منسپل ڪائونسلر
ايم_ ڪمل
پاتر:
ڦيرومل_ عمر 45 سال
ڦتومل_ عمر 35 سال
موٽوءَ ماءُ_
عمر 40 سال
منسپل ڪائونسلر
]پردو کڄي ٿو. هڪ ڪمري جو درشيه. واڻڪي نموني سجايل. هڪ پاسي 5-6 ديوتائن جون
قطار ۾ ٽنگيل مورتون، هڪ کٽ، هڪ ننڍو ٽيبل، 2-3
ڪرسيون. موٽوءَ ماءُ کٽ تي سئيءَ سان ڪجهه سبي رهي
آهي. ڦتن خوشيءَ وچان کلندو ڪمري ۾ پرويش ڪري ٿو.[
ڦ: مان سئر آهيان...... ها ها ها..... سئر......
(موٽوءَ ماءُ سبڻ بند ڪري کيس عجب مان ڏسي ٿي.)
ڦ: (ڪوٽ لاهيندي) ٻڌءِ موٽوءَ ماءُ، تون ڪنهن کان به کڻي
پڇ، سڀئي ٿا چون_ بازار ۾“ گهٽيءَ ۾، گهر گهر ۾،
ڦتنمل سئر آهي_ سئر.....
م: هيءُ توهان کي ٿيو ڇا آهي. ڪهڙيون پيا ڳالهيون ڪريو_
سوئر ٿين توهان جا دشمن.
ڦ: ڪهڙي نه بيوقوف آهين.... جڏهن سئر مان آهيان ته منهنجا
دشمن ڇو ٿين؛ ٻڌاءِ، ٻڌاءِ_ منهنجا دشمن ڇو ٿين؟
م: موٽوءَ پيءُ، ڪوسا نه ٿيو.... هٿ منهن ڌوئي سانهه ستيءَ
سان ته ويهو..... هان وٺو ٽوال (ٽوال ڏئيس ٿي.)
(ڦتن غصي مان ٽوال وٺي سنان جاءِ ڏانهن هليو ٿو وڃي.)
م: (پاڻ سان ڳالهائيندي) ڪيترو ٿي چيومانس ته نٽهڻ اُس ۾
مٿي اُگهاڙو نه گهم، پر هيءُ مڃي ڇو ٿو. اَلائي
ڪهڙي ڳوري هنڌ جي ڇانو پيئي اَٿس يا دؤرو ويٺو
اَٿس! اَڳي دؤرو پوندو هوس ته مون تي گارگند ڪندو
هو ۽ هاڻي.... اَلا مان ته مٺيس (گهٻراهٽ ۾ اُٿي
ٿي، هڪ پاسي جتي مورتيون ٽنگيل آهن، اُتي وڃي ٿي)
گرو بابا تون لڄ رکينم. ڪڻاه ٿي باسيانءِ..... شو
شنڪر ڀولا_ تون پت رکجانءِ_ روٽ ڪنديسانءِ! ڪرشن
مراري، توکي قسم ٿئي، راڌا جو، ڪالي ماتا، ديوي_
جن ڀوت کي تڙي ڪڍج! لعل سائين منهنجي ٻيڙي اَٿيئي
وچ سير ۾.
ڦ: (اندر اچي ٿو) سئر.... ها ها، (هلڪي سڀاويڪ خوشي)
م: طبيعت ته ٺيڪ اَٿوَ نه؟
ڦ: ڇو، ڇا ٿيو آهي مون کي؟
م: مهراج ڀولارام جي رکيا ته ڪونه لاٿي اَٿو نه؟
ڦ: توکي ٿيو چاهي....؟ چري تون سمجهين نٿي، مان سئر ٿيو
آهيان! سڀ ٿا چون_ ڦيرو به ٿو چوي!
م: توهين سئر آهيو، توهين سوئر آهيو؟ توهين سوئر آهيو؟ ته
(روئڻهارڪي نوع ۾) مان ڪير ٿيس؟
ڦ: (ٽهڪ ڏيندي) تون.... تون موٽوءَ ماءُ.... موٽوءَ ماءُ
آهين!
(دروازي تي سڏ جو آواز: ”ڦتنمل_ او ڦتنمل“)
ڦ: هلي آءُ ڦيرومل، هلي آءُ.
ڦي: ڀاڀي هري رام (موٽوءَ ماءُ منهن کي موڙو ٿي ڏئي.)
ڦ: ير ڦيرو! مونکي سڀئي ٿا سوئر سمجهن_ نه؟
ڦي: جيڪي نٿا سمجهن، سي گڏه آهن!
م: (موٽوءَ ماءُ جو سڏڪو_ هوءَ مورتن جي ڀر ۾ بيٺي آهي) گرو
بابا، شو شنڪر.....
ڦي: ڀاڀي خئر ته آهي نه؟
م: جتي تنهنجو پير، اُتي ڪهڙو خئر؟ تون......
ڦ: موٽوءَ ماءُ توکي هيءُ ڇا ٿي ويو آهي.
م: مونکي ڇا ٿي ويو آهه؟ مان پڇان ٿي توهان کي ڇا ٿي ويو آ؟
(ڦيرو ڏانهن منهن ڪري) اَڳي اَلائي ڇا پڙهي
پيئاريئس، جو پهرن جا پهر دڪان ڇڏي، پيو شاعريءَ
جا ملاکڙا ڪندو هئو، ۽ بيتن سان پيو ملهه وڙهندو
هئو. هاڻي وري شاعر مان، پاڻ کي سوئر پيا ٿا سڏين!
(هلڪو روئڻ)
ڦي: سوئر..... ها ها ها..... (بي باڪ ٽهڪ) واه ڀاڀي واه!
تنهنجي سادگيءَ جو به جواب ڪونهي! در اَصل ڦتنمل
سوئر نه، شئر آهي شئر_ شئر معنيٰ پڪ، هيءُ
اَنگريزي اَکر آهي.
ڦ: ڪهڙي بيوقوف آهين، هيءُ معمولي اَنگريزي اکر نٿي سمجهين؟
م: سڪيلڌو موٽو، سڄو سال انگريزي پڙهيو ته به اکر نه آيس_
باقي توهان کي دڪان تي سيڌو توريندي توريندي،
انگريجي اچي ويئي.
ڦ: توبهه_ هن سان ٿورو ڳالهاءِ ته زبان کڻي ٿي ڪلهي تي رکي!
ڦي: ڀاڀي، توکي ته خبر آهي هتي چونڊون ٿينديون آهن. زور شور
سان لائوڊ سپيڪر تي واڪا ڪونه ڪندا آهن؟ ووٽ
ڏيو.... ووٽ ڏيو_
م: ها ها ڄاڻان ٿي، اهڙي بي سمجهه مان ڀي ڪانه آهيان.
ڦي: ها، سو ڳالهه هيئن آهي ڀاڀي سڀني پاڙيوارن ۽ بازار جي
دڪاندارن جي مرضي آهي ته هن تڪ مان ڦتنمل کي
ميونسپالٽيءَ جو ڪائونسلر چونڊجي. ڇاڪاڻ ته ڀائو
ڦتنمل جو سڀاءُ آهي رلڻو ملڻو_ سندس هن کلڻي منهن
۽ ايمانداريءَ سڀني کي موهي رکيو آهي.
م: ٻاهر سڀني کي مرڪي موهي رکيو اٿئون_ ۽ گهر ۾، سڀني کي
اکيون ڏيکاري کوهي رکيو اٿئون!
ڦ: (ٿوري غصي ۾) بند ڪر بڪ بڪ ۽ ڪڇ ٻئي جي به ٻڌ. صدي گذري
ويئي پر صبر نه سکئين!
م: واه! واه! (طنزي نوع ۾) ڏسو! ڇا ته کلڻو منهن اٿس! ڇا ته
رلڻو ملڻو سڀاءُ اٿس! ست سريون ٻڌائڻ ۾ هن جهڙو ڪو
ڪونهي!
ڦ: (وڌيڪ غصي ۾) موٽوءَ ماءُ......
ڦي: ڦتن! ڀاڀي تون سمجهين ڇو نه ٿي.....؟ ڇا تون نٿي چاهين،
ته صبح شام ست ست ڀنگي اچي گهر جي آسپاس صفائي ڪن،
ڀلي ٻئي جي نالي به صفا ڪن نه ڪن! ڇا تون اِهو نٿي
چاهين ته تنهنجي ئي گهر جي آسپاس ٽيوب لائيٽ هجن،
ڀلي گهٽيءَ جي ٻنهي ڇيڙن وٽ ڪاري ٻاٽ هجي! ۽ جڏهن
تون بازار مان لنگهين.....
ڦ: سلڪ جي لنڊي ساڙهي پائي.....
ڦي: (ڇڙٻيندي) ڦتن! ها بازار مان لنگهين ته سڀ ماڻهو ڏسي
توکي موٽوءَ ماءُ نه_ پر چون، هوءَ ٿي وڃي ڦتنمل
ڪائونسلر جي ڌرم پتني! ۽ جنهن دڪان تي وڃين، بس
اچو_ اچو پيئي پوي، سڀ سؤدو قطار ۾ بيهڻ بنا اَول
توکي ملي وڃي.
م: راشن ڀي؟
ڦي: ها ها.... راشن ڀي! ۽ ڀاڀي، هرڪو ڦتن پٺيان پيو ڦرندو_
’ڦتنمل هيءُ ڪم ڪرائي ڏي_ هو ڪم ڪرائي ڏي_ صبح
کان وٺي رات تائين، ماڻهو هٿ ٻڌيو_ چندي لاءِ،
صحين لاءِ، قطار ڪيو بيٺا هوندا.
م: مئس! گهر ٿيو، يا گاسليٽ جو گدام!
ڦي: ۽ ڀاڀي، صبح سانجهيءَ موٽر بيٺي هوندءِ.
م: (خوش ٿي) اَسان جي پنهنجي!
ڦي: پنهنجي ڪيئن؟ في اِلحال ميونپسالٽيءَ جي!
م: ڇو، اَسين ڪچرو آهيون ڇا جو ميونسپالٽيءَ جي موٽر ايندي؟
مونکي نادان ٿا سمجهو ڇا ميونسپالٽي جي موٽر.....
ڦ: اونڌي گهڙي تي پاڻي هارڻو اَٿيئي ڦيرو.
ڦي: تون بس ڪر. ۽ ڀاڀي ڦتن لاءِ وڏا وڏا جلسا ٿيندا_ کيس
مانپتر ملندا_ گهڻا گهڻا هار پوندا.
م: اُهي ته کيس شاديءَ تي ڀي پيا هئا.
ڦ: اُن لاءِ ته اڃا تائين پيو ٿو لوڙهيان.
م: ڇا چيئه......؟
ڦي: ڦتن.... ۽.... ۽ ڀاڀي ايترو ته نانءُ ٿيندءِ جو موٽوءَ
جي مائٽين جي ڌم لڳي ويندءِ.
م: ڀائو سچ!
ڦي: سوا سورها آنا_ 125 پئسا سچ.
م: اِها ڳالهه آهي! ٻري، مونکي ڪهڙي خبر! موٽوءَ پيءُ جو
سڀاءُ ته رلڻو ملڻو آهي. منهن به کلڻو اٿس. پوءِ
ڇو نه سوئر ٿيندو. شل سدا ٿيندو.
ڦي: ڀاڀي سوئر نه شوئر.
م: ڀائو ڪهڙو فرق آهي_ سمجهان ٿي مطلب. اِها معمولي انگريجي
مونکي به ايندي آ.....
ڦي: (ٿڌو ساه ڀري) شڪر آ.... ڀاڀي ڀلا هاڻي چانهه
ٻانهه.....؟
م: کوڙ چانهه_ دل بسڪوٽ!
(موٽوءَ ماءُ رنڌڻي ڏانهن وڃي ٿي.)
ڦي: هاڻي ڦتنمل، اسان کي هڪدم تياري ڪرڻ گهرجي. چونڊون لڙڻ
جنگ برابر آهي. ان ڪري اسان کي پنهنجي هر سرحد کي
پختو ڪري، پهري سجاڳ رهڻو آهي.
ڦ: ڀائي جيئن تون چوين تيئن ڪريان. جنگ جو لفظ ٻڌي، هونئن
ته منهنجي دل دهلجي ٿي وڃي. پر هڪ ڳالهه جو سوچي
همٿ ٻڌجي ٿي!
ڦي: اِها وري ڪهڙي ڳالهه آ؟
ڦ: جنگ ۾ هر شيءِ جو اگهه چوٽ چڙهي ويندو آهه. ٻه ڏوڪر
ڪمائڻ جو به وجهه ملي ويندو آ!
ڦي: ڦتن هيءَ اؤر جنگ آ منهنجا سڄڻ.
ڦ: پر پاڻ کي ته ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچيئي.
ڦي: پرواه ناهي. هيءَ جنگ کٽڻ لاءِ سمجهه وارن جي نه پر بي
سمجهن جي ضرورت هوندي آ. ۽ اسان وٽ اُنهن جي ڪمي
ڪانهي!
ڦ: هان..... اچي ويئي.... چانهه کڻي (موٽوءَ ماءُ ڏانهن
اِشارو).
م: ها ها! اسان وٽ ڪنهن جي به ڪمي ڪانهي (چانهه ٽيبل تي رکي
ٿي).
ڦ: موٽو ماءُ وٽ صرف هڪ شيءِ جي ڪمي آهي. (دماغ ڏانهن
اِشارو ٿو ڪري، پر موٽوءَ ماءُ نٿي ڏسي.)
م: ها ڀائو. سچ پچ هڪڙي ڪمي آهي؟ هڪڙي سنهري سهڻي نونهن جي.
ڦ: موٽو مڱيو ڏيهه ڏسندو؟
م: پيءُ آهين يا دشمن!
ڦي: ڀاڀي، هيءَ گهرو جنگ پوءِ وڙهجو، هاڻي.... (چانهه ختم
ڪندي) هاڻي اَسان کي ٻين سان جنگ جوٽڻي آهي. ڌيان
ڏيئي ٻڌو. هيءَ جنگ کٽڻ لاءِ پهريون قدم آهي،
پنهنجي پرنسلٽي کي چمڪائڻ.
ڦ: ته ڇا، موٽوءَ ماءُ کي پالش ڪرائڻو پوندو! (عجب سان
موٽوءَ ماءُ کي ڏسي ٿو.)
م: (غصي ۾) پالش ٿئي منهنجو پادر. منهنجو نانءُ ڳنهندا
ته.....
ڦي: ڀاڀي، سمجهڻ بنا ئي وچڙيو ٿا وڃو.... پرسنلٽيءَ جو مطب
آهي شخصيت، ٻاهريون رنگ روپ. هيءُ هڪ انگريزي اَکر
آهي.
ڦ: ڪهڙي نه نادان آ! معمولي انگريجي اَکر نٿو اَچيس! (کلي
ٿو).
ڦي: ڀاڀي، هن جنگ ۾ اَسان سڀني کي هڪ ٿي لڙڻو آ. ٻين ماڻهن
تي رعب ڄمائڻ لاءِ، وچ وچ ۾ ٿورا انگريزي اکر ڪم
آڻڻ ضروري آهن. جيئن مون هينئر
Personality
اکر ڪتب آندو!
م: ڀائو، مان ته هڪ دفعي سان ئي سکي وينديس. مٿو هڻڻو
پوندوَ هن سان! ويهه سال ٿيا آهن، مونکي هن سان
مٿو کپائيندي.
ڦ: ڀاڀي. اهو قصو هاڻي هتي ختم ڪيو. اول ڦتن جي پرسنلٽيءَ
کي چمڪائڻ لاءِ، هن جي حجامت ڪرائڻي پوندي.
م: هاءِ مٺيس هاڻي هيءُ سنئين لڱين گهمي به نه سگهندا!
ڦي: ڀاڀي، منهنجو مطلب آهي رڳو ڏاڙهي مڇون چٽ.
(م: هان ائين چئو.) انگريزي وار، واڻيا خميس نه پر
ڪرتو. ان جي مٿان صدري ڀاڀي ڦتنمل ارڙهن سالن جو
نه لڳي ته شرط آ.
م: هيءُ ته ارڙهن سالن ۾ اٺيتاليهن سالن جا لڳندا هئا.
ڦ: (غصي ۾) مان ڇا پڻين وانگر ٻڍو ڄائو هوس؟
م: موٽوءَ پيءُ، پيءُ تي نه وڃوم. ويچاري جي آتما کي دک
رسندو! (روئندي) کيس ڪهڙي خبر ته سندس سڪيلڌي
ڌيءَ، اِڪي لڌي وٽ ڀوڳي پيئي ٿي. (هلڪو سڏڪو)
ڦي: ڀاڀي.... ڀاڀي.....
ڦ: ڇڏيس يار ناٽڪ ٿي ڪري.
م: (اڃا به زور سان روئندي) ته ڇا، مان ناٽڪ ڪندي آهيان؟
(سڏڪندي مورتن اڳيان وڃي ٿي) گرو بابا، شو شنڪر،
ڪرشن مراري، ڪالي ماتا، لعل سائين...... منهنجي
ٻيڙي اٿيئي وچ سير ۾.... ڪنور ڀڳت.....
ڦ: (طنزي ڳائيندي) پلؤ پايان ٿي مان.....
ڦي: ڦتن، يار هاڻي تون ئي کڻي بس ڪر..... ڀاڀي مان هاڻي ڦتن
کي وٺي ٿو وڃان. سندس ويس وڳو بدلارائي، اصل اهڙو
نئون ڪندوسانس جو تنهنجي دل باغ باغ ٿي ويندي.
ڦ: موٽوُءَ ماءُ هاڻي کل ته سهين (تمام ويجهو ويندي) موتين
جهڙا ڏند ته ڏيکار.
م: عمر چڙهي ويو پر لڄ ڪونه سکيا (مٿو ساڙهيءَ سان ڍڪي ٿي).
ڦي: چڱو ڦتن، هلون!
(ٻئي وڃن ٿا.... موٽوءَ ماءُ کي ڪجهه ياد ٿو اَچي).
م: (ڦيروءَ کي سڏيندي). ڀائو_ (ڦيرو ڦتن کي در تي ئي ڇڏي
پويان وري ٿو. موٽوءَ ماءُ آهستي ڳالهائي ٿي جئن
ڦتن نه ٻڌي)..... موٽوءَ جي مائٽيءَ جي تڪڙ نه
ڪريان نه؟..... هجار ٻه وڌيڪ ئي ملندا نه......؟
ڦي: ڀاڀي_ يقينن_ تنهنجو موٽو آهي تالپتري.... جيترو پسندو
اوترو وڌيڪ ڳؤرو ٿيندو.
م: ها ها ڇو نه ٿيندو.... نيٺ به سوئر جو پٽ آ.....! (ڦيرو
۽ ڦتن وڃن ٿا. موٽوءَ ماءُ ڪوپ پليٽون کڻي رنڌڻي
ڏي وڃي ٿي ۽ وري يڪدم موٽي اچي گهر کي ٿورو ٺاهي
ٿي، ۽ آرام سان کٽ تي ويهي سبڻ کي لڳي ٿي وڃي. چند
سيڪنڊن کان پوءِ، در تي ٺڪ ٺڪ جو آواز..... ۽ پوءِ
سڏ ٿئي ٿو).
مهراج: سيٺ ڦتنمل..... او سيٺ ڦتنمل!
م: اَچو مهراج سوامي اَچو!
مهراج: هري هر مائي موٽوءَ ماءُ،..... آنند منگل...؟ ڇو سيٺ
ڪانهي ڇا؟
م: هي ٻاهر ويا آهن....
مهراج: لاهور ويو آ...!!!
م: (زور سان) ٻاهر ويو آ، ٻاهر! مهراج، چانهه پيئندا يا
شربت؟
مهراج: لاهي ويندا_ ڪير لاهي ويندا؟ ڇا لاهي ويندا؟
م: (ڏاڍيان) مون چيو چانهه پيئندا يا شربت؟
مهراج: ها ها چانهه....... نه نه..... گرمي آهي!
م: (اُٿندي) چڱو شربت کڻي ٿي اَچان.
(موٽوءَ ماءُ اَندران شربت کڻي اَچي مهراج کي ٿي ڏي).
مهراج: هري اوم_ هري اوم (شربت جو ڍڪ پيئندي) پوءِ، موٽوءَ جي
مائٽيءَ جو ڇا سوچيئه.......؟
م: ڪهڙي تڪڙ آ_!
مهراج: لڪڙا_؟ ڪهڙا لڪڙا_ ڪنهن جا لڪڙا؟
م: (ٿورو زور ۽ صاف) مون چيو تڪڙ ڪانهي_!
مهراج: ڪمال آهي_ هونئن صبح شام پئي ننهن_ ننهن ڪيئه_ هيءُ
اوچتو ڇا ٿيو آهي موٽوءَ ماءُ......؟
(موٽوءَ ماءُ ٿورو مرڪي ٿي)
مهراج: مائي موٽوءَ ماءُ ڳالهه ڇا آهي؟ هاڻي هڪ سٺو گهر آ....
ٽي هزار کن ڏيندءِ_
م: مونکي ٽي نه_ ڏهه کپن، ڏهه_!
مهراج: ڇا چيئه، ڇهه؟
م: (آڱريون ڏيکاري زور سان) ڏهه کپن ڏهه_ هجار!
مهراج: ڏهه هزار، ۽ موٽوءَ جا؟ ها، پنجاه سٺ سالن کانپوءِ شايد
ڪو مت جو ماريو ملي وڃيئي! پر موٽوءَ ماءُ، هيءُ
اوچتو ڦيرو ڪيئن؟
(موٽوءَ ماءُ مرڪي ٿي)_
مهراج: ڪا مڙيوئي ڳالهه آهي!
م: ڇاهي جو، هيءُ سوئر ٿيا آهن......
مهراج: هان، سوئر گهڻا آهن؟ ها ها_ پر شهر ۾ گند به ته گهڻو آ
نه!
م: مهراج، هيءُ آهي سوئر نه......
مهراج: اهي گند خور سوئر نه؟ ٻيا سوئر؟ ها ها، جيڪي گاهه تي
پالي وڏا ڪبا آهن! انگريز ته اُنهن کي کائيندا به
آهن_ مها پاپي جيوَ ڪٿان جا! پر اَهڙا سوئر هتي ته
ڪونهن!
م: توبهه هاڻي ڪير مٿو هڻي! (زور سان) مهراج سوامي، هيءُ
بيٺا آهن!
مهراج: ڇا؟ بيٺا آهن_ ڪير بيٺا آهن؟ سوئر بيٺا آهن؟_
ها ها_ بيٺا هوندا در ٻاهران. پر جڏهن مان آيس، تڏهن ته
ڪونه هئا! پر مائي موٽوءَ ماءُ، هن موٽوءَ جي
مائٽيءَ ۾، سوئر ڪٿان اَچي ٽپڪيا؟
م: اَئي اَڙيس (ڏاڍيان)_ مهراج، موٽوءَ پيءُ_ اَڄڪلهه_
مهراج: بابا موٽوءَ پيءُ جي مائٽيءَ جي ڳالهه ڪونه ٿو ڪريان_
م: ٻڌو ته سهين!
مهراج: لڌو؟ ڪير لڌو؟
م: بابا_ اَڄڪلهه هنن جي_
مهراج: ها..... چئو.
م: هنن جي_ ڪهڙو اَکر هو!.... ها، مهراج_ اڄڪلهه هنن جي
’نلٽي‘ وڌي ويئي آهي_ (نلٽي اکر ٻڌنديئي مهراج ڇرڪ
ٿو ڀري_ وات مان شربت نڪري ٿو اچيس_ گلاس رکندي
اُٿي ٿو بيهي).
مهراج: مائي موٽوءَ ماءُ، هيءُ ڇا چيئي چئين؟ ڪو لڄ، ڪو شرم،
هاءِ هاءِ ڇا ٿي ويو آهي زماني کي، پاڻي پيو ٻري_
پاڻي! بس مان هلان ٿو_ هاڻي هتي بيهڻ به پاپ آهي_
هري اوم..... هري اوم....! (مهراج وڃي ٿو_ موٽوءَ
ماءُ حيرت مان کيس ڏسندي ٿي رهي_ پوءِ ڪجهه هوش
سنڀاليندي گلاس کڻي ٿي).
م: توبهه، ڪهڙا نادان ماڻهو آهن_ معمولي انگريجي نٿي اچين!
(ڀڻ ڀڻ ڪندي گلاس رنڌڻي ڏانهن کڻي وڃي ۽ وري اچي
ساڳئي هنڌ ويهي سبڻ شروع ٿي ڪري. ٿوريءَ دير
کانپوءِ ڦتن اچي ٿو. کيس صدري ڪرتو، پتلون، کاڌيءَ
جي ٽوپي، ۽ اکين تي چشمو چڙهيل آهي. موٽوءَ ماءُ
ڪجهه حيرت مان کيس تڪي ٿي_ پٺيان آهستي ڦيرو اچي
ٿو ڦتن جي ڀر ۾ بيهي_ هوءَ سبڻ ڇڏي وڃي ڦتن جي
اڳيان ٿي بيهي_ کيس چڱيءَ طرح ڏسي ٿورو پٺيان هٽي
ٿي)
ڦي: ڪيئن ڀاڀي! ڇا ٿي ڀانئين؟ چيومانءِ نه ته دل خوش ٿي
ويندءِ_
م: ڀائو سچ پچ نلٽي وڌي ويئي اٿس!
(اِئين چئي ٿورو شرمائي ٿي_ ساڙهيءَ جو پلؤ مٿي تي ٺاهي
ٿي ڦيرو ڦتن ڏانهن اٻوجهن وانگر نهاري ٿو ۽ ڦتن
ڦيروُءَ ڏانهن، پوءِ موٽوءَ ماءُ ڏانهن سري سادگي
سان پڇيس ٿو)
ڦ: ڇا وڌي ويئي آهي، چيئه؟
م: (جهٽ جواب ڏيندي) اِهائي_ جيڪا ڀائوءَ پئي چئي_
توبهه! معمولي انگريجي اکر به نٿو اچيو!
(ڦتن اهو ٻڌي مٿي تي هٿ ٿو هڻي ۽ پاسي ۾ پيل کٽ تي ويهي
ٿو رهي ۽ اُداس لحظي ۾ چوي ٿو)
ڦ: لعل سائين منهنجي ٻيڙي اٿيئي وچ سير ۾ (هاڻي ڦيرو بي باڪ
ٽهڪ ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو)
ڦي: واه ڀاڀي واه_ تنهنجو به جواب ڪونهي! پر ڀاڀي، نلٽي نه،
ڦتنمل جي ’پرسنلٽي‘ وڌي ويئي آهي.
م: سڄو اَکر ياد نه آهي ته ڇا ٿي پيو. پويون حصو ته برابر
آهي نه!؟
ڦ: (صبر وڃائي) سچ چيو اَٿن، نادان جي دوستي، جيءَ جو
جنجال!
م: ها_ ها، مان نادان آهيان!
ڦ: نادان نه آهين ته ٻيو ڇا آهين؟
م: (ڦيروءَ کي) ڀائو_ جنگ ٻين سان ڪرڻي اَٿس ڪين مون سان؟
اَچان ته سوئر نه ٿيو آه_ پوءِ ته اَلائي ڪهڙا وئل
وهائيندو!
(رنڌڻي ڏانهن وڃي ٿي_ ڦتن سندس پويان ٿو وڃي ته ڦيرو
روڪيس ٿو)
ڦي: (ٻانهن جهلي) ڦتن، ڇڏيو هيءُ گهرو ڪم ۽ ٻاهر جي ڪمن جي
ڳالهه ڪريو. (ڦتن اَچي کٽ تي ٿو وهي) مون توکي اَڳ
به چيو آهي_ ته هيءَ جنگ آهي ۽ اَسان کي سڀ هٿيار
هلائڻا آهن. نه صرف هلائڻا آهن، پر ڪاميابيءَ سان
هلائڻا آهن. تنهنڪري.....
ڦ: پر مان ته صرف هڪ ئي هٿيار هلائڻ ڄاڻان. سو آهي تارازي!
اهڙو ته سٽڪو ڏيانس، جو سير ۽ پاءُ ٻئي برابر!
(موٽوءَ ماءُ چپ چاپ اچي سبي ٿي).
ڦي: ڀائي_ لوهه جا هٿيار نه سئڪالاجيڪل هٿيار يعني منو
وگيانڪ هٿيار_..... هاڻي اسان کي پهرين ته ماڻهن
جو ڌيان ڇڪائڻو آهي ۽ پوءِ سندن دلين کي پاڻ ڏانهن
مائل ڪرڻو آهي! ان لاءِ، اڄ کان وٺي، توکي سڀني
سان سڪ ۽ پيار سان گڏجڻو آهي.
م: (اکيون مٿي کڻڻ کان سواءِ) منهنجي ڀاءُ سان ڀي!
]ڦتن کيس گهوري ٿو ڏسي[
ڦي: ڇا سمجهيئه؟ سڪ ۽ پيار سان گڏجڻو آهي ۽ ڳالهائڻو آهي!
پوءِ ڀلي اُهو تنهنجو جاني دشمن ڇو نه هجي! هن جنگ
جيتڻ لاءِ، عارضي نورت ضروري آهي.
ڦ: ٺيڪ آ، هل اَڳيان!
ڦي: اَڄ کان وٺي هر شيءِ تان نفعو ڪمائڻ بند.
م: ڀائو، توهان سدائين هن کي گهاٽي جون ڳالهيون ٻڌائيندا
آهيو!
ڦ: ڀائي ڦيرومل، دڪاندار ڀل نورت ڪري، اَڇا ڪپڙا پائي، روز
ڏاڙهي لاهي_ پر ٻيلي، نفعو ڪيئن ڇڏيندو؟
ڦي: يار، ڏاڍو سادو آهين! اَڙي ڀائي شڪار ڦاسائڻ لاءِ داڻو
ته اُڇلڻو ئي پوندو آهي نه؟ لڻڻ کان اَڳ ۾، پوکڻو
به ضروري آهي؟ ٿوري وقت لاءِ گهاٽو ئي سهين_ پوءِ
ته مال آڻيندين......؟
ڦ ۽ م:
]گڏجي[
مال؟!!
ڦ: ڀائي، مون اِها پرولي نه سمجهي!
ڦي: اها پرولي اَڳتي هلي سمجهندين به، ڀڃندين به، في لحال
مون تي ويسهه رک.
ڦ: چڱو ڀائي، اهو ڦاهو به ڦڪبو_ هل اَڳيان!
ڦي: اَڄ کان پوءِ، مکيه بازار ۾، ضرورت کان سواءِ_ تڪڙا تڪڙا
ڦيرا ڏيڻا آهن.
م: جيئن منهنجن پيڪن کي تڪڙيون تڪڙيون گاريون ڏيندو آهين.
ڦ:
]خارن ۾[
موٽوءَ ماءُ
]ڍرو
ٿيندي) ها، ڀلا ڀائي مان اِئين ڇو ڪريان؟
ڦي: ڦتن ڏاها هن ڏيهه کي، ڏيکاوَ سان ٺڳيندا آهن! هاڻي ذرا
سوچ، تون تڪڙو تڪڙو بازار مان هڪ دفعو لنگهندين،
ٻيو دفعو لنگهندين ڪونه ڪو عقل وارو توکان پڇندو
ئي!
ڦ: ها، سو؟
ڦي: بس، اهو ئي مطلب آهي، هن ڏيکاوَ جو، ته ڪوئي توکان اهو
سوال پڇي ته ”ڦتنمل، ايڏو تڪڙو تڪڙو، ڪيئن ۽
ڪيڏانهن؟“ ۽ اُن جي جواب ۾، تون کيس ٻڌائيندين ته
سرڪاري آفيسرن سان ملڻو آهي، شهر جي مسئلن تي
ويچار ڪرڻ لاءِ، مونکي ضروري ڪوٺ ڪئي ويئي آهي_ بس
اِها ڳالهه سڄي شهر ۾ پکڙجي ويندي ۽ پوءِ ماڻهو
سوچڻ شروع ڪندا_ پوءِ ڇا، هيءَ لوڪ آهي ٻوڪ، ڦتن
تي سوچيندي سوچيندي ڦتن جي ڦيري ۾ اَچي ويندا.
م: جيئن بابو اَچي ويو توهان جي ڦيري ۾!
ڦ: پڻهين منهنجي ڦيري ۾ ڪونه آيو_ مان پڻهين جي ڦيري ۾ اَچي
ويو هئس!
م: توبهه_ منهنجي ته هر ڳالهه ٿي کائيس!
پر ڦتن، وري هي گهرﺆ ڪم شروع ڪري ڇڏيئه؟
ڦي: ها سو ڇا ٿي چيو مون؟
ڦ: سرڪاري آفيسرن جا نالا، بزار ۾ تڪڙا ڦيرا ڏيڻ.....
ڦي: ها_ ۽ جتي به موقعو ملي_ ۽ جي نه ملي، ته پئدا ڪري_ اَڳ
چونڊيل ميمبرن کي لوئجي.
م: اِها ڳالهه هن جي دل وٽان ڪئي اٿيئي.
ڦي: شهر جي هر خرابيءَ لاءِ هنن کي جوابدار ٺهرائي_ مٿن
اِلزام مڙهجن_! ايتري قدر، جو قضا سان بي وقتائتو
مينهن پوي، فصل کي نقصان پهچي ته، ان ۾ به سندن
ڏوهه ڪڍجي_
ڦ: يار ڳالهه ڳري آهي_ پر ڪبي_ هل اَڳيان؟
ڦي: هاڻي اينداسين پروپوگنڊا تي!
م: اَئي اَلا! ڀوُنڊا به ڏيڻا پوندس ڇا؟ هي ته زنانو ڪم
آهي!
ڦي: ڀاڀي، ڀونڊا نه_ پروپوگينڊا_ پروپوگينڊا.
۾: (نه سمجهندي) هاڻي سوُئر ڇٽا، ته وري گينڊا!
ڦي: پروپوگينڊا جو مطلب آهي، پرچار_ موٽر، لاريون، سڪوٽر،
سائيڪلون_ لائوڊ سپيڪر تي، هر چؤنڪ، هر بازار، هر
گهٽيءَ ۾ رڙ پيئي پوندي. ووٽ فار ڦتنمل! ووٽ فار
ڦتنمل! وٽ فار...... (موٽوءَ ماءُ جي منهن مان
ازخود نڪري ٿو وڃي)
م: ڦتنمل!
(ڦتن کيس عجب مان، ۽ ڦيرو کيس مڙڪي تڪي ٿو. هوءَ لڄائجي
رنڌڻي ۾ هلي ٿي وڃي).
ڦي: ۽ چئني طرف ڦتنمل جا پوسٽر لڳي ويندا.... ماڻهن جي ڪنن ۾
ڦتنمل، اکين ۾ ڦتنمل، دلين ۾ ڦتنمل_ مطلب ته ماڻهن
جي دماغ مان ڀوسو ڪڍي، ڦتنمل ڀري ڇڏڻو آهي.
ڦ: ڦيرومل_ ڪم ته مهانگو آ، پر هل اڳيان_!
(موٽوءَ ماءُ اچي ساڳيءَ جڳهه تي ٿي وهي)
ڦي: اُن کان پوءِ ننڍين ننڍين سڀائن ۾ جوشيلا ليڪچر ڪرڻا
پوندءِ.
ڦ: ڀائي گهڻو ٿيو! مان ليڪچر ٻيڪچر مان ڪونه ڄاڻان_
م: ها، هن کي ته رڳو، گهر ۾ ڀاشڻ ڏيڻ ايندا آهن!_
ڦ: موٽوءَ ماءُ، وات بند ڪر!
ڦي: يار ليڪچر ڏيڻ ۾ ڪهڙي تڪليف آهي؟ لکي مان ڏيندوسانءِ،
توکي رڳو اُٿي ڪنهن ڍنگ سان اوڳاڙڻو آهي_!
ڦ: ۽ جي وچ ۾ ياد نه پوي ته؟
ڦي: اِن ۾ فڪر جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ مان پٺيان اَکر به اَکر
ٻڌائيندوسانءِ، ۽ تون چوندو هلجانءِ_
ڦ: ڦيرو، ٻيلي سوڻ سڻاوا نظر نٿا اَچن_ پر هل اَڳيان!
ڦي: ووٽ ڪرڻ جي تاريخ کان هڪ_ ٻه ڏينهن اڳ، پاڙي جي هر گهر ۾
وڃي، اُنهن جي خوشامند ڪرڻي آهي_
م: جيئن گاگنداس ڪونه ڪيو هو؟ پوءِ ته مئو ڏسڻ ۾ به نه آيو!
ڦي: ڀاڀي، پوءِ ته ڦتنمل به گڏهه جا سڱ ٿي ويندو.
م: ڇا.......!
ڦي: منهنجو مطلب آ_ ٻين ڪمن ۾ لڳي ويندو. پر ڪي ماڻهو
خوشامند ڪرڻ سان به راضي نه ٿين، ۽ قسم کڻڻ
کانپوءِ به بيوقوف نه ٿين، ته کين سندن پاڙي جي
گروءَ جو واسطو وجهجي_
ڦ: تنهنجو مطلب ڇا آهي_؟
ڦي: تمام سؤلو سڌو ۽ سياڻپ ڀريو مطلب آهي_ اڄ سڪولن جا
سرٽيفڪيٽ، ڪاليجن جون ڊگريون ۽ لياقتون ڪم نٿيون
ڪن! پر سنتن جون سفارشون، هر کيتر ۾ ٻيڙا پار ڪري
ٿيون ڇڏين_ اسين به هڪ اڌ سنت جي دعا وٺي، اِشتهار
۾ ڇپائي ڇڏينداسين!
م: (ٿورو زور سان) هري رام_ هري رام (ڦتن کيس گهوري ٿو)
ڦي: پر ڪي ٿورا سياڻا ماڻهو اِئين به بيوقوف نه بڻائي سگهيا
آهن_ اِن ڪري.....
ڦ: اُنهن کي ڇا ڪرڻو پوندو.
ڦي: اُنهن کي ووٽ بدران نوٽ هلائبو_
ڦ ۽ ۾: (گڏجي) نوٽ؟
ڦ: تون ته منهنجو ڏيوالو ئي ڪڍائي ڇڏيندين!
م: هاءِ ڙي منهنجون چوڙيون!
ڦي: يار، ڏاڍو اٻوجهه آهين!_
ڦ: ڦيرو، ايترو ڌن وري موٽي ڪيئن ملندو؟ يار، پاڻ کي سوئر
ٻوئر ٿيڻو ڪونهي.
م: اُهو سون ئي گهريو، جيڪو ڪن ڇني! مان چوان ٿي........
ڦي: ڀاڀي! هڪ دفعو ڦتنمل ميونسپل ڪائونسلر ٿي وڃي.....
ڦ: پوءِ ڇا ٿيندو؟
ڦي: پوءِ ميونسپالٽيءَ ۾ هڪ گورپ توکي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو ته
ٻيو گروپ پاڻ ڏانهن.
۾:
]کلندي[
موٽوءَ پيءُ ٿيو. يا راند جو رسو!
ڦي: توهان هن ڳالهه کي پورو سمجهو ته سهين! ڀائي صاحب ڪڏهن
هن طرف ته ڪڏهن هن طرف.
م: جپاني گهڙيال جي لڏڪڻي وانگر
]کلي
ٿي[
ڦ: موٽوءَ ماءُ، تون چپ نه ڪندينءَ؟ ها ڀائي، هاڻي اِهو
مونکي ٻڌاءِ، ته اِئين ”لڏڻ ڪڏڻ“ سان ٿيندو ڇا؟
ڦي: برابر_ هاڻي عقل جو سوال پڇيو اٿيئي.
م: (ڦتن جي قريب اچي) هن تي اعتبار نه ڪجو. توهان عمر ڀر
اهڙو سوال نه پڇيو آهي.
ڦ: (بيزار ٿي) موٽوءَ ماءُ، رحم ڪر!
م: توبهه، ڪنهن کي سچ چوڻ به پاپ آ!
ڦ: پوءِ ڇا ٿيندو؟
ڦي: توکي ٻه يا ٽي گروپ پاڻ ڏانهن ڇڪيندا. اُن جو مطلب، توڏي
نوٽن جا بنڊل اُڇليندا_ بنڊل (اِشاري سان)
م: بندل! نوٽن جا!! مان ته پهرين هار جوڙائينديس! (ڦتن کيس
اَک ٿو ڏيکاري، هوءَ چپ ٿي ٿي وڃي)
ڦ: تنهنجو مطلب آ رشوت؟
ڦي: ڇي_ ڇي_ هيءُ ڪهڙو ذليل لفظ ٿو ڪم آڻين؟ هيءُ بيهودو
لفظ، سڀني سان، هر هنڌ لڳائي نٿو سگهجي_ اَسين هن
کي، هتي، لين دين چونداسين! اَڄ جي اِنسان جو هن
سان گهرو رشتو جڙي ويو آهي. ڪن لاءِ ته هيءَ زندگي
آ، ڪن لاءِ عيش عشرت، رنگيني مؤج مستي.
ڦ: پر آهي ته رشوت ئي نه؟
ڦي: نه_ نه_ بلڪل نه. هيءَ ڪمائي آهي_ پاسي جي ڪمائي! ۽ هر
درجي جا ماڻهو، هن کي پنهنجو خاص اَکر ڏيندا آهن.
پٽيوالو، هن کي بخشيش چوندو_ اِنجنيئر، چالاڪي ۽
آفيسر سوکڙي چوندو آهي! اڃان مٿي هل_ وزير ۽
ڪرسيءَ وارا، هن کي دان چوندا آهن. باقي ڪلارڪن ۽
وچ وارن لاءِ هيءَ رشورت مڃبي آهي. تون ڀلا رشوت
ڪيئن وٺندين_؟ تون ڪلارڪ آهين؟ نه نه؟ ته اسين هن
کي لين دين، يا چترائي چونداسين!
م: ڀائو سچ ته چوي ٿو.
ڦي: ۽ تو ۾ دنياداريءَ جو ڏانءُ اچي ويو، ته نوٽ ڳڻيندي ٿڪجي
پوندين!
م: گرو بابو ڪندو.
ڦي: ۽ اڃان به ٿوري اٽڪلبازيءَ کان ڪم وٺندين، ته مبادا
پريزيڊنٽ به ٿي وڃين! پوءِ ڀلي ٽن ڏينهن لاءِ ئي
سهين! پوءِ سڀڪو اِئين چوندو ڀاڀي لاءِ ته هيءَ
اٿوَ ڦتنمل پريزيڊنٽ جي پتني_ موٽوءَ ماءُ ڪير
ڪونه ڪوٺيندس.
م: ڀائو تنهنجي وات ۾ گلاب!
ڦي: بس، هاڻي وڌيڪ سوچڻ جو سمو ناهي. هل اڳتي ۽ ڪم کي جنبي
وڃ!
(ڦيرو کيس ٻانهن کان وٺي ٻاهر وڃي ٿو. موٽوءَ ماءُ
مورتن وٽ وڃي ٿي)
م: گرو بابا هن کي سوئر ڪج. 5 رپئي جو ڪڻاه ڪنديسانءِ! شو
شنڪر ڀولاناٿ، توتي سچي گيهه جو روٽ چاڙهينديس!
ڪالي ماتا.... (اِئين سندس ڊائلاگ هلندي پردو ڪري
ٿو) |