سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: پهاڪن جي پاڙ

باب: --

صفحو :10

(ڳ)

 

106_            ڳالهين سَنديون ڳالهيون، ٽَڪي سَندا موٺَ[1]

ڪو ماڻهو، گاهه پڙيءَ تي پئي ويو ته سندس دوست، کيس چيو ته، ”ادا، منهنجي لاءِ، موٺ وٺيو اچجانءِ.“ اڳڀرو وڃڻ تي، هڪڙو ٻيو دوست مليس، جنهن ٽَڪو، هٿ ۾ ڏيئي، چيس ته، ”مون لاءِ ٽڪي جا موٺ وٺيو اچجانءِ“. جنهن ٽڪو ڏنو هوس، تنهن لاءِ موٺ وٺيو آيو، پر جنهن رڳو زباني چيو هوس، تنهن لاءِ ڪجهه ڪونه آندائين. جڏهن اُن ڏوراپو ڏنس ته، ”فلاڻي ٽڪو ڏنو هوءِ، اُن جا موٺ به وٺيو آئين، مان شايد توکي ٽڪو نه ڏيان ها؟“ هن ماڻهوءَ جواب ڏنس ته، ”يار، جنهن کي موٺ کپندا هئا، تنهن ٽڪو ڏنو هو ۽ ان کي موٺ به پهچي  ويا. مگر تو موٺن وٺڻ جي ڪئي رُڳي ڳالهه! درحقيقت، توکي موٺ کپندا ئي ڪونه هئا، تنهنڪري:

”ڳالهين سنديون ڳالهيون ۽ ٽَڪي سَندا موٺ“

مطلب ته: سوال تي ڪم نه ٿيندو آهي، دنيا ۾ قصو آهي ڏي وَٺَ جو.

__________

 

(گهه)

 

107_            گهَيٽو ڌاريم اُن لئي، هٿان چري ڪپاهه:

ڪنهن ماڻهوءَ، اُنَ (گهيٽي جا وار) گڏ ڪرڻ جي خيال کان، گهيٽو ڌاريو. هڪ دفعي گهيٽو، ڇنائي وٺي ڀڳو ۽ ڌُو مالڪ جي (ڪپهه جي) پوک ۾ وڃي پيو! مالڪ ڇا ڏسي، ته ڪپهه جا گوگڙا کائي کڻي ناس ڪيا اٿس. تنهن تي مالڪ چيو:

”گهيٽو ڌاريم اُنَ لئي، هٿان چَري ڪپهه“

ڪا شيءِ جا سُک لاءِ ڌارجي ۽ ان مان ڏک پيدا ٿئي، تڏهن ائين چئبو آهي.

 اهو پهاڪو، سُگهڙ فتح خان، هن طرح ٻڌايو:

گهَٽو ڌاريم اُنَ لاءِ، رَهندو چَري ڪپاهه،

جوءِ ڌاريم گهرَ لاءِ، رهندي مارايم ماءُ،

نُنهن ڌاريم سُک لاءِ، سَسُ جو ڪڍي ٿي ساهه،

پُٽ پاليم پوءِ[2] لاءِ، ڪُٽي ڪريم ٿو پاهه،

پاڙو ڌاريم پريت لاءِ، رهندو کڻ _ کپاءُ[3]

ڏوس[4] ڌاريم ڏک لاءِ، پَٽيءَ نه ڏينم پاءُ،

پير کڻج پختو ڪري، جو دغا دنيا، دٻ دٻاءُ.

 

(ل)

 

108_            لاهي لنگها ويهه، آريجن مان آسرو،

پني پرائو ڏيهه، اچي کاءُ آريجن ۾:

”آريجا“، هڪ قوم آهي، جنهن جي پٺيان ”آريجا“ نالي سان ڳوٺ آهي، جو تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ آهي. انهيءَ ڳوٺ مخدوم شهاب الدين نالي بزرگ، ڪلهوڙن جي آخرين دور ۾ رهندو هو، جو پنهنجي وقت جو ڪمال ولي هو. مخدوم صاحب، غير شرعي ڪمن جي پاڙ ئي پٽي ڪڍي. ايتريقدر جو، آريجن ۾ شاديءَ تي به، نه دُهل وڄندو هو ۽ نه وري محفل ۾ ناچ وغيره ٿيندو هو. ڳوٺ ۾ هندن جو ٺڪاڻو به هو، ليڪن اُتي به نغارا، ڌُڪڙ وغيره نه وڄايا ويندا هئا.

اتفاق سان، اتي هڪڙو لَنگهَن جو گهر اچي ويٺو، جن کي حقيقت معلوم ڪانه هئي. هُنن رات جو شرناءِ ۽ دُهلن جو واڄو ڪيو. قدرتاَ َ سندن شرناءِ ڀڄي پيئي ۽ دُهل ڦاٽي پيو! جڏهن بزرگ جي قصي جي خبر پين، تڏهن مخدوم صاحب کان وڃي معافي ورتائون. اتي بيٺل ماڻهن مان ڪنهن چين ته:

لاهي لَنگها ويههُ، آريجن مان آسرو،

پِني پرائو ڏيههُ، اچي کاءُ آريجن ۾.

 

109_            لَک کَٽيا ڏومڻيءَ، جو ڏُوم سلامت آيو:

هڪڙو ڏُوم (لنگهو)، ڪمائڻ جي خيال کان، پرديس ويو. ڪيترا ڏينهن گذري ويا، پر موٽيو ئي ڪين. تنهن تي ڪنهن وٺي هُلايو ته: فلاڻو ڏُوم مري ويو آهي. ڏُومڻيءَ (لَنگهيءَ _ لَنگهي جي زال) به ائين ئي ٻڌو، جنهنڪري ويچاري، روئي پِٽي، صبر ڪري ويهي رهي. ٿورين گهڻين ڏينهن، اهو ڏُوم ماڳ موٽيو، پر پئسو آندائين ڪونه! هڪڙيءَ پاڙيواريءَ، ڏُومڻيءَ کان پڇيو ته، ”ادي، تنهنجو مڙس ڇا ڪمائي آيو آهي؟“ وراڻيائين، ”لَک کَٽيا ڏُومڻيءَ، جو ڏُوم سلامت آيو!“

مطلب: ڪنهن شيءِ يا واپار ۾، کڻي فائدو نه هجي، پر جيڪڏهن موڙي سلامت آهي، ته به لکُ ٿيو.

__________

 

(م)

 

110_            مان ديوان جو نوڪر آهيان ۽ نه واڱڻن جو:

ڳالهه ڪندا آهن ته، هڪڙي ديوان کي روزانو، سندس خوشامدي رَسويو، گوشت، مڇي وغيره کارائيندو هو. اُهي کاڌا، ڏهاڙي کائي کائي، ديوان کي مُنهن پئجي ويا، تنهنڪري رسيوئي کي حڪم ڪيائين ته، ”تون روزانو گوشت، مڇي ٿو تيار ڪرين. موسمي ڀاڄيون لٿيون آهن، اهي به ته اسان ماڻهن لاءِ آهن. هاڻي واڱڻن جي مند آهي“. نوڪر عرض ڪيو ته، ”هائو سائين، انهيءَ ڪري ته ڌڻيءَ واڱڻن کي مٿي تي مُڪٽ ڏنو آهي، اڳتي ائين ڪندس: واڱڻ عجيب چيز آهن. تندرستيءَ لاءِ خاص طرح مفيد آهن. اک جي بينائيءَ لاءِ به اڪسير آهي.“ ان وقت، ديوان جو هڪڙو دوست به وٽس ويٺو هو.

ٻئي ڏينهن کان وٺي، نوڪر روزانو واڱڻن رڌڻ تي زور رکيو. ڀاڄي به واڱڻن جي، ته بَرفو به واڱڻن جو! ديوان پهريان ٻه _ ٽي ڏينهن ته شوق سان کاڌا، پر پوءِ لڳاتار، کائي کائي، ڪَڪ ٿي پيو، سو هڪ ڏينهن نوڪر کي چيائين ته، ”تو روزانو اچي واڱڻن تي مارا ماري ٻَڌي آهي، اهي ته، هڪ بيڪار کاڌو آهي!“ نوڪر چيس ته، ”جيءُ منهنجا سائين! سچ ٿا فرمايو، واڱڻ اهڙا ته گرم آهن، جو ڌڻي پناه ڏئي. گهڻي واپرائڻ ڪري، هَلڪو هَلڪو بخار به جان ۾ رهندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته وائي به ڪري وجهندا آهن. ڏندن لاءِ ته خاص طرح خراب آهن.“

ان وقت به، ديوان وٽ اهو ئي پهرئين ڏينهن وارو سندس دوست ويٺو هو. انهيءَ نوڪر جون، اهي ڳالهيون ٻڌي، کيس چيو ته، ”ان ڏينهن ته واڱڻن جي واکاڻ مان ڍاپين ئي ڪونه پيو. مگر اڄ ته وري واڱڻن تي ڇو آيو ٿو رهين؟“ نوڪر چيس ته، ”سائين، معاف ڪجو، مان ديوان جو نوڪر آهيان ۽ نه واڱڻن جو! تنهنڪري جا شيءِ، ديوان جي نظر ۾ چڱي، سا منهنجي نظر ۾ به چڱي پر جيڪا شيءِ ديوان کي نه وڻندي، ته آءٌ به ان کي ڌڪاريندس.“

مطلب هي آهي ته: اهو پهاڪو عام طرح وڏن ماڻهن سان ”ها“ ۾ ”ها“ ملائيندڙ خوشامدڙين لاءِ استعمال ٿيندو آهي.

 

111_            مجنون ڪُٽيءَ جو، نه رت جو:

مجنون، ليليٰ جي گهر جي سامهون، هڪڙي وڻ هيٺ اچي، پنهنجو آستانو اڏيو هو. هو هر وقت، ليليٰ جي ياد ۾ شادباد رهندو هو. کيس نه ننڊ، نه آرام پر زهر مثل سڀ قسم جو کاڌو ۽ طعام! انهيءَ ڪري هو روزانو، بدن ۾ ڳرندو رهيو ۽ آخر ڪَچُ کائي، ڪِٺُ ٿي پيو! جڏهن ليليٰ کي اهو پَتو پيو، تڏهن حقيقت حال معلوم ڪرڻ لاءِ، ٻانهيءَ کي موڪليائين، جنهن موٽي اچي ٻڌايس ته، ”سانئڻ! مجنون ويچارو ته ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهي! فقط تنهنجي نالي جي سهاري جِي رهيو آهي!“ اهو حال ٻڌي، ليليٰ جا طاق لڳي ويا! پوءِ ته روزانو ساڳي ٻانهيءَ جي هٿان، وٽو ڪُٽيءَ (چُوريءَ) جو، ڏانهنس موڪليندي رهي، ته کائي، ۽ ساڄو ٿئي.

مجنون، ته ليليٰ جو پياسي هو، هُن جو ڪُٽيءَ سان ڪهڙو مطلبٰ ڪڏهن ڪو ذرو پرزو، دل چوندي هيس ته کائيندو هو، نه ته وَٽو اوئين ئي رکيو هوندو هو. ان ڳوٺ ۾ ٻيو هڪڙو چالاڪ ۽ مڪار نموني جو فقير رهندو هو، جنهن کي انهيءَ قصي جي کُڙڪ پئجي ويئي، سو ڇا ڪيائين، جو مجنون جي ڀرسان، ٻِئي هڪ وڻ هيٺ اچي ديرو دمائي ويٺو. اهو ڇا ڪندو هو، جو جڏهن ڏسندو هو ته مجنون، ڪُٽي نٿو کائي، تڏهن هو ڪُٽي کائي خالي وٽو ڇڏي هليو ويندو هو. ٻانهي، صبح جو خالي وٽو واپس کڻي ويندي هئي. اهڙي طرح روزانو مجنون واري ڪُٽي کائي کائي اهو چالاڪ فقير، هيڪاري ڏنڊو مشٽنڊو ٿي پيو ۽ مجنون ويچارو، اتي باقي وڃي، هڏن جي مُٺ رهيو! ويتر مجنون جنهن وڻ هيٺان ويهندو هو، اتان اٿي وڃي ٻئي وڻ هيٺ ويٺو، تنهنڪري اهو چالاڪ فقير، هڪدم مجنون واريءَ جاءِ تي وڃي ويٺو، جنهنڪري هيڪاري سندس ٻيگهِي مچي ويئي! مجنون کي ڪُٽيءَ جي ڪهڙي پرواهه! هن جي لبن تي ته فقط ليليٰ جو ئي نالو هوندو هو.

هڪڙي ڏينهن ليليٰ خيال ڪيو ته مجنون، هاڻي سُنڊي ماس جي، ضرور چاڙهي هوندي، جو کيس، گهڻي سڻڀ ۽ مغزات پيل ڪُٽي کائيندي، چڱو وقت ٿيو آهي. پَڪَ ڪرڻ خاطر، هڪڙي ٻِي ٻانهي، ڏانهنس موڪليائين، ڇاڪاڻ ته پهرين ٻانهي، روزانو کيس مجنون جي ضعف ۽ ابتريءَ جو خيال ٻڌائيندي هئي. اها نئين ٻانهي، وڻ هيٺان ويٺل ڏنڊي مشٽنڊي کي مجنون سمجهي، ليليٰ کي اچي چيو ته، ”مجنون ته کَل کان ٿو ڦاٽي!“

ليليٰ کي تعجب لڳو ته، ”عاشق، سُنڊي ماسَ جي چاڙهيندا ئي نه آهن، هيءُ قصو ڪيئن آهي!“

روزانو ڪُٽي پهچائيندڙ ٻانهيءَ کي چيائين ته، ”اڄ هيءَ وٽو کنيو وڃ ۽ مجنونءَ کي، منهنجي نالي وڃي چئو، ته پنهنجي رت مان هيءُ ڀري ڏي!“ ٻانهيءَ هڪدم حڪم جي تعميل ڪئي ۽ مجنون واريءَ جاءِ تي ويٺل فقير کي وڃي چيائين ته، ”ليليٰ جو حڪم آهي ته هيءُ وَٽو، پنهنجي رت سان ڀري ڏي.“ هن جواب ڏنو ته، ڪُٽي کائُو مجنون مان آهيان ۽ رت ڏيندڙ مجنون هُن وڻ هيٺان ويٺو اٿيئي، وڃي لهينس.“

ائين چئي، اُهو ڪُٽي کائو مجنون، اُتان اُٿي، سڌو پنهنجي گهر هليو ويو، جو سمجهيائين ته، ”آئندي جا چَڙهه ڇُٽا، ڇاڪاڻ ته مالڪن کي، حقيقت حال معلوم ٿي چڪو هو.“

 

112_            مِروان موت، ملوڪان شڪار:

ڪنهن تلاءَ ۾ گهڻا ڏيڏر رهندا هئا. هڪ دفعي ڪن شاگردن، ڏيڏرن کي پٿر هڻي، دل پئي وندرائي، ليڪن پٿرن لڳڻ ڪري، ڪيترا ڏيڏر زخميا ۽ ڪيترا مري ويا. تنهن تي هڪ ڏيڏر ائين چيو ته، ”مروان موت، ملوڪان شڪار“ يعني اوهان ملوڪن، (شهزادن) لاءِ شڪار آهي، ليڪن اسان مرُن يا جانورن لاءِ ته موت آهي.

 

113_            مڙس بنا، ويهون ڪير ڪري:

هڪڙيءَ عورت، پورهيو ڪري، اُڻويهه رپيا ميڙيا. گهڻي ڪوشش ڪيائين ته ”هَڪَ وِيهه“ (ويهه رپيا) پورا ڪريان، پر اتفاق اهڙو پئي بڻيو، جو ڪڏهن سـُتِي ڦڪِيءَ تي پئسو ڏوڪڙ پيو وڃي ته ڪڏهن وري مهمانن جي ٻوڙ ڀاڄيءَ تي ٻه _ چار آنا خرچ پئي ٿيا. ويچاري وري وري ڪوشش ڪري ته به اهي ئي اُڻويهه. آخر هڻي هڻي بيٺي، ته به پورا ويهه ٺاهي نه سگهي. هڪ دفعي مڙسَس، هڪ رپيو ڪمائي آيو ۽ اچي زال کي ڏنائين. هن جي رپين جو پوري ويهه بنجي ويئي.

هڪ دفعي پاڙي واريءَ سان، اها ڳالهه ڪيائين ته، ”ادي، مون کان ”هڪ ويهه“ ٺهي نه سگهي. جڏهن گهر واري رپيو آندو. تڏهن پوري ويهه ٺهي“. تنهن تي ان چيس ته، ”ادي، مڙس بنا، ويهون ڪير ڪري“.

مطلب آهي ته: مڙس ئي آهن، جي مٿو کَٿو ڏيئي، ڪم جو پورائو ڪندا رهن ٿا.

 

114_            مُئي ڪتي به پِر چَهه وڃائڻ:

هڪڙي ماڻهوءَ وٽ هڪڙو عمدو ڪتو هو، جو سندس دوست کي ڏاڍو پسند هو ۽ خيال هوس ته: اُهو، آءٌ کانئس وٺندس. هڪ دفعي، هو، ڪتي وٺڻ جو خيال ڪري، پنهنجي دوست وٽ ويو. کيس خبر ڪانه هئي ته انهيءَ وچ ۾ ڪو، اهو ڪتو مري ويو آهي. گهڙيءَ پَل ويهڻ کان پوءِ، کيس جڏهن ڪتو نظر نه ايو، تڏهن دوست کان پڇيائين ته، ”ڇو، ڪتو نظر نٿو اچي؟“ هن ڏاڍي ڏک ۽ ارمان وچان، جواب ڏنس ته، ”افسوس جي ڳالهه آهي، جو ويچارو ڪتو مري ويو، جنهن جو مون کي تمام گهڻو ارمان آهي.“ دوست چيس ته، ”يار، ڪتو جيئرو هجي ها ته آءٌ ڪاهي وڃان ها، ڇاڪاڻ ته مان آيو ئي توکان ڪتو وٺڻ هوس“. مالڪ جواب ڏنس ته، ”دوست، جي ڪتو هجي ها ته اهو آءٌ توکي هرگز نه ڏيان ها، ڇاڪاڻ ته ڏيڻ جهڙو ئي نه هو“. دوست جواب ڏنس ته، ”اڙي يار، تنهنجو ڪتو ته ڏيڻ کان اڳ ۾ ئي مري چڪو آهي. هاڻي مُئي ڪُتي به پِر چههَ (پريت، دوستي) ڇو ٿو وڃائين“.

مطلب هي آهي ته: ڳالهه هجي ئي نه ۽ اُن تي ڳَنڍ ڏيئي بيهجي، سا بيوقوفي آهي.

___________

 


 

[1]  موٺ، هڪ گاهه جو قسم آهي.

[2]  پوءِ لاءِ = پڇاڙيءَ يا پيريءَ جي سُک لاءِ.

[3]  کڻ _ کپاءُ = پَٽ سَٽ، ڦرُ مار (پاڙو به پيو ڦرُي).

[4]  ڏوس، دوس = دوست، يار، خير خواهه يا گهڻگهرو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org