سوچ ويچار
پاند ۾ پائي ويو، ڪيني وارو ڪينڪي
مثبت سوچ ۽ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ سان نه صرف سماج تي
بهتر اثر ٿئي ٿو، پر انسان جي پنهنجي ذات ۽ شخصيت
تي به سٺو اثر پوي ٿو. ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ جو ادب
۽ احترام ڪرڻ گهرجي، هڪٻئي جي خوشيءَ ۾ خوش رهڻ ۽
ڏک ۾ دُکي ٿيڻ خود انساني فطرت جو حصو آهي. پر ڪي
ڪي ماڻهو ٻئي جي خوشي ڏسي نه سگهندا آهن، اهڙن
ماڻهن لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي ته:
هو چونئي، تون مَ چئُه واتان ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي ويو، ڪيني وارو ڪينڪي.
فطرت هر انسان جي نيت ۽ عمل تحت هلندي آهي، نيت
چڱي هوندي ته عمل به سٺو ٿيندو. اهي ڳالهيون جيون
۾ سک، سڪون ۽ شانتي پيدا ڪنديون آهن ۽ زندگيءَ ۾
ڪيتريون ئي ڪاميابيون پلئه پونديون آهن. پر اهو
هرگز وسارڻ نه گهرجي ته ڪا ڪاميابي ائين مفت ۾
ملندي، بلڪه ان لاءِ محنت، جدوجهد ۽ جفاڪشي ڪرڻي
پوندي... ڪم سان محبت ڪرڻي پوندي. مون اڪثر ڏٺو
آهي ته ماڻهو محنت ڪرڻ کان لهرائيندو آهي. بس ٿوري
سمجهه ۽ احساس ذميواريءَ جي ڳالهه آهي ته: جيڪڏهن
ان ڪم ۾ پنهنجي محبت شامل ڪجي ته هوند ڪيڏو به ڪٺن
ڪم هوندو، سهڻائپ سان ٿي ويندو. يعني پريت ۽ محبت
جو احساس ئي سندس ڪِرت کي ڪارائتو ۽ مانائتو
بڻائيندو آهي ۽ ان محنت جي عيوض انسان معتبر ليکبو
آهي. دنيا ۾ جيڪي عظيم انسان ٿي گذريا آهن، اهي سڀ
شاندار ڪوششن ۽ محنت ۽ پيار سان ڪيل پورهئي جي
عيوض بڻيا آهن.
ماهوار ”سرتيون“ جولاءِ 2024ع جو شمارو اوهان جي
هٿن ۾ آهي، پرچو ڪيئن آهي؟ پنهنجي راءِ کان ضرور
آگاهه ڪندا، اوهان پڙهندڙن ۽ لکندڙن جي سهڪار جو
نتيجو آهي، جو رسالو گذريل 35 سالن کان باقاعدي
شايع ٿي رهيو آهي.
آءٌ جناب چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ صاحب جي
ٿورائتي آهيان، جن جي هدايتن ۽ سهڪار سبب رسالا
وقت سر شايع ٿي رهيا آهن.
گلبدن جاويد
گوهر
سنڌي
اُميد بڻجي آئي هئي
هوءَ جيڪا.....
اميد بڻجي آئي هئي،
عيد بڻجي آئي هئي،
هن ڪيئي سفر ڪيا،
منزلون ماڻڻ لاءِ،
روشني آڻڻ لاءِ،
ڪاري رات مِٽائڻ لاءِ،
هوءَ جيڪا.....
اميد بڻجي آئي هئي....
بختاور لاءِ، بلاول لاءِ،
آصفه لاءِ، عوام لاءِ،
هن ساري ديس لاءِ،
هن ساري ويس لاءِ،
ڄڻ ساهه گهورڻ آئي هئي،
بغاوت جو جهنڊو کوڙي،
آمريت کي للڪاريندي،
جمهوريت کي پڪاريندي،
مظلومن کي ساريندي،
ڄڻ آزاد ڪرائڻ آئي هئي.
هوءَ جيڪا.....
اميد بڻجي آئي هئي....
ديس جي خوشحالي لاءِ،
ديس جي ڀلائيءَ لاءِ،
ديس جي دلداريءَ لاءِ،
سِرُ تريءَ تي کڻي آئي هئي،
خوف سمجهيو نه خطرو سمجهيو،
بس مست ٿي آئي هئي،
چست ٿي آئي هئي،
بهشت ٿي آئي هئي،
هوءَ جيڪا.....
اميد بڻجي آئي هئي....
دوزخين سازشون ڪيون،
قاتلن راهون روڪيون،
پوءِ به هوءَ هلندي رهي....
پنهنجي خاطر،
پيارن خاطر،
نه ڀئُه هو، نه ڀولو هو،
انقلابي ڪو شعلو هو،
جمهوريت جي انڪارين لاءِ
ائٽم بم گولو هو،
هوءَ جيڪا.....
اميد بڻجي آئي هئي....
هن ساهه ڏئي،
ويساهه ڏنو،
هر گام تي،
هر انجام تي،
هر ڪام تي،
هر پيام تي،
اڳتي هئي،
هوءَ اڳي هئي.....
هوءَ سنڌ وطن مان آئي هئي،
محبتي چمن مان آئي هئي،
عوامي سوچ، عوام سان گڏجي،
خوشيون ورهائڻ آئي هئي،
دشمنن هن کي ڪين سمجهيو،
ويرين هن کي ڪين بخشيو،
اوچتو ئي اوچتو
ويساهه کي گولي لڳي
چاهه کي گولي لڳي
امر هئي،
امر ٿي وئي،
سازشن سان،
سٽائن سان،
رستي تان هٽايو ويو،
جمهوريت کي مٽايو ويو،
ها پر!!!
نانءُ هن جو مٽائي نه سگهيا،
مقصد تان هٽائي نه سگهيا،
هوءَ جيڪا.....
اميد بڻجي آئي هئي....
ويرين مٿان ڦٽڪار ٿي....
چوطرف للڪار ٿي.....
هر هنڌ کان آواز اُٿيا
جمهوريت جا ويري مرده باد،
محبت جا ويري مرده باد،
سچ جا ويري مرده باد،
هيرا ڦيري مرده باد،
آمريت جا ساٿاري،
سڀئي ڪوڙا ڪانئر ٿي ويا،
ڏاڍا خوار خراب ٿي ويا،
لعنت جا طوق کڻي ويا،
قوم سنڌيءَ کي سوڳ ڏئي ويا
اهڙوئي روڳ ڏئي ويا،
ها هوءَ ته تبديليءَ جو ڪارڻ هئي،
جمهوريت جو ٻارڻ هئي،
قوم تي وارڻ هئڻ،
ساهه پساهه گهورڻ هئي،
هوءَ جيڪا.....
اميد بڻجي آئي هئي....
شهيد جمهوريت راڻي ٿي وئي،
بينظير هئي، بينظير ٿي وئي،
ڪڏهن وسرندي!
وسري آهي
هن جو فڪر،
هن جو ذڪر،
اڄ به آهي ياد آهي،
ياد رهندو
سالن تائين، صدين تائين.....
هوءَ جيڪا.....
اميد بڻجي آئي هئي....
عيد بڻجي آئي هئي.....
ديد بڻجي آئي هئي.....
نجمه شيخ
وائي
شرم حيا دل سندرتا،
ٿيا عورت جا اهڃاڻ،
جاهل کي ڇا ڄاڻ.
جن مڃيو عظمت عورت جي کي
سي صاحب ٿيا سرواڻ،
جاهل کي ڇا ڄاڻ.
پهريون ٻار ٻين کي ڏيندي،
گرهه پوءِ کڻندي پاڻ،
جاهل کي ڇا ڄاڻ.
جت عورت جي ڪا عزت ڪانهي،
تن ملڪن ۾ مانڌاڻ،
جاهل کي ڇا ڄاڻ.
عورت جڏهن اک کوليندي،
پوءِ مچندا سڀ مانڊاڻ،
جاهل کي ڇا ڄاڻ.
جي ذڪر نه آهي عورت جو،
چئبي سا ته پٽاڻ،
جاهل کي ڇا ڄاڻ.
جت عورت عزت عظمت ماڻي،
سي ئي ڀاڳين ڀاڻ،
جاهل کي ڇا ڄاڻ.
جت سکي سدائين عورت هوندي،
وسندا سي ته وٿاڻ،
جاهل کي ڇا ڄاڻ.
سُر سسئي
آءُ ڪيئن پاڻ پليان،
ڪنهن سان سور سليان،
ڀينر ويندس پنهون ڏي.....
جي مليا ڏک ڏيرن کان،
آءُ وري جهولي منجهه جهليان،
ڀينر ويندس پنهون ڏي.....
سُستي غفلت مون ڪئي،
ان کان نٿي آئون اليان،
ڀينر ويندس پنهون ڏي.....
درد جنهن جي دلين ۾،
سي به نه ساڻ رنگيان،
ڀينر ويندس پنهون ڏي.....
جان پڻي پير پنهون جي،
تال نيڻن کي مڃيان،
ڀينر ويندس پنهون ڏي.....
|