(ٿ)
44_
ٿانءُ کڻي هڪڙو ۽ ٺِڪر کي ڀَڄي گهڻن تي:
ڏوهه هڪڙو ڪري ۽ ان کي عيوض لوڙهين گهڻا.
چون ٿا ته سسئيءَ جي مزار تي آيل هر مسافر کي ٻه
مانيون ۽ وَٽو کير جو ملندو هو. هڪڙي دفعي ڪو آيل
مسافر، کير کائڻ بعد، وَٽو پاڻ سان کنيو ويو.
انهيءَ کان پوءِ ماني ته بدستور ايندي رهندي هئي،
مگر کير، وَٽي جي بدران ٺڪر جي جمني ۾ ملڻ لڳو!
انهيءَ تان ڪنهن سالڪ چيو آهي:
”ٿانءُ کڻي هڪڙو ۽ ٺڪر ڀڄي گهڻن تي.“
___________
(ٺ)
45_
ٺَـڳُ ٺَڳي، جـَڳَ کي،
سياڻو ٺـَڳي، ٺـَڳَ کي:
چون ٿا ته ڪنهن شاهوڪار جي، پيريءَ ۾ پُٺ پڌري ٿي،
تنهنڪري شهر جا ماڻهو، توڙي آس پاس جا، کيس
مبارڪون ڏيڻ ويا ۽ ڪيترا ته مصرين جا ٿالهه ۽ ٻيا
تحفا کڻي ويا. هڪڙو مهاڻو، جو سندس در جو دائما
دعاگو هو، سو به ٻه پلا کڻي، وٽس ويو، شاهوڪار جي دل ۾، هن غريب مهاڻي جي غريباڻي تحفي ايڏو ته
اثر پيدا ڪيو، جو کيس ڏهه ڪَلدار رپيا ڏنائين.
جڏهن ڪنهن لوڀيءَ، هيءَ ڳالهه ٻڌي، تڏهن خيال
ڪيائين ته: شاهوڪار کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ، هڪڙو سادو
سُودو تحفو کڻي وڃان ته جيئن ان جي عوض ڪجهه وڌيڪ
ڪمائي اچان. اهو خيال ڪري، هڪڙو مَتارو دُنبو،
اڍائي رپين ۾ خريد ڪري، شاهوڪار وٽ تحفي طور کڻي
ويو. شاهوڪار ته هن کي ڌُرئون سڃاڻندو هو، سو عجب
۾ پئجي ويو ته ڪيئن اڄ هن دُنبو آندو آهي!
پڇيائينس ته، ”دُنبو گهڻي خريد ڪيو اٿئي؟“ چيائين
ته، ”سائين اڍائي رپين ۾“. شاهوڪار قصي کي تاڙي
ويو، سو هن کي چيائين ته، ”تو به تحفو آندو آهي،
پر مان توکي، ان کان به سٺي چيز ٿو ڏيان“. لوڀي
ڏاڍو خوش ٿيو، پر جڏهن ڏٺائين ته شاهوڪار، هن
لاءِ، هڪ پلو آندو آهي، تڏهن تَرو ئي لڳي ويس.
شاهوڪار چيس ته، ”گهيٽو اڍائي رپين ۾ آندو آهي ته
مون وري هي پَلو، پنجن رپين ۾ ورتو هو، جو توکي
ڏيان ٿو“: لوڀيءَ دل ۾ چيو ته، ”مون به گهڻن کي
ٺَڳيو، پر هن ته مون کي به ٺَڳي ورتو. جڏهن ماڻهن
۾ اها ڳالهه عام ٿي، تڏهن ڪنهن ائين چيو.
مطلب: جيڪو گهڻو لوڀ ڪندو، سو ضرور نقصان پائيندو.
(پ)
46_
پارسي، گهوڙي چاڙهسي:
سنڌ ۾ عربن، عربي علم جو رواج وڌو. ٺٽو، نصرپور ۽ چوٽياريون (ضلع سانگهڙ)
عربي علم جو مرڪز هئا. ٺٽو، ته سومرن کان وٺي،
عربي ۽ پارسيءَ جو خاص مرڪز هو. جڏهن سنڌ ۾، مغلن
جو دور آيو، تڏهن ٺٽو، حيدرآباد، نصرپور، هالا،
قنبر، بکر، شڪارپور وغيره تعليمي گهر هئا. دفتر جي
زبان پار سي ، ته خلجي ۽ ارغونن کان وٺي هلندي
آئي. حڪومت به ڪن مدرسن کي گرانٽون ڏيندي هئي. خاص
ڪري ميان يار محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ ٺٽو، جو ايراني
مسافرن جو گهر هو، تنهن پارسيءَ کي خوب زور وٺايو،
ايتري قدر، جو حڪومت ۾ وڏا عهد به پارسي دانن کي
مِلڻ لڳا. ميرن جي وقت ۾ به، دفتري ٻولي پارسي
هئي، جنهنڪري هر هنڌ پارسي علم ادب جو چرچو وڌي
ويو.
ڪنهن ڳوٺاڻي جو ڇوڪرو پارسيءَ جي تحصيل ڪري، جلد
ئي ممتاز عهدي تي فائز ٿيو. ٻيا ڳوٺاڻا، هن کي
خوشحال ۽ سُکيو ستابو ڏسي، چوڻ لڳا:
”پارسي، گهوڙي چاڙهسي،“
مطلب ته علم واري جو مانُ آهي.
پر جيڪڏهن پڙهِئي کان پوءِ به، ڪنهن کي نوڪري نه
ملي، ته چئبو ته ڪَرمَن ۾ ڪا ڪاڻ اٿس، جو سندس بخت
نه ڀَڙايو، تنهن تي ڪنهن ائين چيو آهي:
”پڙهي پاسي، وڪڻي کَڙَ تيلُ
ڏِسو، هِيءُ قسمت جو کيلُ.“
47_
پاڻ ڏاڍن سان پاند اٽڪائڻ:
هڪڙي لومڙي، شڪار جي ڳولا ۾ نڪتي. هڪڙي اُٺ کي
سمهيل ڏسي، ڏاڍي خوش ٿي. سمجهيائين ته مئل آهي. هن
جي اوجهري گهَر گهِلي هلجي ته بهتر، سو ڇا ڪيائين،
جو پنهنجو پُڇ، اُٺ جي پُڇ سان ٻڌي، گهلڻ تي هئي
ته اُٺ سجاڳ ٿي، اُٿي بيٺو. ويچاري لومڙي ٽنگجي
پيئي. اُٺ هلي ته هيءَ به ويچاري لڙڪندي هلي. واٽ
تي، ٻي لومڙيءَ پڇيس ته، ”ادي، اڄ ڪاڏي چڙهائي
آهي؟“ وراڻيائين، ”ڀيڻ پاڻ ڏاڍن سان پُڇ اٽڪايو
اٿم، سندن مرضي، جيڏانهن کڻي هلن.“
ٻي چَوڻي آهي: پاڻ ڏاڍن سان پلئو اٽڪائڻ.
مطلب: پاڻ ڏاڍن سان وهنوار ڪرڻ يا دوستي رکڻ ڪري
ضرور نقصان پوندو.
48_
پَڪي ماني ڇڏجي، پر سنگت نه ڇڏجي:
چڱا ماڻهو پنهنجو نقصان سَهندا آهن، پر دوستي نه
ڇڏيندا آهن، پوءِ ڀل ته اها کڻي ڪيتري به ٿوري وقت
جي هجي.
ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙو شخص، رستو وٺيو پئي ويو ته واٽ تي هڪڙو ماڻهو مليس،
جو پڻ انهيءَ طرف وڃي رهيو هو. ڳپل پنڌ ڪرڻ
کانپوءِ، سانجهيءَ ڌاري، ٻئي ڄڻا اچي، هڪڙي ڳوٺ وٽ
پهتا. انهيءَ ڳوٺ ۾، پهرئين ماڻهوءَ جو هڪڙو دوست
رهندو هو، تنهنڪري هي ٻَئي ڄڻا، انهيءَ وٽ آيا،
انهيءَ خيال سان ته رات، انهيءَ دوست وٽ رهي، وري
صبح جو راهي ٿجي. مگر حالي احوالي ٿيڻ کان پوءِ،
جڏهن ماني تيار ٿي ويئي، تڏهن هو ٻيو دوست، پنهنجي
دوست کان موڪلائڻ لڳو ۽ چيائينس ته، ”رات، اسان جو
هن ڳوٺ ۾ رهڻ ٺيڪ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اسان کي،
جنهن ڳوٺ ڏانهن هلڻو آهي،
سو هتان گهڻي پنڌ تي آهي. اڃا پنڌ ڪري به سگهون ٿا، تنهنڪري هل ته فلاڻي ڳوٺ
۾ هلي رات گذاريون، صبح اُتان نڪرنداسين ته پوري
وقت تي پنهنجي منزل مقصود تي پهچي سگهنداسين.“ هن
اها ڳالهه ٻُڌي، جواب ڏنس ته، ”دوست، پڪي ماني
ڇڏيندس، ليڪن توکي نه ڇڏيندس، هل ته هلون“. ائين
چئي، ميزبان کان موڪلائي، اڳتي روانا ٿيا ۽ وڃي
گهربل ڳوٺ ۾ رات گذاريائون.
جڏهن ڪم ڪار لاهي، ٻئي دوست موٽيا، تڏهن اُنهيءَ
ڳوٺ ۾ آيا، جتان پَڪل ماني ڇڏي هليا هئا. ماڻهن
ٻڌاين ته، ”انهيءَ اوهان جي دوست جي گهر تي، اُن
رات ڌاڙيل چڙهائي ڪري، مالڪن کي ماري، سندن سڀ مال
متاع کڻي ويا. جيڪڏهن اوهين اُن رات اُتي رهو ها
ته اوهين به ضرور موت جو شڪار ٿي وڃو ها.“
سچ چيو اٿن ته: پڪي ماني ڇڏجي، پَر سنگت نه ڇڏجي.
49_
پنج ئي آڱريون برابر نه آهن:
سڀ ماڻهو هڪ جهڙا نه آهن.
ڳالهه ڪندا آ هن ته هڪڙو شخص،
ڪنهن ماڻهوءَ وٽ وڃي مهمان ٿيو، جنهن پوريءَ طرح
مهمانداريءَ جا فرائض بجا آندا، جنهنڪري اهو ماڻهو
خوش ٿيو. موڪلائڻ مهل، ان شخص چيس ته، ”دوست، جڏهن
جڏهن اوهان جو هن شهر ۾ اچڻ ٿئي، تڏهن منهنجي گهر
کي، پنهنجو گهر سمجهي، بي حجاب ايندا ويندا ڪريو“.
اتفاق سان ڪجهه سالن گذرڻ کان پوءِ، اهو شخص، وري
انهيءَ ماڻهوءَ جي دروازي تي پهتو، جنهن وٽ اڳ
مهمان ٿي، رهي ويو هو. تڏهن معلوم ٿيس ته گهر ڌڻي
فوت ٿي ويو آهي ۽ هاڻي سندس ننڍو ڀاءُ گهر جو وڏو
۽ سنڀاليندڙ آهي. هيءَ شخص، انهيءَ سان مليو ۽ کيس
ٻڌايائين ته، ”مان اڳ ۾ به، اوهان جي ڀاءُ وٽ، هتي
رهي ويو هوس ۽ هينئر به آءٌ، اوهان جو مهمان
آهيان“. هن جواب ڏنس ته ”ڀلي رهو، جيڪو حال هوندو،
سو ونڊينداسين.“ ائين چئي مهمان کي اوطاق ۾
ويهاري، پاڻ گهر هليو ويو. مهمان کي رات جي ماني
ته نه ملي، پر سياري جي موسم هوندي، بسترو به ڪونه
مليس! انهيءَ ڪري ويچارو مهمان، ڪجهه بُک جي ڪري ۽
ڪجهه ٿڌ جي ڪري، نهايت پريشان حالت ۾، اَسُر ڏيئي،
اُتان نڪتو ۽ سڌو مسجد ۾ اچي، ساهه پٽيائين. اُتي
نماز پڙهڻ بعد، جڏهن کانئس احوال پڇيائون، تڏهن
سڄي ڳالهه ٻڌايائين ته، ”هن نموني، آءٌ فلاڻي شخص
وٽ رهي ويو هوس. جنهن ڏاڍيون خدمتون ڪيون هيون.
واري ڪالهه شام آيس ته منهنجي دوست جو ڀاءُ، جيڪو
هاڻي گهر جو وڏو ٿيو آهي، تنهن مون کي ماني ته
ڪانه کارائي، پر اُٽلو ساري رات سِيءَ ۾ سُڪايو
اٿس. مان تعجب ۾ آهيان ته هو ڪهڙو ته لائق انسان
هو ۽ هيءُ اُن جو ڀاءُ ٿي ڪري، ڪيڏو نه نالائق ۽
ذليل ثابت ٿيو آهي“. سڀني يڪ زبان ٿي جواب ڏنس ته،
”ادا هڪڙي هٿ جون پنج آڱريون ئي هڪ جيڏيون يا
برابر نه آهن ته پوءِ ٻه ڀائر، هڪ جهڙا ڪيئن ٿي
سگهندا؟“
ان کان وٺي اهو ضرب المثل ٿيو آهي ته: پنج ئي
آڱريون برابر نه آهن.
50_
پنهنجي ڪَئيءَ جو نَڪو ويڄُ، نَڪو طبيب:
هڪڙي ڪُڙميءَ کي، جهنگ جي ڀَر ۾، ٻَنيءَ جو ٽڪرو
هو، جتي سندس گهر به هو. هڪڙي لومڙي، روزانو رات
جو ان ڪڙميءَ جون اچي، ڪڪڙيون چورائي ويندي هئي.
ڪڙمي ويچارو، ڪافي ڪوشش ڪندو هو، پر هوءَ هٿ ئي نه
ايندي هئس.
هڪڙيءَ رات، لومڙيءَ کي ڪنهن ڦند سان ڦاسايائين.
کيس، اُن تي ڏاڍا خار هئا، تنهنڪري لومڙيءَ کي سخت
سزا ڏيڻ جي خيال کان، سندس پـُڇ کي گهڻيون اڳڙيون
ويڙهي، کڻي باهه ڏنائين. لومڙيءَ کي جو تَئو آيو،
سو ڪڙميءَ جي ٻَنيءَ مان، تڪڙي ڀڄندي ويئي. نتيجو
اِهو نڪتو، جو ڪڙميءَ جو سارو ڪڻڪ جو پَڪل فصل
سَڙي خاڪ ٿي ويو. ڪڙميءَ گهڻو ئي پِٽيو ڪُٽيو، پر
ڏوهه ڪنهن کي ڏئيَ
”پنهنجي ڪَئِيءَ جو نَڪو ويڄ، نڪو طبيب!“
مطلب: هٿ جي ڦَٽِي، دارُو نه پَٽي.
51_
پهرئين ڏينهن ٻلي مارڻ:
پهرئين ڏينهن (بروقت) رعب ڄمائڻ
ڳالهه ڪندا آهن ته ڪي پنج دوست، جن پاڻ ۾ واعدو
ڪيو هو ته، ”اسان مان ڪو به شادي نه ڪندو. ڪجهه
وقت تائين ته هو پنهنجي انجام تي پورا رهيا. آخر
منجهانئن، هڪڙي جي شادي، ڪنهن بدمزاج عورت سان ٿي.
اهڙيءَ طرح هڪ ٻئي پٺيان، ٻين ٽن به شادي ڪئي، جن
مان هر هڪ کي ٻه اتفاق سان پهرئين جهڙيون عورتون
پِڙ پيون! باقي پنجون، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ شادي ٿي،
تنهن جي زال، خوش خصال ۽ نيڪ افعال هئي.
هڪ دفعي، پهريان چار دوست، اچي پنجين وٽ مهمان
ٿيا. هو انهيءَ جي عورت جي پنهنجي مڙس سان
فرمانبرداريءَ واري روشن، حُسبن اخلاق ۽ فهم و
فضيلت ڏسي، عجب ۾ پئجي ويا، جو هو پنهنجي زال جي
طرفان، حد کان وڌيڪ ڏکويل هئا! آخر، ڪو خلاصو وقت
ڏسي، کانئس سندس زال جي پَر پُٺ پڇيائون ته،
”دوست، تُنهنجي زال ههڙي فرمانبردار ڪيئن ٿي!“ هن
جواب ڏنو ته، ”ڀائو رات جو خير جي شادي ٿي گذري،
صبح جو آءٌ، ناشتو ڪري رهيو هوس ته هڪڙي ٻلي
”ميائو ميائو“ ڪندي مون ڏانهن اچي رهي هئي. مون ڇا
ڪيو، جو ڀرسان پيل لٺ کڻي، اک وٺي، اهڙي ٺڪاءُ ڪرائي مانس، جو ڇڙي ئي ڪا نه هنيائين. بس، اُهو ڏينهن، اُهو
شينهن! منهنجي زال جي دل تي منهنجي رعب جو اهڙو ڪو
ڏَکو وهجي ويو، جو مجال، جو ڪا چُون چَران ڪريَ!“
هي چارئي دوست، کانئس موڪلائي، جڏهن پنهنجي پنهنجي
گهرن ۾ پهتا، تڏهن ماني کائيندي جيئن هر هڪ جي آڏو
ٻلي ”ميائو ميائو“ ڪندي، ٿي آئي، تيئن اُن کي ڏنڊي
جي ٽَوڪَر ڏيندا ماريندا ويا! مگر هر هڪ کي سندس
زال وٽان، ساڳيو ئي اهو جواب مليو:
”پهرئين ڏينهن ٻِلي ماري مڙسي ڏيکارين ها، هاڻي ڇا هٿ ايندءِ“.
52_
پيٽ ۾ ڪُئا:
سخت بُک _ ڇِتي بُک
هڪڙي ماڻهوءَ کي هميشه پيٽ ۾ سُور رهندو هو. هڪڙي
ڏينهن اُن کان نهايت بيتاب ٿي، بادشاهه وٽ لنگهي
ويو ۽ وڃي عرض ڪيائين ته، ”جهان پناهه، پنهنجي
حڪيم کي حڪم ڪريو ته مون کي پيٽ جي سُور کان ڇڏائي
يا اهڙي ڪا دوا ڏئي، جو آءٌ هِن عذاب جي جيئڻ کان
مري وڃان!“ بادشاهه، پنهنجي حڪيم کي، هن غريب جي
علاج لاءِ حُڪم ڪيو، اهو حُڪم ٻڌي، ٻه اڍائي سير
ڀُڳڙا گهرايا. انهيءَ شخص کي حڪم ڪيائين ته، ”هي
ڀُڳڙا کاءُ“. هُو جيترا گهڻي ۾ گهڻا کائي سگهيو،
اوترا کاڌائين. ڀڳڙن کائڻ کان پوءِ، کيس اچي سخت
اُڃ لڳي. حڪيم کي عرض ڪيائين ته، ”مون کي پاڻي
پياريو.“ حڪيم کيس پاڻي ته ڪو نه پياريو، اُٽلو
حڪم ڏنائين ته، ”هن جون ٽنگون ۽ ٻانهون ٻڌي، کيس
وڻ ۾، اهڙي طرح لڙڪايو، جو سندس ٽنگون مٿي ۽ ڪنڌ
هيٺ ٿئي! هڪدم حڪم جي تعميل ٿي ويئي. سندس هيٺان
هڪڙو ڪُونار پاڻي سان ڀريل، رکايو ويو. لڙڪڻ شرط،
گهڻي خشڪي ۽ اُڃ سبب، اُن غريب جو وات ڦاٽي ويو.
هيٺان پاڻي ڏسي سندس وات مان هڪ ٻئي پٺيان ٽي
ڪُئا، پاڻيءَ جي ڪونار ۾ ٽپي پيا. ڪُئن جو پيٽ مان
نڪرڻ ۽ سندس پيٽ جو درد هڪدم دفعي ٿي وڃڻ.
بادشاهه پڇيس ته، ”توکي ڪيئن خبر پئي ته هن جي پيٽ
۾ ڪُئا آهن؟“ حڪيم عرض ڪيو ته، ”سائين، آءٌ پاڻ هن
وانگر ڪاٺير هوس. روزانو شام جو جهنگ مان ڪاٺيون
ڪري، گهر موٽندو هوس، هڪ دفعي ڪاٺيون ڪري، سج بيٺي
گهر آيس، پاڻي پيئڻ جي خيال کان، گهڙامنجيءَ ڏانهن
ويس، ڏسان ته ننڍڙا ڪُئا، دلن جي ڪنارن تي ويٺل
آهن. اڃا دلي مان پاڻيءَ جو ڪُپڙو ڀريان ته ڏسان
ته ٻه _ چار ننڍڙا ڪُئا، منجهس پيا آهن. جيڪڏهن
اونداهه هجي ها ته ضرور پاڻي پي وڃان ها ۽ ڪُئا به
پيٽ ۾ داخل ٿي وڃن ها. هاڻي جڏهن ته هي ڪاٺير آهي،
تڏهن مون کي يقين ٿيو ته هي ڪنهن ڏينهن دير سان
گهر آيو آهي ۽ پاڻيءَ سان گڏ ننڍڙا ڪُئا به ڳِهي
ويو آهي. وري بادشاهه پُڇيس ته ”ڀلا مريض کي ڀڳڙا
ڇو کارايَهءِ؟“ عرض ڪيائين ته، ڀڳڙا، مريض کي ان
ڪري کارايم ته جيئن ڪُئن کي خشڪي کڻي. پاڻيءَ جو
ٿانُ، ان ڪري رکيم ته جيئن مريض کي اکين جو ڍوء
هجي. بادشاهه حڪيم جي حڪمت ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو ۽
کيس جهجهو انعام ڏنائين.
53_
پِيرَ کي ڪم ٺڪاءُ سان:
هڪڙي ماڻهو ڪنهن پِير تي باس باسي ته: جيڪڏهن
منهنجي دل جي مراد پوري ٿيندي ته تنهنجي در تي
اچي، ناريل ڀڃيندس (۽ بعد ۾ ورهائي ڇڏيندس) جڏهن
هن جي مراد پوري ٿي، تڏهن ڏوڏو (پٻڻ جو) کڻي اچي،
پِير جي در تي ڀڳائين. ڪنهن چيس ته، ”پِيرن سان به
ائين ٺڳي!“ تنهن تي وراڻيائين ته، ”پيِر جو ڪم
ٺڪاءُ سان.“
54_
پيِرُوءَ وارا پنج سپارا:
پيرُو، ذات جو ڀنڊُ هو. قرآن شريف ياد پڙهندو هو. مائٽ پڇندا هئس ته: ”ڪاوان
سپارا پڙهندا هين.“ چوندو هو ته، ”پنجان سپارا“
وري جڏهن مهيني کن کانپوءِ پڇنس، ته به پيرُو جو
اهوئي پنجن سپارن وارو جواب! پڇاڙيءَ تائين پنجن
سپارن کان مٿي نه چڙهي، نه چڙهيو، تنهنڪري ائين ئي
مشهور ٿي ويو.
مطلب: جڏهن ڪو، ڪم جي رفتار ۾ اضافو نه آڻيندو آهي
۽ ساڳين انڊن تي قائم هوندو آهي، تڏهن ائين چئبو
آهي.
55_
پئسا ئي پاڻيءَ ۾:
رقم ئي چَٽ.
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙو واڻيو، گهوڙِي تي چڙهيو، ٻهراڙيءَ مان، مکڻ توري وٺڻ پئي
ويو. واٽ تي هڪڙو واهه هو، جنهن مان لنگهڻو پيس.
جڏهن گهوڙو، واهه جي ٻيءَ ڀر تي آيو، تڏهن گَپ ۾
گَپي پيو. واڻئي ويچاري گهوڙي کي گهڻو ئي ڪُٽيو،
پر گپ کان پير ٻاهر نڪرنس ئي نه! ڪنهن ڌنار کي
چيائين ته، ”گهوڙي کي پويان، ٻه _ چار لَڪڻ هڻ“
ڌنار، گهوڙي کي اهڙا ته ٻه _ چار لڪڻ هنيا، جو
گهوڙو، اڳتي اُڇل ڏيئي، ڪناري تي پهتو، پر گهوڙي
جو تَنگُ ڇِڄي پيو، جنهن ڪري واڻيو ويچارو، سامان
(ٽِين، ٻورو، تارازي، وٽ، پئسا وغيره) سوڌو، پوئتي
پاڻيءَ ۾ ڪِري پيو. واڻيو ته نڪتو،پر ويچاري جي
هَڙَ، جنهن ۾ پئسا ٻڌل هئا، سا پاڻيءَ ۾ گم ٿي
ويئي. انهيءَ تان چوڻ ۾ آيو ته پئسا پاڻيءَ ۾ يا
هَڙَ ئي هلاک.
56_
پئنچن ۾ پرميشر:
مُکيءَ جي پُٽ، هڪڙي دفعي پيءُ کان پڇيو ته، ”هي
جو عام چوڻي آهي: پئنچن ۾ پرميشر، سا اها ڳالهه
ڪيئن آهي؟“ پِڻس جواب ڏنس ته، ؟وقت اچڻ تي پاڻهي
ڏسي، ثابت ڪندين. هن وقت. انهيءَ ڳالهه کي ڇڏي
ڏي.“ اها ڳالهه ڇوڪري کي نه وڻي، سو پيءُ کان
ڪاوڙجي منهن ڏيئي نڪري پيو ۽ سج لٿي ڌاري وڃي ڪنهن
ٻئي ڳوٺ ۾ پهتو. اُتي هڪڙي ڀائيبند کي چيائين ته
”اڄ رات تنهنجو مهمان آهيان“. ڀائيبند ڏٺو ته هيءُ
مُکيءَ جو ڇوڪرو آهي، تنهنڪري کيس گهڻي خاطريءَ
سان، پنهنجي گهر ۾ رهايائين. ڇوڪري کي سمهڻ لاءِ،
جيڪا کٽ مِليل هئي، تنهن ۾ ڪي ڏاڍا مُنگهُڻ هئا،
جن سڄي رات ننڊ ڪرڻ ئي ڪانه ڏنيس.
انهيءَ ڀائيببند کي ٻه زالون هيون. وڏيءَ مان
اولاد ڪونه هوس، باقي ننڍيءَ مان هڪڙو پُٽ هوس، جو
اڃا ماءُ کي ٿَڻن تي هو. ڀائيبند جي ننڍي زال جو
ڪو آشنا هو، جنهن، ان رات ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو
انجام هوس. اڌ رات جو، اُهو آشنا اچي ويو، مگر
اونداهه سبب، بيخبريءَ ۾، معصوم ٻار تي چڙهي ويو،
جنهنڪري اهو لتاڙجي مري ويو. زال اهو حال ڏسي،
آشنا کي ڀڄي وڃڻ لاءِ چيو ته، متان مٿس الزام اچي.
مُکيءَ جي ڇوڪري، سمورو لقاءُ پئي ڏٺو. پوءِ رَنَ
وٺي دانهون ڪيون. چي: منهنجي پَهاڄَ، وير وچان،
منهنجي اَبهم ٻچڙي کي، گهُٽي ماري ڇڏيو آهي.
صبح جو، اهو فيصلو، مُکيءَ وٽ ويو. مُکيءَ جو پُٽ به وڃي، پيءُ جو پاسو وٺي،
ويهي رهيو ۽ خيال ڪيائين ته، ”اڄ سڀ پئنچ ڪٺا
ٿيندا، ڏسان ته ڪيئن ٿو پئنچن ۾ پرميشر پَر گهٽ
ٿئي. جڏهن سموري پئنچات گڏ ٿي، تڏهن مُکيءَ انهيءَ
ڀائيبند جي ٻنهي زالن کي، ڌار ڌار ڪوٺين ۾ بند
ڪرائي ڇڏيو.
پهريائين ڀائيبند جي وڏي زال کي سَڏُ ٿيو، جنهن تي
معصوم ٻار جي مارڻ جو الزام هو. انهيءَ مائيءَ کي،
مُکيءَ حڪم ڪيو ته، ”پنهنجي پيشگير (پَڙي) کي اهڙيءَ طرح هٿ ۾ ڪري گهُمي ڏيکار، جيئن تنهنجون
پِنُيون ظاهر ٿين ته پوءِ توکي بي قصور سمجهي ڇڏيو
ويندو.“ مائيءَ جواب ڏنو ته، ”ذلت جي زندگيءَ کان،
عزت جو موت بهتر. ڀلي مون کي مارائي ڇڏيو، باقي
مان ائين هرگز نه ڪنديس“ ان جو جواب ٻُڌي مُکيءَ،
ان کي ساڳيءَ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪرائي، فريادي عورت کي
گهرائي، ساڳي فرمائش ڪئي. انهيءَ مائيءَ خيال ڪيو
ته: منهنجي پِنين ظاهر ڪرڻ سان، منهنجي پَهاڄ جو
سِرُ ويندو، تنهنڪري جلدي ڪري، پِنيون ظاهر ڪريان
ته عمر جو لُڙ لهي پوي، اڃا هلڻ جو خيال ڪيائين ته
مُکيءَ هَڪل ڏيئي چيس ته، ”او بي شرم عورت، تون
پنهنجي پُٽ جي پاڻ جوابدار آهين. تون شريف عورت
نٿي ڏسجين. ضرور تو وٽ، ڪو تنهنجو آشنا آيو هوندو،
جنهن اونداهه ۾ تُنهنجي پُٽ کي لتاڙيو هوندو.“
پوءِ ان عورت کي سزا ملي.
مُکيءَ جي پُٽ، جڏهن پيءُ جو اهو فيصلو ٻڌو ڏٺو،
تڏهن دَنگ رهجي ويو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته: پئنچن ۾،
برابر پرميشر آهي.
مطلب: پئنچن ۾ گويا ڌڻي پاڻي آهي، جيڪي چون، سو مڃڻ گهرجي.
|