ثمينه ميمڻ
ڏات ۽ سُونهن جو
سنگم
جيئن جڳ مشهور ڏاهي فلاسافر اينگرسال پنهنجي ڪتاب
۾ لکيو هو ته، ”انسان پنهنجي ڊگهي ڄمار ۾ نٿو
جيئي، پر هُو پنهنجي ڪارنامن ۾ هميشه لاءِ جيئي
ٿو.“ مان به ائين ٿي سمجهان، ته قدرت به اهڙن ڏاهن
ماڻهن جي چونڊ ڪري ٿي، جيڪي ڪائنات جي رمز کي
سمجهي، عملي قدم جي وک وڌائيندي، پاڻ ولوڙين ٿا ۽
جاکوڙين ٿا. جيئن نامياري شاعر قاضي قادن جي هڪ
شعر مطابق:
پهرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي سو لهي،
مَنَ اندر مَهه پاءِ، توئي اندر سُپرين.
منهنجي نظر ۾ شبنم گل ڪاميابيءَ جو گس ڳولي ورتو
آهي.
شبنم گل جو اصلي نالو رضيه سلطانه آهي، شبنم جو
جنم 5 جولاءِ 1963ع ۾ دادوءَ ۾ ٿيو، پرائمري ۽
سيڪنڊري تعليم دادوءَ ۽ سيوهڻ مان حاصل ڪئي. ۽
ايم.اي انگريزي ادب ۽ سياسيات ۾ ڪئي، ايل.ايل.بي
سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. پاڻ زبيده گورنمينٽ گرلس
ڪاليج ۾ ايسوسئيٽ پروفيسر تان رٽائر ٿي آهي. شبنم
گل ڳچ عرصي کان صحافتي شعبي سان پڻ سلهاڙيل رهي
آهي، پاڻ ”بختاور“ مئگزين ۽ ”جاڳو“ اخبار جي
”ادبي صفحو“ جي ايڊيٽر پڻ رهي آهي، سنڌي ٻولي
جرنل، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي مان شايع ٿئي ٿو،
انهي جي ايڊيٽر به رهي آهي. سڄاڻ عورتن جا انٽرويو
پڻ ڪيائين. ”عبرت“ مئگزين ايڊيٽوريل بورڊ جي
ميمبر، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري حيدرآباد
جي سيڪريٽري پڻ رهي آهي.
شبنم گل ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پاڪستان
ٽيليويزن ڪراچيءَ تي چڱو عرصو، ڪمپيئرنگ جا فرائض
پڻ انجام ڏنا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) آخري
لفظ (شاعري) 1994ع ۾، (2) اڻ ڄاتل شهر جو نقشو:
(ڪھاڻيون) 1995ع ۾ (3) منهنجو سورج مکي (آتم ڪٿا)
2008ع ۾، (4) مکي کان موڪلاڻي (ناول) 2015ع سند
يافته، (5) خالي هنج جو ڏک (ڪھاڻيون) 2017ع سند
يافته، (6) منتخب افسانه (اردو) 2019ع ۾، (7)
خودشناسيءَ جو جوهر (مضمون/ ڪالم) 2019ع ۾، سند
يافته، (8) لفظن جا ديپ (مضمون/ڪالم) 2019ع ۾، (9)
درد جي لئه (شاعري) 2020ع ۾، (10) خواب نگر
(سفرنامو) 2021ع ۾، (11) لهرن جو گيت (ڊراما)
2021ع ۾، (12) تحت الشعور ڪي طاقت (اردو) (مضمون/
ڪالم) 2021ع ۾، (13) پياسي لهرين (اردو) مضمون/
ڪالم 2021ع ۾، (14) شاهه لطيف ۽ پرڏيهي شاعري
2024ع ۾.
سنڌي ادب ۾ شاهڪار تخليقون ڏيندڙ اديبن ۾ شبنم گل
جو ڳاڻيٽو آهي، ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته هوءَ
سنڌي ادب ۾ ماضي ۽ حال جي پهرين صف جي ليکڪن جو هڪ
مضبوط تسلسل آهي، گهڻ پاسائين شخصيت، گهڻ موضاعاتي
تخليقڪار شبنم گل، سنڌي ادب جي هر صنف تي قلم کنيو
۽ پاڻ مڃايو آهي ۽ هوءَ هر اُن صنف تي مهارت رکندڙ
لڳندي آهي، سندس مسلسل محنت ۽ جستجوءَ سبب، هوءَ
اڄ سنڌي ادب جي اول صف ۾ موجود آهي.
بنيادي طور هڪ استاد، اها به انگريزي مضمون جي ۽
وري سنڌي ڪھاڻيءَ ۽ صحافت ۾ ڪاميابيءَ سان منزل
ماڻي آهي، شبنم گل پنهنجي وڻندڙ سڀاءَ ۽ ذهانت سان
زندگيءَ ۾ بيحد ڪاميابيءَ سان منزلون طئي ڪيون
آهن. ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته هوءَ هڪ ئي
آهي شبنم گل.
شبنم گل هونئن ته وڻندڙ شخصيت جي مالڪ آهي ئي، پر
هن، جنهن نموني پنهنجي ڪھاڻين ۾ جن جن ڪردارن کي
ڇُهيو آهي، انهن ڪردارن کي يادگار بڻائي ڇڏيو آهي.
سندس ڪھاڻين ۾: اسان جي سماج ۾ اسان جي چوڌاري
گهُمندڙ ڦرندڙ ۽ رِڙهندڙ ڪردار آهن، جن کي شبنم گل
پنهنجو موضوع بڻايو آهي. سندس هر لکڻي، هڪ تخليقي
عمل آهي ۽ هر تخليق لاءِ مطالعو ۽ مشاهدو لازمي
جُز آهن. شبنم گل جون بيپناهه تخليقون ڪھاڻين جي
شڪل ۾، ۽ اخباري ڪالم، ڳُوڙهي مشاهدي ۽ تجربي جو
نچوڙ آهن. سندس ڪالم اڃان به وڌيڪ دلچسپ انڪري به
آهن، جو انهن ۾ اخبار ۾ ايندڙ ٻوليءَ سان گڏ، ادبي
ٻولي به شامل آهي. بقول سهيل سانگيءَ جي ته ”عورت
کي وجود جي بقا جي جنگ، عقُلي بنيادن تي وڙهڻي
پوندي.“ وانگر شبنم گل جي ورثي ۾ جيڪا به اڄ
ڪاميابي آهي، اها هن جي تخليقي ۽ عقلي جدوجهد جو
ئي نتيجو آهي.
هاڻي مان ٿورو شبنم جو ذاتي حوالي سان ذڪر ڪيان ته
شبنم کي مان تڏهن کان سڃاڻان، جڏهن سنڌي ادبي بورڊ
پاران ”ڪُل سنڌ عورت مشاعرو“ 1998ع ۾ سنڌ ميوزيم
ڪرايو هو، ۽ سندس گهر دعوت جي سلسلي ۾ مان، گلبدن
جاويد ۽ نجمه پنهور ويون هيونسين. منهنجي پهرين
ملاقات هئي شبنم گل سان. مان تڏهن کان ئي متاثر ٿي
هئس، جڏهن هوءَ ٽي.وي ۽ ريڊيو تي پروگرام ڪندي
هئي، ۽ سندس شاعري ۽ ڪھاڻيون به رسالن ۾ ڇپجنديون
هيون.
مان ٻن ادبي شخصيتن کان شروع کان هميشه متاثر رهي
آهيان، انهن ۾ مانواري ادي ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو ۽
ٻي شبنم گل، اِهي ٻئي هميشه منهنجي انسپائريشن جو
سبب بڻيون. ٻنهي جي شخصيت ۾ مون کي ذهانت ۽ ڏاهپ
نظر ايندي آهي، سندن گفتگو جو انداز ۽ ٻيو سٻاجهڙي
طبيعت جي ڪري، هُو مون کي وڌيڪ ويجهيون آهن.
شبنم گل سان وڌيڪ ويجهڙائي 2011ع ۾، تڏهن ٿي، جڏهن
مان ٽماهي
”مهراڻ“ رسالي جي ايڊيٽرشپ جي چارج سنڀالي ۽ مواد
جي سلسلي ۾ ڳالهايو ۽ شبنم گل پنهنجي ڪميٽمنٽ سان،
شاعري ۽ ڪھاڻيون موڪليندي رهي. ان کان پوءِ مون کي
ياد ٿو اچي ته 2016ع سال هو، شبنم گل فون ڪري
ٻڌايو ته، ”هڪ اسٽڊي سرڪل“ جوڙيون ٿا، ۽ پهرين
منهنجي گهر ۾ ”ڪھاڻي ويهڪ“ جو پروگرام رکون ٿا،
جنهن ۾ هر ليکڪا پنهنجي نئين ڪھاڻي لکي کڻي اچي،
اُهي ڪھاڻيون پڙهجن ۽ انهن تي اصلاحي ۽ تنقيدي بحث
ڪجي. انهن ئي گڏجاڻين ۾ مون سميت، ادي ڊاڪٽر تنوير
جوڻيجو، ادي ڊاڪٽر تھمينه مفتي، زبيده ميتلو،
شگفته شاهه، گلبدن جاويد، نجمه پنهور، فاطمه
ڀرڳڙي، زيب نظاماڻي، حميره شمس شيخ، آمنه ابڙو،
ريحانه نظير، رضيه طارق ابڙو، امرڪلا ابڙو شامل
هيون. مون کي ڄڻ ڪو پليٽ فارم ملي ويو، ڇو ته مون
جڏهن کان لکڻ شروع ڪيو ته اهڙو ڪوبه ماحول ميسر نه
هو، مون مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي ڪھاڻيون
لکيون. هنن گڏجاڻين مان مون گهڻو ڪجهه سکيو ۽
پرايو ۽ وري آخر ۾ شبنم گل جو اُتساهيندڙ جملو ته
هاڻ ٻئي ڀيري نئين ڪھاڻي، اوهان کي سرجڻي آهي ۽
اُها پڙهڻي آهي. انهن ڏينهن ۾ مون ڪجهه نيون
ڪھاڻيون به لکيون ۽ اهو سلسلو چڱو عرصو جُڙيل
رهيو.
شبنم گل جي انهيءَ اُتساهيندڙ جملي، منهنجي اندر
کي هڪ قوت بخشي ۽ مون پنھنجي گُم ٿيل ڪھاڻين کي
ڳولي، سهيڙي ورتو، ۽ نيون ڪھاڻيون شامل ڪري، شبنم
گل کي مسودو ڪمپوز ڪرائي تيار ڪري ڏنو، جنهن
پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي، پڙهي سوڌي سنواري ڏنو ۽
منهنجي ڪھاڻين جي مجموعي ۾ منهنجي اسرار تي ڪھاڻين
تي ڪجهه لکي به ڏنو، جيڪو ڪھاڻين جي مجموعي
”تِرورو“ ۾ شامل آهي، جيڪو ’پوپٽ‘ پبليڪيشن پاران
2017ع ۾ شايع ٿيو ۽ ائين ئي شبنم گل جي ”اسٽڊي
سرڪل“ جي پليٽ فارم تان مانواري ادي فاطمه ڀرڳڙيءَ
جو ڪتاب ”رام ڪھاڻي“ شبنم گل جي ڪھاڻين جو ڪتاب
”خالي هنج جو ڏک“ 2017ع ۾، پوپٽ پبليڪيشن پاران
شايع ٿيو، ۽ ٻيو شاعريءَ جو مجموعو ”درد جي لئه“ ۽
اڳتي هلي، شگفته شاهه جا به ٻاراڻي ادب جا ڪتاب ۽
گلبدن جاويد جي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب (1) عشق اهڙي
اُڏار ڏي (2) چاهتن جا قافلا، سدرة المنتهيٰ جو
اردو ناول ”عشقِ اسير“، ادي ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو جي
ٿيسز ”ملڪ جي سياسي صورتحال باعث سنڌ ۾ سماجي
ثقافتي تبديلي ۽ سنڌي ادب“ 2017ع ۾. ۽ ڊاڪٽر
ريحانه نظير جي ڪھاڻين جا ٻه مجموعا (1) اندر جي
عدالت (2) ٽڪ ٽاڪ گرل ڪتاب پڌرا ٿيا.
شبنم گل جي ڪھاڻين جو ڪتاب ”خالي هنج جو ڏک“، سدرة
المنتهيٰ جو اردو ناول ”عشقِ اسير“، ۽ ڊاڪٽر تنوير
جوڻيجو جي ٿيسز ”ملڪ جي سياسي صورتحال باعث سنڌ ۾
سماجي ثقافتي تبديلي ۽ سنڌي ادب“ ۽ منهنجي ڪھاڻين
جي ڪتاب ”تِرورو“ جي مهورت، ”اسٽڊي سرڪل“ ۾ پڻ ٿي.
اهو اعزاز، هن پليٽ فارم ملڻ جي ڪري ئي ممڪن بڻيو.
آخر ۾ لکڻ جي حوالي سان، شبنم گل ۾ خاص خوبي اها
به آهي ته هوءَ مسلسل لکندي رهي ٿي، هن جو قلم
ڪڏهن ٿڪيو ناهي ۽ اهائي سندس حاصلات آهي ۽ منهنجي
دعا آهي ته هوءَ ائين ئي لکندي رهي ۽ ادب کي
مالامال ڪندي رهي. |