سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ايڪانڪي

 

صفحو : 12

 

ڏينهن جا سپنا

 

هريڪانت ڄيٺواڻي

 

 

پاتر:

 

گوپال: ايم.اي. جو ود يارٿي _ عمر 23 سال.

هرپال:  بي.اي. جو ود يارٿي _ عمر 21 سال.

جوڳي: گوپال ۽ هرپال جو چاچو _ عمر 45 سال.

گرمکه: گوپال ۽ هرپال جو دوست _ عمر 22 سال.

وقت:   صبح جا ست بجا.

جڳهه: ڪاليج هاسٽل جو هڪ ڪمرو.

 

 

ڏينهن جا سپنا

        (پڙدي کلڻ تي گوپال رڌ پچاءُ جي ميز وٽ گنگنائيندو. چانهه ٺاهيندو نظر اَچي ٿو ۽ هرپال صوفا_ ڪم_ بيڊ تي سمهيو پيو آهي.)

هرپال:  (پاسو ورائي، ڪر ڀڃي، اُٿي اوٻاسي ڏيندي) ڀائو، چانهه ڪانه ٺهي ڇا اڃا؟

گوپال: ننڊ ۾ پيو ڳالهائين يا جاڳيو آهين؟

هرپال:  نه ننڊ ۾ آهيان نه جاڳيو آهيان.....

گوپال: تڏهن؟

هرپال:  اڌ ننڊ ۾، اَڌ سجاڳ، چانهه ملي ته پورو سجاڳ ٿي پئبو.....

گوپال: چانهه ۾ ته اڃا دير لڳندي. تيستائين اُٿي منهن ٻنهن ڌوءُ.

هرپال:  صبح ساڻ منهن! تون به ڪمال ڪندو آهين! آرتوار جو ڏينهن ملي ٿو آرام لاءِ يا اِهي اَجايا سجايا ڪم ڪرڻ لاءِ!

گوپال: ڪير چوندو ته تون بي.اي. پڙهندو آهين!

هرپال:  ڇو سائين؟

گوپال: اها به خبر ڪانه اٿيئي ته بنا گرڙي ڪئي، چانهه پيئڻ سان، سڄي رات وات ۾ ڪٺا ٿيل جيوڙا، پيٽ ۾ داخل ٿيندا ۽ اُتي وڃي بيماري ڦهلائيندا!

هرپال:  ڪير چوندو ته تون ايم.اي. پڙهندو آهين!

گوپال: ڇو؟

هرپال:  اها به خبر ڪانه اٿيئي ته گرما گرم چانهه پيئڻ سان جيوڙا اُتي جو اُتي مري ناس ٿي ويندا ۽ اسان جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندا!

گوپال: توسان بحث ڪرڻ آهي فضول! سمهي آرام ڪر. چانهه ٺهي ته اُٿاريندوسانءِ........

هرپال:  هاڻي وري خاڪ سمهي سگهبو! جاڳيو آهيان ته وقت سجايو ڪري وٺان.....

        (اُٿي ڪتابن جي رئڪ ڏانهن وڌي ٿو)

گوپال: پڙهين ٿو ويهي؟

هرپال:  بس! اهوئي نمونو آهي وقت سجائي ڪرڻ جو! پڙهڻ؟

گوپال: تڏهن ڇا ڪندين ويهي؟

هرپال:  ريهئرسل.

گوپال: ريهئرسل!

هرپال:  ها ها ريهئرسل يعني ڊرامي لاءِ اَڀياس.

گوپال: وري به ڪو ڊرامو رٿيو اٿيئي ڇا؟

هرپال:  توکي خبر ئي ڪانهي! ڪاليج جي سنڌي ائسوسيئيشن طرفان دسهڙي جي موقعي تي هڪ ڊرامو پيش ٿي رهيو آهي!

گوپال: ڪهڙو؟

هرپال:  ڪلجڳي رامائڻ مان نظارو_عرف ڪرم ڪانڊ!

گوپال: سو توکي به ڪو پارٽ ڏنو اٿائون ڇا؟

هرپال:  ڏيندا وري ڪيئن نه؟ ڊرامو ڪرڻواَٿن، نه ڪرڻو اَٿن!

گوپال: ڪهڙو پارٽ مليو اَٿيئي؟

هرپال:  هنومان جو.

گوپال: هنومان جو!

هرپال:  ها ها بجرنگ بلي هنومان جو......

        (پنا اُٿلائيندي) چڱو هاڻي...... مان ريهئرسل شروع ڪريان ٿو.... (کنگهڪار ڪري گلو صاف ڪندي)..... وچ ۾ منجهائين متان.....

گوپال: منهنجي ڇا مجال! هنومان کي منجهائڻ ڪا سولي ڳالهه آهي!

هرپال:  چڱو ٻڌ:

        هنومان يعني ڪ مان، سمنڊ مٿان اُڏامندو اُڏامندو، جڏهن لنڪاپوري پهچان ٿو: راوڻ پنهنجي بنگلي جي ڊرائنگ روم ۾ صوفا سيٽ تي آهلي، سگريٽ مان ڪش ڪڍي رهيو آهي! تنهن تي هنومان يعني ڪ مان هڪل ڪري چوان ٿو: اَڙي او راوڻ جا ٻچا! تون پاڻ کي لاٽ صاحب ٿو سمجهين ڇا؟ هان! سيتا ڏين ٿو نٿو ڏين؟

گوپال: اَڳتي؟

هرپال:  راوڻ ڇڙڪي مٿي نهاري ٿو. ڏسي ٿو ته مار! مٿان هنومان يعني ڪ مان بيٺو آهيان؟

گوپال: پوءِ؟

هرپال:  راوڻ جون وايون بتال ٿين ٿيون. زبان مان اَکر به نٿو اُڪليس. تنهن تي هنومان يعني ڪ مان گجگوڙ ڪري چوان ٿو: اَڙي اهو وائڙن وانگر ڇا پيو ڏسين! چيومانءِ: مان سيتا ماتا کي واپس وٺڻ آيو آهيان. ڏس! (واچ ۾ ٽائيم ڏسي ٿو) توکي پنج منٽ ڏيان ٿو. پنجن منٽن جي اَندر جيڪڏهن سيتا واپس نه ڪيئه ته ماري ماري دنبو بڻائي ڇڏيندوسانءِ..... ها!.....

گوپال: هنومان جي مهراج! اَوهان راوڻ کي ماري ماري دنبو بڻايو، تنهن کان اَڳ مونکي ڊپ آهي ڪٿي بابو اَوهان کي ماري ماري دنبو بڻائي ڇڏي......

هرپال:  اَسين ڌمڪين ڀر ڊڄڻ وارا ناهيون! اهو بابو ڪهڙي باغ جي موري..... (اچتو غلطيءَ جو اَحساس ڪندي. ڏند ڪرٽيندي) اوف! ڪيڏو سمجهايومانءِ ته وچ ۾ منجهائجانءِ نه..... هڻي موڊ ئي ٽوڙي ڇڏيئه..... (غصي ۾ هٿ وارا ڪاغذ ڦٽي ڪري ٿو.)

گوپال: بابي هتي هاسٽل ۾ موڪليو اَٿيئي پڙهڻ لاءِ يا اهي رام_ ليلائون ڪرڻ لاءِ! هليو آهي هنومان بڻجڻ!..... (چوندي چوندي رڌ پچاءُ جي ميز ڏانهن وڌي ٿو.)

        پٺيان ڪتي جي ڀؤنڪ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. ڀؤنڪ سان گڏ چاکڙين پيل پيرن جي ڊوڙڻ جو آواز وڌي وڌي دروازي تائين پهچي ٿو ۽ هڪڙو جوڳي دروازي وٽ پهچي ٿاٻڙجي ڪري پوي ٿو. گوپال ۽ هرپال وائڙا ٿي ڪڏهن جوڳيءَ ڏانهن ته ڪڏهن هڪٻئي ڏانهن نهارين ٿا.)

جوڳي: (پاڻ سنڀاليندي) هري رام.....

گوپال: جوڳي بابا! هيءُ ڪاليج هاسٽل آهي، بندرابن ناهي. رستو ته ڪونه ڀلجي پيو آهين؟

جوڳي: رستو! مان ڪونه ڀليوآهيان ٻچا! رستو اوهين ڀلجي ويا آهيو.

هرپال:  دماغ ته ٺيڪ اَٿيئي نه! چيوسونءَ ته هيءُ گهر ناهي، هاسٽل آهي هاسٽل......

جوڳي: هاسٽل! سڄو ئي سنسار هاسٽل آهي ٻچا! سڀني کي ٻه چار ڏينهن رهي واپس وڃڻو آهي........

گوپال: يار! هي ڪو پاڳل ٿو ڏسجي!

جوڳي: پاڳل! پاڳل مان آهيان يا اَوهين؟ پنهنجي رت کي نٿا سڃاڻو!

هرپال:  (جوڳيءَ ڏانهن گهوري ڏسڻ بعد) اَڙي..... چاچو!......

گوپال: چاچو...... ريجهومل! (ٻئي با اَدب سندس چرن ڇهن ٿا.)

گوپال: اسان کي معاف ڪجو ڪاڪا! اَسان اوهان کي سڃاتو ئي ڪونه.....

هرپال:  اهو ڪتو اوهان جي پٺيان پيو هو ڇا ڪاڪا؟

جوڳي: نامراد ڏاڍو دکي ڪيو، اسان به ڪاوڙ ۾ اچي سراپ ڏيئي ڇڏيوسونس......

گوپال: سراپ ڏنوسونوَس! ڪهڙو؟

جوڳي: ته ٻئي جنم ۾ به ڪتو ٿي رهندين!

هرپال:  واهه ڪاڪا! اهو به ڪو سراپ چئبو!

        تنهن کان ته چئوس ها: نامراد! وڃ، ٻئي جنم ۾ ماڻهوءَ جي جوڻ پرائيندين! سراپ جو سراپ، وردان جو وردان!

گوپال: ڪيڏا بدلجي ويا آهيو ڪاڪا! اوهان کي اصل سڃاڻي ئي ڪونه سگهياسين!

هرپال:  اسان کي ڪهڙي خبر ته توهين هيئن ويس بدلائي ايندا!

جوڳي: ويس بدلايم ته ڇا! ناتا ته ڪونه بدلجي ويا؟ آهيان ته اوهان جو چاچو ئي نه؟

هرپال:  ان ۾ ڪو شڪ!

گوپال: پر ڪاڪا! اوهين اوچتوئي اوچتو! ڪيڏانهن ويا هئا؟

جوڳي: تيرت_ ياترا تي.

گوپال: سو به بنا ٻڌائڻ جي اوچتو ئي اوچتو!

هرپال:  ۽ ايڏو عرصو!

جوڳي: بس ٻچا! اسان کي ويراڳ وٺي ويو هو.

گوپال: ليڪن ان جو به ته ڪارڻ هوندو؟

جوڳي: ڪارڻ ته آهي ئي. شايد اوهان کي ياد نه هجي. اوهين تڏهن ننڍا هئا. پاڪستان مان اَچڻ بعد مون ڏيڍ لک رپين جو ڪليم ڀريو هو........

هرپال:  ڏيڍ لک جو!

گوپال: ها.... بابو ڪونه ڳالهه ڪندو آهي!

جوڳي: ڪليم ڀرڻ کان پوءِ اَلائي ڪيڏا اَٺسٺا ڪيا هيم..... سوچيو هوم: پئسا ملن ته ڪو وڏو واپار شروع ڪندس...... هڪڙو بنگلو جوڙائيندس..... هڪڙي موٽر..... ۽...... ۽ ٿي سگهيو ته......

گوپال: ها ڪاڪا! رڪجي ڇو ويا؟

جوڳي: بس ٻچا! هاڻي ڇا ٻڌايانوَ!

هرپال:  نه ڪاڪا، اوهان کي ٻڌائڻو ئي پوندو. ڏسو اسان کان به لڪايو ٿا!

جوڳي: سوچيو هوم: ٿي سگهيو ته..... هڪڙي شادي به ڪري وٺندس.....

گوپال: پوءِ ڪيوَ ڇو نه؟

جوڳي: ڪريان وري ڌوڙ! سرڪار سڄو ڪيلم ئي رد ڪري ڇڏيو..... منهنجي ته دل ئي ٽٽي پيئي.... اُميدن جا محل چُور چُور ٿي ويا.... من کي ويراڳ وٺي ويو......

هرپال:  پوءِ؟

جوڳي: اَندر مان آواز آيو ته هي سنسار مايا_ ڄار آهي. ان مان ڇوٽڪارو پائڻ گهرجي.

گوپال: پو؟

جوڳي: پوءِ ته هڪ رات نڪري پيس گهر مان. ڏهن سالن کان جوڳي بڻجي گهمندو رهيو آهيان، ڪاشي، پرياگ، مٿرا، ورنداون، هردوار، رشيڪيش رلندو رهيو آهيان. صرف شانتيءَ جي ڳولا ۾.........

هرپال:  ۽ اَسان وري اوهان جي ڳولا......

گوپال: توهان کي خبر آهي ته اسان اوهان کي ڪيڏو ڳوليو؟ ڍنڍورا گهماياسين، اَخبارن ۽ اِشتهار وجهاياسين، ڦارون ڪڍايونسين...... ليڪن اوهان جوپتو ئي ڪونه پيو.......

جوڳي: پرڀوءَ جي مايا! جيڪا کيس وڻي! هري اوم.....

هرپال:  اوهان ويهو نه، بيٺا ڇو آهيو؟

        (جوڳي ويهي ٿو)

گوپال: ڀلا هاڻي ڇا سوچيو اَٿو؟

جوڳي: سوچيو اَٿم ته هاڻي ڪجهه عرصو هتي رهي آرام ڪيان.....

گوپال: ڪجهه عرصو!

هرپال:  سو به هتي!

جوڳي: ڇو، هي ڌاريو گهر اَٿم ڇا؟

گوپال: اوهين رهو ته اسان جي اکين تي ليڪن.........

جوڳي:  ليڪن ڇا؟

هرپال:  هتي اوهانکي رهڻ ئي ڪونه ڏيندا.

جوڳي:  ڪير؟

هرپال:  هاسٽل وارا.

جوڳي:  ڇو؟

گوپال:  هتي فالٽو ماڻهن کي رهڻ ئي ڪونه ڏين.

جوڳي:  فالٽو ماڻهو! سو مان آهيان فالٽو! هان!

هرپال:  اسانجو مطلب اهو ڪونه آهي ڪا ڪا! در اصل هتي مهمانن کي به رهڻ گهٽ ڏيندا آهن. هيءَ ڪاليج جي هاسٽل آهي نه، هتي رڳو شاگرد ئي رهي سگهن ٿا....

جوڳي: شاگرد ئي رهي سگهن ٿا! ۽ مٽ مائٽ اچن ته؟ ڌرمشالا ۾ وڃي ٽڪن! ائين؟

گوپال: ان ۾ عجب ڪهڙو آهي؟

هرپال: هتي سنڌين جي هڪ شاندار ڌرمشالا آهي ڪا ڪا! چون ٿا ڏاڍي سٺي آهي. کليل ۽ هوادار ڪمرا، بجلي، پاڻي، سڀ سهوليتون ميسر....

گوپال: چون ٿا ڀرسان هڪڙو مندر به اَٿس، جتي روز صبح شام ڪيرتن به ٿيندو آهي....

جوڳي: پر به پنهنجو گهر هوندي مان ڌرمشالا ۾ ڇو وڃي ڀٽڪان؟

گوپال: مگر هاسٽل وارا اوهانکي رهڻ ئي ڪونه ڏيندا نه هتي!

جوڳي: ڇو، انهن جي بابي جو راڄ آهي؟ اوهين مسواڙ ڪونه ڏيندا آهيو؟

گوپال: ڏيندا آهيون، ليڪن...

هرپال:  هتي کاڌي پيتي جي به ڏاڍي دقت آهي. هڪ ته هڪ هڪ ڄڻي جا وٺن سٺ سٺ رپيا. مٿان وري کاڌو به ڪچو ڦڪو! لوڻ وجهندا ته مرچ وسري ويندن، مرچ وجهندا ته ڌاڻا وسري ويندن، ڌاڻا وجهندا ته هئڊ وسري ويندن، هئڊ وجهندا ته گيهه وسري ويندن..... ڪڏهن ڪڏهن ته ڪاڪا! ڇا ٻڌايانو! هڙ ئي وسري ويندا اَٿن. جنسي پاڻيءَ سان ڦلڪا کائڻا پوندا آهن......

گوپال: ڦلڪا! تون انهن کي ڦلڪا چندو آهين؟ اصل پلسٽڪ جا ٽڪرا هوندا آهن، ڪاڪا! چٻاڙي چٻاڙي چاڙيون سور ڪنديون آهن......

هرپال:  پيٽ جي تڪليف ته رهندي ئي رهندي آهي.....

گوپال: اسين توهان جي رهڻ ۾ اَرها ناهيون ڪاڪا! ليڪن هتي جيڪي تڪليفون آهن، انهن جي صرف اسان کي ئي ڄاڻ آهي.....

هرپال:  ڄاڻي واڻي اوهان کي تڪليف ۾ ڪيئن وجهن ڪاڪا!

جوڳي: هري رام!...... جيڪڏهن اها ڳالهه آهي، ته مان ڌرمشالا ۾ ئي وڃي رهندس. ليڪن...... اُن کان سواءِ منهنجو ڪم ڪيئن.......؟

گوپال: ڇو اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي؟

جوڳي: ڪليم آفيس مان چيڪ وٺڻو آهي..... بئنڪ مان رپيا ڪڍائڻا آهن..... ڌنڌي بابت سوچڻو آهي.....

هرپال:  ڪليم!

گوپال: چيڪ!

هرپال:  رپيا!

گوپال: اوهين چئو ڇا پيا!

جوڳي: ڪليم هاڻي پاس ٿي ويو آهي نه تڏهن ته موٽي آيو آهيان........

هرپال:  ڇا چيو، اوهان جو ڪليم پاس ٿي ويو آهي!؟

گوپال: پوءِ ته ڪاڪي کي هتي ئي رهڻو پوندو.....

جوڳي: هاسٽل وارا رهڻ جو نه ڏيندا؟

گوپال: چونداسون اسان جو عزيز آيو آهي، ٻيو ڇا! ائين هاڻي خاص خاص عزيزن کي ته رهڻ ڏيندا آهن.....

جوڳي: چئو ٿا کاڌي پيتي جي تڪليف آهي......

هرپال:  کاڌي جي تڪليف آهي ته ڇا!؟ اوهين ميس (Mess) ۾ کائو ئي ڇو؟ هي اِسٽؤ ڇاجي لاءِ آهي؟ هي ٻانهون ڇاجي لاءِ آهن؟ اوهان کي هتي ئي پيا رڌي کارائينداسين......

گوپال: چون ٿا شروڻ ڪمار پنهنجي سورداس ماتا پتا کي ڪنواٺيءَ ۾ وهاري پنهنجن ڪلهن تي چاڙهي سڄو ڀارت گهمايو هو......

هرپال:  اسان جيڪڏهن اوهان کي گهر ۾ ئي وهاري ٿوري گهڻي شيوا ڪئي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي پوندي؟

گوپال: هن وقت به اسان اوهان جي ڪم نه آياسين ته ڪڏهن اينداسين!

جوڳي: هري اوم!

هرپال:  پر ڪاڪا! اواهن کي خبر ڪيئن پيئي ته اوهان جو ڪيلم پاس ٿي ويو آهي؟

جوڳي: ڇو؟ خبر ڇو نه پوندي؟ اسين ڪو رواجي ماڻهو آهيون ڇا؟ ڏهه سال جوڳ پچايو اٿئون!

گوپال: اوهان ته ايشور کي ساکيات ڏٺو هوندو ڪاڪا......

جوڳي: هي سڀ اُنهيءَ جي ئي ته ڪرپا آهي......

هرپال:  تڏهن به ڪاڪا......

جوڳي: هروڀرو ٻڌڻو اٿيئي ته ٻڌ: هڪڙي دفعي گنگا مئيا جي ڪنٺي تي پپر جي وڻ هيٺان سماڌيءَ ۾ ويٺو هوس ته پرڀو اچي پرگهٽيو.

گوپال: يعني ڪ پرڀو پاڻ!

جوڳي: ٻيو تڏهن! مونکي سجاڳ ڪري چيائين: ريجهو، مان تنهنجي تپسيا تي ڏاڍو پرسن ٿيو آهيان. گهر جيڪي گهرڻو هجيئي!

گوپال: پوءِ اوهان ڇا گهريس ڪاڪا؟

جوڳي: منهنجي ته اکين ۾ آنسون تري آيا. چيومانس: پرڀو! جنهن کي تنهنجو درشن نصيب ٿئي تنهن کي ٻي ڪنهن شيءِ جي ڪهڙي لوڙ؟

هرپال:  اوهان ڪجهه ڪونه گهريس؟!

گوپال: اهڙو موقعو هٿان وڃائي ڇڏيو؟

جوڳي: ليڪن پرڀو مڃي ئي ڪٿي! چئي ريجهو! تنهنجي هن نرموهي سڀاءَ ته مونکي هٿائين موهي ڇڏيو آهي! مون به پرن ڪيو آهي ته توکي ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ کان سواءِ هتان چرڻو ناهي!

هرپال:  پوءِ؟

جوڳي: چيائين، ”وڃ! هاڻي سنسار ۾ موٽي وڃ! مون تنهنجو ڪيلم پاس ڪرائي ڇڏيو آهي“ چيومانس: پرڀو! ڇوٿو مونکي مايا ڄار ۾ ڦاسائين! ليڪن پرڀو مڃي ئي نه! مان نه وٺڻ تي ۽ هو ڏيڻ تي! ڇا ڪجي؟ پرڀوءَ سان ضد ته ڪري نٿو سگهجي! لاچار مونکي هيڏانهن اچڻو پيو..... هري اوم!

گوپال: اصل ائين ٿيو ڪاڪا!

جوڳي: ڳالهه ٿا ڪيو!.... ڀلا هتي هؤدي ٻـﺆدي ته هوندي نه؟ مان جيڪر اِشنان ڪري وٺان......

هرپال:  ها ڪاڪا! جتي ورانڊو ختم ٿئي ٿو ته، اُتي کاٻي پاسي هؤديون ئي هؤديون اَٿو.

جوڳي: چڱو ڀلا..... مان وهنجي ٿو وٺان......

        (دروازي ڏانهن وڌي موٽي اچي ٿو)

گوپال: چئو ڪاڪا! ڪجهه کپيؤ ڇا؟

جوڳي: (ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريندي) سوچيان ٿو..... اڳوپوءِ هن کي به جيڪر..... صفا ڪري ڇڏيان.

گوپال: چڱي ڳالهه ڪيؤ. اِنهيءَ کي برابر هاڻي رخصت ڏيڻي پوندو، نه ته ڪيلم آفيس وارا اوهان کي سڃاڻندا ئي ڪونه.... هرپال! اِتان ڏاڙهيءَ جو سامان ته کڻي وٺ.

هرپال:  (ڏاڙهيءَ لاهڻ جو سامان جوڳيءَ ڏانهن وڌائيندي) هان ڪاڪا! هي صابڻ، هي برش ۽ هي پاڪي..... ڏاڙهي لاهي وٺو..... وار کڻي پوءِ لاهرائجو..... (جوڳي سامان وٺي، دروازي تائين وڃي وري موٽي اَچي ٿو.)

هرپال:  حڪم ڪيو!

جوڳي: (پنهنجي گيڙو ڪڙتي ڏانهن اِشارو ڪندي) هي به چويم پيو ته هاڻ مڪتي ڏينم..... (گوپال کي مخاطب ٿي) گوپال! تنهنجا ڪپڙا پورا ايندا مونکي؟

گوپال: (تڪڙ تڪڙ ۾ بئگ کولي، وڳو ڪڍي، جوڳيءَ ڏانهن وڌائيندي) في اِلحال ته هيءُ ئي پايو...... شام جو اوهان جي نون ڪپڙن جو آرڊر ڏيئي اينداسين..... پر..... ها.... هاڻي جلدي ڪري وٺجو.... چانهه بلڪل تيار آهي.... اوهان لاءِ ٿورو مکڻ گهرائي وٺان..... (جوڳي پنهنجي ئي ڌن ۾، وڃي ٿو)

گوپال: هرپال! ڀڄ، ڪئنٽين مان مکڻ جي ٽڪي ته وٺي اَچ.

هرپال:  (دروازي ڏانهن وڌي اوچتو مڙي) گوپال!..... مونکي ته معاملو ڪجهه گول مول پيو نظر اَچي!

گوپال: تنهنجو سڀاءُ ئي اهڙو آهي. هر ڳالهه کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندو آهين......

هرپال:  ليڪن اِئين ٿي ڪيئن ٿو سگهي!؟

گوپال: ڇا ته؟

هرپال:  ته ڀڳوان ڪاڪي کي درشن ڏيندو ۽ ڏهه سال اَڳ رد ٿيل ڪليم پاس ڪرائي ڏيندو! يعني سوچڻ جي ڳالهه آهي!

گوپال: تون ته آهين ناستڪ! ڪڏهن ايشور ۾ وشواس رکيو اَٿيئي؟

هرپال:  هيءَ شواس اَوشواس جي ڳالهه ڪانه آهي گوپال! هيءَ سوچڻ جي ڳالهه آهي.

گوپال: تنهنجو مطلب آهي ڪاڪي جو ڪليم پاس ئي ڪونه ٿيو هوندو؟

هرپال:  بلڪل!

گوپال: ۽ ڪاڪي هي جيڪي ڪجهه ٻڌايو سو ڪوڙ هوندو؟

هرپال:  نه، اِهو ڪوڙ به ناهي!

گوپال: ڪوڙ به ناهي، سچ به ناهي، تڏهن ڇا آهي؟ هان!

هرپال:  من جوڀرم!

گوپال: ۽ ڀڳوان سان وارتالاپ؟

هرپال:  من جي ڪلپنا! منوگيان جو وديارٿي هئڻ جي ناتي توکي اِها ته خبر هوندي ته اِنسان جڏهن چاهيندي به ڪا چيز حاصل ڪري نه سگهندو آهي، تڏهن من.... ڪلپنا جو سهارو وٺي پنهنجي اَڳيان اُها شيءِ ميسر ڪندو آهي، جنهن کي (Day-Dreaming) چئبو آهي! يعني ڏينهن جوسپنو ڏسڻ!

گوپال: تنهنجي معنيٰ ڪاڪي جي هيءَ ڳالهه به ڏينهن جي سپني مثل آهي؟

هرپال:  سراسر!

گوپال: ليڪن وشواس به ته ڪا ڳالهه آهي! تون ڪاڪي جي ڳالهين تي وشواس ڇو نٿو ڪرين؟ ڏهه سال ويراڳي ٿي رهيو آهي، ڇا اسان سان ڪوڙ ڳالهائيندو؟!

        (ٻاهرين دروازي کان اوچتو گرمکه اندر گهڙي ٿو)

هرپال:  اِن جو فيصلو ته توکي وقت پاڻيهي ٻڌائيندو، جڏهن اَڇا ڪارا پڌرا ٿيندا!

گرمکه: ڀائي ڇاجو بحث لڳائي ويٺا آهيو؟ وري ڪا جنگ ڇڙي آهي ڇا؟

گوپال: اڙي! گرمکه تون ڪٿان؟

گرمکه: (ٻاهرين دروازي ڏانهن اِشارو ڪري) هتان.......

گوپال: هردوار مان ڪڏهن موٽئين؟

هرپال:  ڇو؟ هردوار ويو هو ڇا؟ هن عمر ۾ هردوار!

گوپال  ناني گذاري ويئي ته ويچاري جي.....

گرمکه: ها يار! نانيءَ جو گورو پرواه ڪرڻ ويو هوس.

هرپال:  ڀلا ڪر خبر! وري صبح ساڻ ساهري سنڀريو آهين ڪيئن؟

گرمکه: توکي ته يار خبر آهي. ڪالهه سهرو صاحب اچي ويهي رهيو. چئي: سڀاڻي رسوئي اَسان وٽ ورتايو.

گوپال: ۽ توکي ته اهڙا موقعا کپن!

گرمکه: ڀائي شهر جو شهر مان شادي ڪرڻ ۾ اهي ئي ته سک آهن. هر آرتوار ساهري!

هرپال:  هر آرتوار ساهري! يعني سال ۾ ٻاونجاهه ڏينهن!

گرمکه: ٻاونجاهه ڏينهن گهڻا ٿا لڳني؟ منهنجو وس پڄي ته ٽي سؤ پنجهٺ ڏينهن ئي اتي گذاريان!

گوپال: ايڏا مزا آهن ڇا ساهري؟

گرمکه: ڳالهه ٿو ڪرين! سس جا سهج ۽ سالين جا قرب! آها..... آها.... شادي ڪري ڏسو ته خبر پويوَ!

هرپال:  يعني سوچڻ جي ڳالهه آهي!

گوپال: مطلب ته زور آهين. ڀلا تنهنجي ڪليم_ آفيس ڪيئن پيئي هلي؟

گرمکه: اَڙي يار آفيس جي ڳالهه ڇو ڪڍيئه؟

گوپال: ڇو؟

گرمکه: انهيءَ جا اَچي ڏينهن پڳا آهن......

هرپال:  نه نه! اَهڙي ڪا خاص ڳالهه ٿي ڇا؟

گرمکه: ڳالهه کڻي ڪانه ٿي آهي، اسان کي سور سجهن پيا! ڪچو کاتو آهي، ڪيستائين هلندو! هاڻ ته ڪليم جا ڪم به اچي پورا ٿيا آهن.

گوپال: پوءِ ڀلا، اَوهان جو ڇا ٿيندو؟

گرمکه: اَسان جي نوڪريءَ مان مڪتي، ٻيو وري ڇا؟

هرپال:  اَڳتي لاءِ ڪجهه ته سوچيو هوندءِ؟

گرمکه: سوچڻو وري ڇاهي؟ وڃي ويهبو ساهري! ساهرن نه رهايو ته هردوار..... اَڙي ها..... چڱي ياد آئي هردوار جي نالي تان...... يار مان هردوار ويو هوس نه، اُتي اوهان جو چاچو گڏجي ويو.....

گوپال: چاچو؟

گرمکه: چاچو ريجهومل! جيڪو اَٺ ڏهه سال اَڳ جڏهن پاڻ اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ته گم ٿي ويو هو. ڏسان ته گئو گهاٽ تي ويٺو ڀنگ گهوٽي........

هرپال:  پوءِ؟

گرمکه: مان به وڃي پيرن تي ڪريومانس. چيائين: گرمکه آهين ڇا؟ پٽ ڏاڍو وڏو ٿي ويو آهين! هاڻ ڇا ڪرين؟

        چيومانس: ڪاڪا! ڪليم آفيس ۾ ڪلارڪي ڪندو آهيان.

گوپال: پوءِ؟

گرمکه: پوءِ ته مونکي به کڻي ٿوري ڀنگ پيئاريائين. سائين اَچي ٿو نشو سوار ٿئي اَسان تي! من ۾ هڪڙي حرڪت سجهي آئي......

گوپال: حرڪت! ڪهڙي؟

گرمکه: چيومانس: ڪاڪا! ڪليم آفيس ۾ پراڻا فائيل چڪاسيندي هڪڙي دفعي اوهان جي ڪليم جو فائيل سامهون اَچي ويو. بس پوءِ ته ڏينهن رات هڪ ڪري ويهن ئي ننهن جو زور لڳائي، چؤچاءُ ڪرائي اَوهان جو ڪليم پاس ڪرايو اَٿم......

هرپال:  پوءِ؟

گرمکه: ڪاڪو ڏسين ته پيو ٺري! چئي: پٽڙا! شل ڪليم_ ڪمشنر ٿيندين!

گوپال: هون!

گرمکه: بس پوءِ ته اَوهان جي اَئڊريس ڏيئي مان هيڏانهن هليو آيس.

هرپال:  (گوپال کي) هري اوم! يعني سوچڻ جي ڳالهه آهي ۽

گوپال: ته چئبو تون ئي ڪاڪي کي بنڊل رکي آيو آهين! هتي اَسان کي پيو چئي: پرڀو منهنجي تپسيا تي پرسن ٿي پاڻ منهنجو ڪليم پاس ڪرايو آهي.

هرپال:  چئبو تون ئي آهين اُهو پرڀو!

گرمکه: ڪاڪو هتي پهچي به ويو آهي ڇا؟!

هرپال:  هوڏي ڏاڙهي ويٺو ڪوڙي.....

گرمکه: ڀلا، مان هليس.

گوپال: (گرمکه کي ٻانهن کان پڪڙيندي) هيڏانهن ويهه، جي هليس!

هرپال:  (گرمکه کي ٻيءَ ٻانهن کان پڪڙيندي) اَسان کي آفت ۾ وجهي هليو آهين پنهنجي جند ڇڏائڻ!

گرمکه: (پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندي) يار ڇڏيو..... ڏسو ڏاها ٿيو.... مونکي ساهري وڃڻو آهي.... چيومانوَ منجهند جي روٽي اُتي آهي.....

هرپال:  روٽي ته توکي چاچو کارائيندو..... اَصل اَهڙي جو سس جا سهج ۽ سالين جا قرب به وسري ويندءِ.......

گرمکه: ڇو ٿا غريب کي مارايو! ڇڏيو...... ڀلا مونکي ڪهڙي خبر ته چاچو چرچي کي ساڀيا سمجهندو جوڳي ٿي ڪري رپين جي لالچ ۾ ڦاسندو! يار ڇڏيو نه..........

        (جوڳي ڏاڙهي مڇوُن لاهڻ بعد، سهج سڀاءَ، پاڪي هٿ ۾ ڦيريندو اَندر گهڙي ٿو. گوپال ۽ هرپال، گرمکه کي ڇڏي ڏين ٿا.)

جوڳي: اڙي، گرمکه! سٺو ٿيو جو تون پاڻ هتي هلي آئين نه ته مونکي تو وٽ اچڻو پوي ها......

گرمکه: (ڏڪندي) ڪاڪا..... مون کان ڪا گستاخي ٿي هجي ته معاف ڪجو..... اوهان جو ٻار آهيان.....

جوڳي: گستاخي! ٻچا تو جيڪا اسان تي مهر ڪئي آهي سا اسان وساري سگهنداسين!

        (گرمکه خاموش)

جوڳي: تون اڄ پريشان ڇو پيو لڳين؟ سکه ته آهي؟ هلي آءُ! اچي اسان سان گلي ته مل! (پاڪي، سهج سڀاءُ ڪڏهن هٿ تي ته ڪڏهن ڪلهي تي پيل ٽوال تي ڦيريندو رهي ٿو.)

        (گرمکه ڏڪندي ڏڪندي اچي جوڳيءَ جي قدمن تي ڪري ٿو.)

جوڳي: اڙي توکي ٿيو ڇاهي! چيومانءِ اُٿي گلي مل مون سان!

        ]گرمکه نٿو اُٿي[

جوڳي: (غصي ۾) گرمکه.....!

        (گرمکه خبرداريءَ سان اُٿي جوڳيءَ جي هٿ واري پاڪيءَ ڏانهن نهاريندي ساڻس گلي ملي ٿو)

جوڳي: هرپال! هن کي ڪجهه کارايو پيئاريو ته سهين.

        (هرپال خاموش)

جوڳي: گوپال!

        (گوپال خاموش)

جوڳي: توهين ٻئي خاموش ڇو ٿي ويا آهيو؟ آخر ماجرا ڪهڙي آهي؟

گوپال: اِهو اوهان کي گرمکه ئي ٻڌائيندو ڪاڪا.

جوڳي: گرمکه؟

گرمکه: (وري جوڳيءَ جي پيرن تي ڪرندي) ها ڪاڪا! مون جيڪا اوهان سان اوهان جي ڪليم جي ڳالهه ڪئي هئي نه. اُها.... اُها........

جوڳي: اُها؟ انهيءَ ته اسان جي زندگيءَ ۾ ڦيرو آڻي ڇڏيو......

گوپال: اوهان ڳالهه ڪانه سمجهي ڪاڪا!

گرمکه: مون اها..... چرچي ۾ چئي هئي......

جوڳي: (وائڙو ٿيندي) چرچي ۾؟!

گرمکه: ها ڪاڪا! اوهان جوڪوئي ڪليم پاس ڪونه ٿيو آهي.

جوڳي: (گرمکه کي گلي کان پڪڙي اٿاريندي) ڇا........؟!

        (گرمکه کي ڌڪو ڏيئي پاڻ به ٻه قدم پاسيرو ٿي وڃي ٿو، پوءِ اوچتو مڙندي)

جوڳي: نامراد! تو هڪ جوڳيءَ جو مذاق اُڏايو آهي! وڃ! اسين توکي سراپ ٿا ڏيون.

گرمکه: ڪاڪا.........

جوڳي: اسين توکي سراپ ٿا ڏيون...... ٻئي جنم ۾ به........ ڪلارڪ جي جـﺆڻ پرائنيدين..... (هڪ ٿڌو ساهه کڻي) هري اوم..........

(پڙدو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com