ڊاڪٽر زبيده جوڻيجو
اک جو ڦڙڪڻ
ساڄي پاسي واريءَ اک ۽ کاٻي پاسي واريءَ اک ڦڙڪڻ
بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون مشهور آهن، پر اھي خبرون
ھاڻي پراڻيون ٿي چڪيون آهن. اک ڦڙڪڻ جا اصلي سبب
ڪھڙا آھن، ھي مضمون پڙھي، اوهان کي ڪافي ڄاڻ ملي
ويندي!.
اک
جو ڇنڀڻ
(Eye blinking):
اک جو ڇنڀڻ، ھڪ قدرتي ڇرڪ
(Natural reflex )
آھي . اوھان جو جسم اھو عمل پاڻ مرادو ڪندو آھي ته
جيئن اکين کي آلو ۽ صحتمند رکي سگھجي
.
اک جو ڇنڀڻ، توهان جي اکين کي تيز روشني، دز ۽
دونھين کان بچائي ٿو.
اَک ڦڙڪڻ
EyeTwiching
:
مختلف وٽامن ۽ معدنيات
(Vitamins and Minerals)
سموري جسم جيان، اک جي مشڪن
muscles
جي صحيح طريقي سان ڪم ڪرڻ لاءِ به ذميوار آھن. ۽
انھن خوراڪي عنصرن جھڙوڪر نمڪيات، وٽامن
B12،
وٽامنD
، يا ميگنيشيم وغيره ۾ عدم توازن، اک جي ڦڙڪڻ جو
سبب ٿي سگھي ٿو!
اک جي ڦڙڪڻ جا ڪي عمومي سبب
:
1
.
اسٽريس ( ذھني دٻاءُ) يا بيچيني
2
.
ننڊ کان محرومي يا گھڻي ٿڪاوٽ
3.
ڪيفين جھڙا مُحرڪ واپرائڻ
4.
دوائن جو استعمال
5.
تيز روشني يا روشنيءَ کان
حساسيت
6
.
خوراڪ (ٿي سگھي ٿو اوھان کي ڪنھن خاص خوراڪ مثال
طور: وٽامن
B 12
جي ضرورت ھجي
).
7.
اکين تي دٻاءُ يا ڇڪتاڻ
8
.
نڪوٽين جو استعمال
9.
ڪمپيوٽر تي گھڻو ڪم ڪرڻ يا
ڊجيٽل اوزارن جو گھڻو استعمال به اکين کي گھڻو
ٿڪائي وجھي ٿو.
اکين جي ڦڙڪڻ کي
Ocular Myokymia
سڏجي ٿو، جيڪو بي ضرر آھي ۽
ڪنھن ٻي پيچيدگيءَ جو سبب نه بڻبو آھي ۽ اھو ھر
جاءِ عام آھي.
مٿين سببن جي ڪري، اک جو ڦڙڪڻ، اکين جي مشڪن جي
تنتن
Nerves
جي ڇڪتاڻ جو نتيجو آھي، جن جي ڪري مشڪن ۾ آڪڙ يا
ڳڍڙي
Spasm
پئجيو وڃي.
اک جو ڦڙڪڻ اڪثر مشڪن جي گھڻي تحرڪ
Stimulation
يا ٿڪاوٽ
fatigue
جي ڪري ٿيندو آھي. اھو اڪثر پاڻيھي ختم ٿي ويندو
آهي.
پر ان کي گھٽائڻ جي ڪجھه طريقن ۾ ڪوساڻ ڪرڻ،
اسٽريس گھٽائڻ، ڪيفين نه واپرائڻ ۽ چڱي ننڊ ڪرڻ به
شامل آھن
.
10.
وٽامن معدنيات جي کوٽ
:
ميگنيشيم
Magnicium
جي کوٽ مشڪن جي سڪڙجڻ جو سبب بڻجندي آھي، سو اھو
ممڪن آھي ته اک جون پلڪون
Eye lids
به متاثر ٿين
.
وٽامن
B 12,
ڪيلشيم ۽ وٽامن ڊي (ڪيلشيم کي جذب ڪرائڻ ۾ مددگار
ھوندو آھي) سو انھن عنصرن جي کوٽ به اک جي ڦڙڪڻ
جا اثرائتا اڀاريندڙ
triggers
ٿي سگھن ٿا
11.
بيچينيءَ سبب اک جو ڦڙڪڻ يا
خاندان ۾ ان جو اثر ھجڻ به ممڪن ٿي سگھي ٿو.
12.
مڪمل سبب جي ڄاڻ ته ناھي، پر
ھيءَ حالت، دماغ جي تحرڪ ڏيندڙ تنتن
motor nerves
مان به پيدا ٿي سگھي ٿي
.
اک جي خشڪي يا الرجي يا انفيڪشن به اک جي ڦڙڪڻ جو
سبب بڻجي سگھن ٿا.
اک جي ڦڙڪڻ کي ڪيئن روڪجي؟
1. گھڻي ٿڪاوٽ کان بچجي. 7 کان 9 ڪلاڪ ننڊ ضرور
ڪجي
.
2. ڪيفين جو استعمال گھٽ ڪجي ، خاص ڪري ڏينھن جي
پوئين پھر ۾ نه واپرائجي
.
3. رات جو سمھڻ جي وقت جي پابندي ڪجي.
4. پاڻي گھڻو پيئجي
.
5. نمڪيات جي گھٽتائي کان بچجي.
6. اھڙا ميوا ۽ ڀاڄيون کائڻ گھرجن، جن ۾ پوٽاشيم،
ميگنيشيم وغيره جو مناسب مقدار ھجي.
مثال طور: ڪيلا، انب، ايواڪيڊو، سايون ڀاڄيون ،
داليون وغيره.
ڊاڪٽر کي ڪڏھن ڏيکارجي؟
1. جڏھن ھڪ ھفتي تائين اک جو ڦڙڪڻ نه ختم ٿئي.
2. اک ڦڙڪڻ جي ڪري، ھڪ اک سڄي بند ٿيندي ھجي.
3. مشڪن جو ڦڙڪڻ، چھري جي ٻين حصن کي به متاثر ڪرڻ
لڳي.
مٿين ڳالھين جو مطلب اھو به ٿي سگھي ٿو ته ڪو
بنيادي نيورالاجيڪل سبب هجي، جنھن ڪري ھڪدم اکين
جي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ گھرجي
.
ڪجهه بيماريون به اک جي ڦڙڪڻ جو سبب ٿي سگھن ٿيون
. مثال طور
:
_Multiple Sclerosis
_Parkinson's disease
_Bell's palsy
_Blepharospasm..
روبينه ابڙو
غزل
ڪا ازل جي پاڻياري آهِه مون ۾،
ڇو اُڃاري پو به واري آهِه مون ۾؟
مان ته ماضيءَ جي اُجاڙيل ڍنڍ آهيان،
ڪنھن وري هي ناوَ تاري آهِه مون ۾.
امن جا اُجرا ڪبوتر نيڻ منھنجا،
پر اندر ڪا جنگ جاري آهِه مون ۾.
هر گهڙي ٿي سار تنھنجي پئي پِگهاري،
هر گهڙي ڪا برف باري آهِه مون ۾.
دل اڃان ڀي گهاٽ تي تُڙڳي رهي آ،
مون ۾ ڪائي ڪَماري آهِه مون ۾.
گونج ڀي توئي ڪئي هئي قيد منھنجي،
ڪونج ڀي تو اُڏاري آهِه مون ۾.
تارَ ڪا وڄندي رهي ٿي تَنَ اندر ئي،
رات ڪا ميران گذاري آهِه مون ۾.
مان بظاهر خوش رهڻ جو ڏيک ڏيان ڀل،
پر ڳُجهي ڪا بيقراري آهِه مون ۾.
مون ۾ ٻيجل، مون ۾ ئي آ ڏياچ ڪو،
ڪنڌ ڪورڻ لئه ڪٽاري آهِه مون ۾.
لاڙڪاڻو ڀي ڪڏهن من ۾ نه ماپي،
۽ ڪڏهن هيءَ سنڌ ساري آهِه مون ۾.
”اهو جو ٿر جو ٻاٻيهو هو“
(صادق فقير کي ڀيٽا)
موت سندا او ڪارا ڪڻڇي
هر ڪنھن تَن جي تار تي تنھنجو رين- بسيرو
تون جا ٻولي ٻولين ويٺو
تنھن ۾ ڪهڙا سُرَ سمايل؟
ڇا تون ٻيجل جي سُرندي جان
صرف سِرن جو دانُ گهرين ٿو؟
تون جو روحن جي ڳڙکيءَ مان
نڪري تَنَ جي آڳنڌ تي ٿو روز اڏامين
توکي ڪوبه نه ماري سگهندو!
تنھنجو ڪھڙو ديس پکيئڙا؟
ڪھڙي ڏيھه کان ايندو آهين؟
منھنجي ديس کان نيندو آهين
روح پويتر جھرڻن جھڙا
هيل به ڪهڙو قھر ڪيو تو
هُو جو ٿر جو ٻاٻيھو هو
جنھن وٽ سُر سنسار جيان ها
جنھن جي هرڪا تال ايئن ڄڻ
سمنڊ تي لھرون مڌم مڌم
ڇيڙيو جت به هيو هن سرگم
سڀ نظارا رقص ڪندا ها
تارن چارا رقص ڪندا ها
ڪويل هن جي سُر تي اُڏري
رم جهم جا ٿي ساز سڃاتا
ڇم ڇم ڇيرن کي هن ارپي
چنچل نيڻ رئاريا ها جنھن
پرنم نيڻ کلايا ها جنھن موسيقيءَ سان
اڄ به پڙاڏا ڪارونجھر ۾
هن جي اوسيئڙي ۾ آهن
هاءِ عقابن جھڙا ڪڻڇي
ڪيئن چُڳي ويئي
روح اسان جي موسيقيءَ جو!؟
گلناز
غزل
سنڌ سدا سونهن سان سرشار هجي،
سنڌ سدائين گل وَ گلزار هجي.
هزارين ستارن ۾ صدا چنڊ جيان،
سنڌ نرالي سدا نروار هجي.
۽ پاڻ پئي چاهيو اهو هميشه کان،
ته سنڌ جي تهذيب پروقار هجي.
شال اهو عزم رهي برقرار،
جو سنڌ تان هر شخص جانثار هجي.
وارجي هيءَ زندگي ڌرتيءَ تان ”ناز“،
قربان هن تان پنهنجو وارُ وارُ هجي.
نشاء ڪنول
محبت جو معراج
ڪافر اکيون …
هي منهنجون…
محبت تنهنجيءَ
جو معراجُ…
ڀلا جي…
ماڻين به ها
ته ڪيئن …؟
***
زندگي جي لامحدود
خواهشن مان
محدود خواهش
تون آهين……!!
***
وڇوڙو
وڇوڙي جو ڪوئي پهر
ڪوئي وقت
۽ ڪوئي رنگ
ناهي هوندو
وڇوڙو بس
وڇوڙو ئي هوندو آهي
هر رنگ ۾ روپ ۾
وڇوڙو بس
وڇوڙو ئي ٿيندو آھي
جيڪو سڄي حياتي
ڏنگيندو رهندو آھي…
۽ ان جو ڏنگيل، سُرور
ماڻيندو رهندو آهي
کيس خبر ناهي
ته اهو ڏنگ
ڇو سرور بخشيندو آھي!!؟
پونم بلواڻي
چٽڻيون، مربو ۽ آچار ٺاهڻ جو طريقو
چڻن جي چٽڻي:
گهربل شيون:
هڪ ڪوپ چڻا، 2 ساوا مرچ، هڪ ادرڪ جو ٽُڪر، هڪ وڏو
چمچو ڌاڻن جا پن، 8 ڪڙهيءَ جا پتا، اڌ ننڍو چمچو
اهر، 2 سڪل ڳاڙها مرچ، هڪ وڏو چمچو تيل، اڌ ليمي
جي رس.
ٺاهڻ جو طريقو:
چڻن جون کلون لاهيو ۽ ٿلهو پيسيو. ادرڪ ۽ ساون
مرچن کي پينهين لئي وانگر ٺاهيو، ڳاڙهن مرچن جا
چار چار ٽڪر ڪريو، تيل گرم ڪريو، جڏهن تيل گرم ٿي
وڃي ته ان ۾ اهر، ڪڙهيءَ جا پتا ۽ ڳاڙها مرچ وجهو.
پوءِ چڻن ۽ ادرڪ ۽ ساون مرچن جي لئي ملائي، ليمي
جو رس وجهو، سنها ڪتريل ڌاڻا مٿان ڇڙڪايو.
سُڪل ٿوم جي چٽڻي
گهربل شيون:
4 ٿوم جون ڳڙيون، هڪ وڏو چمچو جيرو،
2 وڏا چمچا سڪل ڌاڻا، هڪ وڏو چمچو گرم مصالحو، لوڻ
سواد مطابق.
ٺاهڻ جو طريقو:
ٿوم جون کلون لاهيو، باقي سڀ شيون ملائي، سڪل پٿر
تي پينهين لئي ٺاهيو، پاڻي نه وجهو، ڇو جو سڀ شيون
سڪل آهن. هيءَ چٽڻي ڪيترن مهينن تائين هلندي آهي.
ادرڪ جو مُربو
گهربل شيون:
500 گرام ادرڪ، 250 گرام کنڊ، چاشني ٺاهڻ لاءِ،
وڌيڪ 250 گرام کنڊ، 2 وڏا رس وارا ليما.
ٺاهڻ جو طريقو:
ادرڪ کي ڇِلي، ڪنهن سنهي ڪپڙي ۾ ٻڌي، گرم پاڻيءَ ۾
وجهو، ادرڪ کي اڌ ڪلاڪ تائين باهه تي ڳاريو، ڳري
وڃڻ کان پوءِ پاڻيءَ مان ادرڪ کي ڪڍي، ڪپڙو هٽائي،
ڇُريءَ سان ٽڪر ڪريو،. 250 گرام کنڊ کنڊ ۾ 100
گرام پاڻي وجهي، چاشني ٺاهيو. ان ۾ ٻئي ليما نپوڙي
وجهو، پچي وڃڻ تي ادرڪ جا ٽڪرا ان ۾ وجهي، چاشنيءَ
کي وري باهه تي رکو، جڏهن چاشني اڃان به گهاٽي ٿئي
ته ادرڪ جي ٽڪرن کي ڪڍي، کنڊ ويڙهيو ۽ ٿڌو ٿيڻ تي
برتن ۾ وجهو.
|