تحسين گل/
ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي
پراڻو ڪفن
شبن
ويچاري سڄي ڄمار ٻين جا لٿل پٿل ڪپڙا پاتا هئا.
هاڻي هُو، جنهن ڪٽنب ۾ رهيو ٿي، سوجهجهي عيال وارو
هيو. گهر جو وڏو عبدالوهاب سرڪاري ملازم هيو. ٻه
سؤ روپيا ماهوار پگهار هيس. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ،
ٻه سؤ روپيا چڱي چوکي رقم هوندي هئي. ڏهه ٻار، زال
مڙس، پُڦي، ٻاهر جي ڪمن ڪارين لاءِ رکيل نوڪر ۽ ٻه
ڪنواريون ساليون، جيڪي پنهنجي پيءُ ماءُ جي گذاري
وڃڻ کان پوءِ پنهنجي وڏي ڀيڻ يعني عبدالوهاب جي
گهر واريءَ سان رهنديون هيون.
پاڪستان وجود ۾ اچي چڪو هيو. عبدالوهاب جي ڊيوٽي
والٽن ڪئمپ ۾ لڳل هئي. اتي ايندڙ مهاجرن جا نالا ۽
ٻيا تفصيل لکڻ، وڇڙيلن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ کين مٽن
مائٽن سان ملائڻ ۽ ٻيا ضروري انگ اکر گڏ ڪرڻ، ڏاڍو
ڏکيو ۽ دل ڏکوئيندڙ ڪم هيو. هڪ ڏينهن هُو آفيس ۾
ڪم ڪار ۾ مصروف هيو ته سندس هڪ ماتحت نون ڏهن سالن
جي ٻارڙي کي اندر وٺي آيو. ٻارڙي کي ميري سٿڻ ۽
قميص پاتل هئي. چهري مان ڊپ ۽ هراس بَکي رهيو هيس.
سندس ڪڻڪائون رنگ، ميرانجهڙو ٿي ويو هيو. گول گول
معصوم اکيون ڳوڙهن ۾ ڀريل ٿي لڳيون.
عبدالوهاب جي دل موم وانگر نرم ٿي وئي. کيس ڏسندي
ئي مٿس پيار اچي ويو. هن کانئس پڇيو، ”پُٽ! تنهنجو
نالو ڇا آهي؟“
ٻار هورڙيان جواب ڏنو، ”شبن.“
عبدالوهاب جي ماتحت ٻڌايو، ”هن جو سڄو ڪٽنب شهيد
ٿي ويو آهي. مان کيس توهان وٽ وٺي آيو آهيان ته
جيئن اوهان سندس باري ۾ فيصلو ڪيو.“
عبدالوهاب ٻارڙي جي مٿي تي هٿ ڦيرايو ۽ پُٺي
ٺپيندي، چيو، ”ڳڻتي نه ڪر پُٽ! اسان تنهنجو خيال
رکنداسين.“
ٻار چيو، ”پهرين امان ۽ بابا هوندا هئا ته ڪو به
ڊپ نه ٿيندو هيو، پر هاڻي ته مان ڏاڍو ٿو ڊڄان.“
اهو چوندي، سندس چهري جي معصوميت اڃان به وڌي وئي.
ٻار جي انهن لفظن، عبدالوهاب جي دماغ تي ڄڻ ته
بَڙڇي وهائي ڪڍي. هُو ٽَپ ڏئي اٿيو، کيس ڇڪي
ڇاتيءَ لاتائين ۽ ٻاجهه وچان، سندس پُٺيءَ تي هٿ
ڦيريندي، چيائين، ”پٽ! ڊڄڻ جي ڪا به ڳالهه ڪونهي.
تون اسان جي گهر هَل. اتي تنهنجا ڀيڻ ڀائر هوندا.
تنهنجي ماءُ ۽ پُڦي به هوندي. توکي ڪو به ڊڄڻ نه
ڏيندو.“ اهو چوندي، عبدالوهاب جون اکيون ڀرجي
آيون.
هجرت جو ڏک ته صديون پراڻو آهي. اسلام جي تاريخ جي
شروعات کان ڏسجي ته نبي پاڪ ﷺجن جڏهن مڪي کان هجرت
ٿي ڪئي ته پاڻ روئيندي، فرمايو هئائون ته: ”اي
مڪا! تون مون کي ڏاڍو پيارو آهين. پر هتان جا
ماڻهو مون کي رهڻ ڪو نه ٿا ڏين.“
هجرت ته هڪ گهرو ڏک آهي. چاهي مڪي کان مديني جو،
هجي يا وري هندستان کان پاڪستان جو، تاريخ جا ورق،
هجرت جي ڳوڙهن سان آلا آهن. جدائيءَ جو ڏک ته چڱن
ڀلن کي به نِهوڙي ڇڏيندو آهي. هي ته ويچارو نون
ڏهن سالن جو معصوم ٻارڙو هيو. عبدالوهاب جي ماتحت
جون به اکيون ڳوڙهن ۾ ڀرجي آيون.
مطلب ته عبدالوهاب ننڍڙي کي، پنهنجي گهر وٺي آيو.
سڀني گهر ڀاتين خوشيءَ سان سندس آڌر ڀاءُ ڪيو.
عبدالوهاب جي زال ڪجهه ڪڙڪ طبيعت جي عورت هئي. کيس
هڪ نئين ٻار جي گهر اچڻ تي بنهه اعتراض نه هيو، پر
هوءَ کيس گهر جو هڪ ڀاتي مڃڻ لاءِ تيار نه هئي.
تنهنڪري پهرين ڏينهن کان ئي ٻار جي حيثيت مقرر ڪئي
وئي ۽ شبن کي گهر جي هڪ خاص نوڪر وارو درجو ڏنو
ويو. عبدالوهاب جي زال کيس کارائيندي پيئاريندي ته
ڍءَ تي هئي، پر مٿس ڪُرڙِي نظر به رکيو ايندي هئي.
شبن، ان گهر ۾ ڏاڍو خوش هيو. کائڻ پيئڻ جي به ڪا
کوٽي ڪونه هئي. ڪو به کيس دڙڪا داٻ ڪو نه ڏيندو
هيو. سڀئي ساڻس پيار ۽ شفقت وارو سلوڪ ڪندا هئا.
عبدالوهاب جي گهر واري کيس پنهنجي ٻارن جا لٿا پٿا
ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏيندي هئي. شبن اهي ڪپڙا پائي ڏاڍو
خوش ٿيندو هيو. هُو انهن ڪپڙن جو ڏاڍو خيال رکندو
هيو، پر کيس هڪ شيءِ جي کوٽ محسوس ٿيندي هئي.
خوشبوءِ جي.... نون ڪپڙن جي خوشبوءِ جي کوٽ.
جڏهن ڌرتيءَ تي، پهرين بارش جون بوندون ڪِرنديون
آهن ته هڪ موهيندڙ خوشبوءِ نڪرندي آهي. نئين ڄاول
ٻار جي جسم جي به خوشبوءِ ٿيندي آهي. اهڙيءَ ريت
نون ڪپڙن جي به خوشبوءِ ٿيندي آهي. شبن کي اها
خوشبوءِ ڏاڍي وڻندي هئي. پر عبدالوهاب سندس سڳو
پيءُ ته ڪو نه هيو جو هُو لاڏ پيار مان ڳچيءَ ۾
ٻانهون وجهي چوي ها ته ، ”ابا! مون کي نئون جوڙو
سبرائي ڏي. مون کي نون ڪپڙن جي خوشبوءِ ڏاڍي وڻندي
آهي.“
تنهنڪري ويچارو، عبدالوهاب جي گهر واريءَ پاران
ڏنل ڪپڙا، خاموشيءَ ۽ شڪر گذاريءَ سان پائي ڇڏيندو
هيو. هن پنهنجي حيثيت ڪو نه وساري هئي. هو خوش ۽
مطمئن هيو ته هيڏي ساري وڏي ڪٽنب ۾ ساڻس انسانن
وارو سلوڪ ڪيو ٿي ويو. نه ته اهڙن وڏن گهرن ۾ ته
پنهنجا ٻار به نظرانداز ٿي ويندا آهن. هُو ته وري
به پرايو هو.
هڪ ڏينهن عبدالوهاب دسترخوان تي ويٺو هيو ته زال
کي چيائين، ”عيد اچڻ واري آهي. سڀني ٻارن کي نوان
ڪپڙا وٺي ڏجن.“ اهو ٻڌي، شبن جي دل ڌڙڪڻ لڳي. هن
سوچيو، ”مون کي به ضرور نوان ڪپڙا ملندا.“
عبدالوهاب وڌيڪ چيو، ”سڀاڻي صبح جو آفيس ويندي،
ڪپڙن جي دڪاندار هٿاران ڪپڙن جا ڪجهه ٿانَ
موڪلرائيندس. جيڪي توکي سمجهه ۾ اچن، سي رکي
ڇڏجانءِ.“
شبن سڄي رات هوائن ۾ اڏامندو رهيو. هن سوچيو،
”نئون ڪپڙو ڪيئن هوندو؟ ان جي خوشبوءِ ڪهڙي هوندي؟
مان نون ڪپڙن کي وڏي ڌيان سان پائيندس.“ هُو خيالن
جي رَٿَ تي سوار نون ڪپڙن جي خوشبوءِ جو مزو وٺڻ
لڳو.
ٻئي ڏينهن ڪپڙن جا ڪجهه ٿانَ گهر موڪليا ويا. شبن
سڄو ڏينهن، انهن ٿانن کي ڏسي، خوشيءَ وچان جهومندو
رهيو. ادب جي ڳالهه هئي، نه ته سندس دل چاهيو ٿي
ته هُو هر هڪ ٿانَ کي دل کولي سنگهي ۽ انهن جي
خوشبوءِ کي پنهنجي دل ۾ اوتي ڇڏي. شام جو
عبدالوهاب تڪڙو تڪڙو ۽ پريشان گهر ۾ داخل ٿيو. زال
کان ڪپڙن جي ٿانن جو پڇيائين. پوءِ هڪدم سڀئي ٿانَ
کڻي گهران نڪري ويو.
پوءِ خبر پئي ته ”والٽن ڪئمپ“ ۾ ڪيترائي مهاجر آيا
هئا ۽ ڪپڙن جي شديد کوٽ هئي. عبدالوهاب کان ٻيو
ڪجهه ته نه ٿي سگهيو، گهر ۾ پيل ٿانَ کڻي، ڪپڙا
سبرائي، مهاجرن کي ڏنائين ۽ گهر ڀاتين کان عيد جي
نَون وڳن وٺي ڏيڻ کان معذرت ڪيائين. نئون نئون ملڪ
ٺهيو هيو. سڀئي ماڻهو خوش هئا. هر هڪ جي دل ۾ خدمت
جو جذبو ڀريل هيو. تنهنڪري عبدالوهاب جي فيصلي تي
ڪنهن به گهر ڀاتيءَ کي ڪو رنج رسامو ڪو نه ٿيو.
جڏهن ڪو انسان نيڪي ڪندو آهي ته سندس دل خوشيءَ
وچان ٻهڪڻ لڳندي آهي، پر نڀاڳو شيطان، دل ۾ دٻيل
خواهشن کي اُڀاري، توهان جي نيڪين کي وڃائڻ
چاهيندو آهي. شبن سان به ائين ئي ٿيو. ڪپڙا ته
حقدارن کي ملي چڪا هئا، پر شيطان شبن جي دل ۾
خواهشن جا سوئا ٽنبي، نون ڪپڙن جو ڏک تازو ڪندو
رهندو هيو. بهرحال، وقت وهامجندو رهيو.
ڪجهه وقت کان پوءِ پاڪستان ۾ سوئيءَ جي ماڳ تي گئس
لڌي وئي. عبدالوهاب جو علائقو به انهن علائقن ۾
شامل هيو، جتي اها نعمت پهچي وئي هئي، تن ڏينهن ۾
ڇا هيو جو چُلهن ۾ گئس ته هوندي هئي، پر ان جي
بُوءِ ڪو نه هوندي هئي. تنهنڪري گئس جي لِيڪ ٿيڻ
جي خبر ئي ڪونه پوندي هئي.
پُڦي ويچاري پراڻي وقت جي ۽ هڪ پوڙهي عورت هئي. هڪ
ڀيري رات جي ماني، هُن ئي پچائي، پر کانئس چُلهو
بند ڪرڻ وسري ويو. هوءَ ٿانوَ ٿپا ڌوئي پوئي
بورچيخاني جو دروازو بند ڪري وڃي پنهنجي ڪمري ۾
سمهي رهي. صبح جو ساجهر شبن پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ
بورچيخاني ۾ آيو. هن چلهي جي ويجهو وڃي، جيئن ئي
ماچيس جي تيلي ٻاري ته سڄو گهر ڌماڪي سان ڌڌڪي
اٿيو. سڄي گهر ۾ دانهون ڪُوڪون مچي ويون. سڄو پاڙو
اچي گڏ ٿيو. سڄو بورچيخانو ڊَهي پَٽ ٿي ويو. شبن
جو لاش، ڍير مان گهلي ڪڍيو ويو. گهر ته بچي ويو
هيو، پر بورچيخانو رَک جو ڍڳ ٿي ويو هيو.
سڄو پاڙو ڏک ۾ ويڙهجي ويو. سڀ گهر ڀاتي بيحال ٿي
ويا. گهر ۾ شبن جي حيثيت هڪ نوڪر واري ئي هئي، پر
پوءِ به گهر وارن جي، هن سان الفت ته ٿي چڪي هئي.
عبدالوهاب ڏاڍو ڏکارو ٿي ويو. لڳو ٿي ته سندس پُٽ،
هن دنيا مان هليو ويو هجي. پاڙي وارا قبرستان وڃي،
سندس قبر کوٽي آيا. عبدالوهاب جو وڏو ڇوڪرو ڪفن
وٺڻ لاءِ بازار وڃڻ لڳو ته هن کيس روڪيو ۽ چيو،
”پُٽ! مون وٽ حج وارو احرام رکيل آهي، جيڪو زم زم
جي پاڻيءَ سان ڌوتل آهي. ارادو هيو ته جڏهن مرندس
ته ان احرام کي ڪفن طور پائيندس. اهو ماڻهين
سنڀالي رکيو آهي. مان کانئس وٺي ٿو اچان. ان مان
شبن جو ڪفن ٿا ٺاهيون. نئين ڪفن لاءِ مون وٽ پئسا
ڪونهن پُٽ!“
اهو چئي، عبدالوهاب هوريان هوريان وکون کڻندو گهر
جي اندر هليو ويو. واهه قسمت تنهنجا رنگ! شبن
ويچاري کي نئون ڪفن به نصيب ڪونه ٿيو.
ڊاڪٽر اقرا پنهور
چـــــوزو
۽ ھا! چوزي جي تصوير به
ٺاهجان....
سوال اٿڻ لاءِ ڪر کنيو.
ڇو تو ڪونه ٺاھي چوزي جي اھا تصوير، جيڪا تنھنجي دماغ ۾ آھي؟
پر
ھاڻ ته پينٽنگ مڪمل ٿي چڪي آھي!
مون برش رکيو ۽ پين سان ڪنڊ ۾ پنھنجو نالو لکي
ڇڏيم!
خط لکڻ جو سلسلو،
تڏھن کان شروع ٿيو،
جڏھن مون
Sophie's world
ناول پڙھي،
مڪمل ڪيو، جيڪو شخص،
ھن عمل ۾ شامل ٿيو
هو،
بعد ۾ منھنجو ساٿي بڻجي
ويو هو. اسان
جي خطن جو طريقو ناول وانگر ھو.
البته سوال اسان
جي پنھنجي دماغن ۽ سماج مطابق لاڳاپيل رھيا، ڪڏھن
فلسفي تي به ڳالهه ٿيندي ھئي، ڪڏھن زندگيءَ
جي معمول تي، ڪجھه
خطن کان
پوءِ
ھن جي طرفان،
ڪڏهن
گل اچڻ لڳا، ڪڏھن ڪتاب، ھڪ ڏينھن ته رنگن
جو
دٻو
به! مون
کي رنگن جي ضرورت آھي،
اها
خبر،
ان
کي،
منھنجي
لکيل ھن تحرير مان پئي!
”درد“
ته اھو آھي،
جڏھن خيالن کي لفظ ميسر نه ھجن،
جڏھن تصوير لاءِ خاڪا مھيا نه ھجن...
جڏھن واڪا پڙاڏو ڪري، واپسيءَ
جو سفر
طئه
ڪري چڪا ھجن...
جڏھن تنبورو
من
اندر ۾ وڄي،
پر
ڪو سُر
ٻڌي نه سگھجي...
آب ھجي... اڃ نه رھي...
۽ درد ...
ته اھو آھي،
جڏھن رنگن جو
دٻو
خالي ٿي وڃڻ تي،
پاڻيءَ
سان برش پسائي،
تصوير ٺاھڻي پئي...!
آئون نٿي مڃان،
ھو شاعر تراش
آھي،
يا انسان تراش،
ليڪن
ھو ته فقط محبت تراش
آھي!
اھڙو ماڻھو لفظن جي احساس کي،
جڪڙي قابو ڪندو. ھر گذرندي، ڏينھن سان گڏ،
ھو،
ان احساس کي پنھنجي جسم ۾ موجود تندن ۽ رنگن سان ملائي، پاڻ کي کنيون
وتندو
آھي!
مون سندس محبت ۽ تڙپ جي شدت جو اندازو ھڻڻ شروع
ڪيو ته انھن خطن کي ٽيبل تي رکي، انھن
تي مٿو رکي روئندي رهندي ھئس....اڄ به جڏھن پاڻ سان
۽
دنيا سان منھن ڏئي ٿڪجي پوندي
آھيان
ته ان لمحي سندس خط ۽ گلاب حوصلو ڏيندا
آھن! ذھني مونجھاري
سبب،
ڪافي ڏينھن خط ناھيان لکي سگھي، سو پنو کنيم
۽ لکيم.
ڪجھه سوچيل نه ھو، ڪو روايتي سوال نه ھو، ھڪڙي چوزي جي تصوير ھئي!
پيلي رنگ جو
چوزو، جيڪو منھنجي تصور ۾ به ھڪ جڳھه
تي بيٺل ھو، منظم
۽ ساڪن...!! يا
ائين
چوان،
منهنجو دماغ ئي سست بڻجي چڪو
آھي!
جي ته جناب! چوزو ڇا
آھي؟
تنھنجي زندگيءَ
جو ڪو مزاحيه تجربو
ان
سان منسلڪ؟ ۽ ھا! چوزي جي تصوير به
ٺاهجان... ايترو لکي،
مون لفافو بند ڪري ڇڏيو!
ھنن ڏينھن ۾ مون اھڙين حرڪتن
۽ دوستن کي الوداع ڪرڻ شروع ڪيو، جن جا فقط کوکلا پيٽرن
۽ وجود باقي رھجي ويا
آھن... جيئن فرينڊ لفظ
Freon مان ورتل
آھي
۽
اھو خود
freond مان، جنھن جو مطلب آھي محبت ڪرڻ!!
ان لاءِ اڄڪلهه ھڪڙي پينٽنگ ٺاھيان پئي، جنھن ۾
هڪ
ڇوڪري،
جنھن جون ٻانھون پٺيءَ
طرف آھن، ۽ ڪنڌ سڌو،
پر
ٿورڙو مٿي، اکيون کُليل،
نيري رنگن جو فراڪ، ھوءَ
ڪنھن باغ ۾
بيٺل آھي! کليل ٻانھن سان، ھوءَ
پيڙا کي خدا حافظ چئي رھي آھي! خط جي جواب ۾ ان چيو، آئون ڪونه ٺاھي سگھندس! مون لکيو، جيئن
اوھان کي بھتر لڳي.
سوال اٿڻ لاءِ ڪر کنيو.
ڇو تو ڪونه ٺاھي چوزي جي اھا تصوير،
جيڪا تنھنجي دماغ ۾ آھي؟
پر
ھاڻ ته پينٽنگ مڪمل ٿي چڪي آھي! مون برش رکيو ۽
پين سان ڪنڊ ۾ پنھنجو نالو لکي ڇڏيم! ٻي شيٽ
کنيم، پيلي رنگ سان
پيارو چوزو ٺاھڻ لڳس.
چوزو جيڪو خبر ناھي حقيقت ۾ ڪٿي ھوندو! ڇا ھو ڪو
پنڌ
طئي
ڪري رھيو
ھوندو؟؟!! |