نشاءِ ڪنول
مونا
اهي چنڊ جي پڇاڙڪيءَ واريون راتيون هيون، اسين سڀ
ڇت تي ستل هئاسين. گرميءَ جي مند هئي، رات ڪافي ٿي
چڪي هئي، پر ننڊ هئي، جا اکين سان ٺاھ نه پئي ڪري،
پاسا ورائيندي ورائيندي، صبح ٿي ويو. فجر جي ٻانگ
ٿي آئي، مسجد، گهر جي ڀرسان هئڻ ڪري، ٻانگ چٽي
ٻُڌڻ ۾ ايندي هئي. مونا اُٿي نماز پڙھي، مونا
منهنجي وڏي ڀيڻ آھي، پنج ئي وقت پابنديءَ سان نماز
پڙھندي آھي. مونا يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندي آھي، ڪا
وڏي ڊگري ٿي ڪري، اسين ٻه ڀينرون ۽ ٻه ڀائر آھيون،
ڀائر وڏا آھن، جيڪي شادي شده آھن، پنهنجي ٻارن ۽
زالن سان خوش آھن، پاڻ ڪمائين پاڻ کائين. مان سڀني
کان ننڍي آھيان، انڪري سڀني جي دادلي به آھيان، پر
منهنجي صرف مونا سان ڪجهه سرس لڳي، امان اسان جي
ڀر واري کٽ تي سمهندي آهي، مان ۽ مونا گڏ سمهنديون
آھيون، مونا گهر بس موڪلن ۾ ايندي آھي، آئون ان جي
موڪلن جو انتظار وڏي شدت سان ڪندي آھيان .
ڪجهه سال پهرين جڏھن بابا گذاري ويو هو ته اسان جي
گهر جي دنيا ئي بدلجي وئي هئي. بابا جي گذاري وڃڻ
کانپوءِ گهڻو قهر مونا جي مٿان ٽُٽو هو، جو چاچا
وارن مونا جو سڱ، اهو چئي وٺڻ کان انڪار ڪيو، ته
آئون پنهنجي پُٽ جو وهانءُ ڪنهن امير گهر مان
ڪندس، نڪي ڪنهن سُڃي گهر مان. مونا ته روئي حال
وڃائي ڇڏيا ها، آئون ڊوڙندي ادا وحيد ڏي وئي هئس،
سهڪندي سڄي ڳالهه ڪئي مانس ۽ مونا جو حال اوريو
مانس، پر ادا وحيد منهن ٻئي پاسي ڪري چيو ته بابا
جيڪو چوندو، تيئن ڪندس. ادا وحيد کان مايوس ٿي،
ڊوڙندي گهر آيس. اچي مونا کي ڀاڪر پائي ڏاڍو رنس.
سڏڪندي چيومانس، مونا منهنجي ڀيڻ جن لاءِ مئاسين،
سي ڪُلهي ڪانڌي ڪين ٿيا.
ان ڏينهن اسين ڏاڍو رنيوسين، چاچا وارن جو گهر ڀر
۾ هو.
مونا ۽ ادا وحيد ننڍپڻ کان رانديون کيڏندي وڏا ٿيا
هئا. اسڪول ۽ ڪاليج ۾ گڏ پڙھيا، گڏ رُنا گڏ کِليا،
ٻنهي جي پاڻ ۾ ننڍپڻ کان ئي محبت هئي، هڪٻئي جي ڏک
سک جا ساٿي هئا. مونا ته ڄڻ رهندي ئي چاچا وارن جي
گهر هئي. چاچي زليخان پُٽ جي خواهش کي سمجهندي، هڪ
ڏينهن چاچا سان ڳالهه ڪئي ۽ چاچا وڏي خوشيءَ
منجهان، بابا کان اچي مونا جو سڱ گهريو هو. بابا
ته اصل ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو، ٻئي گهر پاڻ ۾ خوش ھئا،
ائين مونا جو رشتو پڪو ٿي ويو، مڱڻي جي رسم ادا
ٿي، مونا تمام گهڻي خوش ھئي، اصل پير زمين تي نٿي
پيس، پر قدرت کي شايد ڪجهه ٻيو منظور هو، وقت ڏاڍو
بي رحم آهي، جنهن بدلجندي دير ئي ڪونه ڪئي، سڀ
ڪجهه بدلجي ويو. مونا جي حالت مون کان ته ڇا ڪنهن
به گهر ڀاتي کان ڏٺي نه ٿي وئي، اصل حال هيڻا ڪري
ڇڏيائين، امان جي گهڻو سمجهائڻ تي به نٿي
سمجهائين. پر وقت ڏاڍو بي رحم آھي، گهري کان گهرو
گهاءُ به ڀري ڇڏيندو آھي، ان وچ ۾ مونا جا ڪيئي
رشتا آيا، پر مونا جي زبان تي فقط هڪ ئي نانءُ هو.
ڪجهه عرصو گذرڻ کان پوءِ، ادا وارن مونا جي خواهش
تي کيس يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي ڏني، ۽ مونا پاڻ
کي پڙھائيءَ ۾ مصروف ڪري ڇڏيو. ادا وحيد ڪنهن
ڪاليج جي ليڪچرار سان شادي ڪري ڇڏي هئي، هڪ ڏينهن
آئون مونا سان گڏ شاپنگ ڪرڻ لاءِ بازار ويس،
شاپنگ سينٽر تي اچانڪ ادا وحيد ملي ويو، ان کان
پهرين جو اسين اتان وڃڻ جي ڪيون، ادا وحيد مونا
سان مخاطب ٿيو.
”مونا ناراض آھين؟“
”نه“ مونا وراڻيو.
”ڏس مونا آئون مجبور هئس.“
مونا کيس خاموشيءَ سان ڏسي رهي هئي، نظرن سان
نظرون مليون، ڄڻ پراڻي پيار کي سيڪُ آيو. مونا جي
اکين ۾ پاڻي تري آيو، ادا وحيد جون اکيون به آليون
ٿي ويون، ڪجهه دير لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي. ٻئي
هڪٻئي کي ڏسندا رهيا، اکين، اکين سان ڳالهايو، پر
زبان خاموش رهي. ادا وحيد جي لهجي ۾ تڙپ هئي.
”موني تون شادي ڇو نه ٿي ڪرين، ڏس آئون توکي خوش
ڏسڻ چاهيان ٿو.“
مونا جي اکين مان ڳوڙھا وهي آيا ۽ ڏڪندڙ چپن سان
چيائينس، ”تنهنجي نانءَ بنا، ڪو ٻيو نانءُ وڻي…“
ڪاشف گاڏهي
بانو محبوب جي ناول “هون تو هيڪلي” تي تبصرو
نه چاهيندي به هن ناول تي مڙئي ٿورڙو لکي ويٺس،
ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هن ناول تي نه لکان هان ته اِها
رڳو هڪ ليکڪا
سان بيواجبي ڪانه هئي، پر خود مون پڙهندڙ سان به
وڏي بيواجبي ٿي پئي ها.
جيئن ئي
مون
هِن ناول
”هون
تو هيڪلي“
کي پڙهي،
پورو ڪيو آهي ته بيچين رھڻ لڳو آهيان.
هي ناول گهڻي ئي عرصي کان منهنجي شيلف ۾ پيل هو،
پر مون بس نه وڻڻ واري ڊپ کان پڙهڻ نٿي چاهيو، پر
جڏهن هن ناول کي پڙهيو
ته لڳي ٿو،
ڄڻ
منهنجو بچپن به سنجها ۽ هالار جي ننڍپڻ
جيان
ٿورڙين محرومين ۽ خوشين ۾ گذري ويو آهي، ۽ ڪنهن
ڀانڊاري ۾ ڪي يادون ئي رهجي ويون آهن.
مان ته سمجهان ٿو، سنجها ۽ هالار جي ڪهاڻي هِن
پوري سماج جي ڪهاڻي ۽ ريتن، رسمن جي قيد ۾ جڪڙيل
عورت جي گلي ۾ اٽڪيل هڪ دانهن آهي.
هڪ طرف هالار جو ڏاڏو عياش پرست هجڻ سان گڏ،
انا پرست، ظلم
۽
ستم ڪندڙ
آهي ۽ وري پاڻ کي
چڱو مڙس سڏائيندڙ آهي ته ٻئي
طرف
وري
سنجها جي پوري خاندان مان،
سندس
ڏاڏو ئي،
هن سان ڪلهو ڪلهي سان ڏئي بيٺل رهي ٿو.
هالار جي ماءُ جڏهن پنهنجي مڙس هٿان،
هڪ عورت جي لڄ بچائيندي،
ماري وڃي ٿي ته اُن لمحي هالار جي ننڍپڻ جو نقصان
ته ٿئي ٿو، پر هالار جي
ڏاڏي
به پُٽ جي وحشت ۽ ننهن جو فرش تي رت ڏسي،
مري وڃي ٿي.
هي ناول سنڌ جي هر اُن ڳوٺ
۽
شهر تي لکيو ويو آهي، جتي ڪا سنجها يتيميءَ واري
زندگي گذاري ٿي ۽ جتي ڪو
هالار سنجها جو نٿو ٿي سگهي، جتي پيار،
ڪارو ڪاري واري ڪُڌيءَ
ريت ۾ ڦاٿل رهجي
وڃي ٿو.
بانو محبوب جوکيو صاحبه جس لهي، جنهن سادي ٻوليءَ
۾ ههڙو شاهڪار ناول ڏنو.
مان سمجهان ٿو ته بانو محبوب جوکيو، سنڌ جي هر ڳوٺ
جي
۽ ماضيءَ ۾ ٿيل واقعن کي دليريءَ سان پنن تي
اُتاري،
ڪُڌين ريتن رسمن خلاف آواز اٿاريو آهي.
ڊاڪٽر عابده گهانگهرو
21 مئي، چانهه جو عالمي ڏينهن
چانھه جي تاريخ به وڏي دلچسپ آھي. چون ٿا، ته سڀ
کان پهريان چين ۾ 2727 ق.م ۾ پھريون ڀيرو چانھه جي
ذائقي کي ھڪ مشروب طور محسوس ڪيو ويو. ان سلسلي ۾
ھڪ ڏند ڪٿا آھي، ته ان وقت جي چين جو بادشاهه شين
ننگ اُٻريل پاڻي پيئندو ھو. ھڪ ڀيري، ھو وڻ ھيٺان
ويٺو ھو ۽ سندس نوڪر پاڻي اوٻاري رھيو ھو، ته
ڀرسان ھڪ ٻوڙي جو ھڪ سڪل پن اُڏامي پاڻيءَ ۾ پيو ۽
اُٻري ويو. نوڪر ان ڏي ڌيان نه ڏنو ۽ اھو پن وارو
اُٻريل پاڻي، بادشاهه کي پيش ڪيائين. ھن جو پاڻي
پيتو، ته کيس اھو وڻيو ۽ ھو پاڻ کي توانو به محسوس
ڪرڻ لڳو. بادشاهه شين ننگ جڙي ٻوٽين جو ماھر ھو، ۽
اھو پن (Camellia
sinensis)
يعني گرين ٽِي جو ھو. چون ٿا ته ائين نوڪر جي
اتفاق سان، ايجاد ڪيل نئين قسم جي پاڻيءَ سان گرين
ٽِي پيئڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ائين چين ۾ ان جي
تاريخ بعد جي ”ھان سلطنت“ (206..220) ق.م ۽ وري
ٽانگ سلطنت (618..907) ۽ ٻين دورن کان به ملي ٿي.
يقيناً چانھه جي تاريخ سان جڙيل اھڙيون ٻيون به ڪي
ڏندڪٿائون ھونديون. اھڙيءَ طرح جاپان لاءِ چيو وڃي
ٿو، ته اتي ٻڌ ڌرم وارن چانھه جي شروعات ڪئي.
جيئن
ته چانھن ھڪ اھڙو مشروب آھي، جيڪو عام طور تي ھڪ
مخصوص پنَ مان تيار ٿيل استعمال ٿئي ٿو. پر
درحقيقت اھو مختلف قسمن جي جڙي ٻوٽين کي پاڻيءَ ۾
ٻَڙڪائي پيئڻ وارو مشروب آھي ۽ ان جا ڪيترائي قسم،
روايتون ۽ استعمال آھن. ائين ھر خطي ۾ ان جي تاريخ
ان خطي مان لڀندڙ جڙي ٻوٽِي يا ٻوٽي جي پنَ سان
لاڳاپيل آھي ۽ ھر تاريخ پنھنجي جاءِ تي دلچسپ آھي.
اسان وٽ ڪشميري چانھه جي پنھنجي حيثيت، مشھوري،
ذائقو ۽ استعمال آھي. ائين ھڪ چانھه ڪيمومائل ٽي
ھڪ اھڙي جڙي ٻوٽيءَ مان تيار ٿئي ٿي، جيڪا اعصابن
کي سُڪون ڏيندڙ سمجھي ويندي آھي. گرين ٽِي ھاضمي
لاءِ بھتر سمجھي ويندي آھي. ادرڪ جي چانھه کنگهه ۾
آرام ڏيندي آھي. دال چينيءَ جو ”قھوو“ نزلي، زُڪام
۾ اڪثير سمجھيو ويندو آھي. يعني ھي ھڪ اھڙو مشروب
آھي، جيڪو پنھنجي سماجي ۽ ثقافتي حيثيت ۽ اھميت
رکي ٿو. جڏھن ته واپار جي لحاظ کان به ھڪ نھايت
ڀلو فصل آھي.
دنيا جي 12 ملڪن ۾ بھترين چانھه جي پيداوار ٿيندي
آھي، جن ۾ چين، ڀارت، ڪينيا، سري لنڪا، ويٽنام،
ترڪي، ايران، انڊونيشيا، ارجنٽائن، جاپان ۽ ترڪي
معيار جي اوليت تي آھن، جڏھن ته نيپال، ايران،
آفريڪا، روس، تائيوان، جرمني ۽ ٻين به ڪيترن ئي
ملڪن ۾ چانھه جي پيداوار توڙي ڪاروبار ٿئي ٿو. ڪٿي
اھو واپار ننڍي سطح تي، ته ڪٿي وڏي پيماني تي ڏيھي
توڙي پرڏيھي سطح تي ٿئي ٿو.
چانھه جو ڏينھن ملھائڻ جي شروعات ھن فصل جي ننڍي
سطح تي پيداوار توڙي واپار ڪندڙن ۽ چانھه جي مزدور
يونينز پاران 2005ع ۾ ڪئي وئي جنھن جو مقصد چانھه
جي مزدورن جي مناسب اُجرت ۽ چانھه جي مناسب قيمت
جي اھميت محسوس ڪرائڻ ھو، جنھن کي پوءِ گڏيل قومن
جي عالمي اداري 21 مئي تي عالمي ڏينھن ملھائڻ جو
فيصلو ڪيو. ان ڏينھن ملھائڻ جو مقصد، عالمي طور
چانھه جي قديم تاريخي، ثقافتي ۽ سماجي اھميت، اُن
جي استعمال ۽ چانھه جي پيداوار ۽ واپار جي واڌ
ويجهه، اھميت ۽ افاديت کي سمجھڻ ۽ ان بابت آگاھي
پيدا ڪرڻ آھي. ھتي ھڪ ڳالهه ڌيان ۾ رھي ته جھڙيءَ
طرح اسان جي ڳوٺن ۾ پورھيت عورتون مختلف فصلن ۾
نھايت سرگرم ھونديون آھن، رونبي، لاباري، ڦُٽين
جي چونڊي وغيره وارن ڪمن ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون ۽
ٻار ھوندا آھن، ساڳيءَ طرح چانھه جي فصل جي ھر
مرحلي تي عورتون سرگرم ھونديون آھن. انڪري ان
ڏينھن ملھائڻ جي مقصدن ۾ ھڪ مقصد، انھن پورھيت
عورتن جي محنت جو قدر ڪرڻ ۽ کين اھميت ڏيڻ پڻ آھي.
ڪيترائي ماڻهو چانھه جا وڏا شوقين ھوندا آھن.
ڏينھن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا ته ڇا ھر وقت چانھه جا طالب
ھوندا آھن. ڪي وري اھڙا به آھن، جيڪي ڪڏھن به
چانھه جي صلاح کان انڪاري نه ھوندا آھن. چانھه
توڙي جو اسان جي قديم تھذيب ۾ شامل نه ھئي، پر
ھاڻي اھا عزت جو معاملو به بڻجي وئي آهي. ڪنھن
اوپري کي چانھه پياريو، ته عزت افزائي محسوس ٿيندي
آهي. ڪنھن دوست يا ڄاڻ سڃاڻ واري کي چانھه نه
پيارجي ته اهي ناراض ٿي ويندا آهن. چانھه پيارڻ جو
اصطلاح رشوت ڏيڻ وٺڻ لاءِ، لڪيل معنى ۾ به استعمال
ٿيندو آھي.
اڳي چانھه رڳو شھرن ۾ ھلندي ھئي، ھاڻي ته ڳوٺن ۾
چانهه جو استعمال به عام ٿي ويو آ. ايتري تائين جو
فوتگيءَ واري تڏي تي به جتي ماڻھو لواحقين جو پاڻي
به نه پيئندا ھئا، اتي ھاڻي چانھه ھلڻ عام ٿي ويو
آھي. اسان جو ھڪ چاچو (بابا جو سڀني کان ننڍو ڀاءُ
چاچو احمد چانھه پيئڻ جو وڏو شوقين ھو. سندس ھڪ
ھنڍو (ٿانءُ) چانھه جي پاڻيءَ سان ڀريل، ٽانڊي تي
ھر وقت پيو ھوندو ھو. ٻڪريون به جام ھونديون ھئس،
سو ڏينهن جو ڪو به وقت ھجي چانھه تيار ملندي ھئي.
اسان وٽ چاچي احمد جو چانھه جو ھنڍو، گھر ۾ گھڙي
گھڙي چانھه جي فرمائش لاءِ چوڻي ٺھي ويو ھو. اڄ
چاچو ته ھن دنيا ۾ ناھي رھيو، پر چانھه جي عالمي
ڏينھن تي چانھه جا چاھيندڙ ياد آيا ته اتي چاچي جي
ياد به تازي ٿي وئي.
چانھه جي شيدائين کي چانھه جي عالمي ڏينھن جون
واڌايون ھجن.
رفعت ابڙو
انبڙين جو مُربو ٺاهڻ جي ترڪيب
سرتيون! اڄ مان اوهان کي انبڙين جو مربو ٺاهڻ جي
ترڪيب ٻڌائيندس، پر ان کان پهرين مان اوهان کي
پنهنجي ننڍپڻ جو هڪ مزيدار واقعو ٻڌائڻ چاهينديس.
هڪ ڏينهن منهنجي امان مون کي ڀاڄي ٺاهڻ لاءِ چيو ۽
ڀاڄي ٺاهڻ جي ترڪيب به ٻڌائي، جڏهن مان ڀاڄي ٺاهي
ته گڙٻڙ ٿي وئي ۽ مان روئڻ لڳس، ۽ بابا کي وڃي
ٻڌايم ته امان مون کي ڀاڄي جو چيو هو، مون ڀاڄي
ٺاهي ته آهي، پر ڀاڄي خراب ٿي وئي آهي. هاڻي ته
امان مون کي دڙڪا ڏيندي، ته بابا مون کي چيو ته
پنهنجا ٻئي ڪن پڪڙ، مان ڊڄي ويس ته شايد بابا مون
کي سزا ڏئي رهيو آهي، مون ڊڄندي ڊڄندي ڪن پڪڙيا ته
بابا چيو ته سڄي هٿ سان کاٻي پاسي وارو ڪن پڪڙ ۽
کٻي هٿ سان سڄي پاسي وارو ڪن پڪڙ، مون به ائين ئي
ڪيو، جيئن بابا چيو پئي. بابا چيو هاڻي ٻڌاءِ ته
توکي ڪهڙي طريقي واري ڪن پڪڻ سان سور ٿيو، ته مون
چيو ته، نه مون کي ڪن پڪڙڻ سان ڪو سور ٿيو آهي نه
ئي ڪا ڏکيائي ٿي.
پوءِ بابا چيو، بس ڀاڄيءَ ۾ به جيڪا شيءِ توکي
پهرين وجهڻي هئي، اها پوءِ وڌي، جيڪا پوءِ وجهڻي
هئي، اها پهرين وجهي ڇڏي، هاڻي ڪا ڳالهه ناهي، تو
ڀاڄي سٺي پچائي آهي، پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالهه
ڪونهي. پر بابا منهنجي ڊپ کي ختم ڪرڻ لاءِ ائين
چيو هو. مون کي ته هاڻي خبر پوي ٿي ته غلط طريقي
سان شين کي استعمال ڪرڻ سان، شيون خراب ئي ٿينديون
آهن.
خير! اسان جي وڏڙن جون ڳالهيون ۽ جيڪو اسان کي
سمجهائڻ جو طريقو هوندو هو، ان جي ڳالهه ئي الڳ
آهي. الله سائين منهنجي بابا کي جنت ۾ اعليٰ مقام
عطا ڪري. آمين
ڳالهه هئي مُربو ٺاهڻ جي، مربي ٺاهڻ لاءِ
جيڪو سامان گهرجي، ان ۾ اڌ ڪلو انبڙيون، اڌ ڪلو
ڳُڙ، اڌ چمچو (کائڻ وارو) سونف، اڌ چمچو جيرو، 5
ننڍا ڦوٽا، اڌ چمچو ڪلونجي، لوڻ ضرورت مطابق.
پهرين انبڙين کي ڌوئي صاف ڪري، انهن جي کل لاهي،
پوءِ سنهيون ڪچريون ڪريو، انهن ڪچرين کي ديڳڙيءَ ۾
پاڻي وجهي، تقريباً 10 منٽ پچايو، ٻي ديڳڙيءَ ۾
ڳُڙ ۽ پاڻي وجهي پچايو، توهان کنڊ به استعمال ڪري
سگهو ٿا، پوءِ جڏهن ڳُڙ جو شيرو تيار ٿي وڃي ته ان
۾ انبڙين جو پاڻي ڪڍي، ڳُڙ واري شيري ۾ شامل ڪريو.
پوءِ ان ۾ سونف، جيرو، ننڍا ڦوٽا ۽ ڪلونجي وجهي
پچايو، جڏهن شيرو ٿورو گهاٽو ٿي وڃي ته ديڳڙيءَ کي
باهه تان لاهي رکو. جڏهن شيرو ٿڌو ٿي وڃي ته صاف
شيشي جي بوتلن ۾ وجهي، فرج ۾ رکي ڇڏيو.
هي مزيدار مُربو توهان پاڻ گهر ۾ تيار ڪندئو ته
ٻار به شوق سان کائيندا ۽ اسان جي صحت لاءِ به
صحيح آهي. هي شيون بازار ۾ ته ملن ٿيون، پر اهي
اسان جي صحت لاءِ نقصانڪار آهن. اميد توهان کي هي
ريسيپي پسند ايندي.
|