ڊاڪٽر فريدا ڏاهري
شفيع محمد شاهه
هڪ ليجنڊ
اداڪار ۽ صداڪار
سنڌي اداڪاري ۽ صداڪاري جي دنيا جو انمول رتن، هڪ
بهترين اداڪار ۽ هڪ بهترين صداڪار طور سڃاتو ويندڙ،
شفيع محمد شاهه هڪ بهترين شخصيت جو مالڪ
پڻ هو.
شفيع محمد شاهه
ڪنڊياري شهر
۾
1959ع ۾ اصغر شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو.
هن
سنڌ يونيورسٽيءَ
مان بين الاقوامي تعلقات ۾ ايم.اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ هڪ
زرعي
بينڪ ۾ ملازمت شروع ڪئي.
منفرد
آواز ۽ انداز جي مالڪ شفيع محمد شاهه جي اندر ۾
ويٺل اداڪار کيس اداڪاري ڏانھن مائل ڪيو. سندس
آواز
۾
هڪ خاص قسم جي مٺاس، نرم لهجو، شائستگي ۽ جهيڻو پن
هو، جنهن ۾ جاذبيت ۽ ڪشش هئي،
انهيءَ
انداز ئي کيس ريڊيو پاڪستان تائين پهچايو، جتي هن صداڪار جي طور تي پنهنجي صلاحيتن ۽ فن جو اظهار ڪيو.
صداڪاري ۽
اداڪاري
جي دنيا ۾ اچڻ
کان پوءِ
شفيع محمد شاهه نوڪريءَ کي خدا حافظ ڪيو ۽ پوءِ
لاهور هليو ويو.
لاهور جي فلمي دنيا
۾
کيس،
اداڪار محمد علي متعارف ڪرايو ۽ کيس فلم (ڪورا
ڪاغذ) ۾ ڪردار ڏياريو. تنهن کانسواءِ
شفيع محمد شاهه
(بيوي هو تو ايسي، 1982ع، ايسا بهي هوتا هي،
الزام، نصيبون والي، ميرا انصاف، مسڪراھٽ، روبي)
فلمن ۾
اهم
ڪردار ادا ڪري،
خوب نالو ڪڍيو.
”سلاخين“
2004ع
فلم،
سندس آخري فلم هئي. تنهن کانسواءِ
هن، سنڌي فلم
”محب
شيدي“
۾
پڻ ڪم ڪيو آهي.
لاهور جي رنگين فلمي دنيا کي ڇڏي،
شفيع محمد شاهه ڪراچي اچي وسائي، جتي انهي زماني جي مشھور پروڊيوسر شهزاد
خليل پنهنجي ڊرامي
”اڙتا
آسمان“
۾ هڪ ڪردار جي پيشڪش ڪئي.
ائين ئي سندس انٽري پاڪستان ٽيليويزن تي ٿي. شفيع
محمد شاهه کي شهرت،
ڊراما سيريل
”تيسرا
ڪنار“
۽
”آنچ“
جي ذريعي ملي،
جنهن سبب کيس سڄي پاڪستان ۾ پذيرائي حاصل ٿي. سندس
ٽيليويزن تي مشھور ڊرامن ۾
”افشان“،
”چاند
گرهن“،
”جنگل“،
”تپش“،
”ڪالاپل“،
”ماروي“،
”ليلا
مجنون“،
۽
”محبت
خواب کي صورت“
شامل آهن،
هنن ڊرامن
۾
شفيع محمد شاهه پنهنجي بهترين اداڪاري ذريعي،
ڪردارن ۾
حقيقت جا رنگ ڀريا.
شفيع محمد شاهه کي فني خدمتن عيوض 1985ع
۾،
پاڪستان ٽيليويزن
پاران
بهترين اداڪار جو ايوارڊ
ڏنو ۽
حڪومت پاڪستان کيس تمغه براءِ حسن ڪاڪردگي سان
پڻ
نوازيو.
”ستاره
امتياز“
ايوارڊ جو اعلان سندس وفات جي ٻن سالن کان پوءِ
ٿيو.
2006ع ۾ شفيع محمد شاهه بيمار ٿيو ۽ 7 نومبر 2007ع تي،
هي سنڌ جو ليجنڊ اداڪار ۽
صداڪار،
هن فاني دنيا کي ڇڏي،
خالق حقيقي سان وڃي مليو.
کيس ڪراچي ۾ ڊفينس سوسائٽي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ
حوالي
ڪيو ويو.
انسان ۽
سماج
ايران جي شھر تهران جي ھڪ ڇوڪري يونيورسٽي ويندي،
پنهنجي والد کي روڊ تي صفائي ڪندي ڏسي ملڻ وئي.
هن جو والد هن کي ڏسي ڪري پريشان ٿي ويو
.
ھن پنھنجي ڌيء کي چيو ته،
”ڪنھن
کي به نه ٻڌائجان ته تنھنجو پيءُ ٻھاريدار آھي، نه ته سڀ تنھنجو مذاق اڏائيندا“. ھن جي ڌيءُ
اھو فوٽو،
سوشل
ميڊيا
تي
رکيو ۽ لکيو ته ”منھنجو پيءُ ٻھاريدار آھي، ھن تي مون کي فخر آهي. ۽ مان
بابا
سان بيحد پيار ڪريان ٿي.“
با شعور
سماجن
۾،
انسان پنھنجي پيشي سان نه،
پر پنھنجي سوچ رويي
۽ عملن سان سڃاتو وڃي ٿو.
پروفيسر رشيده ڀٽي
”ڦودنو“
هڪ غذا هڪ دوا
”ڦودنو“ ڏسڻ ۾ گل وانگر، ساون پنن جو، اُهو جهڳٽو
آهي، جنهن جي تعريف ڪهڙي ڪري ڪهڙي ڪجي؟ بيحد،
بيشمار فائدن جو مرڪب ”ڦودنو“، توهان هُن کي
”ڀاڄيءَ“ منجهه ته شمار ڪريو ٿا، پر دراصل اِهو،
اهڙي ته حيرت انگيز فائدا رسائيندڙ، ساون پنن/ پتن
جو مجموعو آهي، جو اُن جا فائدا ٻڌائڻ لاءِ تمام
گهڻو وقت درڪار آهي.
اڄ مان توهان کي ”ڦودني“ جا صرف ٻه فائدا
ٻڌائيندس، ڦودني جو استعمال هڪڙو ڀاڄيءَ طور ۽ ٻيو
عام طور گهر ۾ هر ننڍيءَ وڏيءَ تڪليف ۾ استعمال
ٿيندڙ دوا طور آهي. اسان کي ڏسڻ ۾ هيءُ هڪ معمولي
پن طور نظر ايندو آهي، پر سندس خوبين جي لحاظ کان
ڏسنداسين ۽ آزمائينداسين ته اسان کي سمجهه ۾ ايندو
ته هيءُ ڪو عام پنن جو جهڳٽو ناهي. پر درحقيقت هڪ
بيمثال گهريلو ”دوا“ آهي، جيڪا بغير ڪنهن جي
هدايت، صلاح مصلحت ۽ ڏس پتي جي پاڻ به، اسان کي
جيڪڏهن ”علم“ ۾ سندس فائدا موجود هوندا ته اسان
پاڻ کي، بروقت پنهنجين ڪيترين ئي تڪليفن کي دور
ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهون ٿا. جيستائين ڪو ماڻهو
شديد تڪليف باعث ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن تائين پهچي،
تيستائين، گهر ۾ موجود ”ڦودنو“ توڙي تازو هجي يا
وري خشڪ ٿيل/سڪل، ٻنهي صورتن ۾ بي انتها فائدو
رسائيندڙ آهي. ”ڦودني“ جي خوشبو ئي ايتري ته
بهترين ۽ ساهه کي هٻڪار پهچائيندڙ آهي، جو صرف هٿ
۾ رکڻ سان فرحت پئي محسوس ٿيندي آهي.
”ڦودني“ جا ڪجهه فائدا، اسين هيٺ بيان ڪريون ٿا:
1)
ڦودنو کاڌي کي هضم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو، ساوا
پن، سلاد سان گڏ واپرائجن يا وري ائين اڪيلا
مانيءَ مهل استعمال ڪجن، ٻنهي صورتن ۾ فائدو
رسائيندڙ آهن.
2)
اڄڪلهه، هر ٻي ماڻهوءَ جو بلڊ ڪوليسٽرول وڌيل
هوندو آهي، اِن لاءِ ڦودني جو استعمال پڻ بهترين
دوا طور ڪري سگهجي ٿو.
3)
ڦودنو، اسان جي ”هڏن ۽ جوڙن“، ”سنڌن“ وغيره لاءِ
پڻ بهترين دوا طور فائدو رسائيندڙ آهي.
4)
سَنڌن جي ”سور“ کي تمام گهڻو فائدو رسائيندڙ ۽
سُور کي ختم ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿو.
5)
صبح جو نيراني، جيڪڏهن ڦودني جو پاڻي يعني صرف
ڦودنو پسائي رکجي ۽ ڇاڻي ڪري پاڻي واپرائجي ته
تمام جلدي چهري تي رونق اچي ويندي.
6)
مجموعي طور تي اسان جي بدن جي چمڙيءَ لاءِ هڪ
بهترين ٽانڪ جو ڪم ڪندڙ ڦودنو نهايت ئي مؤثر لوشن
ثابت ٿئي ٿو.
7)
ساهه جي تڪليف ۽ دم جي مريضن لاءِ پڻ ڦودنو هڪ شفا
ڏيندڙ دوا مثل آهي.
8)
ڦودنو رت (خون) کي صاف ڪندڙ، دوائي تاثير پڻ رکي
ٿو.
9)
ڦودنو کائڻ سان ”وات“ منجهان ايندڙ بدبوءِ پڻ ختم
ڪري سگهجي ٿي.
10)
ڏندن کي چمڪائڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿو.
11)
جسم تي ”خارش“ الرجي واري صورتحال تي پڻ ڪنٽرول
ڪري ٿو.
12)
بعض ڪينسر جي بيماري ۾ پڻ صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾
حصو وٺي ٿو، ۽ ڪيترن قسمن جي ڪينسر جي ٽائپس تي
ڪنٽرول آڻڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
13)
گرم پاڻيءَ ۾ ٿورا پن ڦودني جا اُٻاري، ڇاڻي چانهه
وانگر پيئڻ سان، دل جي گهٻراهٽ، مونجهه ۽ اُلٽيءَ
واري ڪيفيت تي ڪنٽرول آڻي سگهجي ٿو.
14)
ڪيترين ئي ”پيٽ“ جي بيمارين لاءِ دوائي اثر رکندڙ
ڦودنو باقاعده تمام گهڻو آرام ڏي ٿو، تيزابيت دور
ڪرڻ ۽ هاضمي ۾ مددگار ٿئي ٿو.
15)
مٿي جي سور، ڦيرين، مونجهه ۽ ساهه ٻوساٽجڻ وارين
ڪيفيت کي، ڪنٽرول ڪري، دماغ کي آرام رسائي ٿو.
16)
ڦودنو مُنهن تي (چهري) تي لڳائڻ سان داغ ۽ داڻن
وغيره ۾ پڻ فائدو رسائي ٿو.
17)
روزانو چند پن ڦودني جا کائجن. تازو ڦودنو نهايت
ٿڌي تاثير رکي ٿو، معدي اندر تيزابيت کي دور ڪري،
آنڊي کي پڻ طاقت مهيا ڪري ٿو. گئس جي اخراج سان
گڏوگڏ، قبض ڪشا پڻ آهي، اوڳراين کي فائدو رسائي
ٿو.
18)
بک کي وڌائي، هاضمو ڪرائي ٿو، کاڌو هضم ڪرائڻ ۾
مددگار ٿئي ٿو.
19)
معدي جي ساڙي کي ختم ڪرڻ ۾ نهايت مؤثر ڪردار ادا
ڪري ٿو.
20)
سائو تازو ڦودنو، بورچيخاني ۾ رکڻ سان، مکيون، مڇر
پڻ ٻاهر نڪري ويندا.
21)
ڦودني جي وڻندڙ خوشبو، سلاد جي ذائقي کي وڌائي ٿي.
تاريخي پسمنظر رکندڙ ڦودنو، هڪ نهايت فرحت بخش،
ذائقي دار جوس (عرق) ۽ مزيدار چانهه جو ذائقو
ڏيندڙ، بيشمار فائدو پهچائيندڙ پن آهي.
چٽڻي هجي يا رائتو، ڦودنو تازو هجي يا سڪل، چانهه
هجي، يا مائوٿ واش، مائوٿ فريشر، هي قديم جڙي ٻوٽي
طور پڻ مشهور آهي. خوشبو کي سنگهڻ سان ذهانت وڌي
ٿي. ڦودني کي کائڻ، سونگهڻ، بلينڊ ڪري، شربت ٺاهي
پيئڻ، مطلب ته هر طرح فائدو ئي فائدو رسائيندڙ
آهي. ڦودني کي بلينڊ ڪرڻ سان جيڪا گجي ٺهي ٿي، اُن
۾ ٿوري ڪاري مرچن جي چپٽي وجهي، پوءِ ليمي جي رس
ملائي نهايت اثرانگيز عرق جو گلاس (منٽ مارگريٽا)
روزانو پيئڻ گهرجي. اِن سلسلي ۾ هڪ شرط بيحد لازمي
آهي ته ڦودني کي ڌوئي صاف ڪرڻ ۾ بلڪل به ڪوتاهي نه
ڪرڻ گهرجي. صاف پاڻيءَ سان ڌوئڻ تمام لازمي آهي.
مطلب ته ڦودنو هڪ اهڙي ”نعمت“ آهي، جنهن کي جيئن
وڻي، تيئن استعمال ڪري سگهجي ٿو. ”شربت“ طور گهر ۾
ٺاهي به رکي سگهجي ٿو ۽ تازو به استعمال ڪري سگهجي
ٿو.
گهر ۾ آسانيءَ سان ڦودني جو ٻوٽو لڳائي سگهجي ٿو.
سال ٻه سال آرام سان ڦودنو گهر ۾ ئي ملندو رهندو ۽
گهر جي بورچيخاني ۾ ڀاڄيون رڌڻ ۽ خاص طور تي بيسڻ
منجهان پڪوڙا ۽ بيسڻ جي مانيءَ وغيره ۾ استعمال
لاءِ هر وقت ميسر هوندو. ڇو ته تازي ڦودني جي
اهميت ئي الڳ آهي.
پوٽاشيم، مئگنيشم، ڪيلشم، فاسفورس، فوليٽ، آئرن،
وٽامن اي(A)،
وٽامن
(E)
۽ وٽامن سي(C)
سان ڀرپور، ڦودنو ڪيترن ئي رنگن ۽ قسمن ۾ موجود
آهي.
ڦودني جا قسم: ڪارو، اڇو (سفيد)، خوشبودار، صوف
جهڙي رنگ جهڙو ڦودنو، ادرڪي ڦودنو، ليمي وارو
ڦودنو، (ليموني) ڪاري مرچ وارو ڦودنو، يعني ته
ڦودنو يعني مختلف رنگن ۽ خوشبو سميت، موجود آهي،
روزمره زندگيءَ ۾ ڦودني جي تمام اهم حيثيت ۽ اهميت
آهي.
Ø
مٿي جي سور ۽ اُلٽي.
Ø
عمل تنفس: ساهه کڻڻ جي عمل ۾ مددگار ۽ بهتري آڻڻ،
روزانو نيم ٿڌي گلاس پاڻيءَ ۾ ڦودنو وجهي پيئڻ
گهرجي.
Ø
بدهضمي: يعني
(Indigestion)
کي سڌاري ٺيڪ ڪرڻ جو عمل.
Ø
بلڊپريشر: وڌي يا گهٽجي، ٻنهي صورتن ۾ ڦودنو
استعمال ڪرڻ گهرجي.
Ø
کير پياريندڙ خواتين (Breast
Feeding)
وارين خواتين لاءِ، تمام بهترين ۽ ٻارن جي هاضمي
کي درست رکڻ ۾ مدد فراهم ڪندڙ ڦودنو، مائرن کي
ضرور واپرائڻ گهرجي.
Ø
پيٽ ۾ موجود ڪيڙن جي خاتمي لاءِ به استعمال ڪرڻ
گهرجي، ڦودني ۾ موجود فوليٽ، پيٽ جي ڪيڙن کي ختم
ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو.
Ø
ڦودنو واپرائڻ سان، وات ۽ ڏندن جي مسئلن جو حل به
بهترين انداز ۾ موجود آهي.
Ø
ڦودني ۾ ڪوليسٽرول کي گهٽائڻ ۽ ختم ڪرڻ جي وافر
انداز ۾ صلاحيت موجود آهي.
Ø
چمڙيءَ جي سنڀال ۽ چهري جي نکار ۾ اهم ڪردار ادا
ڪري ٿو، ڦودني جو تيل به نهايت فائديمند آهي.
Ø
ڦودني جي استعمال ڪرڻ سان اسان ڪيترين ئي بيمارين
کان بچي سگهون ٿا.
ڦودنو ۽ اُن جي خصوصيات کان ته هرڪو واقف آهي، پر
اڄڪلهه جي دور ۾ جيئن ته هر ڳالهه ۽ نسخو، سائنسي
بنيادن تي پرکي پوءِ استعمال ڪجي ٿو ته اسان
ڏسنداسين ته صدين کان وٺي ڦودنو، عام و خاص موقعن
لاءِ، هڪ بهترين غذا توڙي دوا طور استعمال ڪيو
ويندو هو ۽ فائدو ئي فائدو حاصل ٿيندو هو، تنهن کي
اڄ جديد دور ۾ سائنسي تناظر ۾ پرکي، اُن جي
خصوصيات جو وڌيڪ اونهو اڀياس ڪري، اُن جي فائدن
متعلق بيان ڪيو ويو آهي.
”ڦودنو“ مجموعي طور تي، هر قسم جي جسماني تڪليف،
بيماري توڙي ذهني پيڙاءَ، اُلجهن، مونجهه، گهٻراهٽ
۽ اُلٽي واري ڪيفيت کي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت رکي
ٿو. هيءُ هڪ اهڙو ته قدرتي تحفو عطا ٿيل آهي، جو
منجهس اڻ ڳڻيا فائدا موجود آهن. ننڍڙن ٻارڙن جي
ڦڪيءَ جي طور تي استعمال ڪجي يا وري پاڻيءَ ۾ وجهي
اُٻاري اُن جا ٻه ٽي چمچا استعمال ڪرايا وڃن. مطلب
ته وڏن توڙي ٻارڙن، عمر رسيده، هر ماڻهو منجهانئس
مختلف تڪليفن دوران استعمال ڪري سگهي ٿو. ڦودني جي
تازن پنن ۾، پوٽيشيم، ميگنيشم، ڪئليشيم، فاسفورس،
فوليٽ، آئرن، وٽان اي(A)
۽ وٽامن سي(C)
وغيره بيحد گهڻي انداز ۾ موجود هوندا آهن. ڦودني
جا تازا پن توڙي سڪل پن ٻنهي صورتن ۾ بيشمار فائدا
پهچائيندڙ آهن. ڦودنو کاڌي ۾ کائڻ، دوا طور
استعمال ڪرڻ نهايت ئي فائديمند آهي.
اينٽي سوزش ۽ اينٽي بيڪٽريل خصوصيات جو حامل
ڦودنو، جنهن ۾ بيشمار نسلائيليڪ اِئسڊ جو پڻ چڱو
خاصو مواد موجود هوندو آهي. ڦودنو هاضمي جي
انزائيم
(Enzyme)
کي تيز ڪري، هاضمي جي سِرشتي کي بهتر بڻائڻ ۾
مددگار ٿئي ۽ ڪوليسٽرول کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪري
ٿو. هن جا ايترا ته فائدا آهن جو جيترا بيان ڪجن
ته ڄڻ لڳندو ته ٿورا بيان ڪيا آهن.
غذا طور کائو، دوا طور استعمال ڪريو، ساهه کي
مهڪائڻ طور تازگي محسوس ڪرائيندڙ ”ڦودنو“ ايتريون
ته بيمثال ۽ بيشمار خصوصيات جو مالڪ آهي. جو اُن
کي پنهنجي جسم جي ظاهري خوبصورتيءَ کي وڌائڻ لاءِ
ماسڪ توڙي لوشن وغيره به ٺاهي استعمال ڪري سگهجي
ٿو. وار ن کي وڌائڻو هجي يا چهري جي نکار کي
وڌائڻو هجي ”ڦودنو کائو ۽ خوبصورت بڻجو.“
|