سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جولاءِ 2024ع

باب:

صفحو:4 

 

 

 

 

اقبال پروين

 

چونڊ ڪھاڻي

پلپل پور پون

 

        شاهه ڀٽائيءَ جي درگاهه تي اونداهيءَ رات ۾ ڪيڏي نه خاموشي هئي. هر شيءِ آرامي هئي، پر هن خاموشيءَ ۾ رکي رکي ڪو درد ڀرئي آواز ۾ هلڪا هلڪا سُر آلاپي رهيو هو. هن جو ساز ۽ آواز ٻئي گڏجي، اهڙو جادو پيدا ڪري رهيا هئا، جو اتان لنگهندڙ پيادا، پنهنجي منزل وساري، درگاهه ڏانهن ڇڪجي، هن جادوگر جي ديدار کان نٿي رهي سگهيا. هي آواز، جنهن کان اتان جا رهواسي ۽ شاهه جا مريد واقف هئا، سو هو ڪڏهن ڪڏهن ٻڌندا هئا. هي پراسرار شخص ڪٿان ايندو هو ۽ ڪيڏانهن ويندو هو، اهو ڪنهن کي علم ڪونه هو. هن جي شڪل کان ڪو به واقف ڪونه هوندو هو، هو رات جو ايندو ۽ راتو رات درگاهه مان نڪري ٻاهر هليو ويندو هو. اتان جا مجاور رڳو سندس سريلي آواز مان سمجهندا هئا ته جادوگر اچي ويو. هن جي سامهون جيڪڏهن ڪو ويندو هو ته هو ڳائڻ بند ڪري ڇڏيندو هو. هو ڇو ڳائيندو هو؟ ڪنهن لاءِ ڳائيندو هو، سا ڪنهن کي سُڌ ڪانه هئي.

اڄ به هڪ اهڙي رات هئي، جنهن ۾ هو پراسرار شخص آيو هو. رات جي خاموشي ٻڌائي رهي هئي ته رات ڪافي گذري چڪي آهي. پر هن جي نيڻن کي ننڊ ڪٿي آهي! هن کي ڏسڻ سان ائين معلوم ٿيندو هو ته کيس پل پل ڪنهن جي ياد ستائي ٿي ۽ هو پنهنجو تنبورو کڻي، انهيءَ فراق ۾ راڳ ڳائي، پنهنجي روح کي سڪون پهچائي ٿو. درگاهه اندر تربت وٽ هڪ ڏيو ٿي ٻريو، جنهن جي لاٽ، هن جي چهري تي هلڪي هلڪي روشني ٿي وڌي. هو پنهنجي تنبوري تي ٻانهن رکي ليٽيو پيو هو. کيس ننڊ هئي؟ ڏسڻ واري کي ته ائين معلوم ٿيندو هو ته هو ستل آهي، پر نه، هن جي هلڪي چرپر ۽ وري سندس آڱر جي جنبش ٻڌائي رهي هئي ته هو سجاڳ هو. هن منهن مٿي ڪري، ڏئي کي ڏٺو ته ان ۾ تيل آهي يا نه! ڏئي جي روشنيءَ ۾ سندس اکيون شعلي وانگر چمڪي رهيون هيون. هن جي چهري مان معلوم ٿي ٿيو ته هو پوڙهو ٿي چڪو هو، پر غور سان نهارڻ بعد خبر ٿي پيئي ته هن جي عمر ايتري ڪانه هئي، جيتري ڏسڻ سان معلوم پئي ٿي.

هن کي يقيناً ڪا اهڙي تڪليف هئي، جنهن کيس وقت کان اڳي پوڙهو ڪري ڇڏيو هو. هن جي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ ۾ مٽي پئي هئي، جنهن ڪري اهي وار اڇا معلوم ٿي رهيا هئا.

هن آهستي آهستي آڱرين کي جنبش ڏني. تنبورو ڄڻ ته خودبخود وڄڻ لڳو ۽ هن هوريان هوريان شاهه جو بيت شروع ڪيو:

رڳون ٿيون رباب وڄن ويل سڀڪنهين،

لڇڻ ڪڇڻ نه ٿيو، جانب ري جباب،

سوئي سنڌيندم سپرين، ڪيس ڪنهن ڪباب،

سوئي عين عذاب، سوئي راحت روح جي.

هن جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا، هو اٿي بيٺو ۽ ڪٽهري سان مٿو لڳائي ڳائيندو به رهيو ۽ روئيندو به رهيو. هن کي بار بار خيال اچي رهيو هو ته اڄ هن کي ڇا ٿي ويو آهي، هو ڇو روئي رهيو آهي ۽ هن هن جو ضبط ڪيڏانهن ويو؟ اوچتو هن جي نظر وڃي، ان ڪپڙي تي پئي، جيڪو سندس ماءُ، هن جي شاديءَ تي تربت تي اچي، وڌو هو. هن جو هٿ رڪجي ويو ۽ هن پنهنجي پير ڏانهن ڏٺو، جتي کيس چانديءَ جو ڪڙو نظر آيو. انهن ٻنهيءَ شين کيس مدهوش ڪري ڇڏيو. هو هيٺ ويهي رهيو. هن کي اهو وقت ياد آيو، جڏهن هو پنجن سالن جو ٿيو هو ۽ سندس ماءُ کيس شاهه جي تربت تي وٺي آئي هئي ۽ هن سکا باسي هئي، هو سڪيلڌو هو ۽ سندس ماءُ سندس پير ۾ چانديءَ جي ڪڙي پاتي هئي ۽ ڪٽي کڻي هو هتي آيا هئا. هن کي شاهه جي درگاهه ڪيڏي نه وڻي هئي. تنهن کانپوءِ هو ٻيو ڀيرو جڏهن هتي آيو هو، سو اهو وقت هو، ..... هن دماغ تي زور ڏنو......... ها. هو نوري، سندس زال سميت اتي آيو هو ۽ اچي شاهه سائينءَ جي تربت تي، اهو سائو ڪپڙو وڌو هئائين. شاديءَ جو خيال ايندي ئي وري اهو پراڻو ناسور تازو ٿي ويس. نوريءَ سان هن جي ڪيڏي نه دل هوندي هئي! هن کي اهو وقت ياد آيو، جڏهن هنن جي شادي ڪانه ٿي هئي. نوري سندس سوٽ هئي ۽ هن جي سامهون، تڏهن ڪو نه ايندي هئي، جڏهن سندس چاچي يا چاچو گهر ۾ هوندا هئا، پر جڏهن هو ڪونه هوندا هئا ته هو ساڻس ڳالهائيندي هئي. نوريءَ کي سندس راڳ ڪيڏو پسند هوندو هو، هو هميشه کان شاهه جو شيدائي هوندو هو، هو جڏهن چاچي جي گهر وڃي اوطاق ۾ تنبورو وڄائي، شاهه جي ڪا ڪافي ڳائيندو هو ته کيس چکَ جي اوٽ مان نوران بيٺي نظر ايندي هئي ۽ جيتوڻيڪ سندس چاچي کي راڳ نه وڻندو هو ۽ هميشه ڪاوڙ ۾ کيس چوندو هو، ”ته گويو ٿيندين ڇا بچو؟“ پر کيس خبر هئي ته نوري سندس راڳ تي ديواني هئي ۽ هن جو آواز کيس هميشه ڇڪي هن جي ويجهو آڻيندو هو ۽ جڏهن هوءَ اچي چِکَ جي اوٽ ۾ بيهندي هئي ته ان وقت هن جي ڪيفيت انهي سپاهيءَ وانگر هوندي هئي، جنهن جنگ کٽي هجي. هو پنهنجي ڪاميابي تي فخر محسوس ڪندو هو ۽ هن جي آواز ۾ وڌيڪ سوز پيدا ٿي ويندو هو. هن کي اهو ڏينهن ياد آيو، جڏهن هو اهو ياد ڪرڻ کان پوءِ ته سندس چاچي ۽ چاچو ڀر واري ڳوٺ ۾ ويل آهن، هو وٽس ويو هو. هو اندر گهڙي ويو هو. نوري انوقت جوئر جي ماني پچائي رهي هئي، هو وڃي ڀرسان منجيءَ تي ويٺو هو، هو گهٻرائي اٿي کڙي ٿي هئي، پر هن کيس ڇڪي اتي ويهاريو هو. هن نوري جي هٿ جي پڪل ماني کاڌي هئي. ڪيڏي نه مٺي ماني پچائيندي هئي نوري! اهو سوچي، سندس وات ۾ پاڻي اچي ويو، ان ڏينهن نوريءَ جي فرمائش تي کيس ”مارئي“ مان هڪ ڪافي ٻڌائي هئي، جنهن تي هوءَ روئي ويٺي هئي. هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي، کيس يقين ٿي ويو هو ته هن جي آواز ۾ جيڪو سوز هو، سو انهيءَ عروج تي هو. هو انهيءَ حالت ۾ کٽ تي ويٺا هئا ته سندس چاچي ۽ چاچو اچي ويا. هو شرم کان وٺي ڀڳو. ان کانپوءِ چاچي جي گهر، سندس وڃڻ بلڪل بند ٿي ويو. پر تڏهن به هو گهر جي ٻاهران تنبورو کڻي، مارئي جي ساڳي ئي ڪافي ڳائيندو لنگهندو هو ۽ هن کي محسوس ٿيندو هو ته نوري دريءَ کان بيهي هن جو راڳ ٻڌندي هوندي!

آخر اهو ڏينهن به اچي ويو، جڏهن سندس شادي ٿي. اهو خيال ايندي ئي. هن جي دل خوشيءَ سان ڀرجي ويئي، هو پاسو ورائي ليٽي پيو، شادي ٿيڻ کان پوءِ هو ڪيڏو نه خوش گذاريندا هئا! هو ڪيئن نه نوري کي شاهه جون ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو. ڄام تماچي جو قصو هن کي ڪيترو نه پسند هو! هو سمجهندي هئي ته ڄڻ اها نوري واقعي خود هوءَ پاڻ هئي ۽ بچوءَ کي ائين محسوس ٿيندو هو ته واقعي هو ڄام تماچي آهي ۽ اها نوري سندس نوري هئي. هو دنيا کان بيخبر ڪيئن نه خوشيءَ سان زندگي گذاريندا رهيا. ڏينهن گذرندي ويرم ڪانه لڳي. هنن جي شاديءَ کي ٻه سال کن گذريا ته کين ڌيءَ ڄائي. ڌيءَ ڄائي. ڌيءَ جو خيال ايندي ئي کيس مريم ياد آئي. هن ٿڌو ساهه ڀريو. الائجي ويچاري ڪهڙي حال ۾ هوندي.“ ڌيءَ جي ڄمڻ تي بچوءَ کي ياد آيو ته سندس ماءُ کي ڪيڏو نه افسوس ٿيو هو! هن گهڻن ئي پيرن تي باسون باسيون هيون. مريم آهسته آهسته وڏي ٿيندي ويئي. هو پنجن سالن جي ٿي ويئي، پر بچوءَ کي پٽ ڪونه ڄائو. سندس ماءُ جي پريشاني ڏينهون ڏينهن وڌندي ويئي. هو اڪثر نوريءَ کي مهڻو ڏيندي هئي ۽ هڪ دفعو هن بچوءَ کي چيو ته ٻي شادي ڪر، پر ٻي شاديءَ جو نالو ٻڌي، هو ماءُ سان وڙهي پيو هو.

مريم ڏهن سالن جي ٿي ويئي، پر اڃا تائين، نوري کي پٽ نه ڄائو. ماڻس، بچوءَ کي شاديءَ تي مجبور ڪيو ۽ ٻي شاديءَ جون تياريون به ٿي ويون ۽ شاديءَ جي رات، هو گهر کان ڀڄي ويو، مهينو کن هو گهر کان پري ٺوڪرون کائيندو رهيو، انهيءَ عرصي ۾ هو هڪ ٻه دفعا شاهه جي درگاهه تي آيو هو ۽ اتي اچي پٽ جي دعا گهري هئائين. هن جو نوريءَ کان سواءِ رهڻ ناممڪن ٿي پيو هو. آخر هو وڃي گهر پهتو. هن جي ماءَ ساڻس ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو هو. هن کي پرواهه ڪانه هئي. نوري هن جي ڀڄي وڃڻ ڪري، روئي روئي اڌ مئي ٿي ويئي هئي. پر هن جي موٽڻ کان پوءِ هنن جا پراڻا ڏينهن وري اچي ويا هئا.

هن جا خيال ايستائين اڃا پهتا ته هن کي محسوس ٿيو ته اوندهه ٿي ويئي آهي، هن اٿي ڏئي ۾ تيل وڌو. اٿڻ وقت هن جو مٿو ڦرڻ لڳو ۽ هن جون اکيون بند ٿيڻ لڳيون. هن اڄ خوب سوچڻ ٿي چاهيو، ماضي اڄ کيس حسين معلوم ٿي رهي هئي، ان کي ياد ڪرڻ سان، هن جي دل جو بار ڪجهه هلڪو ٿي رهيو هو، هن جي دل اڄ چاهيو ٿي ته ماضي کي ياد ڪري! هن جلدي جلدي وري سوچڻ شروع ڪيو. پر بي آرامي وڌندي رهي. ننڊ کي ڀڄائڻ لاءِ هن وري تنبورو کنيو. آهسته آهسته وڄائڻ لڳو. هن کي ننڊ اچڻ لڳي، هن پنهنجون آڱريون تيز ڪري ڇڏيون، هن جاڳڻ شروع ڪيو، سندس آواز گنبذ ۾ گونجڻ لڳو، ته اڄ مان ننڊ کي نه اچڻ ڏيندس. ٿوري دير بعد هن جي ننڊ غائب ٿي ويئي. هو اٿي بيٺو ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيائين.

”ها پوءِ ڇا ٿيو؟ هن سوچيو، تسلسل، جو ٽٽي پيو هو، سو وري قائم ٿي ويو. نوريءَ کي جلد ئي پيٽ ٿي ويو، هو ڪيترو نه خوش هو، هو نوري کي وري شاهه جي در گاهه تي وٺي آيو هو، ۽ هتي ٻنهي پٽ جي دعا گهري هئي، ڇاڪاڻ ته کيس يقين هو ته اهوئي ذريعو هو، جنهن جي وسيلي، هو سڄي عمر گڏ ٿي رهي سگهيا، نه ته کيس ڊپ هو ته متان کيس ٻي شادي ڪرڻي پوي. هن جي اڳيان ماضي جا نقش مٽجڻ لڳا. هن جي نراڙ تي پگهر اچي ويو هو، هن ٻانهن مٿي کڻي، نراڙ اگهيو، پر هن جي دل ڌڙڪي رهي هئي،“ ها ها پوءِ؟ کيس ياد آيو. نوري کي پٽ ڄائو ۽ ان ۾ ئي نوريءَ جو روح پرواز ڪري ويو. ٻار ڄمڻ کان اڳ هو ڊڄي ٻاهر ڪيئن نه چرين وانگر ويٺو هو، ۽ ويٺي دعا گهري هئائين، ”ته خدا ڪري پٽ ڄمي.“ ايتري ۾ دائي آئي هئي. هن جو منهن ڏسي، هو يڪدم سمجهي ويو هو ته ڌيءَ ڄائي آهي. پر هن کي اهو ٻڌي تعجب ٿيو ته پٽ ڄمڻ تي به هو خاموش هئي. هن کيس خاموش ڏسي وڃي ڌوڻيو ته ”مائي ڇا ٿيو؟ خاموش ڇو آهين ٻڌاءِ!“ اهو ٻڌي هو روئڻ لڳي. ان وقت هو يڪدم اندر ويو. اتي هن جي ماءُ کٽ جي ڀر ۾ ٿي رنو ۽ ٻار ڀر ۾ رڙيون ڪري رهيو هو: نوريءَ جو بي جان جسم کٽ تي پيو هو، هو هن جي مٿان ڪري پيو. هن ايترو سوچيو ته کيس دل ۾ وري درد محسوس ٿيڻ لڳو. هو روئڻ لڳو، هن جا نيڻ ٽمندا رهيا، نوري! مون کي ڇو ڇڏي وئينءَ؟ پر منهنجو پٽ بخشو...... اوه خدا؟ ائين چئي مٿي ڇت ۾ نهارڻ لڳو. ها ان کي ڇا ٿيو؟ هن کي اهي ڏينهن ياد اچڻ لڳا، جڏهن هو پٽ کي نوريءَ جي قبر تي وٺي ويندو هو، هو اتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ تنبوري تي ورهه جون وايون ڳائيندو هو، نوريءَ جي موت کان پوءِ به هن ڪڏهن کيس ڪونه وساريو، هو پل پل کيس ياد ڪندو هو ۽ هو مقام ۾ سندس روح کي راڳ ٻڌائي، خوشي محسوس ڪندو هو. ائين ڪرڻ سان هن کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو ته نوري زنده آهي ۽ وري سندس پٽ، جنهن جي شڪل هو بهو نوريءَ جهڙي هئي، تنهن کي ڏسي ته هن کي يقين ٿي ويو ته نوري جو ساهه پنهنجي بت مان نڪري هن ۾ پيو آهي سندس پٽ بخشو آخر هلڻ جهڙو ٿيو. هو پنهنجي ٻاتي ٻوليءَ ۾ کيس ڪيئن نه چوندو هو ته راڳ ڳائي ۽ هو کيس ساڳيون ڪافيون ٻڌائيندو هو، جي نوريءَ کي پسند هيون. هن آهستي آهستي نوريءَ جي قبر تي وڃڻ گهٽ ڪري ڇڏيو ۽ آخرڪار بلڪل بند ڪري ڇڏيائين. ڇاڪاڻ ته اتي وڃي، کيس نوريءَ جي موت جو احساس ٿيندو هو. هو بخشو کي نوري سمجهڻ لڳو. هر وقت کيس ڪلهي تي کڻي گهمائيندو هو، ٻنيءَ تي وڃڻ به هن ڇڏي ڏنو هو. هن جي دنيا ۽ زندگي بخشو هو. ”جڏهن بخشو ٽن ورهن جو ٿيو....... تڏهن اهو سوچي، هن جي دل جي رفتار تيز ٿيڻ لڳي، هن جو مٿو ڦرڻ لڳو. هن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته هو بي هوش ٿي ويندو. هو تربت جي ٻاهر چانئٺ وٽ ويهي رهيو، هن کي خيال آيو ته هن ئي چانئٺ تان نوري لنگهي هئي. هو چانئٺ تي منهن رکي ليٽي پيو، پر بخشو ڪيڏانهن ويو؟ نوري ته بخشوءَ کي مون وٽ ڇڏي ويئي هئي، مون سندس نشاني سنڀالي نه رکي. ائين چئي، هو اٿي ويٺو. بخشو کي ڇا ٿيو؟؟ هو دماغ تي زور ڏيڻ لڳو....... ها هن کي ماتا ٿي، ماتا ۾ مري ويو. ان کان پوءِ ڇا ٿيو، هن کي ڪجهه ياد نه هو، هو ڪڏهن ڪٿي، ڪڏهن ڪٿي! پر جڏهن به هو شاهه جي درگاهه تي ايندو هو ته کيس سڪون محسوس ٿيندو هو، ڇاڪاڻ ته هت اچي هو پاڻ کي نوريءَ جي ويجهو سمجهندو هو. نوريءَ کي به ته شاهه سان، عقيدت هوندي هئي. هن جي اکين اڳيان اوندهه اچڻ لڳي. هن هٿ ۾ تنبورو کنيو ۽ زور زور سان وڄائڻ لڳو، هن جي هٿن ۾ اڄ الائجي ڪٿان ايتري طاقت اچي ويئي هئي. هو زور سان وڄائي رهيو هو. شاهه جا مجاور اچي، هن جي چئني طرفن کان ڪٺا ٿيا، ۽ هن کي حيرت مان ڏسڻ لڳا، پر بچوءَ کي ڪا به سڌ نه هئي. هن جون اکيون بند هيون، ۽ آڱريون زور زور سان هلي رهيون هيون، تنبوري جو آواز بند ٿي ويو.

هڪ ٻن ماڻهن بتي کڻي، هن جي منهن تي روشني وڌي. تنبوري جون تارون ٽٽي چڪيون هيون، ۽ ان سان گڏ، هن جي زندگيءَ جي تار به.......

 

نجمه پنهور

 

 

روڙيا رَتا گُل

 

صبح جو نماز کان فارغ ٿي، ڪجهه اسڪول جو ڪم ڪرڻ لڳس، ۽ امان گهر جي ڪمن مان بي فڪر، نماز کان فارغ ٿي، هاڻ دعائن پڙهڻ ۾ محو هئي.

جنوءَ اڄ ڪجهه وڌيڪ ئي دير ڪري ڇڏي هئي اچڻ ۾. بابا نماز پڙهي موٽيو هو ۽ جنو شيدياڻي کي نه ڏسي، ڪاوڙيو ته، هن مهل تائين نه آئي آهي. جنو اڪثر اسان جي گهر ۾ ئي سمهندي هئي. پر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي گهر ويندي هئي ۽ اڄ صبح جو اچڻ ۾ دير ڪيائين. ڇو ته جنو شيدياڻيءَ کان سواءِ اسان جو گهر به مڪمل ڪونه هو. سڄي گهر جو رڌپچاءُ، صفائي، ڪپڙا ڌوئڻ مطلب ته هر ڪم جنو ۽ ڦتو شيدياڻيون ڪنديون هيون.

شهرو ته اڃا ننڊ ۾ الائي ڪهڙا خواب ٿي ڏٺا، جو سڏي سڏي ٿڪيس، پر اُٿڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي. اسان ٻنهي ڀينرن کي اسڪول ڇڏڻ ۽ وٺڻ جي لاءِ جنو شيدياڻي مقرر هئي.

ايتري ۾ جنو به در مان منهن ڪڍيو، زور زور سان، پنهنجي دير ٿيڻ جا سبب ٻڌائڻ لڳي. بابا جو هيترو ڪاوڙيو ويٺو هو، پر جنوءَ جون ڳالهيون ٻڌي، مسڪرائڻ لڳو. امان چيس، ”هاڻ جلدي نيرن تيار ڪر. ڇوڪرين کي اسڪول وڃڻ ۾ دير نه ٿي وڃي!

”صدقي وڃا جيجين تان، اجهو هيئن. جنوءَ چپٽي وڄائيندي چيو، فٽافٽ ماني ٿي تيار ڪري وٺان.“ واقعي ڪم جي ڀڙ هئي، الائي ڪيئن ايترو ڪم اڪيلي سر ڪندي هئي. جڏهن ته ٻيون به شيدياڻيون هيون. پر ڪنهن کي به ڪم ۾ هٿ وجهڻ نه ڏيندي هئي. اها جنوءَ جي اسان سان وفاداري هئي، هاڻ ته جنو سڀني نوڪرياڻين جي هيڊ هئي.

امان ۽ بابا کي چانهه ڏيڻ مهل امان چيس، ”مائي جنان، رئيس پَلا وٺي آيو آهي، انهن کي ته لوڻ ڏئي رک ۽ پوءِ ڇوڪرين کي اسڪول ڇڏي اچ. ”مون ۽ شهروءَ نيرن ڪئي. شهرو اسڪول هلڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين، ”مهرو ماٺ ڪري اسڪول وڃ نه ته بابا ڪاوڙ ڪندو. آئون سڀاڻي هلنديس.“ آئون وڏي چادر اوڍي، جنو شيدياڻيءَ سان اسڪول ويس. مون کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. بابا چوندو هو ته مهرو جيترو پڙهي ڀلي پڙهي. شهرو اٺ ڪلاس پاس ڪيا، ۽ امان مون کي مئٽرڪ کان پوءِ پڙهڻ ڪونه ڏنو.

پُڦي ڳالهه ڪندي آهي، ته امان بابا هڪ ٻئي کي پسند ڪندا هئا. امان ٻئي مذهب جي هئي. عمرڪوٽ مان بابا سان نڪري، حيدرآباد آئي ۽ مسلمان ٿي شادي ڪيائين. آئون ڏسندي هئس ته امان هر وقت ڪنهن سوچ ۾ ٻُڏل هوندي هئي. شايد پنهنجو ڳوٺ ۽ مائٽ وساري نه سگهي هئي. جڏهن به ڪي غير مذهب جون مايون ڏسندي هئي، ته انهن کان پنهنجي ڳوٺ ۽ مائٽن متعلق پُڇندي هئي. امان جي هٿن پيرن تي سُرمئي رنگ جا گُل ۽ چِٽَ هوندا هئا، ۽ اهي گُل چِٽَ ئي شاهدي ڏيندا هئا ته امان غير مذهب هئي! امان جي سُونهن ايتري حد تائين هئي، جو امان جا پير به ڏسڻ وٽان هوندا هئا. ڪم واريون شيدياڻيون امان جي پيرن کي ڏسي، چونديون هيون ته سانئڻ وڏيءَ جا پير ته پدم جهڙا آهن. اهو سڄو امان جي سونهن جو ڪمال هو، جو امان کي بابا دل ڏئي ويٺو ۽ اچي حويليءَ ۾ ويهاريائينس ۽ اها به بابا جي محبت هئي، جو هيڏو لشڪر نوڪرياڻين جو رکي ڏنائينس، جيڪي سڄو ڏينهن سڄي گهر جو ڪم ڪار ڪنديون هيون ۽ کائينديون پيئنديون به اسان جي گهر هيون. امان کي ڪکُ ڀڃي ٻيڻو ڪرڻو ڪونه پوندو هو.

اسين ٻه ڀينرون هيونسين. وڏي شهرو ۽ آئون ننڍي هيس، انڪري دادلي به هيس. شهرو هئي ته وڏي، پر سست ۽ سڄو ڏينهن ننڊ ڪندي هئي ۽ پينگهي ۾ پئي لُڏندي هئي. ڪم ته اسان کي ڪرڻو ڪونه هوندو هو، ڪڏهن جنوءَ ۽ ڦتوءَ سان وڃي ويهنديون هيونسين رڌڻي ۾. سو به امان جي چوڻ تي ته ڪجهه رڌ پچاءُ سکي وٺون. بابا جي هوندي ته اسين گهٽ ڳالهائينديون هيونسين. آئون جنوءَ کي دڙڪا گهڻا ڏيندي هيس ته سهي ڪم نٿي ڪرين، پر بابا جي اڳيان نه! ڇو ته بابا کي ڪاوڙ لڳندي هئي، جنو اسان جي گهر جي ڄڻ ڀاتي هئي ۽ وڏي به هئي. دل ۾ ته جنوءَ لاءِ عزت هوندي هئي، پر ٻاهران ٺلهو رعب ڪري ڏيکاريندي هئس. جنو به فرمانبردار هئڻ ڪري، بس منهنجي دڙڪن جي موٽ ۾ مون تان صدقي پئي ويندي هئي. امان هر وقت چوندي هيس، ”ڇوڪريءَ جو من وڌائي ڇڏيو اٿئي، ڪنهن جي ٻُڌي ڪو نه ٿي. “

اسان جي گهر ۾ پردو سخت هو. ڌيءَ جي مڙس يا انهن جي مائٽن جي اڳيان به عورتون ڪونه اينديون هيون، ناٺي به هيٺ ڏاڪڻ جي وچ تي ڪمرو هوندو هو، ان ۾ ويهندا هئا.

شهروءَ جي شادي به شيدياڻين ڪرائي. امان پُڦي، ڏاڏِي ۽ آئون سڀ ڪمري ۾ لڪي ويون هيونسين. دالان ۾ شيدياڻين جو لشڪر هو ۽ ٻيو شهروءَ جي ساهُرن جي آڪهه هئي. پهرين ته امان جن پري کان بيهي رسمون ڏٺيون ۽ آئون به انهن سان گڏجي بيٺل هئس، پر شيدياڻي ڦتو جيئن چئي وئي هئي، غير مرد ٿا شاديءَ جو سوڻ ڪرڻ اچن، تيئن سڀ ڄڻيون ڪمرو بند ڪري، ڪچهري کي لڳي ويون. ڪلاڪ کن ٿي ويو هو، پر ڦتوءَ جو پتو ڪونه هو. منهنجي دل ڪمري ۾ ويهڻ لاءِ اصل راضي ڪونه هئي، پر هيتري سارين پُڦين ڏاڏين کي ڌوڪو ڏئي، ڪيئن نڪران. هڪڙي امان هجي ها ته جنوءَ جو ساٿ ته اڳيئي هو. وڃي شادي اٽينڊ ڪريان ها ۽ ڪنهن کي به خبر ڪانه پوي ها، پر اڄ ته آئون به سڀني سان گڏ، پينگهي ۾ پئي لُڏيس. سڀني پئي شهروءَ جي ڏاج جي ساراهه ڪئي. پر منهنجو سُک ڦِٽل هو. هڪڙو ته ڀيڻ پرائي گهر وڃڻ واري هئي ۽ ٻيو ٻاهر هيڏا تماشا لڳا پيا هئا ۽ سهرن تي ڳائڻين جو نچڪو لڳو پيو هو ۽ آئون اندر پوري پئي هئس ۽ منهنجي ڀيڻ اڪيلي لاڏلي ٿيو، هيترن سارين ماين کي مُنهن پئي ڏنو، اندر پئي سڙيو. اهڙن سَوَڻن ساٺَنِ تي، پر مِٺي به ماٺِ، مُٺي به ماٺ. تيسين جنو ڪنهن بادشاهه جي ايلچيءَ جا فرائض سرانجام ڏيندي، سهڪندي اندر گهڙي ۽ وڏي واڪي ٻڌائڻ لڳي ته گهوٽ ٿو اچيوَ، جنهن کي ڏسڻو آهي، اها دريءَ مان ڏسي، مون ته اهڙو ٽپ ڏنو جو سڀني کان پهرين وڃي دروازو کولي بيهي رهيس. اوچتو امان جي آواز ڇرڪائي وڌو. ”مهرو توکي اڃا ڪونه ڏسڻ آيا آهن، جو دروازو وڃي کوليو اٿئي، هيڏانهن اچ. مون سان گڏ دريءَ مان اچي ڏس.“ سڀ ڄڻيون واري واري سان اينديون ويون ۽ گهوٽ کي ڏسي، مسڪرائڻ لڳيون. واقعي شهروءَ جو گهوٽ سٺو هو. سڀني شڪر ڪيو ۽ خير خوبيءَ سان شادي پوري ٿي.

اسان جي خاندان جو رواج به اهو هوندو هو ته شيدياڻيون پهرين وڃي، ماڻهو ڏسي اينديون هيون، پر اسان جي گهر مان ڪير به ڪونه ويندو هو. اها ڳالهه مون کي ڏاڍي ڏُکي لڳندي هئي ته جنهن ڌيءَ کي پيار سان ٿا نپايو، ان جي شاديءَ مهل، اُن جو گهر به ڏسڻ ڪونه ٿا وڃون. ايڏي لاپرواهي، پر بابا جن تمام سکيا ماڻهو هئا. انهن کي اهو به عيب ئي لڳو الائي ڇا؟ شهروءَ جي ڪا قسمت سُٺي هئي، جو ڪير به ڏسڻ ڪونه ويو، پر ماڻهو ڏاڍا سٺا مليا ۽ شهرو حد کان وڌيڪ خوش گذارڻ لڳي.

جڏهن منهنجي شاديءَ جو مسئلو کڙو ٿيو ته مون جنوءَ کي صاف صاف چئي ڇڏيو ته جڏهن به مهمان اچن ته پهرين مون کي ڏيکارجئين نه ته پوءِ سمجهين ٿي. جنو ڊڄندي ڊڄندي وراڻيو ته، ”سانئڻ آئون ڇا ڪريان، وڏي سانئڻ ته مون کي ڪهي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندي، جڏهن خبر پونديس ته........“

”ڏاڍو ٿي مرڻ کان ڊڄين هيتري عمر ٿي وئي اٿئي هاڻ جِي ڇا ڪنديئن........“

”امڙ توهان لاءِ ته جيئان ٿي ٻيو ڀلا ڪير اٿم.“ وري چرچو ڪندي، چيائين، ”جيجان آئون ڪونه هونديس ته ڏاڍي ڏکي ٿينديئن......“

اهو ته سچ به هو. ”بس مون توکي چيو ته وڌيڪ نه ڳالهاءِ. امان توکي ڪجهه ڪونه چوندي.“

”چڱو سانئڻ جيڪا تنهنجي مرضي.“
ماڻهو آيا. بابا رشتو پڪو ڪري ڇڏيو، جنوءَ کي چيو ته هاڻ وڃي ڳوٺ ۽ راڄ ڀاڳ ڏسي اچ ۽ ڦتوءَ کي ساڻ ڪري وڃج. پوءِ جڏهن جنو ۽ ڦتو ڳوٺ ڏسي آيون، تڏهن جنوءَ جو مُنهن ئي لٿو پيو هو، پر ڦتو ڏاڍيون وڌائي ڳالهيون ڪيون هيون. شايد بابا جي ڊپ کان. ڇو ته بابا ڳالهه پڪي ٿيڻ کان پوءِ ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه هوندو هو. پوءِ ڪنهن جي مجال جو بابا جي ڳالهه کي گهٽ ڪري. جنوءَ جو ڪجهه به ڪونه پئي ٻڌايو، جهڙوڪر اکين ۾ لڙڪ هئس. جڏهن مون پنهنجي  ڪمري ۾ سڏ ڪيومانس ته روئڻ لڳي. روئيندي وڃي چوندي وڃي.

”اسين پنهنجي ڪوڏن جهڙيون ڇوڪريون اهڙن ماڻهن کي ڏيون. اهڙن کي ته آئون ٻڌي مار ڏيان، الائي ڪٿان ........ اچي رئيس جو گهر ڏٺئون، هاڻ اهو ڇوڪرو اچي ته چاڙهي چڙهڻ به ڪونه ڏينديسانس. توکي جيجان ضرور ڪنهن اٽڪل سان ڏيکارينديس، پوءِ تون ئي فيصلو ڪجانءِ ته توجهڙا آهن سهي. اسان جي لاڏن ڪوڏن سان پليل ڇوڪري ڪونج جهڙي شهزادي آهين، اسان جي گهرَ جي.“

مون به ڪاوڙ ۾ چيومانس، ”جنو هاڻ خدا کي مڃ، پيرائتي ڳالهه ڪر، ڪٿان پئي اچين ڪٿان پئي وڃين.“ آئون حيران هيس ته ڇا ڳالهه آهي وري به مشڪري ڪندي چيومانس ته ڇوٿي روئين، اتي توکي پسند ڪيو اٿن ڇا؟ يا بابا تنهنجي شادي ٿو ڪرائي؟“

تڏهن رڙ ڪري چيائين، ”جيجان باهه ڏيان اهڙي شادي کي.“ بس جنوءَ جو ائين چوڻ ۽ ماٺ ٿي وڃڻ...! منهنجي تجسس ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. منهنجي زور ڀرڻ ته ”جنو ڪجهه ته ڪُڇ ڇا ڳالهه آهي، تون ڇو ايڏي پريشان آهين.

پر جنوءَ ڪجهه به ڪونه ٻڌايو، ”پوءِ روئين ڇو ٿي، شهروءَ جي شادي مهل ته ڏاڍي خوش هئينءَ.“

”جيجان شهرو به منهنجي ڌيءَ آهي، پر جيجان توسان ته منهنجي دل آهي، تنهنجو وڃڻ ٿو ياد پويم، ته اکيون ڀرجيو ٿيون اچن.“

”ٻي ته ڪا ڳالهه ڪونهي نه۰۰۰۰۰؟“

”نه جيجان ڪائي ڳالهه ڪونهي .“

ان رات، جنو منهنجي ڪمري ۾ پٽ تي ستي هئي.

”جنو! اڄ ته ٿڪجي پئي هونديئن.“

”ها جيجان! ڏاڍو پري پنڌ هو، پر پاڻ کي اهڙن پنڌن جي پرواهه ناهي، پاڻ هريل آهيون، سڄو ڏينهن گهر جو ڪم ڪار ڪريان ٿي، سو ٿڪ ٿئي ڪونه.“

مون ڏٺو پئي ته جنوءَ جي اکين ۾ ننڊ ڪانه هئي. ننڊ ته منهنجي اکين کان به ڏور هئي. آئون به جنوءَ جي باري ۾ سوچڻ لڳس ته هڪڙي رنگ جي ڪاري، اکيون وري ايڏيون وڏيون جو ڊپ پيو ٿئي، ٿلها چپ. اڄ گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڪاريون سڳيون، وجهي، مٿو ويڙهيو هئائين. مٿي جا وار گُهنڊي جيڪي چوٽيءَ ۾ ڳتيل هئس. ڪيڏي بيڊولي هئي، پر سندس دل ڪيڏي نه اُجري هئي ۽ وفادار پنهنجي قد بت کان به وڌيڪ هئي.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بابا ڇوڪري ۽ سندس چاچي کي گهرايو. شايد سندس پيءُ مري ويو هو. امان جنوءَ کي رڌ پچاءَ لاءِ چيو ته چيائين ته سانئڻ اڄ ڦتوءَ کي رڌڻي جي حوالي ڪريو، ڦتو اندر ٻاهر جا ڪم ڪري ٿڪجي پئي آهي ۽ مون کي سانئڻ رڌڻي ۾ رڌ پچاءَ جي ڪري گوڏن ۾ سور پئجي ويو آهي. اڄ اجازت ڏيوم ته جيجان جي ساهُرن جي خدمت ڪريان. امان مصنوعي ڪاوڙ مان چيس، ”چڱو تون اندر ٻاهر جا ڪم ڪر، ڦتو پاڻهي ٿي رڌپچاءَ ڪري.“ ۽ پوءِ جنو ائين خوش ٿي وئي، ڄڻ ڪنهن ٻار کي سندس من پسند شيءِ ملي وڃي. ڊوڙي منهنجي ڪمري ۾ آئي ۽ چيائين ته، جيجان اڄ مون کي موڪل ملي وئي اٿئي اندر ٻاهر جي ڪمن جي ۽ هاڻي اٽڪل ڪريان ٿي توکي گهوٽ ڏيکارڻ لاءِ، پر سانئڻ آهي ڏاڍي ڏکي ڳالهه. پر اڃا ته سيڻ نه پهتا آهن.

گهر جي صفائي ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏي  وئي. ڏهن ڪمرن جي صفائي ٿي. پٽ، شيشي وانگر چمڪي رهيو هو. وقت گذرڻ سان، امان ۽ جنوءَ جي بيچينيءَ ۾ اضافو ٿي رهيو هو.

آخر گهڻي انتظار کان پوءِ علي محمد ۽ سندس چاچو آيا. جنوءَ ڊوڙي وڃي، مهمانن کي اوطاق ۾ ويهاريو ۽ تيزگام وانگي، اعلان ڪندي چيائين، ”رئيس وڏا ۽ سانئڻ، مهمانن کي  ويهاري آئي آهيان.“ ماين کي اندر وٺي آئي، سڄي گهر ۾ چهچٽو مچي ويو. نوڪرياڻيون هڪٻئي کي اکين ئي اکين ۾ اشارا ڪرڻ لڳيون.

جنوءَ کي پنهنجو واعدو ياد هو، سو ڊوڙي ڊوڙي مهمانن جي خدمت پئي ڪيائين ۽ واءُ سواءُ به پئي لڌائين. آخر مون کي اچي چيائين ته جيجان تون هن دريءَ مان ڏسجانءِ، هيٺ رستي تان لنگهندا، پر در کي پهريائين اندران بند ڪجانءِ. متان سانئڻ وڏي نه ڏسي ۽ پوءِ مون کي گهر مان ڪڍي ڇڏي. پوءِ مون به ائين ئي ڪيو. منهنجو تجسس ٽٽي پيو ۽ مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نٿي آيو ته چاچو ڪهڙو هو ۽ ڇوڪرو ڪهڙو هو. خير جنو جڏهن واندي ٿي آئي. ڊڄندي ڊڄندي مون کان پڇيائين. تڏهن مون مٿس ڇوهه ڇنڊيندي چيو، ”ڪيڏانهن گم ٿي وئي هئينءَ مون کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙو ڇوڪرو هو.“

”جيجان تو ڏٺو سهي! ها ها مون ٻئي ڄڻا ڏٺا، پر آئون سڃاڻان ڇا؟“

”ها جيجان اها ڳالهه ته آهي.“

”پر تون ڪجهه ته ڪڇ؟ ڪهڙيون ڳجهارتون پئي ڏين.“ سانئڻ هو جيڪو اڇن ڪپڙن وارو هو نه، اهو علي محمد جو چاچو هو.... او منهنجا خدا مون تي رحم ڪر....! جنو به روئڻهارڪي ٿي وئي. ”انڌي آهين ڇا! پاڻ جهڙي کي پڪڙي آئي آهين. شڪل ڏٺي هيئي ۽ عمر ڏٺي هرئي ان جي. مان اهڙي ويل هئس ڇا؟ يا ڪا پراڻي دشمني پيا نڀايو، سڄو  ڏينهن صدقي وڃا صدقي وڃا لڳي پئي اٿئي ۽ ڪم ڪهڙا ٿي ڪرين.“

”سانئڻ منهنجو ڪهڙو ڏوهه. رئيس وڏي کي ماڻهو وڻيا آهن. مون ته ڪلهه به مخالفت پئي ڪئي اڄ به.....؟ ان مهل ئي امان ڪمري ۾ اندر آئي. امان سڄي خبر کان واقف هوندي به بيخبر هئي. ڇو ته امان جي ايتري هلندي ڪانه هئي. مون امان کي چيو ته، بابا کي ڇا ٿيو آهي. ڪهڙن ماڻهن ۾ مون کي ٿا ڦاسايو. امان ڪاوڙ ۾ چيو، ”توکي ڪهڙي خبر ته ڪهڙا ماڻهو آهن.“

”جنو تو وري ڪهڙي ويهي ڇوري کي پٽي پڙهائي آهي؟“

”نه نه سانئڻ! نه خدا جو سُنهنُ، مون ڪجهه ڪونه چيو آهي.“

”جيڪڏهن جنو مون کي ٻڌائي ٿي ته جنوءَ جو ڪهڙو ڏوهه، آئون اتي ويندس ڪانه ڇا؟ ۽ پوءِ اتي نه رهي سگهان ته پوءِ ڪنهن جو ڏوهه ٿيندو؟“

”ايترو نه ڳالهاءِ. توکي انڪري نه پڙهايو اٿئون ته اسان جي سامهون ٿي. شهرو به ته تو جهڙي هئي نه!! ڳالهائڻ ٻڌو هئيس، ڪيئن پرڻجي وئي. ڇو ته اها تو جيترو ڪونه پڙهي هئي. توکي پيءُ ايترو پڙهايو آهي ته اڄ ڳالهائين ٿي.

”امان غلط ته ڪونه ٿي چوان؟“

”تون سڀ سهي ٿي چوين، پر توکي خبر آهي ته تنهنجو پيءُ اهڙن معاملن ۾ منهنجي ڪيتري ٿو ٻڌي، پوءِ به مون کي ٿي چوين. همٿ اٿئي ته وڃي پنهنجي پيءُ سان ڳالهاءِ.“ امان جنوءَ کي چيو، ”مائي تون به هلي ڪم ڪار سنڀال.“

آئون پڙهيل لکيل هوندي به ڳالهائي ڪونه سگهيس ۽ بابا جي اڳيان ڪنهن جي به ڪانه هلي........ آئون شهر کان ڪوهين ڏور پرڻجي ويس.

جنوءَ ڳاالهه ڪئي ته رئيس وڏي پهرين علي محمد جي چاچي سان ڳالهائي ڇڏيو هو۽ پوءِ علي محمد کي گهرايو ويو. رئيس کي به ڳالهه ڪونه وڻي، پر عزت وارو ماڻهو هو. جواب ڏيڻ مناسب نه سمجهيائين ۽ ماٺ ڪري، شادي ڪري ڏنائين. انهيءَ فيصلي ۾ سانئڻ وڏي ۽ رئيس ٻنهي  پنهنجي ليکي ڏاڍا ڏک ڪيا. رئيس وڏي جي انا جو سوال ٿي پيو ۽ مهرو جي زندگيءَ جو سوال هو. پر ڪير ڳالهائي، اجائي رسمن جي ڪري، مهرالنساءِ اهڙي هنڌ وئي، جو سر ئي رلي ويس.

منهنجون سڀ ارڏايون نڪري ويون، گهڻو ئي رنس، پر سڀ اجايو. علي محمد منهنجو خيال رکندو هو. پر هن جي شڪل کان ئي مون کي ڊپ لڳندو هو. جڏهن ته جنو شيدياڻي به ڪوجهي هئي، پر ننڍڙي هوندي کان ئي جنوءَ جي هنج ۾ کيڏي هئس، انڪري شايد هري وئي هئس، پر علي محمد هڪ اڻ ڏٺل شخص جنهن سان مون کي سڄو جيون گهارڻو هو. هن جون ڪيترون ئي ڳالهيون مون کي ناگوار لڳنديون هيون، هن ۾ شڪ ڪرڻ جي عادت هئي ڪنهن سان ڳالهائڻ جي اجازت ڪانه هوندي هئي. شايد سهڻي عورت تي مرد شڪ ڪندا آهن، مون ڪيڏو چاهيو هو ته ڪاري رنگ جي چادري پايان، پر علي محمد جو اسرار هو ته نه اڇي رنگ جي برقعي ۾ ماڻهو توکي ڪونه ڏسندا. ان ڪري، مون کي اڇو برقعو ئي پائڻو پيو هو. منهنجي دل هن گهر ۾ ڪانه لڳندي هئي. مون گهڻو ئي ڪوشش ڪئي، سمجهوتي ڪرڻ جي. مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته بابا پڙهائڻ لاءِ ڪيڏي تاڪيد ڪندو هو. اسين ڀائر ۽ ڀينرون تنهن دور ۾ پڙهياسين، جڏهن تعليم ايتري عام ڪونه هئي، بابا الائي ڪهڙي خيال کان ڪجهه سوچڻ سمجهڻ کان سواءِ مون کي اهڙي هنڌ ڏئي ڇڏيو، جنهن جو مون تصور به ڪونه ڪيو هو.

ائين هڪ ڏينهن جنو شيدياڻي اچي نڪتي ۽ اچڻ شرط ڀاڪر پائي ملي ۽ روئڻ لڳي. منهنجي دل اڳي ئي جهري پئي هئي. جنوءَ جي امان جي ۽ شهروءَ جي يادگيرين منهنجي من کي وڌيڪ جهوري وڌو ۽ آئون به جنوءَ کي زور سان ڀاڪر پائي روئڻ لڳس. ڄڻ سالن کان پوءِ مون کيس ڏٺو هو. منهنجي من تان بار ئي لهي ويو. پنجن مهينن کان پوءِ آئي هئي، مون سان ملڻ. امان جي اچڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، هڪڙي رات رهي، خبرون چارون ڏنائين. ٻئي ڏينهن صبح سان وڃڻ جي ڪيئين ۽ منهنجي من کي هزارين يادون ڏئي وئي،  دل چيو پئي ته هينئر ئي اڏامي وڃان امان جي گهر . پر منهنجو گهر مينهن ۾ خراب ٿي ويو هو. گهر کي راڳو ڏيڻو هو، اَن لٿو هو اهو گُندين ۾ وجهڻو هو. اهو سڄو ڪم، مون کي ڪرڻ ته ڪو نه ٿي آيو، پر سکي وئي هئس، ڇهن مهينن کان پوءِ حيدرآباد آيس، پنهنجي گهر جي چاڙهي چڙهندي پنهنجي پيرن ڏانهن ڏٺم، جيڪي مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿي ويا هئا. اڇي برقعي کي ڇنڊڪو ڏنم، جنهن مان مٽي پئي ڇڻي. در تي پهتس ته جنو ۽ ڦتو ۽ انهن جون ڌيئر ويٺيون هيون ۽ امان پينگهي ۾ ويٺي لڏي، مون کي ڏسي، جنوءَ ته ڄڻ ڊوڙ پاتي ۽ اچي مون سان ملي. مون کي لڳو ته امان ۽ ٻيون شيدياڻيون، ڄڻ مون کي چونديون هجن ته جُتي ٻاهر لاهي اچ، سڄي مٽيءَ سان ڀري پئي اٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org