سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون آڪٽوبر 2024ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

 

سوچ ويچار

 

علم جو حصول

علم جو حصول، انسانيت جي سڃاڻپ ڏئي ٿو، جتي سماج ۾ ڪي منفي ڪارگذاريون ٿين ٿيون، اتي هڪ بھترين قدم اهو به آهي ته اڄڪلھه هر باشعور ماڻھو ڀلي ڪھڙي به طبقي ۽ ذات جو هجي، پر پنھنجي ٻارن جي تعليم لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. پرائمري اسڪولن کان ويندي، يونيورسٽين تائين، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي تعداد ۾ داخلا، انھيءَ ڳالھه جو ثبوت آهي. تعليم انسان کي زندگي گذارڻ بلڪه شانُ ۽ مانُ سان زندگيءَ کي گذارڻ جو هنر ڏئي ٿي. تعليم جي وسعت، انساني مشاهدي کي مضبوطي ۽ گهرائي بخشي ٿي، علم ۽ ڄاڻ، انسان کي ڪائنات جا اسرار سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. علم، قدرتي جنمجڻ جي پروڙ ۽ مقصد حيات سان روشناس ڪرائي ٿو، گھرائي سان ڏٺو وڃي ته زمين تي جيڪو سڪون ۽ سونھن آهي، ان ۾ پنھنجي بزرگن، عالمن، اديبن شاعرن ۽ نيڪوڪار بندن جي سھڻي هلت ۽ حسنِ اخلاق سبب آهي، انڪري انھن کان ڏاهپ ۽ ڏانءَ جو دان وٺجي، ته هوند حياتي، سُکي سَھنجي ۽ عزت واري گذري. وڏن جا وڏا دماغ پنھنجي تجربي جي خزاني سان هڪ ماڻڪ به ڏين ته انسان، ذهني ۽ روحاني طور امير ٿي وڃي، روح کي ريجھائڻ لاءِ، جيئن عمر خيام لکيو آهي ته:

The moving finger writes, and, having write, Moves on nor all thy piety nor wit, shall lure it back to cancel half a line, Nor all thy tears wash out a word of it.

ترجمو: لکندڙ آڱر لکندي ٿي وڃي، هڪ دفعو لکڻ کان پوءِ اڳتي وڌندي ٿي وڃي، تنھنجي سموري چالاڪي يا تقويٰ، لکيل هڪ سٽ به مٽرائي نٿيون سگھن، تنھنجا سمورا ڳوڙها، لکيل هڪ لفظ کي به نٿا ڊاهي سگهن!

مطلب ته انسان ڪيڏو به گهڻو علم حاصل ڪري، پر جيستائين روحانيت سان پاڻ روشناس نه ڪرائيندو، جيستائين انا ۽ فريب جي ڄار مان نه نڪرندو ته، اتي علم به اهو ثمر ڏئي نه سگهندو، جنھن سان انسان، سماج کي پنھنجائي، خوش ۽ سڪون ۾ سمجهي! انڪري علم تي غرور ڪرڻ بجاءِ، حلم کان ڪم وٺجي. پنھنجي فطرت ۾ نوڙت، نھٺائي، انڪساري عاجزي ۽ وقار پيدا ڪجي!

ماهوار ”سرتيون“ آڪٽوبر 2024ع جو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي، پرچو ڪيئن آهي، پنھنجي راءِ کان آگاهه ڪندا، اوهان پڙهندڙن ۽ لکندڙن جي سھڪار جو نتيجو آهي، جو رسالو گذريل 35 سالن کان باقاعدي ڇپجي رهيو آهي، اوهان جي صلاحن، تجويزن ۽ تنقيدن جي آجيان ڪئي ويندي،

جناب مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ صاحب چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جي هدايتن ۽ توجھه سبب، رسالو وقت سر ۽ معياري شايع ڪري سگهيا آهيون.

 

 

     گلبدن جاويد

 

 

مراد علي مرزا

 

لعزر

 

(اوڀر يورپ)

لعزر لاڳيتو ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون، قبر جي گُهگهه اونداهه ۾ رهيو هو  ۽ پوءِ موت جي ان اسرار ڀرئي ٻک مان جڏهن کيس ڇوٽڪارو مليو ته هو پنهنجي گهر موٽي آيو. ان وقت هن ۾ اهي اسرار ڀريون ڳالهيون ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿي آيون، جن پوءِ ماڻهن ۾ ايترو خوف ۽ هراس پکيڙيو، جو لعزر جو ذڪر ٻڌڻ شرط، هنن کي ڏڪڻي وٺي ويندي هئي. پهرين ته هن جا مٽ مائٽ ۽ دوست سڀئي خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ ئي نه ٿي ماپيا، جو هو ٻيھر جي اُٿيو هو. اهي سڪ ۽ پيار وچان، هن تان گهور گهور وڃڻ لڳا، دل کولي هن جي آجيان ڪيائون. هن کي سٺي ۾ سٺا کاڌا ڏنائون ۽ نوان ۽ سٺا ڪپڙا پارايائونس ۽ جڏهن ٽهڪڻ ۽ ڏکائتين خواهشن جي پاڇي ۾ هو، نوان ۽ چمڪندڙ ڪپڙا پائي، کاڌي جي ميز تي وڃي ويٺو ۽ اڳي وانگر کاڌو کائڻ ۽ پاڻي پيڻ لڳو، ته مائٽن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ هنن پنهنجن پاڙيسرين کي گهرائي چيو ته، ”هن شخص کي ڏسو، جيڪو معجزي جي ڪري ٻيهر جيئرو ٿيو آهي.“

پاڙيسري آيا ۽ هن کي ڏسي خوشيءَ وچان جهمريون پائڻ لڳا. ان معجزي جي خبر ٻڌي، هن جي زيارت ڪرڻ لاءِ اوسي پاسي ۽ پري پري جي ڳوٺن ، وستين ۽ شهرن مان ماڻهو آيا ۽ ميري ۽ مارٿا جي گهر جي چوڌاري ماکيءَ جي مکين وانگر ڀون ڀون ڪرڻ لڳا. انڪري اتي گهڻو هُل هنگامو ٿيڻ لڳو.

لعزر جي چرپر ۽ صورت شڪل ۾ جيڪا ڦير گهير ٿي رهي هئي، ان جي باري ۾ ماڻهن ۾ ڏاڍي چَوپچوءَ هئي. اها سخت ڦير گهير گهڻي بيماريءَ ۽ موت جي ٿيڻ جي ڪري ٿي هئي. هڪ ڳالهه پڌري هئي ته معجزي جي ڪري، هن جو مئل جسم ڳري وڃڻ کان ذري گهٽ بچي ويو هو. پر اهو جيئري جسم جهڙو به نه هو. هن جي منهن ۽ جسم تي موت، هڪ اهڙي تصوير جو نقش ڇڏي ويو هو جيڪو لڳو ٿي ته ڄڻ ڪنهن نقاش ڪا تصوير اڌ ۾ ٺاهي ڇڏي ڏني هجي. هن جي لوندڙيءَ تي، هن جي اکين جي هيٺان ۽ سندس کڏون پيل ڳلن تي نير جهڙن نشانن جا تهه ڄمي ويا هئا. هن جون آڱريون به نيريون ٿي ويون هيون ۽ هن جي ننهن جي هيٺان، جيڪي قبر ۾ وڏا ٿي ويا هئا، نيراڻ ايتري ته گهاٽي ٿي  ويئي هئي جو سرمائي پئي لڳي. هن جا چپ سڪي ٺوٺ ٿي ويا هئا ۽ هن جي بدن جي کَلَ، جنهن تي قبر ۾ ڦلوڻا پئجي ويا هئا، هر هنڌان ٽڙڪي ڦاٽي پئي هئي ۽ هن جي سڄي جسم تي اهڙا ڳاڙها ڳاڙها چير پئچي ويا هئا. جن مان گندو پونءِ پي نڪتو. هو ڏاڍو بي ڊولو ٿي پيو هو ۽ سندس بدن ڦوڪجي ويو هو، جنهن مان اهڙي ڌپ پئي آئي جو ساهه منجهي ٿي ويو. پر مڙدن واري بوءِ، جيڪا هن جي ڪفن ۽ بدن مان ٿي نڪتي، اها جلد ئي ختم ٿي ويئي. هن جي هٿن ۽ منهن جي نيراڻ به گهٽ ٿيندي ويئي ۽ بدن جا ڳاڙها ڳاڙها چير به ڀرجي ويا. جيتوڻيڪ اهي پوريءَ طرح نه ڀريا هئا، اها هئي لعزر جي ٻي حياتي.

لعزر جي رڳو منهن ۾ نه، پر هن جي سموري وجود ۾ ڦيرو اچي ويو هو. جڏهن جيئرو هو ته ڏاڍو کلمک ۽ بي  پرواهه انسان هوندو هو. هو سدائين پيو مرڪندو ۽ ٽهڪ ڏيندو هو ۽ هر ڪنهن سان پيو چرچا ڀوڳ ڪندو هو. ان جي ڪري يسوع هن کي ڀائيندو ۽ پسند ڪندو هو جو هو سهڻي سڀاءَ وارو نيڪ ۽ چرچائي شخص هو. ڪميڻپ ۽ نراسائيءَ کي ته هو ڄاڻندو به ڪونه هو، پر هاڻي هو ڏاڍو ڳنڀير ٿي پيو هو. کيس ماٺ وڪوڙي ويئي هئي. هن جڏهن به ڳالهايو ٿي ته سندس زبان مان نڪتل لفظ سادا ۽ معمولي ٿي لڳا. اهڙا لفظ جن جو نه ڪو مفهوم هو ۽ نه جن ۾ ڪا گهرائي هئي. جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي سڄي ڄمار به اهڙا لفظ ڳالهائيندو رهي ته ڪنهن کي به خبر نه پوي ته هن جي اندر ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڏک ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون خوشيون لڪل آهن.

لعزر پنهنجن دوستن ۽ مائٽن جي ميڙ ۾ کاڌي جي ميز تي ويٺو هو. هن جو چهرو، هڪ اهڙي لاش جو چهرو هو، جنهن تي موت، گهگهه اونداهيءَ ۾ پورا ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون قبضو ڪيو ويٺو هو. هن جا ڪپڙا ڏاڍا قيمتي ۽ ڀڀڪيدار هئا ۽ سونهري ۽ سرخ رنگن جي ڪري، انهن تي نظر به نه ٿي بيٺي، پر سندس منهن تي مايوسي ۽ ماٺ پکڙيل هئي، هو اڳي جهڙو رهيوئي نه هو، پر ڏاڍو عجب جهڙو پئي لڳو. ايئن ڇو ۽ ڪيئن ٿيو؟ هن جي چوڌاري ويٺل ماڻهن جون پيار ۽ محبت ڀريون گرم گرم نگاهون، هن جي چهري ۾ کتل هيون، جنهن تي اڃا تائين قبر جي ٿڌاڻ جو تهه ڄميل هو. هڪڙي دوست جي گرم هٿ، هن جي سوڻل نيري هٿ کي پئي ٿڦڪيو ۽ شرناءِ، سرود، پيانو جي گڏيل موسيقي ءَ مان خوشيءَ جا نغما ڦٽي پئي نڪتا. ائين پئي محسوس ٿيو ته ميري ۽ مارٿا جي خوشين ڀرئي گهر تي ماکيءَ جي مکين جا مانارا ۽ طرح طرح جي پکين جا ولر اچي لٿا هئا.

هڪڙي شخص همت ڪئي. هن ماٺ جي مانڊاڻ کي ٽوڙي حقيقت کي بي نقاب ڪري ڇڏيو. هن پنهنجن چپن تي مرڪ آڻيندي، پڇيو، ”لعزر نيٺ تون ڇو نه ٿو ٻڌائين ته هُن جهان ۾ توسان ڪهڙي ويڌن ٿي؟“ پر هن ڄڻ ته اهو سوال ٻڌو ئي نه. ان سوال سڀني کي ماٺ ڪرائي  ڇڏيو ۽ سڀئي وائڙا ٿي ويا. سڀني جي ذهن ۾ اهو خيال هڪ ڀيرو وري ڀڙڪو ڏئي اٿيو ته لعزر ٽي ڏينهن مڙدو ٿيو زمين ۾ پوريو پيو هو. ان سوال جو جواب ٻڌڻ لاءِ هنن ڏاڍي اچرج وچان ،هن ڏانهن نهاريو. پر هن جا چپ ڄڻ ته سبيا پيا هئا.

ساڳئي شخص وري پڇيو”اسان کي ڪو نه ٻڌائيندين. ڇا هوءَ دنيا ايتري خوفناڪ آهي؟“

هينئر به هن جو خيال سندس لفظن جي پٺيان ئي رهجي ويو. جيڪڏهن زبان تي لفظن جي اچڻ کان اڳ خيال ذهن ۾ اچي ها ته هن کي هوند ان سوال ڪرڻ جي همت ئي نه ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته جنهن ويل اهي لفظ هن جي زبان مان نڪتا، ان وقت هيبت ۽ دهشت وچان، هن جي دل ٻڏي ويئي هئي. سڀئي ماڻهو ڏاڍا بي قرار هئا ته لعزر جو جواب ڇا هوندو. پر هو ساڳيءَ طرح ماٺ ۾ هو ۽ هن جون اکيون زمين ۾ کتل هيون. هاڻي ماڻهن ڄڻ ته پهريون ڀيرو ڏٺو ته هن جي منهن تي خوفناڪ نيراڻ پکڙيل آهي ۽ هن جو بدن ڦوڪجي ڏاڍو بڇڙو ٿي پيو آهي. لعزر جو هٿ ميز تي اهڙيءَ طرح پيو هو ڄڻ ته کيس ڪا خبر ئي نه هئي ته اهو  ڪو  سندس ئي هٿ آهي. ماڻهن جون اکيون سندس هٿ تي ائين ته ڄمي ويون ڄڻ ته ان سوال جو جواب، اهو هٿ ڏيندو. ڳائڻن ته اڃا تائين پئي خوشي جا گيت ڳايا، پوءِ اوچتو هنن کي به ماٺ وٺي ويئي ۽ سندن گيت اهڙيءَ طرح ٻڏي ويا، جيئن پاڻي پوڻ سان ٻرندڙ ڪوئلا سرڙاٽ ڪري وسامي ويندا آهن. شرناءِ سرود ۽ پيانو جا سُر  به ڏڪي ڏڪي ٽٽي پيا ۽ گيت آخري هڏڪي ڏئي  مري ويا. پوءِ چوڌاري سانت جو واسو ٿي ويو.

ان شخص کان رهيو نه ٿيو ۽ هن هڪ ڀيرو وري ڏڪندڙ آواز ۾ پڇيو، ”تون ڪو نه ٻڌائيندين اسان کي؟“چوڌاري ماٺ هئي ۽ لعزر جو نيرو هٿ چرڻ کان سواءِ اتي ئي پيو هو. ان ۾ ٿوري ڏڪڻي پيدا ٿي ۽ هن ٿوري آرام سان اکيون مٿي کنيون. لعزر، جيڪو مرڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿيو هو، سڀني کي پنهنجي خوفناڪ ۽ ڀوائتي نگاهه سان ٽڪ ٻڌي گهوري رهيو هو.

اڄ لعزر کي قبر مان ٻاهر نڪتي ٽيون ڏينهن ٿيو هو. ان وقت کان وٺي، هاڻي تائين، ڪيترن ئي محسوس ڪيو ته هن جي نگاهن ۾ نحوست ۽ تباهي لڪل آهي، پر ڪو به هن جي اکين جي ڪارين پتلين جي اونهائيءَ ۾ ويٺل دهشت کي بيان ڪرڻ جي همت ساري نه سگهيو. انهن ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا، جيڪي هن جي نظر جو شڪار ٿيا ۽ اهي به جيڪي جوانيءَ جي جوش ۾ هن  جي نظر جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار هئا. لعزر بنهه ماٺ ڪيو ويٺو هو. هن ڪا به چرير نه ٿي ڪئي ۽ لڳو ٿي ته هن ڪا به ڳالهه لڪائڻ نه ٿي گهري، پر ساڳئي وقت اهو به محسوس پئي ٿيو ته هو ڪا به ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هو. هن جي نظرن ۾ خوفناڪ بي پرواهي هئي، ڄڻ ته هو سڀني زندهه شين کان بي نياز ۽ مٿانهون هو. هن جي چوڌاري ڪيترن ئي ماڻهن هڪ ٻئي کي ڌڪا ۽ ٿيلها پئي ڏنا، ايتري قدر جو کين لعزر جو به خيال نه رهيو. پر پوءِ جڏهن کين خبر پئي ته اهو ٿلهو ماڻهو، جيڪو چمڪندڙ شوخ رنگ وارا ڪپڙا پايو ماٺ ڪيو ويٺو هو لعزر آهي، ته هنن کي ڏاڍو عجب لڳو ۽ ڊپ وچان، هنن جون دليون ڏڪڻ لڳيون. هن جي نگاهه جي اثر کان ائين نه ٿيو ته سج چمڪڻ ڇڏي ڏنو يا پاڻيءَ جو ڦوهارو هلندي هلندي بيهي رهيو. اوڀر پاسي آسمان به هميشه جيان صاف ۽ نيرو هو. پر جيڪو ماڻهو به هن جي اسرار ڀري نگاهه جي ڪنڍيءَ ۾ ڦاسي ٿي ويو، اهو نه چمڪندڙ سج کي ڏسي ٿي سگهيو، نه ٽهڪڙا ڏيندڙ ڦوهاري جو آواز ٻڌي ٿي سگهيو ۽ نه پنهنجي مٿان آسمان کي سڃاڻي ٿي سگهيو. لعزر جي نگاهه جي ماريل ماڻهو ڏاڍي پيڙا هيٺ دانهون ڪوڪون ٿي ڪيون، ڪڏهن ته هن پنهنجا وار ٿي پٽيا ۽ ڪنهن ڳجهي عذاب ۾ ڦٿڪي رڙيون ڪري ماڻهن کي سڏيو ٿي، پر ماڻهو ته پنهنجي ئي اندر ۾ گُهٽبا رهيا. سندن ساهه ٻوشاٽبو رهيو ۽ اهڙيءَ طرح چُڙي چُڙي ويڳاڻا ٿي ڪري ٿي پيا ۽ مري ٿي ويا.

ان شخص ٽيون ڀيرو پڇيو، ”لعزر، تو هُن جهان ۾ جيڪو ڏٺو، اهو اسان کي ٻڌائيندين؟“ هاڻي هن جو آواز ٿورو جهڪو هو ۽ هن جي اکين مان هڪ مئل ۽ ويران بيزاري ليئا پئي پاتا، جيڪا هڪ لڙاٽ وانگر اتي ويٺل ماڻهن جي مٿان ڇکڙجي ويئي. اهي موڳا ٿي هڪٻئي کي گهورڻ لڳا. هنن ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ ماٺ ميٺ ۾ اتان کسڪي وڃڻ جو خيال ڪيو. پر ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ به هو ان سستي ۽ ڪاهلي مان پاڻ ڇڏائي نه سگهيا، جيڪا سندن رڳ رڳ ۾ ويهي رهي هئي. پوءِ جڏهن رات جي ماٺ هر طرف پکڙجڻ لڳي ۽ ماڻهن کي ساهه کڻڻ ۾ ٿوري سوالائي ٿي، تڏهن هنن  وري لعزر کي اچرج ۽ غور سان ڏٺو. هن جو نيرو چهرو هڪ لاش جو چهرو هو، هن جو لباس چمڪندڙ ۽ قيمتي هو ۽ هن جي اکين ۾ ساڳئي بي رحمي ۽ دهشت ويٺل هئي، جنهن جي اونهائين مان ٻئي جهان جي  وحشت لياڪا پئي پاتا. سڀئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي پنڊ پهڻ ٿيا بيٺا هئا. چوڌاري رات جي اونداهي پکڙجي ويئي هئي، جنهن ۾ هڪ ڀوائتو چهرو، هڪ اهڙو جسم چمڪي چلڪي رهيو هو، جيڪو ٽن ڏينهن تائين موت جي زبردست ۽ هيبتناڪ طاقت جي چنبي ۾ ڦاٿل رهيو، هو ٽن ڏينهن تائين قبر ۾ مڙدو ٿيو پيو هو، ٽن ڏينهن تائين ٻارڙن رانديون رهيون هيون، پهاڙن ۽ ٽڪرين کي پاڻي چيريندو هيٺ ندين ۽ درياهن ۾ لٿو هو. رستن تي مٽيءَ جا تهه ڄمي ويا هئا ۽ هو قبر ۾ مڙدو ٿيو پيو هو. پر هينئر هو جيئرن جي جهان ۾ هو، هن جيئرن کي ڇهيو ٿي. هنن ڏانهن ڏٺو ٿي، سچ پچ هنن ڏانهن ڏٺو ٿي ۽ هن جي اکين جي ڪارين پتلين، جن جي اونهائين ۾ ٻئي جهان جي هيبت لڪي پئي هئي، هڪ خوفناڪ ۽ عجيب نگاهه سان انسان ذات کي پئي گهوري ڏٺو.

لعزر جي سنڀال ڪنهن به نه ڪئي. ڪوبه مائٽ ، ڪو به دوست هن جي ويجهو نه ٿي آيو. رڳو بيت المقدس جي چوڌاري پکڙيل ۽ ڪشادو رڻ هن جي گهر جي ڏيڍيءَ تائين هو. هن جي گهر ۾ اچڻ جي همت رڳو رڻ جي واريءُ کي هئي. رڻ ڪنهن گهر ڌياڻيءَ جيان ڏاڍي بي پرواهيءَ سان هن جي ڪرسي تي ليٽي ٿي پيو ۽ ٻرندڙ ڪوئلن ۽ ٽمڪندڙ ڏيئن کي وسائي ٿي سگهيو. لعزر جو خيال ڪنهن به نه رکيو .ايتري قدر جو سندس سڳيون ڀينرون ميري ۽ مارٿا به هن کي ڇڏي هليون ويون. مارٿا ڪي ڏينهن اتي رهي به هئي، پر هوءَ سڄو ڏينهن خوف ۾ وڪوڙي پئي هوندي هئي ۽ دعائون پئي گهرندي هئي، پر هڪڙي رات، جڏهن رڻ جي سيني مان تيز هوائن جا خوفناڪ ۽ ڀوائتا سرڙاٽ پئي ٿيا، تڏهن، هوءَ ماٺ ميٺ ۾ گهر مان ٻاهر نڪري ويئي. لعزر شايد دروازي جي زور سان بند ٿيڻ جو آواز ٻڌي ورتو هو ۽ چڱيءَ طرح سان بند نه ٿيڻ جي ڪري دروازي جي طاقن جي کڙ کڙ جو آواز چٽو پئي آيو. پر هو پنهنجي جاءِ تان بنهه نه چريو، نه ٻاهر نڪتو ۽ نه وري هن دروازي جي کڙڪي ڏانهن ڪو ڌيان ڏنو. ساري رات هن جي مٿان سرو جي وڻن مان سوساٽ پئي نڪتا ۽ دروازي جا طاق پئي کليا ۽ بند ٿيا. ساري رات رڻ جي برف جهڙي ٿڌي واري کليل دروازي مان گهر اندر ايندي رهي. هر ڪو هن کان ائين ٿي پري ڀڳو، ڄڻ ته هو ڪوڙهه جو مريض هجي، ماڻهن ته اهو به سوچيو هو ته هن جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ٻڌي ڇڏجي ته جيئن هن جي اچڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ۽ ماڻهو هن کان پاسو ڪرڻ لاءِ لڪي وڃن. اها ڳالهه ٻڌي، هڪ شخص ڊپ وچان، ڏڪندي چوڻ لڳو. ”ڀائرو جڏهن رات ٿيندي ۽ هن جي گهران سندس ڳچيءَ ۾ ٻڌل گهنڊڻيءَ جا ڀوائتا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا تڏهن اوهين ڇا ڪندو؟“

ڊپ وچان پاڙيسري ٻارن جي هٿان ، هن ڏانهن ماني ڏياري موڪليندا هئا. ٻار نه هن کان ڊڄندا هئا ۽ نه وري هن کي ستائيندا هئا. ٻارن کي ته ڪا به پرواهه نه هوندي هئي. لعزر به هنن ڏانهن ڪو نه نهاريندو هو. هن ڪڏهن به نه ٻارن جي ننڍڙن ننڍڙن هٿن کي ڇهيو ۽ نه وري هنن جي معصوم اکين ۾ چتايو. هن جو گهر، رڻ جي بي رحم واريءَ سان لٽبو رهيو. هن جي ڀڀڪيدار ۽ شوخ لباس جو رنگ ڦڪو ٿي ويو ۽ اهو ليڙون ليڙون ٿي ويو ۽ هن جي منهن تي وارن جو ڄار پکڙجي ويو.

سج پنهنجي تيز ۽ ساڙيندڙ شعاعن ۾ هر جيو جڻي کي ڄڻ ته ساڙيندو رک ڪندو رهيو، پر لعزر پنهنجي کنڊريل ڏاڙهي واري نيري منهن کي سج ڏانهن ڪيو، سڄو ڏينهن چيچلائيندڙ اُس ۾ ويٺو هوندو هو. نيٺ ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته قبر ۾ ٽي ڏينهن رهڻ جي ڪري، هن کي ايتري ته ٿڌ لڳي ويئي آهي ۽ اتي ايتري ته اونداهه هئي جو زمين تي ڪٿي به ايتري گرمي ڪانهي، جيڪا لعزر جي جسم کي گرم ڪري سگهي ۽ اهڙي  روشني ڪانهي جو هن جي اکين ۾ پيهي ويل اونداهه کي تڙي ٻاهر ڪڍي سگهي. وري جڏهن ٻرندڙ سج شام ڌاري لهڻ وارو هوندو هو ته لعزر گهر مان نڪري رڻ ۾ ويندو هو ۽ سج ڏانهن اهڙيءَ طرح وڏندو ويندو هو ڄڻ ته ان کي جهٽڻ جا  جتن ڪندو هجي. هو، سڌو سج ڏانهن ويندو هو ۽ ماڻهو اهو ڏسڻ لاءِ هن جي ڪڍ لڳندا هئا ته هو شام جو رڻ ۾ ڇا ٿو ڪري. پر پري پري تائين پکڙيل سرخ روشنيءَ جي پس منظر ۾ هڪ سگهاري ۽ ڊگهي ماڻهوءَ جو ڪارو پاڇولو هنن جي ذهنن تي هميشه هميشه لاءِ نقش ٿي ويندو هو ۽ اهي رات جي دهشتناڪين کان دهلجي ڀڄي ايندا هئا. ان ڀوائتي پاڇولي جو نقش، هنن کي ڦٿڪائيندو ۽ تڙپائيندو رهندو هو.

پري پري جي ماڻهن اڃان لعزر کي ڪو نه ڏٺو هو، پر هن جي باري ۾ هنن عجب جهڙيون ڳالهيون ضرور ٻڌيون هيون. ڪي ماڻهو ڊڄندي ڊڄندي، پر همت ڪري، هن کي ڏسڻ ايندا هئا ۽ هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. لعزر نٽهڻ اُس ۾ ويٺو هوندو هو. هاڻي هن جي ظاهري حالت گهڻي ڦري ويئي هئي ۽ سندس منهن تي اها اڳوڻي هيبتناڪي نظر ڪين ٿي آئي. هن کي ڏسندي ئي پهرين ته انهن اوپرن ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون ۽ اهي ان پاڪ شهر جي ڀورڙن ماڻهن تي هزارين لعنتون وجهندا هئا، پر جڏهن لعزر سان، سندن ٿوري ڳالهه ٻولهه ٿي ويندي هئي ۽ اهي، جڏهن پنهنجن گهرن ڏانهن موٽندا هئا، تڏهن هنن جي ڦريل حالت کي ڏسي ،پاڪ شهر جا رهاڪو سمجهي ويندا هئا ته ڇا ٿيڻ وارو آهي ۽ هڪ ٻئي کي چوندا هئا، ”ڀائرو، ڏسو لعزر ته هنن چرين ڏانهن به ڏٺو آهي.“

لعزر کي ڏسڻ لاءِ ٻيا به ڪيترائي اوپرا ماڻهو آيا. انهن ۾ اهي جهونجهار جنگي جوان به هئا، جن جي جسمن تي زرهون پيل هيون ۽ جن ڪڏهن به ڊپ ۽ خوف جو نالو به نه ٻڌو هو، ٻيا وري اهڙا چرچائي ۽ بيپرواهه جوان به هئا، جيڪي هر وقت ٻين کي پيا چرچا هڻندا هئا، وڏا وڏا سوداگر وري پنهنجا کيسا پئسن سان ڀري ٿي آيا. وڏا مغرور ۽ هٺيلا سرڪاري ڪامورا به آيا ۽ لعزر جي گهر جي دروازي تي پنهنجن خدمتگارن کي ويهاري اندر ٿي ويا، پر ڪو به شخص جنهن نموني سان ايندو هو، اهڙيءَ طرح سان واپس نه ويندو هو. اهڙن ماڻهن جي روحن تي دهشت ۽ هيبت جو هڪ نه لهندڙ تهه چڙهي ٿي ويو ۽ هنن لاءِ هيءَ ڄاتل سڃاتل دنيا، ڪنهن ٻي دنيا ۾ بدلجي ٿي ويئي.

لعزر جي نگاهن جو شڪار ٿي ويل ماڻهن مان جيڪڏهن ڪنهن ڳالهائڻ گهريو ٿي ته ان پنهنجي باطني ۽ ظاهري ڦير گهير کي هن ريت بيان ٿي ڪيو؛

”اهي سڀئي شيون، جيڪي اکيون ڏسن ٿيون ۽ هٿ محسوس ڪن ٿا، ايتريون خالي، هلڪيون ۽ بي صورت ٿي وڃن ٿيون، جيئن گهگهه اونداهه ۽ هلڪا هلڪا پاڇا ڏڪندا ۽ ٿڙڪندا هجن، اها گهگهه اونداهه سڄي ڪائنات تي ائين ته پکڙجي وڃي ٿي جو نه ته سج ان جي ٿلهي تهه کي ٽوڙي سگهي ٿو ۽ نه چنڊ ستارا. اها گهگهه اونداهه زمين کي اهڙيءَ طرح ٻک ۾ جهليو ويٺي آهي، جيئن ڪا ماءُ پنهنجي ٻار کي جهلي ويهي. زمين جي چهري تي اونداهو نقاب پيل آهي.“

”ان اونداهه ۽ پولار ۾ وڪوڙيل انسان، ان لامحدود ذات جي هيبت کان ائين ڏڪي رهيو آهي، جيئن ڪا نرم نازڪ ٽاري تيز هوا ۾ ڏڪندي آهي.“

جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ڪي چوڻ ٿي گهريو ته هن اهي ئي ڳالهيون ٿي ڪيون، پر شايد اهي ماڻهو، انهن کان به وڌيڪ ڳالهيون ٻڌائي ٿي سگهيا ۽ کين ڄاڻ هئي، جن ڳالهائڻ نٿي گهريو ۽ جيڪي ماٺ ميٺ ۾ هميشه هميشه جي لاءِ ماٺ ٿي ويا هئا.

ان زماني ۾ روم شهر ۾ هڪ مشهور بت تراش رهندو هو. جنهن جو نالو آريليس هو. مٽي، سنگمرمر ۽ ڪنجهي مان هو ديوتائن ۽ انسانن جا اهڙا رته خوبصورت بوتا تخليق ڪندو هو، جن جي حسن تي ماڻهو حيران هوندا هئا، پر کيس پنهنجي فن مان پوري خوشي نه ملندي هئي. هو چوندو هو، ”مون اڃا تائين چنڊ جي چاونڊوڪي گڏ نه ڪئي آهي. آئون اڃان تائين سج جي تجلي کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي نه سگهي آهيان. منهنجن سنگمرمر جي بوتن ۾ روح ڪونهي ڪنجهي جي بوتن ۾ زندگي ڪانھي.“ ۽ رات جو جڏهن هو چانڊوڪيءَ ۾ ڊگهن ڊگهن وڻن جي ڪارن ڪارن پاڇولن جي وچ مان لنگهندو هو ته ماڻهو کيس کيڪاريندا هئا ۽ پڇندا هئا ته، ”آريليس، چانڊوڪيءَ کي ميڙڻ آيو آهين ڇا. اڙي تو وٽ ته ڇٻي به ڪانهي. رکندين ڪٿي؟“

اهو ٻڌي ،هو مرڪي ڏيندو هو ۽ پنهنجين اکين ڏانهن اشارو ڪري چوندو هو. ”يارو، هي آهن منهجون ڇٻيون، آئون چنڊ جي چانڊوڪي ۽ سج جو سوجهرو، انهن ئي ڇٻين ۾ سنڀالي رکندو آهيان.“

۽ اها حقيقت به هئي ته هن جي اکين ۾ چنڊ جهڙو چمڪو ۽ سج جهڙو سوجهرو هو. پر سندس ٺاهيل بوتن ۾ اهي ٻئي شيون ڪو نه هيون. اها هن جي بدنصيبي پڻ هئي. هو روم جي پراڻي خاندان جي نسل مان هو. دولتمند، خوبصورت زال جو مڙس ۽ ڪيترن ئي ٻارن جو پيءُ ،وٽس هر ڪا شي هئي، پر هو اداس ۽ غمگين هو.

هن جڏهن لعزر جي باري ۾ عجيب افواهه ٻڌا، تڏهن معجزي سان جيئرو ٿي اٿندڙ ان شخص کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ لاءِ هڪ ڊگهي سفر ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. هن پاڻ به موت تي سوچيو ويچاريو هو. کيس موت جي ڳالهه اصل نه وڻندي هئي. سندس خيال هو ته هڪ طرف هيءَ خوبصورت ۽ پياري زندگي آهي ۽ ٻئي پاسي پراسرار موت آهي. اهو ماڻهو ڪيترو نه خوش نصيب آهي، جيڪو زندگيءَ کي پسند ڪري ٿو، جئي ٿو، جيئڻ جا مزا ماڻي ٿو. هن دل ئي دل ۾ چيو ته آئون لعزر کي به اها ڳالهه مڃائيندس ۽ جهڙيءَ طرح هن جو جسم جيئرو ٿي ويو آهي، اهڙيءَ ريت،هن جي روح کي به زندهه ڪندس. لعزر جي باري ۾ ماڻهو جيڪي ڳالهيون ڪن ٿا، اهي سڀئي سچيون ڪونهن.

اهو رئيس رومي فنڪار هڪڙي شام جو جڏهن پنهنجي هٿياربند ٻانهي سان اتي پهتو، تڏهن لعزر هڪڙي پٿر تان اٿي لهندڙ سج ڏانهن وڃڻ لڳو. فنڪار ڏاڍي اُڪير مان هن جو نالو وٺي سڏ ڪيو.

لعزر پٺتي مڙي، هن ڏانهن نهاريو. هن جي اڳيان هڪ هٺيلو ۽ حسين شخص بيٺو هو، جنهن جو منهن ٻهڪي رهيو هو ۽ جنهن جو قيمتي لباس به جرڪيو پئي. لعزر کي لڳو ته سج جا ڳاڙها ۽ اڇا ڪرڻا، ڄڻ ته ڪنهن ڪنهن جي جي بت جي مٿي ۽ منهن تي پئي پيا. هو هڪ عجب بي نيازي سان ،ان پٿر تي وڃي ويٺو ۽ ورچندي، هن پنهنجيون اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون.

رومي فنڪار، پنهنجي سوني زنجيريءَ ۾ آڱريون ڦيرائيندي آهستي چيو، ”لعزر، ائين برابر آهي ته تون خوبصورت ڪو نه آهين ۽ منهنجا دوست، اها ڳالهه به صحيح آهي ته توکي ڏسي ماڻهو ڊڄي وڃن ٿا. ڏاڍو سٺو ٿيو جو موت توکي پنهنجي چنبي ۾ سوگهو جهلي وري ڇڏي ڏنو ۽ ان جي ڪري تون سانداري وانگر ڦوڪجي ويو آهين.پر اهو پڻ ياد رک ته ٿلها ماڻهو دل جا خراب نه هوندا آهن. ان ڪري آئون سمجهي نٿو سگهان ته ماڻهو تو کان ايترو ڊڄن ڇو ٿا. هاڻي جيڪڏهن تون اجازت ڏين ته آئون هڪ رات تو وٽ رهان. هينئر گهڻي دير ٿي ويئي آهي ۽ ڪنهن ٻئي هنڌ رهڻ لاءِ ڪا جاءِ به نٿي سجهيم.“

اڳي ته ڪنهن به ماڻهوءِ لعزر سان گڏ، رات گذارڻ جي ڳالهه نه ڪئي هئي. لعزر وراڻيو، ”مون وٽ نه کٽ آهي نه هنڌ.“ روميءَ چيو، ”آئون هڪ سپاهي آهيان. هنڌ ۽ کٽ کانسواءِ به سمهي سگهان ٿو. ليٽي يا ويهي به رات گذاري سگهان ٿو. باهڙي به ٻاري ويهنداسين.“

”مون وٽ باهه ڪانهي.“

”باهه نه آهي ته ڇا ٿيو. پاڻ ٻئي اونداهه ۾ به ڳالهيون ڪنداسين. شراب ته هوندو تو وٽ؟“

”مون وٽ شراب ڪونهي.“

رومي فنڪار کلي ڏنو. ”هاڻي مون سمجهيو، انڪري ته تون ويڳاڻو ۽ ڏکارو رهين ٿو. لعزر ،شراب ڪونهي ته ڇا ٿيو پاڻ شراب کانسواءِ رات گذارينداسين. تو کي ته خبر آهي ته ڪن ماڻهن جي ڳالهين ۾ شراب کان به وڌيڪ گرمي هوندي آهي.“

لعزر ڪو به جاوب نه ڏنو.

رومي فنڪار وري چيو، ”لعزر هاڻي تنهنجو مهمان آهيان. انڪري تون مون سان اهڙو ئي ورتاءُ ڪندين، ڇو ته مهمان نوازي، انهن ماڻهن تي به واجب آهي، جيڪي ٽي ڏينهن قبر ۾ رهيا هجن. مون ٻڌو آهي ته تون ٻه ٽي ڏينهن هُن دنيا ۾ رهيو آهين. اتي ته ڏاڍي ٿڌ هوندي هوندي لعزر،،،،،، ۽ هيءَ روشني، گرمي،،،،،،،“

اوچتو سج لهي ويو. هڪ خوفناڪ ۽ ڀوائتو ڪارو پاڇولو، اولهه پاسي کان ڊوڙندو آيو. لڳو ٿي ته واريءَ تي ڳرا ۽ اگهاڙا پير ٿڦ ٿڦ ڪندا پئي آيا، جن جي پٺيان ٿڌي هوا به هئي.

”لعزر اونداهه ۾ ته تون ويتر وڏو ٿو ڏسجين، توبهه، ڪيتري نه گهگهه اونداهه آهي، مون کي ته سيءُ به پيو لڳي. هت ته ڏاڍي ٿڌڪار آهي. تون مون کي ايترو غور سان ڇو پيو ڏسين لعزر؟“

سموري مانڊاڻ تي رات جي ڀوائتي ڪاراڻ پکڙجي ويئي.

”صبح جو جڏهن سج اڀرندو ته ڪهڙو نه سٺو لڳندو. تو کي خبر آهي لعزر، ته آئون هڪ وڏو فنڪار آهيان. ٿڌي ۽ بي جان سنگمرمر ۾ زندگي ڦوڪيندو آهيان. آئون تخليق ڪندو آهيان. خالق آهيان، پر منهنجي تخليق  جي  لاءِ سج جي روشني ۽ گرمي ضروري آهي. اڙي، تو مون کي هٿ ڇو لاتو لعزر.“

”هل مون سان.“ لعزر چيو، ”تون منهنجو مهمان آهين.“

ٻئي گهر اندر هليا ويا ۽ رات جي ڪاراڻ ويتر وڌي ويئي.

رومي فنڪار جو نوڪر ،ساري رات پنهنجي مالڪ جي انتظار ۾ گهر جي دروازي وٽ ويٺو هو. صبح جو سج نڪتو ته هن ڏٺو ته لعزر  ۽ سندس مالڪ سج جي ساڙيندڙ اُس ۾ گڏ ويٺا آهن. ٻنهي ماٺ ڪيو نوڪر ڏانهن پئي نهاريو.

نوڪر روئي ڏنو ۽ دانهن ڪري چوڻ لڳو، ”منهنجا مالڪ تو کي ڇا ٿي ويو؟“

آريليس ان ڏينهن ئي روم هليو ويو. رستي ۾ هن هر شيءَ کي، هر ماڻهوءَ کي، جهاز کي، سمنڊ کي ائين اکيون ڦاڙي پئي ڏٺو، ڄڻ ڪنهن ڳالهه کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي. هن کي ماٺ وڪوڙي ويئي هئي.

آريليس جڏهن پنهنجي گهر پهتو ته سندس اها حالت ڏسي، گهر وارن ۽ دوستن کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر هن آڱر چپن تي رکي، هنن کي ماٺ ڪرائيندي رڳو ايترو چيو، ”مون حقيقت کي ڳوکي لڌو آهي.“

پوءِ آريليس ڪا به شي تخليق نه ڪئي. هاڻ هو پنهنجن ٺاهيل سنگمرمر ۽ ڪنجهي جي بوتن کي ڏاڍي بي پرواهيءَ ۽ بيزاريءَ سان ڏسندو هو، سندس دوست، هن جي تخليقي امنگن کي اڀارڻ جي اميد ۾ هن کي ٻين جون ٺاهيل خوبصورت شيون ڏيکاريندا هئا، پر هو ڏاڍي بيزاريءَ سان، انهن کي ڏسي، منهن ڦيرائي ڇڏيندو هو ۽ دوستن جي زور رکڻ تي رڳو ايترو چوندو هو ته، ”سڀ ڪوڙ آهي، نسورو ڪوڙ.“

نيٺ هڪڙي ڏينهن روم جي شهنشاهه سيزر، لعزر کي روم گهرايو.

ماڻهن لعزر جو پراڻو ۽ ڦاٽل لباس لاهي، هن کي هڪ شاندار ۽ قيمتي لباس پارايو. بادشاهه جي ماڻهن منادي ڪئي. خوف وچان ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ لڪي ويا. رستا ويران ۽ خالي خالي ٿي ويا.

لعزر جيڪو مرڻ کان پوءِ معجزي سان جيئرو ٿي اٿيو هو. ان جو نالو ٻڌندي ئي ماڻهن ۾ ٽاڪوڙو ٿي پئجي ويو. سپاهي انهن خالي رستن تان توتاڙا وڄائيندا، لعزر کي پاڻ سان سامونڊي جهاز ۾ چاڙهي روم وٺي ويا.

روم شهر جي اميرن ۽ ارڏن ماڻهن پهرين ته لعزر کي هڪ ڪمزور ماڻهو سمجهيو هو، پر هن کي ڏسندي ئي هنن جا حوصلا هارجي ويا. هنن جي چوڌاري هڪ اهڙي ڀوائتي دهشت پکڙجي ويئي، جنهن جو کين گمان ئي نه هو. وڏا وڏا بهادر، دانا، عالم، لعزر جي ويجهو آيا. جن هن تي پنهنجو اثر وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جيئن ئي لعزر اکيون مٿي کڻي هنن ڏانهن نهاريو ته هنن جا حوصلا هارجي ويا ۽ اهي ڀانڀولجي وائڙن وانگر ٽڙي پکڙجي ويا. ڪن اميرن کي وري اها ڳڻتي اچي ٿي ته ڪٿي لعزر جو نحس پاڇو، شهنشاهه تي اثر نه ڪري.

لعزر کي شاهي محل ۾ آندو ويو، پر اتي جي شان شوڪت جو هن تي ذرو به اٿر نه ٿيو. هو ڏاڍي بيپراهي ۽ بي نيازيءَ سان اڳتي وڌندو ويو. دربارين ۽ اميرن، هن جي ڳرن قدمن جو آواز ٻڌي، پنهنجا منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيا.

شهنشاهه سيزر کي سموري ڄاڻ هئي ته لعزر ڪير هو ۽ ماڻهو هن کان ايترو خوف ڇو ٿا ڪن. هو لعزر سان ملاقات ڪرڻ لاءِ تيار ويٺو هو. سيزر هڪ دلير ۽ بي ڊپو انسان هو. هن کي پنهنجي طاقت ۽ حشمت جي پوري ڄاڻ هئي. لعزر سان ملاقات ڪرڻ لاءِ جيڪو ٽي ڏينهن قبر ۾ پوريو پيو هو ۽ معجزي سان جيئرو ٿي اٿيو هو، هن کي ڪنهن به ٻئي ماڻهو جي مدد جي حاجت نه هئي، سيزر لعزر جي اکين ۾ اکيون وجهي، هن سان مليو

سيزر حڪم ڪندي، چيو، ”لعزر، مون کي تون اهڙي طرح نه ڏس، مون کي ٻڌايو ويو آهي ته تون جنهن کي ڏسين ٿو، اهو پنڊ پاهڻ ٿيو وڃي. پر آئون پٿر ٿيڻ کان پهرين توکي چڱيءَ طرح ڏسڻ گهران ٿو، ٻه ٽي گهڙيون توسان کلي ڳالهائڻ گهران ٿو.“

پوءِ سيزر ويهي رهيو ۽ هن کي چوڻ لڳو، ”تون مون کي سلام ڇو نه ڪيو؟“

”سلام ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه هئي.“ لعزر بيپرواهيءَ سان وراڻيو.

”ڇا تون عيسائي آهين؟“

”نه“

”تمام سٺو.“ بادشاهه کي هن جي جواب وڻيو. ”آئون عيسائين کي اصل پسند نه ڪندو آهيان. اهي زندگيءَ جي ميويدار وڻ کي اهڙو ته ڌونڌاڙين ٿا. جو وري ان ۾ ميوو ئي نٿو ٿئي. اهي ماڻهو، ان وڻ جون ننڍڙيون ننڍڙيون خوشبودار مکڙيون پٽي، انهن کي مهٽي بيدرديءَ سان اڇلائي ٿا ڇڏين. ڀلا تون جيڪڏهن عيسائي نه آهين ته پوءِ ڪير آهين؟“

”آئون مري ويو هوس.“ لعزر ٿوري ڪوشش ڪندي وراڻيو.

”اهو ته آئون به ڄاڻان ٿو، پر تون آهين ڪير؟“

لعزر ڏاڍو آهستي ۽ بي ڌيانيءَ سان جواب ڏنو، ”آئون مري ويو هوس.“

”هاڻي ٻڌ، اي اوپرا انسان.“ شهنشاهه هڪدم چيو. هن جي زبان مان هينئر اهي سڀئي ڳالهيون نڪرڻ لڳيون، جيڪي هن پنهنجي ذهن ۾  روڪي رکيون هيون. ”منهنجي بادشاهت جيئرن جي دنيا آهي. منهنجي قوم مردن جي نه، پر زندهه ماڻهن جي قوم آهي. انڪري منهنجي بادشاهت ۾ تنهنجي وجود لاءِ ڪا به جاءِ ڪانهي. مون کي خبر نه آهي ته تون ڪير آهين،تو هُن جهان ۾ ڇا ڏٺو آهي. جيڪڏهن تون ڪوڙو آهين ته مونکي تنهجي ڪوڙ کان نفرت آهي. جيڪڏهن تون سچو آهين ته به تنهنجي سچ کان،مون کي نفرت آهي. مون کي هتي جي هر ڳالهه کان،پوءِ اها سچ هجي يا ڪوڙ، نفرت آهي. مون کي رڳو ايتري خبر آهي ته منهنجي دل جي ڌڙ ڌڙ زندگيءَ جي موجودگي جو ثبوت آهي. مون کي خبر آهي ته منهنجا هٿ تمام طاقتور آهن، منهنجا خيال عقاب پکي وانگر آسمان تي اڏامن پيا ۽ منهنجي اقتدار ۽ حاڪميت هيٺ ۽ منهنجي ڏنل قانون مطابق، ماڻهو زندگي بسر ڪن ٿا،محنت ۽ مشقت ڪن ٿا، پاڻ وندرائين ٿا. ٻڌين پيو نه؟ اها ئي زندگي آهي ته انسان پنهنجي جدوجهد سان، ڪوشش سان، ايندڙ وقت سان، منهن مقابل ٿيڻ لاءِ هميشه پاڻ کي تيار رکي.“

لعزر ڪو به جواب نه ڏنو. هو ماٺ ڪيو ويو هو. شهنشاهه ويتر ناراض ٿيندي ، سختيءَ سان چيو.“هن ڌرتيءَ تي تنهنجي ڪا به ضرورت ڪانهي.اي موت جا اڌ ماريل انسان، جيتوڻيڪ توتي ترس اچي ٿو،پر تنهنجووجود ماڻهن ۾ مايوسي پکيڙي ٿو، تو هنن جي دلين ۾ زندگيءَ لاءِ بيزاري ڀري ڇڏي آهي،تنهنجي سچائي، تنهنجي صداقت زنگ لڳل ترار جهڙي آهي. تون قاتل آهين. آئون تو کي اها سزا ڏيڻ کان پهرين آئون تنهنجين اکين سان اکيون ملائڻ گهران ٿو. انهن اکين کان رڳو اهي ماڻهو ڊڄن ٿا، جيڪي بزدل ۽ ڪانئر آهن ۽ جيڪي نٿا ڊڄن ، بهادر ۽ بي ڊپا آهن، جيڪڏهن ائين آهي ته آئون تو کي سزا نه ڏيندس ، پر مرڳو تو کي انعامن سان نوازيندس . هاڻ مون ڏانهن ڏس لعزر.“

لعزر جي نگاهن ۾ ڪيتري نه ڪشش هئي. ڪيڏو نه پيار هو، ڪيترو نه جادو ڀريل هو، ان موهيندڙ انداز سان هو سيزر ڏانهن ڏسي رهيو هو، انهن نگاهن ۾ خوف نه هو، دهشت نه هئي. لعزر جي چهري تي ڏاڍو آرام هو. ڏاڍو اطمينان هو. پوءِ انهن نگاهن جي اثر ۾ تيزي اچڻ لڳي، ايتري قدر جو سيزر کي پنهنجي ساهه جي چرپر گهٽ ٿيندي محسوس ٿي، وري هن کي محسوس ٿيو ته کيس ڪو لوهي زنجير ۾ وڪوڙي ويو هو. هن جي دل چيڀاٽجڻ لڳي هئي ۽ ان هوريان هوريان ٻڏڻ شروع ڪيو هو.

”ڏاڍي تڪليف پئي ٿي مون کي.“ سيزر چئي ڏنو. هن جو منهن هيڊو ٿي ويو، ”پر مون ڏانهن ڏسندو رهه لعزر.“ هن کي محسوس ٿيڻ لڳو ته ڪي تمام وڏا ۽ ڳرا دروازا هوريان هوريان کلندا ويا ۽ انهن مان ماٺ ميٺ ۾ ابد جي ڀوائتي دهشت آهستي آهستي اندر اچي رهي هئي. اوندهه ۽ انڌڪار جو هيبتناڪ پاڇولو، اندر ڌوڪيندو پئي آيو. سج جي روشني اجهامي ويئي، هن جي پيرن هيٺان زمين سرڪڻ لڳي. مٿي تان اسمان جو غلاف لهندو ويو ۽ سندس برف جهڙي دل ۾ گرميءَ جي لهر ڊوڙي ويئي.

”مون ڏانهن ڏسندو رهه، رهه لعزر.“ سيزر ٿڙڪندي، هن کي حڪم ڏنو.

وقت هڪ هنڌ بيهي رهيو، بادشاهي تخت پرزا پرزا ٿيڻ لڳو، روم شهر هوريان هوريان کنڊر ٿيندو ويو. سڀئي شهر ۽ وسنديون ويران ٿينديون  ويون، هر پاسي رڳو پولار پئي نظر آيو.

”بس ڪر، بس.“ سيزر دانهن ڪندي چيو. هن جو آواز ۽ لهجو ڦري ويو، هٿن ڏڪڻ شروع ڪيو ۽ ڀوائتي اونداهه ۾ هن جون عقاب جهڙيون اکيون، ڪڏهن چمڪيون ٿي ته ڪڏهن وسامي ٿي ويون.

”لعزر تو مون کي ماري وڌو، ظالم.“ سيزر جهوٽا کائڻ لڳو. پر ڏک ۽ پيڙا جي هڪ تکي لهر، هن جي دل کي لوڏي ڇڏيو ۽ کيس پنهنجي قوم ۽ رعيت جي آئندي جي ڳڻتي وڪوڙي ويئي، هو سڄو ڏڪي ويو.

”آئون اڃان جيئرو آهيان، لعزر سلامت آهيان. آئون تنهنجي هٿان ڪو نه مرندس.“ سيزر همت ڪندي چيو. ”هاڻي آئون توکي ماريندس. وڃ ڀڄي وڃ هتان.“

ان رات سيزر ڏاڍي آرام سان ماني کاڏي ۽ شراب پيتو. پر ڪنهن ڪنهن وقت هن جا هٿ نستا ٿي ويا ٿي ۽ سندس چمڪندڙ اکيون وسامي ٿي ويون. هن کي ائين پئي لڳو ته ڪا هيبتناڪ لهر، سندس پيرن مان اڀري تيزيءَ سان مٿي جي وارن مان نڪري ٿي ويئي. لعزر هن کي ماريو ته ڪو نه هو، پر هن جي هيبت جا پاڇولا اڃا تائين اتي موجود هئا. رات جي وقت ننڊ ۾ هن کي ڇرڪ پوندا هئا، پر ڏينهن جو سج جي روشنيءَ ۾ اهي ڦڙو ڦڙو ٿي ڳري ويندا هئا ۽ هو زندگيءَ جون سموريون خوشيون ماڻيندو هو.

هڪڙي ڏينهن شهنشاهه سيزر جي حڪم تي لعزر جي اکين ۾ ٻرندڙ سيخون وجهي ، هن کي انڌو ڪيو ويو ۽ پوءِ هن کي سندس ڳوٺ ڏانهن موڪليو ويو.

هاڻي لعزر واريءَ جي دڙن ڏانهن موٽي  آيو هو. گرم ٿيندڙ واري، سوساٽ ڪندڙ هوا ۽ چيچلائيندڙ اُس، هن جي آجيان ڪئي. هو ڪنهن پٿر تي ويهي ، پنهنجي چيڙهه پيل ڏاڙهي، مٿي سج ڏانهن ڪندو هو. هن جي اکين جي جاءِ تي ٻه ڪارا چگهه ڏاڍي ويراني ۽ ويڳاڻپ سان آسمان کي پيا گهوريندا هئا. سندس چوڌاري موت جهڙي سانت هئي. هاڻي هن جي ويجهو ڪو به نه ايندو هو. سڀ الائي ڪهڙي پاسي هليا ويا هئا.

شام جو جڏهن سج ڳاڙهو ٿي، پکڙجي وڏو ٿي ويندو هو ۽ اولهه ۾ لهڻ لڳندو هو، تڏهن انڌو لعزر هٿوراڙيون ڏيندو ، ان پاسي ويندي ٿاٻڙجي ڪري پوندو هو ۽ ٻاهران ڳري جسم وارو ۽ انداران ڪمزور ۽ نستو لعرز، ڏاڍي تڪليف سان اٿي وري جڏهن هلندو هو، تڏهن لهندڙ سج جي ڳاڙهي پردي تي، هن جو ڪارو بوتو ۽ پکڙيل ٻانهون بنهه صليب جهڙيون نظر اينديون هيون.

(ماخوذ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org