رايا
37 _ لياقت روڊ،
ڪنٽونمينٽ، حيدرآباد
7 _ سيپٽمبر 1966ع
مڪرمي سنديلو صاحب سلمه
”پهاڪن جي پاڙ“
پهچي، خوشيءَ جو باعث ٿي. اوهان ٿورائتو ڪيو.
يادگيري ۽ محبت جو شڪريه.
چوندا آهن ته: ”هجئي ناڻو، ته گهم لاڙڪاڻو.“ اوهان
پاڻ لاڙڪاڻي کان ناڻو وٺي، پوءِ منجهس ٺڪاڻو ڪيو
آهي. انهيءَ معجزه تي به اوهان کي مبارڪ.
ڪتاب ۾ نهايت قيمتي مواد آندل آهي. ڪن پهاڪن کي
تاريخ جي روشنيءَ ۾ پيش ڪري، حقيقت کي پوري طرح
واضح ڪيو اٿو. ”اوهان جيڪو پورهيو ڪيو آهي، سو
رائگان نه ويندو“،
ڇاڪاڻ ته اهڙا ئي ڪتاب، ادبي ميدان ۾، پنهنجو
مـُلهه پاڻ مقرر ڪن ٿا.
دعا آهي ته زياده آسودا ٿيو ۽ زياده ڪمائتا.
(آمين)
حقير عفي عنه
آءِ
-
آءِ-
قاضي
هالا نوان
14_2_67ع محترم و مڪرمي سنديلو
صاحب
السلام عليڪم:
اوهان جي تازي تصنيف ڪتاب، نالي ”پهاڪن جي پاڙ“
گذريل ڊسمبر ۾ پهتل آهي. ڪتاب پنهنجي نوعيت ۾ تمام
چڱو ڪتاب آهي. پهاڪا ته عام طرح سان ٻڌبا آهن ۽
ٻڌايا ويندا آهن، مگر انهن جي اصل حقيقت ۽ ماهيت
هر ڪنهن کي معلوم نه هوندي آهي. هن ڪتاب ۾، انهيءَ
ڳالهه جي صفائي ٿيل آهي. انهي ڪري به ڪتاب جي قدر
۽ قيمت ۾ واڌارو ٿيو آهي. اميد ته باقي پهاڪا به
گڏ ڪري، ٻئي ڇاپي ۾ شايع ڪندا ته ڏاڍو چڱو ٿيندو.
زياده خير والسلام
طالب الموليٰ
احمد خان مصراڻي
(1)
پهاڪا وڌائيـن ٿـا ٻــوليءَ جــي زينــت،
پهاڪن ۾ ٻوليءَ جي سونهن ۽ نزاڪت.
(2)پـهـاڪـا
ٿـيـا عـلـم جــو ڄــڻ خـزانــو،
پهاڪا، ٿيا عقل و دانش جي دولت.
(3)
پـهـاڪـا فـصـاحـت جـو واضـح نـمونو،
پهاڪن ۾ آهي سلاست بلاغت.
(4)
پـهـاڪـن پــَـهـه ڪـي سمايل سٺا ٿيا،
پهاڪن ۾ پنهان نصيحت، هدايت.
(5)
مـبـارڪ جـو حـقـدار ”سنديلو صاحب“،
پهاڪن جي واضح ڪئي، جنهن حقيقت.
(6)”پهاڪن
جي پاڙ“ آهي تصنيف عمدي،
مصنف مٿس واه ڪئي آه محنت.
(7)ٿـيـو
طــبـع آ: ”وه در خــشـان جـريـده“،
اي ”آصف“، ائين لک تون سالِ طباعت.
|