو وڏو ۽ ولي عهد پُٽ، رام هوپ. راڻي ڪيڪئيءَ
کي اچي لالچ ٿي، ته راجا کانپوءِ گاديءَ تي منهنجو
پٽ ڀرت ويهي. اهو خيال ڪري، راجا کي وڃي وچن ياد
ڏياري، پنهنجي پٽ ڀرت لاءِ، گاديءَ جي گهُر ڪيائين
۽ اُن سان گڏوگڏ رام چوڏهن ورهين بَن (جهنگل) ۾
وڃڻ جو شرط پيش پڻ ڪيائين. هاڻي ويچارو راجا به ڄڻ
بن باهين ۾ اچي ويو! جي وچن ٿو پاڙي ته هڪ لائق
پُٽ جي جدائي ٿي ماريس، پر جي وچن ٿو وساري ته
پوري ڀارت ورش ۾ ڪوڙو ٿو ليکجي! هاڻي وڃي، سو وڃي
ڪيڏانهن!
هوڏانهن رام کي جڏهن انهيءَ قصي جي خبر پئي، تڏهن
سڌو پيءُ وٽ آيو ۽ عرض ڪيائينس ته، ”پتا جي! اوهان
جو وچن اوس پورو ٿيڻو آهي. آءٌ چوڏهن ورهيه بنواسي
ٿيڻ لاءِ تيار آهيان ۽ گادي پڻ بيشڪ پرت کي ملي.
آءٌ انهي ۾ خوش آهيان. ائين چئي، روئندڙ ۽ غم زده
پيءُ کي پيرين پئي، کانئس موڪلايو اڃا ٻاهر مس
نڪتو، ته سندس استري (زال) سيتا ۽ ڀاڻس لڇمُڻ
جي پڻ تيار بيٺا هئا، سي ساڻس هلڻ لاءِ تيار ٿيا.
رام، کين گهڻوئي سمجهايو ته، بن ۾ هي تڪليفون آهن،
هي مصيبتون آهن وغيره، مگر ڪيتري سمجهائڻ جي
باوجود به، هو نه مُڙيا ۽ ساڻس گڏ روانا ٿيا. اُهي
چوڏهن ئي سال، هن ڏاڍيءَ تڪليف سان، دکڻ هندستان
جي جهنگلن ۾ گذاريا. هڪ دفعي رام جي استري سيتا
کي، بن ۾ اڪيلو ويٺل ڏسي، سلون جو راجا راوڻ، کڻي
ويو، جنهن سان لڙائي ڪري، دکن هندستان جي راکا
سُگريو ۽ سندس وزير هَنُومان جي مدد سان، سيتا کي
هٿ ڪيو ويو ۽ انهيءَ لڙائيءَ ۾ راوڻ مارجي ويو.
راوڻ جي مارجڻ ڪري، ”دَسهڙو“ ملهايو ويندو آهي.
چوڏهن ورهيه بنواس جي مُدي پوري ٿيڻ کانپوءِ، رام،
پنهنجي راڄڌاني (تختگاهه) ۾ موٽي آيو. ڀاڻس پرت،
جو اصل ۾ پاڻ کي راجا جو نائب سمجهي، سندس چاکڙي،
تخت تي رکي، حڪومت جو ڪاروبار هلائي رهيو هو، سو
رام جي پيشوائي ۾ وڃي، وڏي عزت سان کيس وٺي آيو.
انهيءَ رات ساري شهر ۾ چراع بندي ڪئي ويئي. ڏياري،
انهيءَ موقعي جو يادگار آهي.
جڏهن ٿوري احوال ڏيڻ جي بجا، لنبو چوڙو جواب ڏبو
آهي، تڏهن عام طرح ائين چيو ويندو آهي: اِها ”رام
ڪهاڻي“ ڇڏ، يعني ڊيگهه ڇڏ، پنهنجو کُليل مقصد ظاهر
ڪر.
ڪي وري ”دُک ڀري ڪهاڻي“ لاءِ به، ائين چوندا آهن.
89_ راهُوجَن ۾ رات، قادر ڪنهن جي نه وجهي:
سنڌ ۾ راهوجن جا ڪيترائي ڳوٺ آهن،پر هيءُ پهاڪو
تعلق رکي ٿو ”ڪَچي“ واري راهوجن سان، مديجيءَ جي
ڀرسان، ڪچي ۾ راهوجن جو ڳوٺ آهي.
ڪنهن سمي هڪڙو سيد، اُن ڳوٺ ۾ وڃي نڪتو. واقفيت نه
هئڻ ڪري، وڃي مسجد جو پاسو ورتائين. رات جو پٽڙو
ڀَت مليس، تنهنڪري سندس اندر نه ٺريو، تنهن
کانسواءِ هڪ گرمي ۽ ٻيو اُٻهڙ ۽ ٽيون وري مصيبت
ڪچي جا مڇر! ساري رات لُڇندي گذاريائين. صبح جي
نماز پڙهي موڪلائڻ لڳو ته جماعت جي ماڻهن چيس ته،
”قبلا مهرباني ڪري هڪڙي ٻي به رات رهو.“ جنهن تي
شاهه صاحب چيو ته:
”ابا راهوجن ۾ رات قادر ڪنهن جي نه وجهي!“
ڪن جو خيال آهي ته اهو سيد، شاهه عبداللطيف هو، جو
فقيرن سان گڏ، راهوجن ۾ رهيو ۽ انهن جي حالتن کي
ڏسي، هي بيت چيائين:
راهوجن ۾ رات، قادر وجهي نه ڪنهن جي،
رَنون رب رُلايون، آهر اڳلي واٽ،
پليجن کان پاٽ،
ڀَر
جي آئي ڀت جي.
چون ٿا ته اتان جي زالن، شاهه صاحب جي فقيرن سان
چرچا ڪيا هئا ۽ شاهه صاحب جي هڪ عقيدتمند، پليجن
جي ڳوٺ مان، ڀَت جي پاٽ ڀرائي آندي هئي. شاهه صاحب
بيت ۾ اهڙي وضاحت ڪئي آهي.
90_ روهين رَلا، مٿي کَلا:
ڪوهستاني ڌنار، مال جي سانگي، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ،
سدائين سبزيءَ ۽ گاهه وارو هنڌ ڳولين ته جيئن سنهو
مال سکيو رهي ۽ مـَيو متارو ٿئي، ڇاڪاڻ ته سندن
مکيه گذران آهي ئي مال جي پيدائش تي! انهيءَ ڪري
سندن ٽپڙ، سدائين پُٺيءَ پاڏون يا مٿي تي ڏسبا.
ڪنهن واٽهڙو، سانگي ماڻهن کي انهيءَ لڏ لڏاڻ واري
حالت ۾ ڏسي ائين چيو:
سانگي ماڻهن لاءِ، ٻي به چوڻي آهي ته: لَڏو ئي لَٺ
تي. يعني سندن گذر، سنهي مال (ٻڪري ۽ رڍ) تي آهي،
جن جي پٺيان لٺ کنيو، چراوها ڳوليندا ۽ ڌڻ چاريندا
ٿا وتن ”لٺ“ لفظ تمثيل ٿي ڪم آيو آهي يعني ”لٺ“
مان مراد ”ڌڻ“ آهي يا ته ڌراڙ سامان جي هڙ ٻڌي لٺ
تي لڙڪائي ڪُلهي تي رکندا آهن.
91_ رَهو حـَلال، ٻـُوٽيـُون حـَرام:
چون ٿا ته مڪتب جي شاگردن، گهٽيءَ مان ڪنهن
پاڙيسريءَ جي ڪڪڙ ڦاسائي، اُستاد جي گهر موڪلي
ڏني. جڏهن استاد کي، اها خبر پئي، تڏهن شاگردن کي
سخت
تنبيهه
ڪيائين. شاگردن چيس ته، ”سائين، ڪڪڙ پاڻهي مڪتب ۾
آئي. شايد ڌڻيءَ، اوهان لاءِ ئي موڪلي آهي.“ استاد
چيو ته، ”نه بابا، نه، مون کي حرام نه گهرجي.“
شاگردن چيو ته، ”استاد صاحب ڀلا، هيءَ ڪڪڙ ڪنهن کي
ڏيون؟“ استاد چيو ته، اوهان گهٽيءَ ۾ وڃي، شريعت
مطابق، زور سان ٽي ڀيرا چئو ته، ”ڪنهن جي آهي هيءَ
ڪڪڙ، جيڪڏهن ٽنهي ڀيرن سان، ڪو مالڪ پيدا نٿو ٿئي
ته پوءِ چئبو ته موڪلي آهي.“ شاگرد، گهٽيءَ ۾ وڃي،
ڪڪڙ کي هٿ ۾ جهلي مٿڀرو کڻي ٽي ڀيرا چيو، ”ڪنهن جي
آهي (زور سان)، هيءُ ڪڪڙ (بلڪل آهستي).“ ٽنهي ڀيرن
سان ڪٿان به آواز نه آيو. پوءِ ڪڪڙ کي حلال
ڪيائون. استاد، گهر وارن کي چيو ته، ”منهنجي ڀاڱي
۾ موڪليل ٻوڙ ۾ ٻوٽيون نه وجهجو، باقي رَهو
(شوروو) جائز آهي، سو ڀلي هجي“. شاگردن استاد جي
اها فتويٰ ٻڌي، تڏهن هڪڙي شاگرد چيو ته، ”رَهو
حلال ۽ ٻوٽيون حرام.“
هڪ روايت مطابق، استاد چيو ته، ”جيڪڏهن ٻوٽي پاڻهي
ڏوئيءَ تي چڙهي پوي ته اها جائز آهي، باقي سعيو
ڪري نه ڏجو.“
( س )
92_ سـَپَ نه ماري، پر سـَپَ جو سـَراپ ماري:
هڪ دفعي ڏيڏر ۽ سپ (نانگ) پاڻ ۾ ڳالهيون
ڪندي،”ڪکجڻ“ جو ذڪر ڇيڙيو. ڏيڏر، نانگ کي چيو ته،
”تنهنجي چڪ کان نه، پر تنهنجي سراپ (ڊپ)
کان، ماڻهو مرن ٿا.“ نانگ ڏيڏر کي چيو ته، ”ڊپ کان
نه، پر ڪَکجڻ کان مرن ٿا.“ هر هڪ پنهنجي پنهنجي
ڳالهه تي قائم رهيو! آخر ڏيڏر، نانگ کي چيو ته،
”ان ڳالهه، جو تجربو ٿا ڪريون. تون ڪنهن واٽهڙوءَ
کي ڪکي، وڻن جي جهڳٽي ۾ لڪي وڃ، ٿوري دير بعد، مان
پاڻيءَ مان منهن ڪڍندس ته جيئن واٽهڙو سمجهي ته
ڏيڏر رُهنڊو هنيو آهي.“ پوءِ نانگ، هڪڙي واٽهڙوءَ
کي ڪَکي، هڪدم جهڳٽي ۾ لڪي ويو. واٽهڙو ويچاري رهڙ
جي هنڌ، خوب مهٽون سهٽون، سُوٽون سڙيون ڏنيون ۽
هيڏي هوڏي ڏٺو، پر نانگ ته نظر ئي ڪونه آيس. ڏيڏر،
پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري، ”ٽان ٽان“ ڪرڻ لڳو. ڏيڏر،
جي ”ٽان ٽان“ ٻڌي، پڪ ٿيس ته اِها رُهنڊي ڏيڏر ئي
ڏني آهي. نانگ به اهو سمورو لقاءُ ڏسي رهيو هو.
آخر اهو واٽهڙو هليو ويو.
ڏيڏر، نانگ کي چيو ته، ”ڏٺئي، جڏهن مون تي نظر
پيس، تڏهن ساهه پيس. پر جيڪڏهن تون منهن ڪڍين ها
ته ڦَهڪو ڪري، ڪِري پوي ها. هينئر مان، جنهن
واٽهڙوءَ کي
لُهنڊ
هڻي، لڪي ويندس، ٿوري دير بعد تون ڪـَر ُ
کڻجانءِ.“ اڃا انهن ڳالهين کان فارغ مس ٿيا ته
ڏيڏر هڪ واٽهڙو کي ٺڪاءُ رانبوٽو ڪرايو. واٽهڙو کي
رانبوٽو ته لڳو، پر ڪا چيز نظر ڪانه آيس. مٿس اهو
اثر ويٺو ته شايد ڪکَ سِنگهو آهي. اڃا انهيءَ خيال
۾ هو ته نانگ به ڪـَر ُکڻي، ڦوڪون ڏيڻ لڳو. وهم جي
ڪري اڌ ته اڳيئي مري چڪو هو، ويتر جو نانگ ڏٺائين،
پوءِ ته سندس شڪ يقين ۾ تبديل ٿي ويو. سارو بدن
ڏڪڻ لڳس. مٿس اهڙو ڊپ ويهي ويو، جو ٿوري دير ۾ ئي
دم ڏنائين.
ڏيڏر، نانگ کي چيو ته، ڏٺئي، تنهنجي ڊپ کان مري
ويو يا تنهنجي چڪ کان!“
93_ سـُتـَن ڪـَونهان، جاڳـَندَن، وَڇـُون:
غافل ۽ سست انسان کان، هوشيار ۽ چالاڪ ماڻهو، وڌيڪ
نفعو حاصل ڪري سگهي ٿو.
هڪڙا ٻه دوست، مال جي چاري سانگي، پنهنجون مينهون
ڪاهي، ڪچي ڏانهن ويا. رات جو واري وٽيءَ تي جاڳندا
هئا ته متان ڪو چور اچي، مينهون ڪاهي نه وڃي يا
مهل ڪُمهل مينهون (جي ويم تي هيون)، ويامي پون.
انهن ٻنهي مان، هڪڙو سست ۽ ننڍو هو ۽ ٻيو هوشيار ۽
چست چالاڪ. اهو سست، رات جو ٿورو وقت جاڳندو هو ۽
گهڻو وقت، ننڊ ڪندو هو، تنهنڪري ان جي مينهن جي به
خدمت ۽ ديک ڀال، اهو هوشيار ۽ چالاڪ ڪندو هو.
هڪڙيءَ رات، ٻنهي جون مينهون ويامي پيون، جنهن کي
ننڊ هئي، تنهن جي مينهن، وڇ ڄڻي ۽ جاڳندڙ جي مينهن
ڪونهون!
اهو حال ڏسي، ان کي ڏاڍو ارمان ٿيو. مگر، جلد ئي
پاڻ سنڀالي، اها وڇ، پنهنجي مينهن جي پويان
لاتائين ۽ پنهنجي مينهن وارو ڪونهون، سـُمهيل دوست
جي مينهن جي پويان! جڏهن سست ماڻهو، ننڊ مان سجاڳ
ٿيو ۽ مينهن جي پويان ڦـَرَ ڏٺائين، تڏهن دوست کان
پڇيائين. هن ٻڌايس ته، ”منهنجيءَ مينهن، وَڇ ۽
تنهنجيءَ، ڪُونهون ڏنو آهي.“ هـُن چيس ته، ”ائين
ڪيئن هوندو؟“ چالاڪ دوست جواب ڏنس ته:
”يار، سـُتن ڪُونهان، جاڳندن وَڇون!“
94: سَتِي چَڙهي ڏاگهه:
چکيا تي چڙهڻ، جو مطلب عورت جو مڙس جي لاش سان گڏ
جلڻ.
ڪنهن سمي، هندن ۾ سـَتِي لڪڙيءَ جو رواج هو، يعني
عورت جو، پنهنجي مئل مڙس سان گڏ، ساڳيءَ لَڪڙَ
(ڪاٺين) ۾ سڙڻ، هندن ۾ اهو رواج گهڻو وقت هليو، پر
پوءِ لارڊ وليم بينٽڪ وائسراءِ هند 1829ع ۾ بند
ڪرائي ڇڏيو.
اڪبر بادشاهه به (1105ع)، ان جي بند ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي، پر راجپوت راڻين، اُن جي مخالفت ڪئي، جنهن
ڪري بادشاهه ڍرو ٿي ويو.
جڏهن ڪنهن وَلهيءَ جو وَرُ پَرلوڪ پڌاريو هو، تڏهن
هوءَ، ساڻس وفاداري ڏيکارڻ لاءِ، سندس لاشي سان،
ساڳين ئي لڪڙين (لونگن) ۾ جلي ڀسم ٿي ويندي هئي.
انهيءَ ڪري هندن ۾ اها عام چوڻي آهي ته:
”سـَـتـِي چـڙهـي ڏاگـهه،
لهي ته ٿِئي ڪانون ڪُنن هاب!“
انهيءَ حقيقت جي اصليت، هن ريت بيان ڪئي وڃي ٿي:
شِوجي کي، ”سَتي“ نالي ڌرم پتني (زال) هئي، جنهن
جو پتا هڪ وڏو راجا هو. هڪ دفعي، راجا ”يگيه“
تيار ڪيو ۽ موقعي تي، هن سڀني ڄاڃين کي
گهرايو، مگر هڪڙو پنهنجي ڌيءَ ستيءَ کي نه
سڏايائين، جنهن تي ستيءَ سخت گهٻرايو. پنهنجي
وَرَ، شوجي مهراج کان مشورو ورتائين، جنهن وڃڻ کان
روڪيس. مگر هوءَ مِسر هئي ۽ چاهيائين ٿي ته يگيه ۾
ٻين ڀينرن سان گڏ هجي. آخر شِوجيءَ، خوشيءَ سان
وڃڻ جي اجازت ڏنيس ۽ هيءَ اڻ ڪوٺي هلي ويئي. سندس
پتا، انهيءَ خيال وچان، کيس منهن ڪونه ڏنو، ته
جيئن دل شڪسته ٿي موٽي وڃي. هن پنهنجي پتا جي بي
رُخي ۽ پنهنجي بي بَسي ۽ لاچاريءَ کان بيزار ٿي،
يگيه جي عين موقعي تي، پاڻ کي کڻي آڳ ۾ اُڇلايو،
جنهن ۾ جلي، ڀسم ٿي ويئي.“
سَتيءَ، پنهنجي خودداري ڏيکاري ۽ انهيءَ ئي ڪري هر
خوددار ديويءَ، سَتيءَ جي پيروي ڪرڻ شروع ڪئي.
سَتيءَ جي نالي پويان ئي هن رواج جو نالو ”سَتي
لڪڙي“ وارو رواج پيو، يعني اهو جلڻ جو رواج، جنهن
جي ابتدا سَتيءَ ڪئي.
95_ سَوَڙ آهرَ پير ڊگهيرجن:
پنهنجي وسعت ۽ آمدنيءَ آهر هلي.
ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙي سال، سرديءَ جي موسم ۾
شهنشاهه اڪبر، بيربل وزير کي حڪم ڏنو ته، ”غريبن
لاءِ، سَوڙون تيار ڪرايون وڃن ته جيئن غريبن کي
سرديءَ کان بچاءَ لاءِ ڏنيون وڃن. اهو پڻ ٻڌاءِ ته
هر هڪ سَوڙ جي ڊيگهه ڪيتري هجي؟“ بيربل وزير عرض
ڪيو ته، ”ٻِن _ اچائي والن تائين ڊگهيون هئڻ
گهرجن.“
مقرر انداز ۾، سوڙيون تيار ٿيون. آزمائش لاءِ،
انهن مان هڪڙي سوڙ کڻي، شهنشاهه پنهنجي مٿان وڌي،
ليڪن سوڙ ڪجهه ننڍي هئي، تنهنڪري شهنشاهه جا پير،
ٻاهر نڪري پيا. ان وقت بيربل وٺي دانهن ڪئي.
شهنشاهه هڪدم پنهنجا پير کڻي سوڙها ڪيا. بيربل
کِلي چيس ته، ”جيئندا قبلا! جيتري سوڙ آهي، اوترا
پير به ڊگها ڪريو.“
96_ سئو وڃي، پر ساءُ نه وڃي:
وقت تي نقصان سهجي، پر اڇن ڏندن جي پريت نه
وڃائجي.
هڪڙا ٻه گهرا دوست هئا، جن جي پاڻ ۾ اهڙي ته پڪي ۽
پختي پريت هئي، جو هڪ ٻئي جي گهر ۾ به ايندا ويندا
هئا ۽ اويل سويل هڪ ٻئي جي مدد به ڪندا هئا.
دوستن مان، هڪڙي پنهنجي گهر واريءَ لاءِ، سونو هار
ٺهرايو. وِهانءُ وَڌاڻي يا ٻُڪي چُڪيءَ تي سندس
گهر واري، اهو سونو هار پائي ويندي هئي. هڪ ڀيري،
ننڍڙي، ڌيءَ چيس ته، ”اما، اهو هار مون کي ڏي.“
قصو ڪوتاهه، هن ويچاريءَ، ڌيءَ جي ڳلي ۾ هار وڌو،
پر کيڏندي ڪُڏندي هار ڇني وڌائين ۽ باقي وڃي پتلو
رهيو. ماءُ ويچاري ڊپ جي ماري، اهو حال ڏسي،
گهٻرائجي ويئي ته متان سندس خاوند کي خبر پوي.
ڪنهن ڏينهن وجهه وٺي، مڙس کي چيائين، ”ميان،
تنهنجو فلاڻو دوست سئو رپيا گهرڻ لاءِ آيو هو،
ليڪن پئسو ته هوئي ڪونه، تنهنڪري ”هار“ کڻي
ڏنومانس ته وڃي گهرج پوري ڪري.“
ڪجهه وقت کانپوءِ، جڏهن سندس دوست گهر آيو، تڏهن
ان جي مُنهن تي چيائين ته، ”ادي، سو رپيا گهريو
هو، مگر گهر ۾ پئسو هوئي ڪونه، تنهنڪري تو وارو
هار ئي ڏنو مانس ته وڃي گهرج پوري ڪري.“ مڙس چيس
ته، ”الله پردو رکئي، ڏاڍو چڱو ڪئي. دوست، دوست کي
مهل ۾ ته ڪم اچڻ کپي! سندس دوست ويچارو هڪ ٻڪو ٿي
ويو، مگر مصلحت سمجهي، خاموش رهيو.
جڏهن دوست موڪلائي، پنهنجي گهر هليو ويو، تڏهن دل
۾ چيائين ته، ”اديءَ اهو هار وڃائي ڇڏيو آهي، جو
مڙس جي ڊپ کان، مون ته مڙهيائين“ مهيني کانپوءِ،
سو رپيا کڻي، دوست کي، گهر اچي ڏنائين. دوست پئسا
وٺي گهر واريءَ کي ڏنا، مگر ويچاري شرم ۾ ٻڏي
ويئي. مڙس کي چيائين ته، ”ميان، جيڪڏهن معاف ڪرين
ته سچي ڳالهه ڪريانءِ.“ مڙس جي اجازت سان، مائيءَ
سارو قصو ٻڌايو ته، ميان، هار تنهنجي ڌيءَ کي
پارايو هوم، جنهن کيڏندي ڪُڏندي، هار جون سڀ سَرون
وڃائي ڇڏيون. فقط پتلو وڃي بچايائين. مون کي ڊپ
ٿيو ته متان ڪاوڙ ۾ اچي، ڌَڪُ رَحماني، ڌَڪُ
شيطاني هڻين، تنهنڪري تنهنجي دوست تي هنيم. دوست
کان پڇيائين ته، ”جڏهن توکي هار به نه مليو هو، ته
سو رپيا ڪيئن آندءِ؟“ چيائين ته، ”ادا، سَو وڃي،
پر ساءُ نه وڃي.“
97_ سَهي ٽَنگون ٽي، چوٿون پڇ:
هيءُ پهاڪو، ڪنهن ڪَج بحث ۽ هٺ کان هيٺ نه لهندڙ
ماڻهوءَ لاءِ، استعمال ڪيو ويندو آهي.
ڳالهه ڪندا آهن ته ڪي چار دوست، پاڻ ۾ گڏجي شڪار
تي نڪتا، شڪار ته ڪيائون، مگر جهنگ ۾ رولڙي ۽
جاکوڙ سبب بُک ۽ تڪليف ڏاڍو بي حال ڪري وڌن. نوڪر
کي حڪم ڏنائون ته، ”وارو ڪر، هڪڙو سِهَڙ (سهو) ته
پچائي وٺ ته کائون.“ ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏي هڻي
تيرهن جي مصداق، خود بورچي به بُک ۾ انڌو ٿي پيو
هو. هن ڇا ڪيو، جو پچايل سهڙ جي هڪ ٽنگ پٽي، پاڻ
کائي ويو! جڏهن باقي سهو، دوستن جي آڏو آيو، تڏهن
منجهائن هڪڙي رڙ ڪري چيو ته، ”سهڙ جي چوٿين ٽنگ؟“
بورچيءَ جواب ڏنو ته، ”سِهَڙ کي ٽنگون ئي ٽي
هيون.“
__________
(1) ”سـراپ“ جي لغوي معنيٰ آهي:
پِٽَ، پاراتو، بددعا.
|