جنهن ڏئي ۾ تيل ڪونهي.....
گوبند مالهي
پاتر:
منوهر: ڪلارڪ
ڪندن: منوهر جو ڀاءُ
ساوتري: منوهر جي زال
موهن: منوهر جو دوست
کيمو: موهن جو ڀاءُ
جنهن ڏئي ۾ تيل ڪونهي.....
(پڙدي کلڻ سان هڪ ڪمري جو درشيه ڏسڻ ۾ اَچي ٿو. سامهون
هڪ کٽ پيئي آهي. کٽ جي هڪ پاسي شيلف رکيو آهي،
جنهن تي دٻا شيشيون ۽ ڪتاب رکيا آهن. کاٻي پاسي
ميز ڪرسي پيئي آهي. ساڄي پاسي موڙو ۽ ڪپڙي جي آرام
ڪرسي پيئي آهي. ديوارين تي ٿورا فوٽا ۽ تصويرون
ٽنگيل آهن. سامهون ڀت ۾ ڪپڙن ٽنگڻ جي ڪلي آهي.
ڪمري ۾ کاٻي پاسي آرپار نوڙي ٽنگيل آهي، جنهن تي
اَنگوڇا، ٽوال ۽ نئپڪن ٽنگيل آهن. کٽ تي نئين چادر
۽ ميز تي نئون پوش چڙهيل آهي. ميز تي ننڍين وڏين
پليٽن جو ڍڳ پيو آهي. ڪندن ڪرسيءَ تي ويهي پراڻي
ڪپڙي سان پليٽون اُگهي رهيو آهي ۽ هڪ فلمي ڌن
گنگنائي رهيو آهي.)
]ساڄي پاسي کان منوهرلعل پرويش ڪري ٿو. ڪندن گنگنائڻ بند ڪري ٿو ڇڏي[
منوهر: سڀ تياريون مڪمل آهن؟
ڪندن: پاڙيسرين جي مهربانيءَ سان سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي.
منوهر: (ساڄي پاسي، موڙي تي ويهي بوٽ لاهيندي) پاڙيسرين جي
مهرباني وري ڪهڙي آهي؟ اَسان به مهل سر سندن ڪم
ايندا رهيا آهيون. (جوراب لاهي بوٽ ۾ وجهندي)
زندگي ڏي وٺ جي ڀاڄي آهي، خاص ڪري وچولي درجي وارن
جي، اسان بابو لوڪن جي.
(بوٽ کڻي شيلف هيٺان رکي ٿو ۽ اُتان چمپل کڻي پائي ٿو)
مولچند جي گهران ڪوچ به کڻي اچين هان نه. صبوح تنهنجي
ڀاڀيءَ کي هيترو تاڪيد ڪري ويو هوس.
ڪندن: مولچند وٽ اڳ ۾ ئي مهمان آيل آهي.
منوهر: (نراسائيءَ مان) هن جي گهر مهمان کي به اَڄ ئي اچڻو هئو.
پريتم جي گهران گديلن واريون ڪرسيون کڻائي چاين
ها.....
ڪندن: هن جي گهر به ويو هوس. پارپتيءَ چيو ته پاڙيوارن هر هر
ڪرسيون گهرائي انهن جي ستياناس ڪري ڇڏي آهي. انهن
جو رهيو کهيو حال برباد ڪرائڻ لاءِ هوءَ تيار
ڪونهي.
منوهر: اسان کان جو جڏهن ڪڏهين ڏنڊو ڪونڊو وٺي ويندي آهي. اسان
جي اَن ڇاڻڻ واري پرڻ جي ستياناس به ته ان
پارپتيءَ ئي ڪئي آهي. هاڻي مهل تي ٻه ڪرسيون نٿي
ڏئي....... ڪوچ نه ته گديلن واريون ڪرسيون ضرور
هئڻ کپن..... تون وري هنن جي گهر وڃ. پريتم پاڻ
اچي ويو هوندو. هو اڌ ڳالهايو ڪرسيون ڪڍي ڏيندءِ.
هو مهل تي، مون کان بششرٽ ڪونه وٺندو آهي؟ هونءَ
به زالن جي ڀيٽ ۾ مرد وڏيءَ دل وارا ٿيندا آهن.
(ڪندن چپ چاپ پليٽون صفا ڪندو رهي ٿو. منوهر هن جي
ڀرسان اچي ٿو.)
منوهر: باقي پليٽون پوءِ اَچي صفا ڪجانءِ. اَول ڪرسيون کڻي اَچ.
ڪندن: دادا انهن ڪرسين کان سواءِ به ته ڪم هلي سگهي ٿو.
منوهر: (ٺٺوليءَ مان) ڪم ته انهن پليٽن کانسواءِ به هلي سگهي
هان، پوءِ اهي پليٽون ڇو هٿ ڪيون اَٿيئي؟
ڪندن: مان جيڪر ڪنهن اَڳيان هٿ ٽنگڻ نه وڃان هان، پر ڀاڀيءَ چيو
ته پليٽن جو بندوبست نه ڪندين ته دادنهن چڙندو.
منوهر: هاڻي به دادنهن جي چڙ کان بچڻ لاءِ ڪرسين جو بندوبست ڪر.
چوندا آهن، ”ڀلي بک ڀرم جي، شال نه وڃي شان“.
ڪندن: دادا، شان سٺو، پر اُهو اُڌارو ته نه هئڻ کپي.
منوهر: اُڌارو شان! (اُڀو ساهه کڻي) اُڌارو شان مان به نٿو
چاهيان، مگر اَسان بابو لوڪن وٽ اُڌاري شان
کانسواءِ ٻيو آهي ئي ڇا؟
ڪندن: شان جو واسطو ڇا صرف ڏيک ويک سان آهي، دادا؟
منوهر: ها، اَڄ جي زماني ۾، ڏيک ويک ئي شان سڏجي ٿو.
ڪندن: اهو ته ڪوڙو شان چئبو.
منوهر: ها، اَڄ ڪوڙ ئي پرٻل آهي، ڀاءُ. اَڄ تيل نه ٿو ٻري، پاڻي
ٿو ٻري. ڇڏ ان اٽپٽانگ بحث کي. سويل ئي ڪرسيون کڻي
اَچ، ڪٿي هو زال مڙس، ايوننگ واڪ تي نه هليا وڃن.
ڪندن: مان سمجهان ٿو دادا، انهن گديلن وارين ڇنل ڪرسين کان
سواءِ به ڪم هلي ويندو.
منوهر: ڇاکان سواءِ ڪم هلندو ڇاکان سواءِ نه هلندو، اها ڳڻتي
تون نه ڪر. وڃ. (ڪندن ڪؤڙي منهن سان اُٿي ٿو)
ڀاڄانهن ڪٿي آهي؟ اَڄ چانهه جي پياليءَ جي عنايت
به ڪانه ڪئي اَٿائين.
ڪندن: هوءَ ته رنڌڻي جي راڻي بڻي، آئي جي آڌر جو پرٻنڌ ڪري رهي
آهي. چئو ته اوهان لاءِ چانهه جي يادگيري
ڏياريانس.
منوهر: نه، ڏيڻي هونديس ته پاڻيهي ڏيندي. تون ڪرسيون کڻي اَچ.
(ڪندن هليو وڃي ٿو. منوهر ڪمري جو جائزو وٺي ٿو،
پوءِ نوڙيءَ تان ٽوال انگوڇا لاهڻ لڳي ٿو. ساوتري
هڪ هٿ ۾ پليٽ ۾ پاپڙ ۽ ٻئي ۾ پاڻيءَ جو گلاس کڻي
اچي ٿي.)
ساوتري: اهي انگوڇا ٽوال ڇو ٿا لاهيو (پليٽ ۽ گلاس ميز تي
رکي ٿي)
منوهر: مونکي هونئن ئي هيءُ هت نه وڻندا آهن. اڄ ته جنسي کائڻ
ٿا اچن. اڳلو اسان بابت ڇا سوچيندو؟ (نوڙي کولڻ ٿو
لڳي.)
ساوتري: هڪ ڪمري وارو گهر ڏسي، سڀ ڪجهه سمجهي ويندو.
(ٽوال انگوڇا سهيڙيندي) هاڻي هيءُ رکبا ڪٿي؟
منوهر: (پاپڙ کائيندي) في الحال ته رنڌڻي ۾ وڃي سٽين.
(ساوتري ٽوال وغيره کڻي ٻاهر وڃي ٿي. منوهر پاڻي پي وري
ڪمري جو جائزو وٺي ٿو.) ساوتري چانهه جو ڪوپ کڻي
اچي ٿي) هيءُ ميرا ڪپڙا به کڻي وڃي رنڌڻي ۾ رک.
ساوتري: توهان جو آفيسر نٿو اچي، ڪو ٽسينگ ٿو اچي.
منوهر: پنهنجي لاءِ سچ پچ ته ٽسينگ آهي اَڄ خوس ٿي وڃي ته
پنهنجي لاءِ ترقيءَ جي راهه کلي پوي. (چانهه جو ڍڪ
ڀري) مونکي اِضافو ملي ۽ ڪندن کي به نوڪري ملي پوي
ته پنهنجا سڀ دک دور ٿي وڃن. پوءِ ٻن ڪمرن وارو
گهر وٺڻ ڏکيو نه ٿيندو. قسطن ۾ پنهنجا ڪوچ به اَچي
ويندا، پلنگ به اَچي ويندو، ريڊيو اَچي ويندو
۽،..... اُڌاري شان جي قطعي ضرورت نه پوندي.
ساوتري: توهان جا گيهه جي گهڙي واري ڇوڪر جهڙا خواب، خبر
نه آهي ڪڏهن پورا ٿيندا. توهان جو مئنيجر اوهان کي
اِضافو ڏئي ئي ڏئي، تنهن کان اَڳ مونکي اڄ ست گهر
پنايا اَٿائين.
منوهر: تون هن کي راضي ڪري ڪڍ، پوءِ ڏس ته منهنجن خوابن پوري
ٿيڻ لاءِ رستو کلي ٿو نه؟ روز رڳو ٻه ڪلاڪ اوور
ٽائيم ئي نه ڏيئي وجهي ته آهستي آهستي گهر جي
سجاوٽ جو سامان ٺهي وڃي.
ساوتري: توهان اَٺسٺا ٻڌندا رهو. مان وڃي ٿي ڀاڄيءَ جي
نگهه ڪريان....... اَچڻو ڪيڏي مهل آهي؟
منوهر: ساڍي اَٺين ڌاري اَچي ويندو. (ساوتري وڃڻ لڳي ٿي) ٻڌ ته
ٺاهيو ڇا اَٿيئي؟
ساوتري: ڀڳل چانور، سائي ڀاڄي.......
منوهر: (اُتاولائيءَ مان) بس؟
ساوتري: خالي انهن سان ڪيئن ڪم هلندو؟ پٽاٽن جون ٽڪيون به
ٿي تريان.
(ڪندن ڪرسي آڻي ٿو)
منوهر: ڪل ٿڙڪي ويئي آهي، تنهنجي. اهي شيون هن کي گهر ۾ نه ٿي
ملي سگهيون. تيوڻ ڇو ڪونه گهرايئه؟
ڪندن: دادا تيوڻ ڇا هن کي گهر نٿو ميل سگهي؟
منوهر: توهان ڏير ڀاڄائيءَ سان بحث فضول آهي. تون صبوح جو تيوڻ
وٺي اَچين هان ته توکي ڪهڙو گهاٽو پوي هان.
ساوتري: تيوڻ ته هيءُ آڻي هان، تيوڻ لاءِ پئسا.....
منوهر: (اَڌ ۾ ڪپي) تو وت ڏيڍ روپيه به ڪونه هئو؟
ساوتري: سچ ته اهو آهي ته مان جشن ماءُ کان پنج روپيا
اَول ئي اُڌارا وٺي چڪي آهيان.
منوهر: اَڄ اَڃا يارهين تاريخ آهي. ڏهن ڏينهن ۾ پگهار جا پئسا
خرچ ٿي ويا!
ساوتري: نه، مان کائي ويس. حساب ڏيانوَ؟
منوهر: تون ته سدائين ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪندي آهين. چڱو، مان ٿو
پڇان جتي پنج اوڌر کنيئه، اُتي ڏيڍ ٻيو به.
ساوتري: پاڙي ۾ هرڪو آنديءَ نينديءَ تي. اَلائي ڪيئن منهن
مکي پيو هلي. مونکي ڪنهن جي وچ ڪڍائڻ تي شرم ايندو
آهي.
منوهر: تو وٽ کوٽ کاتو هئو ته صبوح جو ڇو نه ٻڌايئه؟ آفيس مان
ٻن چئن روپين جو بندوبست ڪري وٺان ها.
ساوتري: صبوح جو پئسن بنسبت کٽ پٽ ٿئي هان ته توهان چئو
هان ته هاڻي منهنجو سڄو ڏينهن خراب ٿيندو. توهان
مئنيجر جي مانيءَ جي ڳالهه به وڃڻ وقت ئي ته ڪئي
هئي.....
(منوهر لاجواب ٿي پريشان ٿي وڃي ٿو. ساوتري ڪوپ پليٽون
کڻي هلي وڃي ٿي)
ڪندن: دادا، مان اَوهان کي ڪيترو چوندو آهيان، ته جيستائين
مونکي ڪا نوڪري ملي، تيستائين ڪجهه نه ڪجهه ٿورا
پئسا ڪمايان، پر اَوهان.....
منوهر: مان توکي اها اِجازت ڏيان ته تون فٽ پاٿ تي ويهي گنجيون
ڪڇا وڪڻين؟
ڪندن: ايمانداريءَ سان فٽ پاٿ تي ويهي ڌنڌي ڪرڻ ۾ ڪهڙو اَهم
آهي؟
منوهر: تنهنجي لاءِ سڀ سواهه آهي، ماڻهو طعنا ته مونکي هڻندا
نه؟
ڪندن: فٽ پاٿ تي ڌنڌو ڪرڻ چوريءَ جو ڪم آهي، جو ماڻهو طعنا
هڻندا؟
منوهر: (بيزاريءَ مان) تون ته منهنجي عزت پٺيان هٿ ڌوئي لڳو
آهين.
ڪندن: منهنجي ڪهڙي به ڌنڌي ڪرڻ ۾ اَوهان جي عزت جو سوال ئي ڪٿي
ٿو اُٿي؟
منوهر: تون اَڃان اَلڙ آهين، ڀاءُ. جنڊ بزار ۾ رک، ڪو سبتو ڦيرو
ڏيندو، ڪو اُبتو. گهڻي ڀاڱي هرڪو اُبتو ڦيرو
ڏيندو. ڪو ٻيو ڪجهه نه چوندو ته اِئين ضرور چوندو
ته ڀاڻس نٿوکارائيس تڏهن ٿو وڃي فٽ پاٿ تي
وهي...... پرتوکي ڪمائڻ جي تڪڙ ڇو لڳي آهي؟ تون
ايمپلائيمينٽ ايڪسچينج ۾ ويندو رهندو آهين نه؟
ڪندن: اَڄ به ويو هوس.
منوهر: ٺيڪ آهي، اَڳي پوءِ نوڪري ملي پوندءِ.
ڪندن: اَڄ توڻي ڪجهه نه ڪجهه ڪمايان هان ته توهان جي مئنيجر جي
خاطرداري سٺي ٿي سگهي هان.
منوهر: (اُٿي) تنهنجي فضول ڳالهين ۾ مول ڳالهه رهجي ويئي. مان
موهن کان ڪجهه پئسا وٺي ٿو اچان. پوءِ تون هوٽل
تان ئي وڃي تيوڻ ۽ قيمي جون ٽڪيون وٺي اَچج.
(هلندي) اَوهان ڏير ڀاڄائي اَڄوڪي مهمانيءَ جي
قيمت نٿا سمجهو.
(موهن پرويش ڪري ٿو)
موهن: ٻيئي ڀائر اوندهه ۾ ڪهڙا ويٺا گپ شپ هڻو؟
(ڪندن بجلي بٽڻ دٻائي، روشني ڪري ٿو)
منوهر: اَچ موهن. مان پاڻ هينئر تو وٽ اَچي رهيو هوس.
موهن: (ڪرسيءَ تي ويهي) سک ۾؟
منوهر: هڪ ڪم هوم تو ۾.
موهن: مان به تو وٽ هڪ ڪم سان آيو آهيان.
منوهر: چئي ڏي.
موهن: (هيڏانهن هوڏانهن نهاري) ڪنهن جي مهماني آهي تو وٽ.
منوهر: منهنجي آفيس ۾ نئون مئنيجر آيو آهي.
موهن: (کلي) چئبو ترقيءَ لاءِ توشو ٺاهڻ ٿو چاهين.
منوهر: چيائين: ”سنڌي کاڌو کائڻ ٿو چاهيان“.
موهن: تو به چيو، ماشا اَلله، سستو سؤدو آهي. هڪ مهمانيءَ جي
موٽ ۾ ڪجهه ته ترقي ملندي. ڏاڍو چالاڪ آهين.
منوهر: (کلي) ترقي نه ملندي ته اوور ٽائيم ملي پوندو.
موهن: ڀاڳوان آهين دوست. پنهنجي آفيس ۾ ته سڪي پڪي پگهار آهي.
اٺ ڪلاڪ ويهه ته ساڳي پگهار ڏهه ڪلاڪ ويهه ته به
ساڳي پگهار.
منوهر: ڀاڀي به ته ڪمائي ٿي.
موهن: ڀاڄانهن ڪمائي ٿي، تڏهن ته ڇهن جيون کي پيٽ ڀري کائڻ
لاءِ ملي ٿو. نه ته اَڄ جي مهانگائيءَ ۾، هڪ جي
ڪمائيءَ تي هوند فاقا ڪڍڻا پون..... تنهنجو ڀاءُ
به ته.......
ڪندن: (هراسجي تر تڪڙ ۾) موهنداس، اوهان ڪنهن ڪم سان آيا آهيو،
نه؟
موهن: ها، هڪ ضروري ڪم سان ئي آيو آهيان. منوهر تون مونکي ڪجهه
پئسا اُڌارا ڏيئي سگهندين؟
(منوهر وات ڦاڙي، هن ڏانهن ڏسندو رهي ٿو)
موهن: توکي خبر آهي ته منهنجي ڀيڻ پهرين گڏجاڻيءَ تي اَسان وٽ
آئي آهي. سڀاڻي صبوح جو ساهري وڃي رهي آهي. ڪجهه
پئسن جو اِنتظام ٿي سگهيو آهي. ڪي بچت مان، ڪي
آفيس مان مليل اَئڊوانس مان. اَڃان چاليهه پنجاهه
روپين جي درڪار آهي.
ڪندن: ڏيتي ليتيءَ جي مصيبت اَلائي ڪڏهين اسان جي سماج مان
ويندي.
منوهر: چاليهه پنجاهه روپيه! پاڻ وٽ ته دوست ٻانڀڻ ٿو نچي. مان
پاڻ توکان ٿورا روپيا وٺڻ ٿي آيس. ٻن جيون جي
ڪمائيءَ تي هلندڙ ڪتنب کان، هڪ ڄڻي جي ڪمائيءَ تي
هلندڙ ڪٽنب جا وڌيڪ برا حال ٿيڻ کپن، نه؟
موهن: تنهنجو ڀاءُ به ته.....
ڪندن: (اَڌ ۾ ڪٽي) سڀني وچولي درجي وارن جو ساڳيو حال آهي،
موهنداس! پوءِ ڀل ٻه ڄڻا يا ٽي ڄڻا ڪمائين. فرق
صرف اهو ٿو پوي ته هڪڙي جو وڌيڪ ڏکيو ٿو گذر ٿئي،
ٻين جو گهٽ ڏکيو. پنج پنجوءِ وارا هرڪنهن جا کٽل
ئي آهن.
موهن: سچ ٿو چئين. اسان بابو لوڪن وٽ آهي عيد نه ته روزو.
منوهر: (ٿورو کلي) عيد صرف پهرين تاريخ، پگهار واري ڏينهن تي،
باقي اُڻٽيهه تاريخون روزو ئي روزو.
موهن: تو به روزي واريءَ تاريخ تي مئنيجر جي دعوت ڪئي آهي.
شايد هن کي به روزي ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ ٿو چاهين.
منوهر: اهوئي ته رئڻ آهي دوست! اَڄ اَڃان يارهين تاريخ آهي.
ويهه ڏينهن هن کي ڪيئن نٽايان هان؟ سوچيم اوڌر تي
ڪم هلي ويندو. پر هت اَچي ڏسان ته اهائي سائي ڀاڄي
۽ اُهي ئي پٽاٽا. ڏير ڀاڄائي نيوڻ جو بندوبست به
نه ڪري سگهيا آهن.
موهن: (کلي) ڇا چيئه؟ هيءُ گوشت جو بندوبست به نه ڪري سگهيا
آهن، پر مون ته ڀاڻين کي..... (ڪندن سراپجي ٿو
وڃي. ان وچ ۾ کيمو دروازي وٽ بيٺل ڏسڻ ۾ اَچي ٿو)
کيما تون ڇو آيو آهين؟
کيمو: ڀاڄي مٽائڻ آيو آهيان. (کيمو رنڌڻي طرف وڃي ٿو. وري موٽي
ٿو).
موهن: اَسين بابو لوڪ به پنهنجي نالي سان آهيون. هڪ ڀاڄيءَ کي
ٻن ٽن ڀاڄين ۾ سولائيءَ سان بدلائي ڄاڻون.
ڪندن: اَسين بابو لوڪ ڇو، سڀ وڇولي درجي وارا ان ڳالهه ۾ سياڻا
آهن.
(ساوتري ڀاڄيءَ جي تسري آڻي کيمي کي ڏئي ٿي).
موهن: کيما، تون گهر هل ته مان اَچان ٿو.
کيمو: ڀاڀيءَ چيو آهي، جلدي اَڇجو.
موهن: ها ها جلدي ايندس. (ساوتريءَ کي) ساوتري ڀاڀي، ڀاڄيءَ جي
موٽ ۾ ڪنجوسائي ڪري، گوشت عيوض ٻي ڀاڄي ته نه
موڪليئه.
منوهر: چيومانءِ ڪونه، اَسان وٽ اَڄ تيوڻ ڪونهي.
(ساوتري هلي ٿي وڃي)
(موهن ڪجهه چوڻ ٿو چاهي، تنهن کان اَڳ.......)
ڪندن: موهنداس، کيمي کي ايس.ايس.سي پاس ڪرڻ بعد ڇا بڻائيندا؟
موهن؛ ڇا بڻائيندو سانس! بابوءَ جو ڀاءُ به ضرور بابو ئي
ٿيندو، ٻيو ڪو آفيسر ڪونه ٿيندو.
ڪندن: مان جيڪر اَوهان کي صلاح ڏيان ته هٿ جي هنر ۾ پرٻيڻ ڪيوس
بک نه مرندو.
موهن: ڪنهن هنر تي ڀاڙڻو هجي هان ته ايس.ايس.سيءَ تائين ڇو
پاڙهيانس هان؟
ڪندن: علم مان ڪو نقصان ٿورو ئي آهي، تنهن ۾ به ايس.ايس.سي تي
منيمم ڪواليفڪيشن آهي.
موهن: اَسان ماڻهن لاءِ ڪلارڪي ئي چڱي آهي.
ڪندن: آزاد ڀارت کي ڪلارڪن جي نه، هنرمندن جي ضرورت آهي.
(ساوتري اندر اچي ٿي)
ساوتري: ليمو هڪ به گهر ۾ ڪونه اٿو.
منوهر: ليمي کانسواءِ ڪم ڪيئن هلندو؟ ڪندن ٻن ٽن ليمن جو ته
ڪٿان بندوبست ڪري اچ.
موهن: هڪ ٻه ليمون منهنجي گهران ملي سگهيوَ ٿو.
منوهر: ڪندن وڃ. ڀاڄيءَ واريءَ مائيءَ وٽان ليما نه ملنئي ته
موهن جي گهران ئي وٺي اچج.
(ڪندن وڃي ٿو. ساوتري به هن جي پٺيان وڃي ٿي)
منوهر: هن المست جي چئي نه لڳج. ڀاءُ کي ڪلارڪ ئي بڻائج. نه ته
ته ڪو ٻانهن ئي ڪونه ڏيندس.
موهن: تنهنجي ڀاءُ جي شادي نه ٿيندي؟
منوهر: منهنجي ڀاءُ جي شادي ڇو ڪونه ٿيندي؟ جان ئي نوڪري ملي
تان ئي ڇوڪرين وارا ڊوڙندا ايندا. خود ڪا نه ڪا هم
ڪلارڪ ڇوڪري کيس جيون ساٿي بڻائي ڇڏيندي.
موهن: خبر اَٿيئي تنهنجو ڀاءُ هينئر ڇا ڪندو آهي؟
منوهر: خبر اٿم، بيروزگار آهي. پر تون ڇا ائين ٿو سمجهين ته عمر
ڀر بيروزگار رهندو؟
موهن: چالاڪ آهين يار! مونکي به رکائي ٿو وڃين؟
منوهر: ڇاٿو رکائي وڃان؟ دنيا کي خبر آهي ته ڪندن بيروزگار آهي.
موهن: ائين ڇو ٿيو.
منوهر: ڇاٿو الان؟ آخر تون ڇاٿو چوڻ چاهين؟
موهن: سچ پچ توکي خبر ڪونهي ته تنهنجوڀاءُ ڇا ڪندو رهندو آهي؟
يا مٿس ڍڪ پڙدو وجهڻ ٿو چاهين؟
منوهر: ڍڪ پڙدي جي ڳالهه ئي ڪٿي آهي؟..... اوهو مون سمجهيو، وچ
۾ فٽ پاٿ تي ويهي گنجيون ڪڇا وڪڻندو هئو. پر توکي
شايد خبر ڪانهي منهنجي جهڻڪڻ تي سهجيئي باز اَچي
ويو.
موهن: اها مونکي بخوبيءَ خبر آهي، پر اَڄڪلهه ڇا ڪندو آهي، اها
شايد توکي خبر ڪانهي.
منوهر: اَڄڪلهه ايمپلائمينٽ ايڪسچينج جا چڪر ڪاٽيندو آهي، ٻيو
ڇا ڪندو آهي
موهن: ٺيڪ آهي. (اٿي ٿو) مون سمجهيو هو ته جيڪي ڪي هو ڪندو
آهي، سو تنهنجي رضامنديءَ سان ڪندو آهي. هاڻي
مونکي تسلي ٿي ته تون بابو جي مريادا کي مر لڳائڻ
وارن مان نه آهين. (وڃڻ لڳي ٿو)
منوهر: پر ڪندن اَڄڪلهه ڇا ڪندو آهي، اهو ته تو ڪونه ٻڌايو.
موهن: (بيهي، پٺيان نهاري) مان ٻن ڀائرن وچ ۾ غلط فهمي پيدا
ڪرڻ نٿو چاهيان. (ويندي ويندي) ڪٿي تنهنجو ڀاءُ
اِئين نه سمجهي ته مان توکي سندس چغلي ٿو هڻان.
(منوهر پريشان ٿي وڃي ٿو. ڪمري ۾ چڪر لڳائي ٿو)
منوهر: (پنهنجي منهن) وري اَلائي ڪهڙو نيچ ڪم ڳولهي لڌو
اَٿائين. (کاٻي دروازي ڏانهن وڃي ٿو، وري موٽي
اَچي ٿو.) ساوتريءَ کي سڌ هجي ها ته مونکي ٻڌائي
ڪونه هان. (ڪرسيءَ تي اَچي وهي ٿو)
(ڪندن اَندر اَچي ٿو. ڀاءُ کي پريشان ڏسي موٽڻ لڳي ٿو.
ڀاڻس ڏسي وٺي ٿو.)
منوهر: ڪندن! (ڪندن کان ڇرڪ نڪري ٿو وڃي.)
ڪندن: ليما مان وٺي آيس دادا! ڀاڄيءَ واريءَ مرهٽياڻيءَ
کان.......
منوهر: (ڪاوڙ ۾) ليما پون جهنم ۾ تون هيڏانهن اَچ.
(ڪندن وڌي اَچي ٿو)
ڪندن: ڪهڙي ڳالهه آهي دادا.
منوهر: هت ويهه.
(ڪندن وهي ٿو)
منوهر: تون وري فوٽ پاٿ تي وڃي وهندو آهين؟
ڪندن: نه!
منوهر: تڏهين سڄو ڏينهن بمبئيءَ جون گهٽيون ڪڇيندو آهين؟
ڪندن: نه.
منوهر: تون سڄو ڏينهن ڇا ڪندو آهين؟
ڪندن: مان ڇا ڪندو آهيان! موهن ڪمار ڪونه ٻڌايوَ؟
منوهر: هو ٻڌائي ها ته توکان ڇو پڇان هان؟ تون ڪهڙو ناشانائتو
ڌنڌو ڪندو آهين؟
ڪندن: ڪوبه ايمانداريءَ جو ڌنڌو ناشانائتو نه ٿيندو آهي دادا.
منوهر: اهو پنهنجو کرڙ گيان پاڻ وٽ رک. مان ٿو توکان پڇان تون
منهنجي شان کي ٽنگ ڪرڻ کان باز نه ايندين؟
ڪندن: مون اهڙو ڪڇ نه ڪيوآهي جنهن سان اوهان جي يا منهنجي شان
کي ڪو ٽڪو لڳي.
منوهر: (چڙ مان، وڏي واڪي) منهنجي سوال جو سڌو جواب ڏي، تون ڇا
ڪندو رهندو آهين؟
ڪندن: مان.... مان بڪ بائينڊنگ جوڪم ڪندو آهيان.
منوهر: بڪ بائينڊنگ جوڪم ڪندو آهين! ڪٿي ڪندوآهين؟ گهر ۾؟
ڪندن: گهر ۾ ڪندو هجان هان ته خبر نه پوي هان توهان کي؟
منوهر: ڪم به ڳوليئه ته جلدسازيءَ جو! اڳوپوءِ ڪولي وڃي بڻجي
هان نه!
ڪندن: بيروزگار بڻجي گهر ۾ کٽون ڇنڻ يا ٻاهر نوس نوس ڪرڻ کان،
ايمانداريءَ وارو پورهيو ڪرڻ بهتر آهي.
منوهر: اِئين چوندي شرم نٿو اَچيئي؟
ڪندن: گناهه جو ڪم ڪريان هان ته واقعي ئي شرمسار ٿيان هان، سچ
ته اِهو آهي، ڪير نه مونکي پنهنجي وهه وڃڻ ڏئي ته
مان جيڪر عمر ڀر ڪلارڪ ٿيڻ کان هٿ جو پورهيو ڪرڻ
وڌيڪ پسند ڪريان.
منوهر: (ٺٺوليءَ مان) ڪلارڪ تنهنجي نظر ۾ پورهيت کان به بدتر
آهي؟
ڪندن: غلام ڀارت ۾ ماڻهن لاءِ ٻه ڌنڌا لکيل هئا: هڪ ڪلارڪ ٿيڻ،
ٻيو سياستدان ٿيڻ. ٻئي بک جا ڌنڌا هئا. آزاد ڀارت
۾ سياستدان لاءِ لکاپتي ٿيڻ جون ڪيئي راهون نڪري
آيون آهن ۽ ويچاري ڪلارڪ لاءِ؟ اها ڪوڙي بک ۽
اهوئي ڪوڙو شان.
(منوهر ڪجهه چوڻ چاهي ٿو ته ساوتري اندر اَچي ٿي).
ساوتري: اَوهان ٻئي ڀائر هتي ٿڌو مانجهاندو ڪري ويٺا
آهيو. هو مهمان ڇا پاڻ کان پاڻيهي، اسان جو گهر
ڳولهي اَچي لهندو؟
منوهر: (واچ ڏسي) اَڃان ته اَٺ ٿيا آهن. پنڌرهين ويهين منٽي کان
پوءِ ڪندن کي بس سٽاپ تي موڪليندس، وٺي ايندس.
کاڌو تيار آهي؟
ساوتري: ٽڪيون وڃي تريان ٿي. باقي ڦلڪا ته هن جي اَچڻ کان
پوءِ پچائيندس. (وڃڻ لڳي ٿي).
منوهر: ٻڌ ته...... توکي خبر آهي ته تنهنجو لاڏلو ڏير ڇا ڪندو
آهي؟
ساوتري: (واپس موٽندي) مونکي هرڪا سڌي آهي.
منوهر: توکي به سڌ آهي! صرف مونکي ئي اَنڌ ۾ رکيو ويو آهي.
تنهنجي معنيٰ ڏير ڀاڄائيءَ ڳجهه ئي ڳجهه ۾، منهنجي
عزت خاڪ ۾ ملائيندا رهيا آهيو.
ساوتري: ان ۾ عزت نه عزت جو ڪهڙو سوال آهي؟
منوهر: نه نه اوهان ته چار چنڊ لڳايا آهن، پنهنجيءَ عزت کي.
هاڻي شادي به تون ڪرائينديس.
ساوتري: ڪمائيندڙ، ڏسڻي وائسڻي جوان کي سوين ڇوڪري ڏيندا.
ساڻ ناڻي جون ٿيليهون ڏيندا.
منوهر: کنڊ ٿي کائين، خئر....... مان ٿو پڇان هن نموني ڪمائڻ جي
ڪهڙي تڪڙ هئس؟ مان سمجهان ٿو ته تو ڪئي هوندس کنڌ
کنڌ ۽ هن کي اَچي ويئي هوندي ججڪي..... توهان،
زالن سان ڀڳوان پڄي مون اڪيلي جي ڪمائيءَ سان به
ته هيترا ڏينهن گهر هليو پئي. ڪجهه وقت ٻيو صبر نه
ٿيو.
ڪندن: ناحق ڀاڀيءَ کي ڇو ٿا ڏوهه ڏيو؟ مون ڌنڌي جي چونڊ پاڻ ڪئي
آهي. مون گهر جو گذر ڏکيو ٿيندو ڏٺو انهيءَ
ڪري........
منوهر: ڄڻ پڳ ئي توتي اَچي پيئي هئي. انهيءَ جلدسازيءَ جي ڌنڌي
مان گهڻا نوٽ وٽيندين؟
ڪندن: مان سمجهان ٿو، آزاد هندستان جون برڪتون، اَڳي پوءِ
جيتريون هٿ جي پورهئي ڪندڙ کي نصيب ٿينديون، ٻئي
ڪنهن کي نصيب نه ٿينديون.
منوهر: ان وچ ۾ تنهنجي ڄڙهه ئي نڪري ويندي.
ڪندن: ڪلارڪيءَ ۾ به عمر ڀر بيک ئي نڪرندي آهي.
(ساوتري ٻاهر وڃڻ لڳي ٿي)
منوهر: ساوتري تنهنجو ڏير ڪمائيندو رهندو آهي، پوءِ به منهنجي
مهمان لاءِ رواجي کاڌو ئي تيار ڪيو اَٿئي! منهنجي
مهل تي عزت ته رکو هان!
ساوتري: (موٽندي) نه نه. اسان ٻنهي اوهان کي عين وقت عجب
۾ وجهڻ ٿي چاهيو. پر پڇيو اَٿو ته ٻڌايانو
ٿي...... اهو کاڌو تيار ڪيو اَٿم جو چپ چٽيندو.
سنڌي کاڌي جي اها ته ساراهه ڪندو جو توهان ٻڌي دنگ
رهجي ويندا. اوهان مڃو يا نه مڃو منهنجي ڏير اَڄ
اوهان جو شان وڌايو آهي....... هاڻي اوهان جو
مئنيجر ضرور اوهان جي پگهار وڌائيندو.
منوهر: هن جي ڪمائي به ته تون گهر ۾ خرچ ڪندي رهي آهين.
ساوتري: مان هن جي ڪمائي پاسيري رکندي آهيان. اَڄ ئي هن
جي چوڻ تي توهان جي مئنيجر جي مهمان نوازيءَ تي
اُن مان خرچ ڪيو اَٿم هڪ ڳالهه مان ٻڌائي ٿي
ڇڏيانوَ. هن جي ڪمائي مان اوهان کي ڪانه ڏينديس.
منوهر: مونکي کپي به ڪانه، پرتون اُن کي ڇا ڪندينءَ؟
ساوتري: مان مشين وٺنديس.
منوهر: اوڙي پاڙي جا ڪپڙا سبندينءَ؟
ساوتري: سبنديس ڪانه، پر جي سبيم به ته ڪهڙي اربع خطا
ٿيندي؟
منوهر: ها، رهيو کهيو شان به تون وڃائجانءِ.
ڪندن: دادا، توهان کي شان جو نظريو بدلائڻو پوندو.
منوهر: مان بدلايان يا نه بدلايان، توهان ته پنهنجي من ماني
ڪندا ٿا رهو.
ساوتري: وقت ڏسو، ڪٿي اِئين نه ٿئي جو توهان جو مهمان بس
اِسٽاپ تي نه بيٺو رهي.
منوهر: (واچ ڏسي) اري ساڍا اٺ ٿا ٿين. ڀڄ ڪندن هو سئنيما جي
سامهون واري اِسٽاپ تي لهندو. بدن جو موٽو آهي؛
شڪل جو ڪارسرو ۽ عينڪ به اٿس. (ڪندن وڃڻ لڳي ٿو)
اها ڦاٽل خميس ته بدلائي وڃ.
ڪندن: ٻه خميسون ڌوٻيءَ وٽ آهن، ۽ هڪ ميري آهي.
منوهر: ڀلا انهيءَ کي ته ٽاڪو لڳارائي وڃ.
ڪندن: (کلي) دادا هن کي ته ٽاڪو لڳي سگهندو. پر غريبيءَ کي ڪهڙو
ٽاڪو لڳندو؟
(ڪنند هليو وڃي ٿو)
منوهر: تو پنهنجي ڏير کي خواهه مخواهه هشي ڏيئي ڇڏي آهي.
ساوتري: (ڳاٽ اوچو ڪري) ۽ ان تي مونکي فخر ئي آهي.
(پڙدو ڪري ٿو) |