سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ايڪانڪي

 

صفحو :9

 

حيف تنهين کي هوءِ.........

 

ڪيرت ٻاٻاڻي

 

 

 

پاتر:

 

ڪرپالداس:    هڪ سنڌي ڪاڪو

ٻڍي عورت:   ڪرپالداس جي جوءِ

ٽيڪم:                ڪرپالداس جو ناٺي

لڇمي:         ڪرپالداس جي ڌيءُ

رميش:         لڇميءَ جو ڪاڪو

سيتل:         ٽيڪم جو دوست

 

حيف تنهين کي هوءِ.........

 

چهچٽو پهريون

 

        ]هڪ سنڌي بستيءَ ۾ هڪ بئرڪ جي مهڙ واري حصي ۾ هڪ کٽ پيل آهي، جنهن تي هلڪڙو بسترو وڇايل آهي. کٽ سامهون ڪاٺ جو صندل پيل آهي. وچ ۾ هڪ سنڌي چلم پيل آهي. ڀتين تي ڪي تصويرون ٽنگيل آهن، جن ۾ شاه لطيف، سامي ۽ ڀڳت ڪنور رام وغيره آهن. ڪاڪوڪرپالداس ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي کٽ تي ليٽيو پيو آهي ۽ شاه لطيف جو بيت گنگنائي رهيو آهي[

ڪرپالداس:

ڪيم مهاڙ ملير ڏي، مٿي ڪوٽ چڙهي،

نت نهاري ڏيهه ڏي ڳوڙها پيم ڳڙي،

لنڱي ڪوڪ قلب مان، منجهان روح رڙي،

ويڙهيچن وري، ڪر نه لڌي ڪڏهين.

        ]اُٻاسي ڏيئي[ ڀاڳن ڀري، ڦل تيار ٿيو، ڪين اَڃا اُٻاسيون ڏيڻيون پونديون؟ تنهنجو ڏوهه نه آهي. هن عمر ۾ ته جيڪر تنهنجي ڪير شيوا ڪري، پر ڀڳوان کي اِئين منظور..... ]شريمتي ڪرپالداس اَندر داخل ٿي ٿئي. کيس هٿ ۾ ڦل آهي جو ڦوڪيندي چلم جي گوءِ مٿان رکي ٿي[

شريمتي ڪ:   ڪاٺيون رکيون هيون ٻاهر، سو ڇڻڪار تي آليون ٿي پيئون آهن. پڄرڻ ۾ دير ڪيائون.

ڪرپالداس:    مون توکي ڪيترو چيو آهي ته چلم جو ڪم کڻي مونکي ڏي. ڪاٺين کي ڦوڪون ڏيئي ته نرت به گهٽجي ويئي اَٿيئي. تون منهنجي هڪ به نٿي ٻڌين.

شريمتي ڪ:   بس، بس ڪريو! هاڻي باقي چئن ڏينهن جي مهمان، سو اَوهان جي شيوا کان منهن موڙيان؟ نرڳ گامي ڪرڻ ٿا گهروم؟ اهڙي مت ته نه ڏيو.

ڪرپالداس:    ڀاڳن واري، ڀڳوان هيتري شيوا کان پوءِ به توکي نرڳ موڪلي ته مان به ڀڳوان کي چوندس ته مونکي به نرڳ موڪلي. گهٽ ۾ گهٽ ٻئي گڏ ته هونداسون.

شريمتي ڪ:   ڇڏيو انهن ڳالهين کي، جيسين لڪيءَ ۾ ساه آهي، تيستائين پيئي ڪريان.....

ڪرپالداس:    پوءِ ته مونکي ئي ڪرڻو پوندو نه؟ هت سويلئي پنهنجي ڪرت ۾ هٿ ڇو نه وجهان؟

شريمتي ڪ:   ماٺ، ڪريو ماٺ! هاڻي ڦوڪ ڀريو ته ڪٿي ڦل نه اُجهامي وڃي.

ڪرپالداس:    (ٻه چار زوردار بڙڪا ڪڍي) هان، ڪالهه پئي چيئه ڪڪيءَ نياپو موڪليو آهي ته گهوٽ ۽ ٻارن سوڌي اَڄ صبح جو اچڻي آهي. بمبئي واريون گاڏيون ته سڀ اَچي ويئون آهن.

شريمتي ڪ:   نوين بجي واري گاڏيءَ ۾ ايندا. اِها اَڃا هاڻي آئي آهي؛ هاڻي اَچڻ ۾ هوندا. اَچن ته اَڳوپوءِ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪريان.

ڪرپالداس:    ڪڪو به چڱو وڏو ٿيو هوندن. گهڻو وقت ٿيو آهي لچ کي ڏٺي!

شريمتي ڪ:   ڪڪي کي به کڻي موڪليو اَٿن پوني ۾ انگريچي سڪول ۾، سو پاڻ به هڪ اَڌ دفعو سال ۾ مس ڏسن. اسان کي ته ورهيه ٿيو وڃن. اَڄوڪين مائرن جي به ڪا دل آهي! (اتي نوجوان ٽيڪم، سندس پتني لڇمي ۽ ننڍو ڪڪو رميش کلندا اَندر داخل ٿين ٿا. ٽيڪم جهڪي ڪاڪي ڪرپالداس ۽ سندس اِستريءَ جا پير ڇهي ٿو. لڇمي ماءُ کي ڳراٽڙي پائي ٿي. رميش ناني_ نانيءَ کي ڏسي وائڙن وانگر بيٺو آهي.)

ڪرپالداس:    اَڙي شيطان، هيڏي اَچ. وائرو ڪهڙي ڪارڻ ٿيو آهين؟ شهري ڀلا اَچي جنگهه ۾ ڦاٿو آهي! (ٽهڪ ڏئي ٿو)

لڇمي: ببلو! بابا کان آسيس وٺ؛ سندن پير ڇهه؛ شرم ڇاجو.

شريمتي ڪ:   ڇڏيوس ٻار کي. پهرين ضرور لڄ ڪندو. اَچ پٽ نانيءَ وٽ ته ٽول ڏيانءِ. (رميش کي ڳراٽڙي پائي پيشاني چمي ٿي ۽ آڱر کان وٺي، اندر ويندي) اوهين ٺهي ويهو، مان اَوهان لاءِ چانهه ٺاهي ٿي اچان.

لڇمي: امين، هتي ويهو. مان پاڻيهي ٿي چانهه ٺاهي وٺان. (هٿ کان پڪڙيس ٿي)

شريمتي ڪ:   ائي چري آئين ڪيئن! پيڪن ۾ آئي پلڪ به ڪين ٿي اٿيئي، هاڻي تون وهندينءَ چلهه تي! پاڙو کلائڻو اٿيئي ڇا؟

ٽيڪم:        امين، هوءَ ٺيڪ ٿي چوي. اوهين اسان کي چانهه ٺاهي پياريو، اهو به ڪو ٺهي!

شريمتي ڪ:   هاڻي وڏو آيو آهي ٺهڻ نه ٺهڻ جون ڳالهيون ڪرڻ وارو! ساهرن ۾ آيوآهين؛ پراون ۾ ته ڪونه آيو آهين. ماڻهو ڇا چوندا؛ سس سويلئي گذاري ويئي اٿس، جو سهج ئي نٿي ڪريس (رميش کي وٺي اندر وڃي ٿي)

ڪرپالداس:    ابا، ماٺ ڪري ويهي رهو. هن ڀاڳوان سان پڄڻ جو وس نه آهي. (لڇميءَ کي) ڇڏينس ته چانهه ٺاهي وٺي، پوءِ مانيءَ ۾ کڻي هٿ وٺائجانس.

شريمتي ڪ:   (اندران) مانيءَ لاءِ مون اڳيئي پاڙيواريءَ جهامن ماءُ کي چئي ڇڏيو آهي. ناٺي ۽ ڌيءُ آيا آهن، ٻه ڏينهن گهمڻ، ڪين تئي جي توَ ۾ سيڪجڻ.

ڪرپالداس:    (وڏو ٽهڪ ڏيئي) ڀڳوان کيس سرڳ ۾ جڳهه ڏيڻ ۾ به منجهي پوندو. 45 سال مون کيس سندس پيرن تي ڏٺو آهي. 15 سالن جي هئي جو هن گهر ۾ پير پاتائين.

ٽيڪم:        ڪاڪا، ڀاڳن وارا اوهين به گهٽ نه آهيو. اسان جا وڏا مٽيءَ ئي ٻيءَ مان ٺهيل آهن. اڄڪلهه جي زالن جي ڳالهه ئي نه پڇو. (لڇميءَ ڏانهن نهاري ٿو)

لڇمي: (موڙو ڏيئي) ها، ها، اوهين مرد ڀانءِ ته  گهٽ آهيو! (ڪاوڙ ۾ ڦولجي ٿي)

ڪرپالداس:    (ٿڌو ساه کڻي) ڌيءُ تون صحيح آهين. مرد ئي عورت لاءِ رستو ٿو گهڙي. جهڙو مرد تهڙي مريادا. پر ٻي به ڳالهه آهي. تون به سچ ٿو چوين. سنڌوءَ جو پاڻي ئي نرالو هو. جنهن ان جو نرمل جل پيتو، تنهن ڄڻ سڪ جي سرڪي پيتي. جيڪي به سنڌوءَ جي ڪنٺي تي آيا، سي ان جي پاڻيءَ وانگر مٺا بڻجي، ان ۾ سمائجي ويا. اڄ ڪٿي آهي سڪ! ڪٿي آهي اهوماڻهپو! اَڄ ماڻهو ئي ڦري ويا آهن. انهن جي چهري مان ڌاريائي پيئي نظر اَچي. ڇا هيءُ ان مارئيءَ جي ملڪ جا ماڻهو آهن، جنهن چيو هو:

        اي نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائن سون تي،

        اچي امر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪريت،

        پکن جي پريت، ماڙيءَ سين نه مٽيان.

        (اکين ۾ آنسون ٿا اچنس جي بوڇڻ سان اُگهي ٿو. اُن وقت رميش ٽول هٿ ۾ کڻي، ان کي چڪ هڻندو داخل ٿئي ٿو)

        اَچ پٽ. ڪهڙي درجي ۾ پڙهندو آهين؟ ٻڌو اَٿم ته اَنگريزيءَ ۾ گٽ مٽ ڪندو آهين.

رميش: ييس گرانڊپا (Yes Grandpa) مان ففٿ (Fifth) ۾ پڙهندو آهيان.

ڪرپالداس:    شاباس پٽ! ڇا سيکاريندا آهن توکي؟ ڪي گيت ٻيت ياد اَٿيئي؟

لڇمي: رميس پٽ، بابا کي هوءَ پوئم (Poem) چئي ٻڌاءِ.

رميش: ييس ممي (Yes Mummy).

What does little birdie say

In her nest at peep of day?

Let me fly, say little birdie,

Mother, let me fly away.

        (ڪاڪو تاڙي وڄائي، ’واه، واه‘ ڪري ٿو. رميش کي ڀاڪر پائي ٿو ۽ ڳل تي چمي ٿو ته رسي پاسيرو ٿي بيهي ٿو)

لڇمي: ببلو، اهو ڇا! بابا کي ڪس (Kiss) ڪر.

رميش: نو، نو ممي، آءِ ڊونٽ لائيڪ اِٽ.

        (No, No Mummy, I don’t like it.)

لڇمي: رميش اهو ڇا؟ ڊونٽ بي...... (Don’t be).

رميش: نو، نو ممي.

ڪرپالداس:    ڀائي چڱو، چڱو. ناني جون مڇون لڳندين هوندس. مان به ڏاڙهي مڇون ڪوڙائي ڇڏيندس. پٽ، ٻيون ڪهڙيون ڪويتائون ياد اَٿيئي؟

رميش: (بود ۾ اَچي) او ونڊرفل! (O, Wonderful) ورڊسورٿ، لانگفيلو......

ڪرپالداس:    پٽ شاه ۽ ساميءَ جا ڪي بيت ياد ڪيا اَٿيئي؟

رميش: ها، گرانڊپا، برنارڊشا ۽ شيلي جا نالا به ٻڌا اٿم. اوهان کي انهن مان.......

ڪرپالداس:    (کلي) برنارڊشا نه، شاه لطيف ۽ سامي صاحب جا صوفي سونهارا، جن جي لفظ لفظ ۾ ساڻيهه جي سڪ سمايل آهي.

ٽيڪم:        ڪاڪا، سنڌي ڪونه پڙهندو آهي. رڳو انگريزي اسڪول ۾ وهاريو اَٿئونس.

ڪرپالداس:    سنڌي ٿي سنڌي ڪونه پڙهندو آهي! ڇو؟ اَسان جي ڏينهن ۾ انگريزيءَ سان گڏ سنڌي به پڙهندا هئاسون.

        (شريمتي ڪرپالداس جو اَندران آواز اَچي ٿو. لڇميءَ کي ڪوٺي ٿي جا اَندر وڃي ٿي.)

ٽيڪم:        اَڄ ڪالهه انگريزيءَ جو رواج آهي. سنڌين، سنڌي پڙهڻ ڇڏي ڏني آهي.

ڪرپالداس:    سنڌين سنڌي پڙهڻ ڇڏي ڏني آهي! ته ڇا مرهٽن ۽ گجراتين سنڌي سکڻ شروع ڪئي آهي؟

ٽيڪم:        اُهي سنڌي ڇو پڙهندا؟ اُنهن کي پنهنجي پنهنجي ٻولي آهي.

ڪرپالداس:    ته باقي سنڌي ٻولي ڪنهن جي ٻولي آهي؟

ٽيڪم:        ڪاڪا، شرنارٿين جي! اِن ڪري سندس حالت به شرنارٿين جهڙي.......

ڪرپالداس:    پٽ، ائين نه چئه. سنڌي ٻولي شرنارٿي ٿيڻ جي ناهي. شايد اَسان جا اِخلاق شرنارٿي ٿيڻ لڳا آهن. (اُتي اُٿي شاه ۽ سامي جي مورتن اَڳيان بيهي ٿو) هنن صوفين ”همـﮧ اوست“، جو نعرو هنيو ۽ ”هندو مومن ناهيان، جوئي آهيان، سوئي آهيان،“ جو سنيهو پهچايو. هنن جي ٻولي مرڻ مٽجڻ جي نه آهي.

رميش: گرانڊپا، (Grandpa) هيءُ ڪنهنجون پڪچرس (Pictures) آهن؟

ڪرپالداس:    (ڳراٽڙي پائي) پٽ، هيءُ اَٿيئي، اَسان جون اَمر آتمائون_ سنڌيءَ جو روح هنن ۾ سمايل آهي.

ميش:  گرانڊپا، هنن جون پوئمس (Poems) آهن؟

ڪرپالداس:    ها، پٽ، هنن جون پوئمس آهن، جي ماکيءَ جهڙيون مٺيون، گلن جهڙيون تازيون، آڪاس جهڙيون وشال ۽ سمنڊ جهڙيون گهڙيون آهن.....

رميش: مونکي ٻڌايو. مان ٻڌي ياد ڪندس. مونکي پوئمس ڏاڍيون وڻنديون آهن.

ڪرپالداس:    ها، توکي ڪيئن نه وڻنديون. آخر تون ڪرپالداس جو ڏوهٽو آهين ۽ لڇميءَ ڄائو آهين، جنهن کي ننڍپڻ ۾ شاه جا بيت ۽ ساميءَ جا سلوڪ ٻڌائيندو هوس.

        (سر ۾ سچل جو بيت ٿو چوي)

        مذهبن، ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،

        شيخي، پيري، بزرگي، بيحد ڀلايا،

        ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا،

        اوڏا ڪين آيا، سچو عقل وارا عشق کي.

رميش: و، ونڊرفل!

ڪرپالداس:    پٽ، ونڊرفل پورو اَکر نه آهي، جو هنن جو قدر ڪري. هيءُ ته جيءَ جو جياپو آهن. (لڇمي چانهه جي ٽري کڻي ٿي اَچي ۽ سڀ چانهه وٺن ٿا. ڪاڪو ڍڪ ڀري) لڇمي، تنهنجو پٽ سٻاجهي سنڌي ڪانه پڙهي؟ مون توکي ڪلهي تي کڻي سڄو شاه ۽ سامي ٻڌايو ته تنهنجو اولاد هنن کي ائين ڀلجي وڃي!

لڇمي: بابا جڏهن وطن ڇڏيوسين ته باقي ٻولي پڙهي ڇا ڪنداسون؟

ڪرپالداس:    چري، جيڪي کڻي نه سگهياسون سو ته ويو، پر جيڪي ڇڏي نه سگهياسون، ۽ آتما سان سوگهو جهلي آندوسون، سو هتي ڇڏي ڏيون؟ ناممڪن، ناممڪن!

ٽيڪم:        سائين، آهستي آهستي سنڌي ٻولي ڇڏيندا ٿا رهن. اَسين اَڪيلا ٿورو ئي آهيون.

ڪرپالداس:    سنڌي ته گهڻو ڪجهه ڇڏيندا ٿا رهن. پنهنجي اَباڻي ورثي کي دفنائيندا ٿا وڃن ته ڇا اسين به ائين ڪريون؟ اهو ڪودليل آهي!

ٽيڪم:        ڪاڪا، چڱو هاڻي ته ٻه ڏينهن ڳالهيون پيا ڪنداسون، منهنجو خيال آهي، اسين ٿورو وقت پنهنجي دوست سيتل وٽان ٿي اَچون.

شريمتي ڪ:   (اندران اَچي) ايتري ۾ ڪيڏانهن سنڀريا؟

لڇمي: اَمي جلدي ٿا اَچون. ٿڌڪار ۾ ڪنهن وٽان ٿي ٿا اَچون. اَچ رميش! (ٽيئي ٽپ ٽپ ڪندا جنهن طرف کان آيا هئا، نڪري وڃن ٿا)

ڪرپالداس:    ڀاڳن واري ٻڌين ٿي، هاڻي سنڌين سنڌي پڙهڻ به ڇڏي ڏني آهي! پاڻ کي هٿن سان يتيم بڻائي مرڪن ٿا. ڄڻ ته ڪارون جو خزانو مليو اَٿن.

شريمتي ڪ:   جيڪي ڀڳوان کي منظور هوندو. اَسان کان سنڌ کسي شايد سڀ ڪڇ کسڻ ٿو چاهي. ضرور ڪنهن پاپ جو بدلو چڪائي رهيا آهيون.

ڪرپالداس:    پاپ اَسان جا يا ٻين جا. پر حساب اَهڙو ڏيئي رهيا آهيون، جو هزارن سالن تائين جنم ڀومي_ سنڌڙيءَ لاءِ تڙڦندا رهنداسون. رڳو اَسان کي ساڃهه اَچي، جو باقي جيڪي بچيو آهي، تنهن کي سانڍي رکون، نه ته ائين ٿيندو..... (ٿورو ترسي) ائين نه ٿيندو..... شاه، سامي، سچل جي زبان بند نه ٿيندي.... (اُٿي مورتن طرف وڃي ٿو. جهڪو ۽ درد ڀريو آلاپ اَچي ٿو)

  _ پردو _

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com