ايڪلويه
واسديو موهي
پاتر:
ايڪلويه، دروڻاچاريه، اَرجن، وياڌراج، شوسر، راج_ گور، مڪنا
(شوسر جو پيءُ) چوڪيدار سميت ست اٺ ڀيل.
نوٽ: تلوارون اڇيون لڪڙيون ئي هئڻ گهرجن.
ايڪلويه
سين _ 1 (جهنگل ۾)
(پردو کڄي ٿو. اسٽيج جي بلڪل اَڳيان ڪنڊ ۾“ روشنيءَ جي
ننڍڙي گهيري ۾ انائونسر بيٺل نظر اچي ٿو.)
انائونسر: ايڪلويه مهاڀارت جو اُهو پاتر آهي جو سندس گرو_
ڀڳتيءَ کان ياد ڪيو ويندو آهي. پاڻ_ وديا جي چاهه
هن کي دروڻاچاريه وٽ ڇڪي آئي پر..... راجڪمارن وچ
۾ هڪ ڀيل جي حاضريءَ جي ويچار تي ئي آچاريه ڇرڪي
ويو. ايڪلويه کي موٽائي ڇڏيائين. ايڪلويه نراس نه
ٿيو. جهنگل ۾ ئي مٽيءَ جي هڪ موُرتي ٺاهي ان کي
گرو مڃي ٻاڻ وديا جو اڀياس شروع ڪيو. سالن بعد هڪ
ڏينهن..... دروڻاچاريه راجڪمارن سان گڏ شڪار تي ان
جهنگل ۾ آيو جنهن ۾ ايڪلويه پنهنجي پڳتيءَ ۾ لين
هو. راجڪمارن جا شڪاري ڪتا هرڻن جو پيڇو ڪندا
ايڪلويه جي ويجهو اچي پهتا. ڪتن جي ڀونڪ ايڪلويه
جي ڀڳتيءَ ۾ رخنو وجهڻ لڳي. هن ڌنش کڻي پاڻ سنڀالي
ڦڙتيءَ سان ڪتن جا منهن بند ڪري ڇڏيا، کين بنا
ايذائڻ جي..... شڪاري ڪتا بند منهن سان مالڪن وٽ
موٽي آيا، آچاريه سميت سڀ عجب ۾ ڏسندا رهيا....
ڪير آهي اهڙو ڪامل ڌنرڌر......... آچاريه ويچارڻ
لڳو...... جهرڪيءَ جي اک کي نشانو بڻائڻ وقت ٻين
راجڪمارن جهرڪي ڏٺي، ارجن جهرڪيءَ جي اک ڏٺي......
هن نٿي سمجهيو ڪو اک جي پتلي به ڏسندو...... هن کي
پنهنجي محدودگيءَ جو به شدت سان احساس ٿيڻ
لڳو........ هوُ ارجن سان گڏجي مهان ڌنرڌر کي
ڳولهيندو هن وٽ پهتو. ايڪلويه هڪ گوڏي تي جهڪي
آچاريه کي پرڻام ڪيو ۽ پنهنجي سڃاڻپ ڏني، اهو به
ٻڌايائينس ته هن وٽان موٽڻ بعد، مٽيءَ جي مورتي
ٺاهي، ان کي آچاريه سمجهي هن وديا اڀياس ڪيو....
آچاريه کي ٻيو ڌڌڪو رسيو..... هن جي مٽيءَ جي مورت
اڳيان اڀياس ڪري ايڪلويه اهڙي ماهريت حاصل ڪئي هئي
جا سندس وچ ۾ رهندي به ڪنهن راجڪمار نه پرائي
هئي.... هوُ اندر ئي اندر ڊانواڊول ٿيڻ لڳو
اِتي...... (روشنيءَ جو گهيرو انائونسر تان هٽي وچ
اسٽيج تي پوي ٿو، روشني ڦهلجي ٿي ان کان اڳ
انائونسر هليو وڃي ٿو.)
ارجن: مٽيءَ جي مورتي، وديا اڀياس، پورڻتا، آچاريه..... مونکي
ته هي سڀ ماياوي پيو لڳي........
ايڪلويه: مايا طلسم جون ڳالهيون محلن ۾ هونديون آهن
راجڪمار، هي جهنگل آهي، هتان جي ڌرتي ٺوس آهي.
ارجن: آشچريه!
ايڪلويه: کميا ڪجو آچاريه! (مٽيءَ جي پتلي ڏانهن اِشارو
ڪندي) گرو_ پوڄا اَڌوري آهي منهنجو اڀياس به باقي
آهي اَڃا.
ارجن: ساکيات گرو کي ڇڏي، پتلي جي پوُڄا؟ هڏ ماس کي ڇڏي مٽيءَ
جو ڌيان؟
ايڪلويه: مٽي شڌ آهي، منهنجي شرڌا جيان. هڏ ماس جي لچڪ
هاڻ مونکي ايڪاگر نه رکي سگهندي.
ارجن: (طنزيه) ها، ها مٽي شڌ به آهي ۽..... اُها گرو_ دڪشڻا به
نه گهرندي.
ايڪلويه: (جوش ۾) اهو اِلزام آهي. وياڌراج_ پتر حاضر آهي
پنهنجو هر قرض چڪائڻ لاءِ، منهنجو اَنجام آهي،
آگيا ڏيو آچاريه!
(ارجن ايڪلويه جي گفتگو وچ ۾ دروڻ ڪجهه منجهيل، اَندر
جي اُٿل پٿل ۾ ٻڏل آهي. ايڪلويه جي پوئين جملي تي
هوُ هن ڏانهن نهاري ٿو.)
دروڻ: گرو_ دڪشڻا؟ نه نه، منهنجو ڪو حق ڪونهي. مون توکي دڪشا
نه ڏني آهي.
ارجن: آچاريه شري! گرو مڃيو آهي هن اوهان کي ئي، هن جي سماؤ ۾
ڌيان ۾، چت ۾ توهان ئي رهيا؛ ڇا ٿيو شرير سان
تواهان حاضر نه رهيا، آتما سان تواهان هت ئي هئا.
(ايڪلويه ”ها“ ”ها“ ۾ ڪنڌ لوڏي ٿو.)
دروڻ: نه وتس! رشتو ٻه طرفو ٿيندو آهي، تو مونکي گرو مڃيو
آهي، پر مون ڪڏهن توکي شش نه سمجهيو آهي.......
پنهنجو سنٻنڌ اَڌورو آهي.
ايڪلويه: ڀڳتي صرف ڀڳتي ٿيندي آهي آچاريه! اُن کي رشتي جي
درڪار ناهي.
دروڻ: پر وشڻو_ ڪرپا سان مان سنتشٽ آهيان. مونکي ڪا لالسا
ناهي.
ارجن: سوال لالسا جو ناهي. حق جو آهي. گرو_ دڪشڻا توهان جو حق
آهي.
دروڻ: مونکي ڪا تمنا ڪانهي.
ارجن: (زور سان) آهي! (آهستي) آهي! (ارجن ۽ دروڻ هڪ ٻئي ڏانهن
رازدانه انداز ۾ ڏسن ٿا)
دروڻ: ٺيڪ آهي..... تنهنجي شرڌا اڳيان..... پر تون اِنڪار ته
نه ڪندين؟
ايڪلويه: (عجب ۾) گروديو!
دروڻ: ته....... (تڪڙ ۾) ته تون ساڄي هٿ جو آڱوٺو ڏيئي
ڇڏ...... مونکي سويڪاريه آهي.
ايڪلويه: (پهرين ”وٺو“ جي اَنداز ۾، پر پوءِ اوچتو خيال
اچڻ تي) اهو انياءُ آهي! ظلم آهي!
ارجن: پڃ آهي. اِئين ڪرڻ سان تون ڪيترن سنڪٽن کان به بچي
ويندين...... آچاريه جي نالي ۾ لڪچوريءَ ورتل وديا
جي ڏوهه تي پردو ٿو وجهان، گرو دڪشڻا نه ڏيڻ تي
شرمسار ٿيڻ کان بچايان ٿو توکي.......
دروڻ: مون توکي پهرين ئي چيو ايڪلويه!
ايڪلويه: ليڪن........
ارجن: چئه ڀيل سردار وياڌ_ پتر ايڪلويه! تيار آهين دڪشڻا لاءِ
يا (دم) ٺوس زمين تي رهڻ وارا اندران کوکلا آهن،
کوکلا اَنجام ڪندا آهن.
ايڪلويه: ليڪن...........
ارجن: (ايڪلويه کي اَڻ ٻڌو ڪري) هونئن ڌرم جو نياؤ ٿئي اهو ڏسڻ
اسان جو ڪرتويه آهي، (تلوار ڪڍي) ڪنهن کي حق
ڏيارن، حقن جي رکيا ڪرڻ اَسان کترين جو ڪرتويه
آهي.
ايڪلويه: (نفرت ۾) اَفسوس آهي راجڪمار! بهادر ٿي به
ڪانئرن جيان ورتاوَ ٿو ڪرين، تلوار جي شرڻ ٿو
وٺين، وقت اَچڻ تي منهنجي بازو به اُن لڪڙيءَ کان
تيز ڪم ڪندي آهي.
دروڻ: (غصي ۾) ايڪلويه! هوش ۾ اَچ، تون اَرجن سان ڳالهائي
رهيو آهين.
ايڪلويه: پوري پوري ڄاڻ اَٿم ۽ مون سوم رس به نه پيتو
آهي، پوُرن حواسن ۾ ڳالهائي رهيو آهيان ۽ ٻڌائي
رهيو آهيان. هن راجڪمار کي ته اَسان جي قوم نه
کوکلو ڳالهائيندي آهي، نه کوکلو اَنجام ڪندي آهي ۽
نه کوکلو حملو ڪندي آهي، (ڦڙتيءَ سان اَرجن جي هٿ
مان تلوار ڦري ٿو وٺي، اَرجن ڊپ ۾ ٻه قدم پٺتي هٽي
ٿو وڃي.) گهٻراءِ نه راجڪمار! مان راڄنيتيءَ مان
نه ڄاڻان. بي هٿيار تي وار نه ڪندس ۽ وري تلوار ته
مون لاءِ پوتر هٿيار آهي. ايندڙ پورڻماسيءَ تي
تلواربازيءَ ۾ ٻين کي هارائڻ تي ئي مان سردار بڻجي
سگهندس. پورن پنجن سالن لاءِ. هيءَ تلوار صرف گرو
دڪشڻا ڏيڻ لاءِ کنئي اَٿم. (هڪ گوڏي تي جهڪي تلوار
مٿي کڻي ٿو.)
آچاريه!
دروڻ: ها ايڪلويه، وٽس چئه منهنجي تڇ دڪشڻا سويڪار ڪريو،
مونکي خبر آهي مان ڇا ڏيئي رهيو آهيان، پر پوري
شرڌا سان ڏيئي رهيو آهيان.
ايڪلويه: منهنجي تڇ....... (دروڻ ڏانهن ڏسي ٿو) دڪشڻا
سويڪار ڪريو. مونکي خبر آهي مان ڇا ڏيئي رهيو
آهيان، پر پوري شرڌا...... (طنزيه مشڪي ٿو، تلوار
جو جهٽڪو، ساڄو آڱوٺو لعل ٿي وڃي ٿو. ڌيري ڌيري
اونده ٿئي ٿي.)
سين _ 2
جهنگل ۾ ئي، ڪرسي نما ٻه وهڻ جا ساڌن پيل آهن. اوندهه ۾
وياڌ راج اِسٽيج جي کاٻي کان ساڄي اَچ وڃ ڪري رهيو
آهي. ايڪلويه ڪرسيءَ تي آرام سان اَڌ ليٽيل آهي،
هن جي ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي ڪاري پٽي ٻڌل آهي. هٿ ۾
ڀڳڙا اَٿس جي داڻو داڻو ڪري هوُ وات ۾ ڦٽي ڪري
رهيو آهي. ڌيري ڌيري روشني ٿي ٿئي. وياڌ راج جي
اَچ وڃ چالو آهي، پريشان ۽ غصي ۾.)
وياڌراج: جي اَچ وڃ چالوآهي، پريشان ۽ غصي ۾.)
وياڌراج: چيري ڇڏيانس ۽ تون چپ چاپ هليو آئين........
ايترو نه سمجهيئه اهو دوکو آهي.... خالص دوکو.....
نيچتا آهي..... ٺڳي آهي ۽.... ۽...... ڦر آهي، لٽ
آهي. چيري ڇڏيانس ڪڇين ڇو نٿو؟ ايڪلويه چپ آهي،
داڻا کائيندو ٿو رهي.) ڌرم جا پالڪ، رعيت جا
رکوالا...... ديوتائن سان اُٿڻ وهڻ وارا.... مئيا
گنگا جهڙي پوترتا جي دعويٰ ڪرڻ وارا..... چيري
ڇڏيانس. هيءُ آهي هنن جو ڌرم، هيءَ آهي هنن جي
ديوتائي هلت ۽ هيءَ آهي هنن جي شڌي! هڪ ٻار کان سڀ
ڪجهه ڇني ورتائون.
ايڪلويه: (تڪڙو سڌاريندي) آڱوٺو! تات، صرف آڱوٺو! (وري
داڻا کائڻ شروع ٿو ڪري.)
وياڌراج: تنهنجو سر! چيري ڇڏيانس.
ايڪلويه: پر گرو_ ڀيٽا ڏيڻ بنا وديا اڌوري رهندي آهي تات،
بلڪل اَڌوري.
وياڌراج: (آڱوٺو نچائيندي) ۽ هاڻ بلڪل پورڻ ٿي ويئي.
ايڪلويه: تات! مون چاهيو ٿي، صرف وديا ۾ ئي نه، هلت ۾،
وهنوار ۾ به راجڪمارن کان گوءِ کڻي وڃان.
وياڌراج: چماٽ هڻي ڳل ڳاڙهو ڪرڻ ۾ خود کي ئي زخم رسندو
ايڪل! صاف صاف لٽ کي تو وهنوارسمجهيو.... چيري
ڇڏيانس..... صاف صاف انياءَ کي تون اِنصاف جي
پهرين تقاضا سمجهي ويٺين. ايڪل! تون وديا ۾“ هلت ۾
ڀلي راجڪمارن سان ٽڪر کائين پر هنن جي گند گڏيل
ٻڌي تو ۾ نه اَچي سگهندي. آسمان تي پهچڻ جي تمنا
ڪرڻ وارن کي اُڏامڻو پوندو آهي، ۽ تون؟...... تون
پر ئي ڪٽائي هليو آئين. (ايڪلويه کائڻ بند ڪري
وياڌ راج ڏانهن نهاري ٿو. وياڌ راج گهري، دکي نوع
۾) تون نٿو سمجهين پٽ، منهنجي من ۾ ڪهڙا منٿن پيا
ٿين..... چيري ڇڏيانس.... اَهڙا منٿن جن مان صرف
زهر ئي زهر نڪري رهيو آهي، ڪهڙيون ڪهڙين آشائون
هيون.... تون منهنجي گادي گرهڻ ڪندين، قوم جي رکيا
ڪندين، ٻين کي ٻاڻ_ وديا ۾ پرٻيڻ ڪندين، ڀيل قوم
جي ساک وڌندي. وياڌ خاندان هميشـﮧ هميشـﮧ لاءِ
جهنگل ۾ ياد ڪيو ويندو پر..... پر سڀ اُميدون
مٽيءَ ۾ ملي ويئون.
ايڪلويه: (اُٿي) تات! توهان جون اُميدون وئرٿ نه وينديون،
مان اُنهن کي پورو ڪندس. اُميدون راجڪمارن جون هوا
ٿينديون، جن اِهو سمجهيو آهي ته مان صرف تير هلائي
ڄاڻان. منهنجي تلوار جي ڌار کان هو ناواقف آهن.
وياڌراج: بنا مٺ جي تلوار هلائڻ واري جون ئي آڱريون
چيريندي آهي، ايڪل!
ايڪلويه: توهان جي نراسا مونکي بي بنياد ٿي لڳي تات!
وياڌراج: ڪاش اِئين هجي! پر حقيت جي تکاس اندر ئي اندر
مونکي چيري رهي آهي، چيري ڇڏيانس.
ايڪلويه: پورڻماسي ڏينهن ڪير ڪنهن کي ٿو چيري، اهو توهان
خود ئي ڏسندا.
وياڌراج: شوسر سٺو تلوارباز آهي.
ايڪلويه: ايڪلويه بهتر تلوارباز آهي.
وياڌراج: مان توکي بي همٿ نٿو ڪريان ايڪل، پر ايندڙ خطرن
جي ويچار مونکي پست ڪري ڇڏيو آهي. چيري ڇڏيانس،
مان بلڪل منجهي پيو آهيان. دل چوي ٿي، حڪم جاري
ڪري هي مقابلو ٽاري ڇڏيان، سردار جي چونڊ پوءِ
ڪڏهن به ڪري وٺبي، ڪوشش ڪري بان مقابلي ئي. منهنجو
چوڻ ڪير موٽائي سگهڻ جي همٿ نه ڪندو. لڳاتار ٻن
پيڙهين، تنهنجي ڏاڏي کان پوءِ تنهنجي پيءُ هن قوم
جي سنڀال ڪئي آهي، پرگهور لڌي آهي.
(ايڪلويه پهرين عجب ۾ آهي، پوءِ غصي ۾)
ايڪلويه: (تيز) تخت تي ويهي سنڀال ڪئي آهي، چاڪر وٺي
پرگهور لڌي آهي. تات مونکي شرم ٿو اچي ساهسي ٿي
توهان مقابلو ٽارڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو.
بابا ۽ توهان پنهنجن حريفن کي هارائي پنهنجي حق
سان سردار بڻيا. ۽ مان سردار اُنڪري بڻايو وڃان جو
منهنجو پيءُ سردار آهي؟ پنهنجي قوم سان اَهڙي
غداري مان سوچي به نٿو سگهان. مان قوم کي پنهنجن
حقن کان محروم نه ڪندس.
وياڌراج: ايڪل...... (هڪ ڀيل چوڪيدار ڏائي پاسي کان داخل
ٿئي ٿو)
چوڪيدار: (جهڪي ڇاتيءَ تي مٺ هڻي) سردار جي جئه.
(راج_ گر پڌاريا آهن.
وياڌراج: راج_گر؟ خود”
(ٻئي دروازي ڏانهن وڌن ٿا، راج_ گر داخل ٿئي ٿو.
ايڪلويه هڪ گوڏي تي جهڪي پرڻام ڪري ٿو، وياڌراج
جهڪي پرڻام ڪري ٿو.)
راج_ گر: (آشيرواد ۾ هٿ مٿي ڪري) آيوشيمان ٿيو! (وياڌراج
نمرتا سان ڪرسيءَ تي وهڻ جو اِشارو ٿو ڪري. راج_
گر بلڪل ڌيري ڌيري ڪرسي ڏانهن وڌي وهي ٿو. هٿ وارو
گرنٿ ڪٿي رکڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ٿو.
وياڌراج تڪڙو اَڳيان وڌي گرنٿ وٺي ٿو ۽ نرڙ تي
ڇهائي ٿو، ايڪلويه ڏانهن وڌي، کيس گرنٿ ڏئي ٿو.)
وياڌراج: پوڄا ويديءَ تي رکي اَچ، سنڀالي.
(ايڪلويه به گرنٿ وٺي نرڙ تي ڇهائي ٿو ۽ ساڄي پاسي کان
ٻاهر نڪري وڃي ٿو. وياڌراج بلڪل منتظر راج_گر
ڏانهن ڏسي ٿو. ڪجهه سيڪنڊ بلڪل شانتي آهي.)
راج_گر: هون! ته مونکي صحيح سماچار مليو آهي.
وياڌراج: جي...... چيري (سنڀالي) منهنجو مطلب آهي.....
(لفظ نٿا ملنس ڄڻ)
راج_ گر: ايڪل کي مورک بنايو ويو. در وووووڻ! مون سان گڏ
سکيا ورتي اَٿس..... آشرم ۾ اَسان هن کي ڊڊو ڪري
سڏينداسين هئاسين..... ۽ هاڻ..... راجڪمارن جو گرو
بڻيو پيو گهمي.... ڊڊوووو.
وياڌراج: جي......
راج_گر: آتما گروي رکي اٿس راڄ_ خزاني ۾..... خزاني لاءِ
هاڻ پيو بکيائون وٺي...... هن جي آتما سندس ئي
ورتل بکيائن هيٺان چڀاٽجي مري ويندي..... بلڪ مان
سمجهان ٿو..... مري چڪي آهي.... نه ته.
وياڌراج: ايڪل ٻڌايو اُهو سڀ اَرجن جي زور بار تي......
راج_گر: ڏيکاءُ! ارجن ٻڌي مان شش آهي. هن ڄاڻي ورتو گرو
ڇا ٿو چاهي.... دروڻ اَندر جي رتي ماتر خلافت هجي
ها، ته اَرجن ان کي پهاڙ ڪري سمجهي ها، ۽ هيءَ
نوبت نه اَچي ها.
وياڌراج: جي...... (ايڪلويه داخل ٿئي ٿو)
راج_گر: دوکن دولابن وچ ۾ رهي، اِنسان ڌيري ڌيري خود کي
ئي ٺڳڻ لڳي ٿو. چاهيندي نه چاهيندي پوءِ اُنهن جو
حصو بڻجي پوي ٿو..... ڏسج..... جي ڌرم اَڌرم جي
لڙائي لڳي ته هو اَڌرم پاسي هوندو. هو اُن جي ٽڪرن
تي ئي پيو پلجي. هيڏانهن اَچ (ايڪلويه ڏانهن
اِشارو ڪندي) هيڏانهن.
(ايڪلويه وڌي راج_ گر اَڳيان بيهي ٿو. راج_گر هن جو
ساڄو هٿ تپاسڻ لڳي ٿو.) مهيش گر سچ پچ ڌنوتري
آهي.... سٺو ڪم ڪيو اَٿس. بلڪل ٺيڪ ٿي ويندين، پر
پورڻماسيءَ تائين......
وياڌراج: (تڪڙو) مون به اِئين پئي چاهيو، مقابلو ٽاري
ڇڏجي چيري ڇڏيانس پوئين جملي تي هو ٿورو هڙبڙائجي
ٿو وڃي، راج_گر هن ڏانهن ڪجهه سيڪنڊ تڪيندو ٿو
رهي، ايڪلويه راج_گر ڏانهن تڪي رهيو آهي، ڪجهه
سيڪنڊ شانت)
راج_گر: پنجويهه سال تنهنجي ڇتر ڇايا ۾ رهي آهي، تنهن
ڪري هيءَ قوم شايد توکي ڪجهه نه چوي پر ٻيون قومون
توکي آرام سان وهڻ نه ڏينديون، هو چاهينديون سردار
پرمپرا مطابق نياءَ سان چونڊيل هئڻ گهرجي.
ايڪلويه: (هڪ گوڏي تي جهڪي) مان آڀاري آهيان گرديو! تات
مونکي ڪانئر بڻائي رهيو هو. مان تيار آهيان، بلڪل
تيار.
راج_گر: ٻڌو اٿم، شوسر اَٺ ئي پهر اڀياس پيو ڪري.
ايڪلويه: مونکي پاڻ تي وشواس آهي گرو ديو!
راج_ گر: هيءَ وشواس جي نه، مٺ جي لڙائي آهي، ۽ تنهنجي مٺ
هاڻ ڪمزور آهي.
ايڪلويه: مان داؤن سان کٽندس. (راج_ گر ڪي سيڪنڊ ايڪلويه
ڏانهن ڏسي ٿو) آشيرواڌ ڏيو.
راج_ گر: (هٿ مٿي ڪري) وجئي ٿين!
(وياڌراج جهڪي پرڻام ٿو ڪري. اوندهه ٿئي ٿي.)
سين _ 3 (جهنگل ۾ ئي)
]ڪجهه
دير دهل وڄي رهيا آهن. لڳي ٿو ناچ پيو هلي. پر صرف
آواز آهن. (گهٽ ۾ گهٽ ٻه منٽ آواز اچڻ کپن) ڌيري
ڌيري آواز گهٽجندا وڃن ٿا ۽ بلڪل بند ٿي وڃن ٿا،
روشني ٿيڻ لڳي ٿي اُن وقت جهنگل ۾ ئي ٻن وڏن آسنن
تي _(رواجي کان اَلڳ قسم جون ڪرسيون) راج_گر ۽
وياڌراج ويٺل نظر اَچن ٿا. پاسي کان ڪاليءَ جي
مورتي اِسٽول جهڙي چيز تي رکيل آهي. هنن جي آس پاس
ست اَٺ ڀيل بيٺل آهن. ڪي عورتون ۽ ٻار به آهن.
ساڄي پاسي هٿ ۾ تلوار کڻي ايڪلويه بيٺو آهي ۽ کاٻي
پاسي شوسر، ايڪلويه جيان هٿ ۾ تلوار جهلي، پيءُ
مڪنا سان بيٺو آهي. وياڌراج هڪ ڀيل ڏانهن اِشارو
ٿو ڪري. هو اَڳيان اَچي ٿو.[
ڀيل: (زور سان) هاڻ آخرين مقابلو سردار پتر ايڪلويه ۽ مڪنا
پتر شوسر ۾ ٿيندو، هن مقابلي ۾ جيڪو وجئي ٿيندو
اُهو ايندڙ پنجن سالن لاءِ پنهنجو سردار رهندو،
درگا ماتا اَڳيان اِهائي پرارٿنا آهي ته ٻنهي مان
ڪنهن جي به جان نه وڃي ۽ فيصلو ٿي وڃي. ايڪلويه ۽
شوسر.
(ايڪلويه اَڳيان وڌي وياڌراج کي پرڻام ڪري ٿو ۽ شوسر
مڪنا کي. پوءِ ٻئي راج_گر اَڳيان اَچي پرنام ڪن
ٿا. راج_ گر هٿ مٿي ڪري آشيرواد ڏئي ٿو. ٻئي اسٽيج
جي بلڪل وچ تي اچي هڪ ٻئي سامهون بيهن ٿا. نرڙ،
نرڙ سان ڇهائين ٿا ۽ تڪڙو الڳ الڳ ڇيڙن تي هليا
وڃن ٿا. ڇيڙن تان ئي تلوار هلائيندا رهن ٿا. تلوار
هلائڻ جو نمونو هڪ جو حملو ٻئي جو بچاءُ آهي.
اِئين حملو ۽ بچاءُ ٻنهي وچ ۾ ڦرندو رهي ٿو. سڄي
مقابلي ۾ هڪ ڀيرو به هنن جون تلوارون هڪ ٻئي سان
ڇُهن نٿيون. ڪنهن مهل جوش ۾ ٻئي تلوار سڌي ڪري، هڪ
ٻئي تي گينڊائي انداز ۾ ڊوڙي حملو ڪن ٿا، پر پاسي
پاسي کان هڪ ٻئي کي ڪراس ڪري ٿا وڃن. اِئين ڪجهه
دير هلي ٿو. آخر ۾ شوسر تلوار زور زور سان ڦيرائي
ٿو، ايڪلويه جي تلوار به ساڳي ڊائريڪشن ۾ ڦري رهي
آهي، شوسر زور سان جهٽڪو ڏئي ٿو. ايڪلويه جي تلوار
ڇڏائجي ڪري ٿي پوي. تلوار جي ڪرڻ تي ڪجهه ڀيلن جي
منهن مان دٻيل ”آ“ نڪري ٿي وڃي. وياڌراج کڙو ٿي ٿو
وڃي. بلڪل چپ ڦهلجي ٿي وڃي. شوسر پهرين ٿورو
منجهيل آهي. پوءِ ڄڻ هوش آيو هجيس. ”سردار، چيري
ڇڏيانس“ رڙ ڪري، تلوار سڌي جهلي ايڪلويه ڏانهن
تيزيءَ سان وڌي ٿو.
راج_گر: شوسر! (ساڳئي وقت مڪنا جو هٿ به مٿي کڄي ٿو شوسر
کي روڪڻ لاءِ. شوسر جتي آهي اُتي بيهي ٿو رهي.
وياڌراج ايڪلويه کي پاسيرو ڪري ٿو ڇڏي. ڪجهه وقت
ساڳي چپ ڇانيل آهي، اُتي ڪير حاضر ئي ڪونهي. ڪجهه
دير کان پوءِ مڪنا ٻئي ٻانهون مٿي ڪري تاڙيون
وڄائڻ شروع ٿو ڪري، وڄائيندو ٿو رهي، پر جڏهن ٻيو
ڪو هن سان شامل نٿو ٿئي، تڏهن ڌيري ڌيري تاڙين جو
آواز گهٽ ڪندو هٿ هيٺ ڪري ٿو ڇڏي. سڀني جو ڌيان هن
ڏانهن آهي.)
راج_گر: مقابلو پورو ٿيو. خوشيون!
(راج_ گر ۽ وياڌراج کان سواءِ سڀ هٿ مٿي ڪري تاڙيون
وڄائڻ ٿا لڳن، ڪي ڦيريون پائي نچن ٿا، دهلن جو
آواز اچي ٿو) ڪجهه وقت کان پوءِ راج_ گر هٿ مٿي
ڪري ٿو. ڌيري ڌيري شانتي ڦهلجي ٿي.
راج_گر: فيصلو ٻڌائڻ کان اَڳ ماتا کي خوش ڪرڻ ضروري آهي.
مڪنا: (اُتساهه ۾) ماتا لاءِ مان پنهنجي ٻلي ڏيڻ لاءِ تيار
آهيان.
راج_گر: (ڀرپور مشڪي) ٻلي شوسر ڏيندو. (ڪي ڀيل کلن ٿا)
(شوسر راج_ گر ڏانهن ڏسي ٿو) ٻلي شوسر ڏيندو
(شانتي ڦهلجي ٿي. شوسر راج_گر اَڳيان اَچي اَڌ
جهڪي ٿو)
شوسر: آگيا ڏيو گروديو! ڇا جي ٻلي ڏيڻي پوندي..... ٿلهو ٻڪر
يا......
راج_گر: اُهو ڪال ويو.... ٻڪر هاڻ قبول نٿا پون. هينئر،
هن وقت (هٻڪي ٿو؛ پوءِ تڪڙو) تنهنجي ساڄي ٻانهن جي
ٻلي چاڙهڻي پوندي (ڄڻ ڪافي ٿڪجي پيو هجي، اونهو
ساهه کڻي ڪنڌ هيٺ جهڪائي ٿو. آسپاس بلڪل چپ آهي.
شوسر سڌو بيهي ٿو)
مڪنا: (رڙ ڪري) اِهو سراسر ظلم آهي گروديو! ٻال_ هتيا آهي!
شوسر: (گهرو) مان ايڪلويه وانگر ڀوڪ ناهيان.
وياڌراج: اِها سردار پتر جي توهين آهي، هن جي تياڳ جي
توهين آهي، چيري ڇڏيانس.
شوسر: بک ڪڍڻ جي مجبوريءَ کي اُپواس نٿو سڏي سگهجي سردار!
مورکتا وچان چيز وڃائڻ کي تياڳ نٿو چئي سگهجي.
راج_گر: (غصي ۾) خاموش شوسر! تون سردار جي بيعزتي ڪري
رهيو آهين ۽ سردار جي بيعزتي منهنجي بيعزتي آهي،
قوم جي بيعزتي آهي.
شوسر: منهنجي آواز کي بيعزتي سڏي توهان سچائيءَ کي دٻائي رهيا
آهيو.....
راج_گر (زور سان) شوسر!
(هڪ ئي وقت)
مڪنا: (بلڪل ڌيمي) شوسر!
مڪنا: (اڳيان وڌي) معاف ڪريو گروديو! کميا ڪريو سردار! شوسر ٻار
آهي، نادان آهي. جوش ۾ هو پنهنجي اوقات ڀلجي ويو
آهي.
شوسر: بابا! توهان مونکي لڄايو ٿا.
مڪنا: چپ ڪر بيوقوف! گرديو مان پنهنجي پٽ کي وٺي ٿو وڃان. توهان
اِئين سمجهو مقابلي ۾ هن ڀاڳ ورتو ئي ڪونه هو.
راج_ گر: اِها پرمپرا جي ڀڃڪڙي آهي. تون ڇا ٿو سمجهين
ماتا اَڳيان هي سڀ کلواڙ ٿي رهيو هو؟ مخول هو؟
مڪنا: مان دانهن ڪونه ٿو ڪريان، خوشيءَ سان شوسر کي وٺي ٿو
وڃان_ هن کي سردار ناهي بڻجڻو.
راج_گر: (زور ڏيئي) اِن جو فيصلو اَڃا باقي آهي.
شوسر: ظاهر ته آهي!
وياڌراج: تون حدون ٽپي رهيو آهين. سرداري فيصلن ۾ دخل
ڏيئي رهيو آهين.
شوسر: پر........
وياڌراج: راج_گر جي آگيا اَڳيان پر پر ڪري تون گروديو جي
شان سان قوم جي شان کي ٽڪو لڳائي رهيو آهين. ٻيون
قومون پاڻ تي کلنديون. مذاق اُڏائينديون پنهنجي،
پنهنجي ڦوٽ جو لاڀ وٺي پاڻ تي حملو ڪنديون
(ايڪلويه جو مقابلي کان پوءِ ڪنڌ جهڪائي شانت ويٺو
هو، هاڻ ڄڻ آس پاس ڏانهن سجاڳ ٿئي ٿو) تنهنجو فرض
آهي، گروديو جي آگيا تي ”جا آگيا“ چئي چپ چاپ ماتا
جي اَڳيان ٻانهن جي ٻلي ڏيئي ڇڏين. پڃ توکي ئي
ملڻو آهي. (مڪنا هٿ جوڙي ليلائڻ جو ڀاؤ آڻي ٿو.)
ايڪلويه: اِها گهر غير واجب آهي، تات!
وياڌراج: اِها گهر ناهي، ٻلي آهي (سمجهائيندي) ٻل چاڙهڻ
سان ثواب ٿيندو آهي.
ايڪلويه: پر اِهو اَنياءُ آهي.
وياڌراج: (غصي ۾) هاڻ تون چپ رهندين؟ ڇا نياءُ آهي، ڇا
اَنياءُ آهي، پڃ ڇاهي پاپ ڇاهي اِهو هي سنگهاسن
بخوبي سيکاريندوآهي. تون اَڃا نادان آهين. شوسر!
راضي خوشي راج_ گر جي آگيا جو پالن ڪندين
يا....(تلوار ڪڍي) راج_گر جي هر آگيا جو پالن
ڪرائڻ منهنجو ڌرم آهي. مان ڌرم کان بي مک ٿيڻ نه
چاهيندس.
مڪنا: (ڀنل آواز ۾) سردار! گروديو! رحم ڪريو! رحم ڪريو! (شوسر
کي زوريءَ پري ڇڪي وڃڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. شوسر نٿو
چري.)
وياڌراج: پڪڙيو هن کي! (ٻه ڀيل شوسر جون ٻئي ٻانهون
سڌيون ڪري پڪڙي بيهن ٿا) جلاد! (مڪنا شوسر کي ڀاڪر
پائي چهٽي پوي ٿو. روئڻهارڪي آواز ۾ ”رحم ڪريو“
”رحم ڪريو“ پڪاري ٿو. ايڪلويه ڪجهه چوڻ چاهي ٿو،
پر چئي نٿو سگهي. هڪ ڀيل هٿ ۾ تلوار کڻي شوسر جي
ويجهو اَچي ٿو.
راج_گر: چئه، منهنجي تڇ ٻلي..... (ڌيري ڌيري اوندهه ٿئي
ٿي)
(پردو)
ليکڪ پريچيه
ڪشنچند بيوس:
جو سنڌي ساهت ۽ خاص طور ڪوتا ۽ ناٽڪ ۾ گهڻو مٿانهون
درجو آهي. هن صاحب جتي سنڌي شاعريءَ کي نئين دڳ
لاتو، اُتي سنڌي ناٽڪ کي به گهڻو لوڪ پريه بڻايو.
”اِنڊلٺ“ نالي سان هن جي ننڍن ناٽڪن جو مجموعو
ڇپيل آهي. ”پوڙهي جو پرڻو“ چهر بهر سان گڏيل سکيا
سبب گهڻيئي ڀيرا منچ تي آندو ويو آهي. ڀارت ۾ سنڌي
ناٽڪ هلچل جي شروعات به انهيءَ سان ٿي.
ڄيٺانند ناگراڻي:
جي شخصيت پنهنجي سر هڪ نهايت دلچسپ ناٽڪ آهي. سندس
زندگيءَ جو اُصول آهي: کل ته توسان گڏ دنيا کلندي؛
روءُ ته رئندين اَڪيلو! اُن اُصول تي عمل ڪندي
ناگراڻي صاحب ”گامٽو“ سلسلي وارا ناٽڪ لکيا آهن،
جيڪي هر قسم جي رنج ۽ غم جو اڪسير علاج آهن. انهن
ناٽڪن سان ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪ هلچل اَوائلي قدم
کنيا. ”چورنگي“ نالي سان سندس ننڍن ناٽڪن جو
مجموعو شايع ٿيل آهي.
منگهارام اُڌارام ملڪاڻي:
اُنهن بزرگ ساهتڪارن مان آهي جن ڀارت ۾ سنڌي ساهت جي
نونرماڻ ۾ نوجوان ليکڪن جي سونهپ ڪئي. ساهتيه
اَڪادميءَ جو اِنعام حاصل ڪيل سندس ”سنڌي نثر جي
تاريخ“ هڪ اَنمول کاڻ آهي. پهرين سنڌ ۽ پوءِ هند ۾
سنڌي ناٽڪ جي اوسر ۾ ملڪاڻي صاحب جو وڏو هٿ رهيو
آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن جا گهڻي ۾ گهڻا ننڍن ناٽڪن
جا مجموعا ڇپيل آهن هو صاحب ساهتيه اَڪادميءَ جو
فيلو پڻ هو.
رام پنجواڻي:
سنڌي ساهتڪ ۽ سانسڪرتڪ جڳت ۾ هن جو نالو ڪنهن کان به
ڳجهو ڪونه آهي. هن جي ٻهڳڻي شخصيت لکن جون دليون
موهيون آهن. لوڪ ڪٿائن کي ناٽڪي روپ ڏيئي سنڌي
ساهت سان وڏو وڙڪيو اَٿائين. ”اَنوکا آزمودا“ ڪتاب
لاءِ کيس ساهتيه اَڪادميءَ وٽان اِنعام پڻ مليل
آهي.
جيون گرسهاڻي:
ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪ جو باني مڃيو وڃي ٿو. گذريل لڳ ڀڳ ٽن
ڏهاڪن کان سنڌي ناٽڪ جي سيوا ڪندو رهيو آهي.
ناٽڪڪار ۽ هدايتڪار طور سموري سنڌي ناٽڪ جڳت ۾ هن
جي هاڪ آهي.
داس طالب:
ناٽڪڪار، هدايتڪار ۽ اَدڪار طور بمبئي ۾ سنڌي ناٽڪ هلچل
جي اَوائلي دور ۾ گهڻو سرگرم رهيو. اُنهيءَ دور ۾
سندس ننڍن ناٽڪن جو مجموجو ”اَڌين“ شايع ٿيو جيڪو
ڀارت م ڇپيل سنڌي ناٽڪن جي پهرين مجموعن مان هڪ
آهي.
گوبند مالهي:
ڪهاڻي، ناول، ناتڪ ۽ سنگيت ذريعي، هر هنڌ سنڌيت جو
هڳاءُ ڦهلايو آهي. سنڌي ناٽڪ کي اَڄوڪي اوج تي
رسائڻ ۾ هن صاحب تمام مکيه ڀومڪا نڀائي آهي ۽
اِئين ڪندي هن جيترا ننڍا ناٽڪ لکيا آهن اوترا
سنڌيءَ ۾ ٻئي ڪنهن ڪونه لکيا آهن. ”پيار جي پياس“
ناول لاءِ ساهتيه اَڪادميءَ جو اِنعام حاصل ڪري
چڪو آهي.
ڪيرت ٻاڻاڻي:
سنڌيت هلچل جو سرگرم ڪاريه ڪرتا آهي ۽ پنهنجي زماني جو
ڪامياب اَداڪار ۽ هدايتڪار. ”سوريءَ سڏ ڪيو“ نالي
سان سندس ننڍن ناٽڪن جو مجموعو ڇپيل آهي. ڪهاڻي،
ڪويتا، مضمون ۽ آلوچنا جي ميدان ۾ پڻ قلم آزمائي
ڪئي اَٿائين.
سندري اُتمچنداڻي:
سنڌي ساهت جي سڃاتل ڄاتل ليکڪا آهي. ناٽڪن کانسواءِ
ڪهاڻيون، ناول ۽ شعر لکيا اَٿس. سوويٽ لئنڊ مخزن
جو نهرو اِنعام حاصل ڪيو اَٿس. سنڌي ناٽڪن ۾ ئي نه
سنڌي فلمن ۾ به ڪم ڪيو اٿس.
هريڪانت:
نهايت اُتساهي نوجوان ناٽڪ نويس آهي. ننڍا ناٽڪ به لکيا
اَٿس ته هڪڙو وڏو ناٽڪ پڻ. ”مڪان خالي آهي“ نالي
سان سندس ننڍن ناٽڪن جو مجموعو ظاهر ٿي چڪو آهي.
ڪهاڻيون ۽ ڪوتائون به لکيون اَٿس_ نه رڳو سنڌيءَ ۾
بلڪ هنديءَ ۾ به.
سندر اگناڻي:
اَداڪار، هدايتڪار ۽ ناٽڪڪار هجڻ کانسواءِ ڪهاڻيڪار،
چترڪار، پترڪار، ڪارٽونسٽ ۽ سماجڪ ڪاريه ڪرتا پڻ
آهي. هن وقت وطن ڇڏي ولايت ۾ نصيب آزمائڻ ويو آهي.
پريم پرڪاش:
روايتي ناٽڪ کي اڄوڪي زندگيءَ جي پيچيدگين جي عڪاسي ڪرڻ
۾ اسمرٿ ڄاڻي، تجرباتي ناٽڪ جو بنياد وڌو آهي.
ننڍا ناٽڪ به لکيا اٿس ته وڏا پڻ، جن جي هدايتڪاري
به پاڻ ڪندو آهي. ناٽڪ کانسواءِ سندس شخصيت جا ٻيا
حصا اهن؛ نئين ڪهاڻي، نئين ڪوتا، چترڪاري وغيره
وغيره.
ايم ڪمل:
بنيادي طور شاعر آهي. پهرين غزل ۽ پوءِ نئين ڪوتا کيتر
۾ نالو ڪمايو اَٿائين. ويجهڙائيءَ ۾ ناٽڪ ڏانهن
لاڙو رکيو اَٿائين ۽ دلچسپ ناٽڪ لکيا اَٿس.
برج موهن:
تجرباتي ناٽڪڪار، هدايتڪار ۽ اداڪار آهي. سٺو ڪهاڻيڪار
پڻ آهي. بمبئي، جتي سنڌي ناٽڪ گهڻو اڳرو آهي،
اَتي، تجرباتي ناٽڪن جي شروعات ڪرڻ جو شرف حاصل
اٿس.
شيام جئسنگهاڻي:
اڄوڪي زندگيءَ جي بيهودگين جي اوگهڙ ڪرڻ وارن سجاڳ
ليکڪن جي پهرين قطار ۾ آهي. ساهت سان گڏوگڏ
چترڪاري ۽ فوٽوگرافيءَ جو شوق اٿس. ناٽڪ ڏانهن به
وڌي آيو آهي.
واسديو موهي:
نئين ڪوتا جي کيتر ۾ ناليرو آهي. احمدآباد ۾ شروع ٿيل
تجرباتي ناٽڪ هلچل سان شروع کان سرگرم لاڳاپو رهيو
اٿس. نتيجي طور پاڻ به ناٽڪ لکڻ لڳو آهي. |