ممتاز بخاري
سچل سرمست جي “سُر مارئي“ ۾ شاهه
لطيف ڏانهن حوالا
سچل سرمست جي “سُر مارئي“ ۾ شاهه
لطيف ڏانهن حوالا
”اشارا“ يا ”حوالا
(Allusions)
“ ۽ اندروني متن جو ملندڙ جلندڙ هجڻ
Intersexuality
ادبي صنفن، خاص ڪري شاعريءَ ۾، ان جي سمجهڻ ۾
ڀرپور مدد ڏيندڙ آهي. اها هڪ خصوصيت پڻ آهي، جنهن
جو مطلب آهي ته اڳ بيان ڪيل يا لکيل ڪا صفت، اسم
يا حوالو ڪتب آڻجي ته ان کي ”اليوئن“ چيو ويندو
آهي. اها اليوئن رڳو ڪنهن اڳ واري ادب مان ناهي
ايندي، پر اڳ واري عام زندگيءَ مان به ايندي آهي،
پر هڪٻئي جي ويجهو واري دور جي ادب تي ان جو اثر
چٽو ۽ واضح هوندو آهي ۽ اهو، ان مان جهلڪندي نظر
ايندو آهي ۽ ان وقت ته بلڪل سامهون هوندو آهي،
جڏهن اسلوب ۾ هڪجهڙائي هجي ۽ ڪنهن صنف جي ٽيڪنيڪ ۽
فارم ملندڙ جلندڙ هجن ۽ اندروني متن به ملندڙ
جلندڙ هجي ۽ صنف به ساڳي استعمال ڪيل هجي. اهڙو
مثال پاڻ کي شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جي شاعريءَ ۾
ملي ٿو، انڪري ٻنهي جي شاعريءَ جي ساڳي ”سر“ يا
”داستان مارئي“ جي انهن ڪجهه شاعراڻن اشارن/ حوالن
کي هت آڻجي ٿو، جيڪي بلڪل واضح آهن. ”اشارا/
حوالا“ جي آڪسفورڊ جي ادبي ٽرمنالاجي واري ڪتاب ۾
هيءَ تعريف ڏنل آهي:
“Allusion, an indirect or passing reference to
some event, person, place, or artistic work, the
nature and the relevance of which is not
explained by writer but relies on the reader’s
Familiarity with what is thus mentioned. The
technique of allusion is an economical means of
calling upon the history or the literary
tradition that author and reader are assumed to
share, although some poets ….. In addition to
other kinds of allusion include the imitative
(as in* PARODY), and the structural, in which
one work reminds us of the structure of
another…… Topical allusion in especially
important in* SATIRE.”)16.
ساڳيءَ ريت جڏهن اسان سچل سرمست جي ”سر مارئي“ جي
شاعري جو متن ڏسون ٿا ته ان جي بيهڪ ۽ اسلوب ۾
گهڻي ڀاڱي، هڪجهڙائي نظر اچي ٿي ۽ پڙهندي، تاثيريت
به لڳ ڀڳ شاهه لطيف واري اچي ٿي. انڪري ان ”انٽر
ٽيڪسٽيچوئلٽي“ مان لڳي ٿو ته سچل سرمست شاهه لطيف
جي داستان مارئي کان متاثر آهي. ان جو ٻيو پاسو،
اها روايت به آهي، جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته
شاهه لطيف، سچل سرمست لاءِ چيو هو ته، ”هو ان
ڪُنيءَ جو ڍڪ لاهيندو، جيڪا هن چاڙهي آهي.“ مارئي
جڏهن به ڳائي وڃي ٿي يا پڙهي وڃي ٿي ته شاعراڻي
اشاري يا حوالي طور اڪثر هڪدم شاهه لطيف جي مارئي
بابت شاعري ڏانهن خيال وڃي ٿو. جيئن ڪو راڻو ڳائي
ٿو ته شاهه لطيف جي شاعري ڏانهن خيال وڃي ٿو.
جيتوڻيڪ اهي لوڪ داستانن جا ڪردار اڳ به موجود
رهيا آهن. پر شاعري ۾ اهي شاهه لطيف ڏانهن اشارو
ڪرائين ٿا يا حوالو بڻجن ٿا. جيئن روميو جوليٽ جي
نالي سان شيڪسپيئر جو حوالو اچي وڃي ٿو.
ٽيڪسٽيچوئلٽي بابت آڪسفورڊ جي ادبي ٽرمنالاجي واري
ڪتاب ۾ آهي ته:
Intersexuality, a term coined by Julia Kristina
to designate the various relationships that a
given* TEXT may have with other texts. These
interstitial relationships include anagram, *
ALLUSION, adaptation, translation,* PARODY, *
PASTICHE, imitation, and other kinds of
transformation. In thr literary theories of*
STRUCTURALISM and POSTSTRUCTURALISM, rexts are
seen to refer to other texts (or to them selves
as texts) rather than to an external reality.
The term interest has been used variously for a
text drawing on other texts, for a text thus
drawn upon, and for the relationship between
both. (2).
سنڌي ادب ۾ شاهه لطيف ۽ سچل سرمست ٻه اهڙا شاعر
آهن، جن پنهنجي اڳ وارين شاعراڻين روايتن ۾ تمام
گهڻي اڳڀرائي ڪئي. انڪري انهن جي شاعري ۾ به اڳ
وارن شاعرن توڙي لوڪ ادب جا تمام گهڻا حوالا ملن
ٿا. جنهن ۾ خاص طور سنڌ ۾ موجود لوڪ داستان آهن.
انهن ۾ ”عمر مارئي“ وارو لوڪ داستان سنڌ جي ان
ادبي دور جو اهم قصو آهي. ان جو سبب، سنڌ جي سياسي
۽ سماجي تاريخ آهي. مارئي کي وطن جي علامت طور پيش
ڪيو ويو، جيڪا حڪمران جي آڻ مڃڻ بجاءِ پنهنجي ڏيهه
۽ ماروئن لاءِ لڇي پڇي ٿي ۽ حاصلات ماڻي ٿي. انڪري
ان وقت کان وٺي، مارئي واري داستان جا ”اليوئن“
(اشارا/ حوالا) ۽ ملندڙ جلندڙ متن (انٽر
ٽيڪسٽيچولئٽي يا بين المتونيت) سنڌي ادب ۾ موجود
نظر اچي پيو.
پهريائين اهو سمجهڻ گهرجي ته ان سُر جا انٽر
ٽيڪسٽيچولٽي ۽ اشارا/ حوالا ڇو اهم آهن؟ شاهه لطيف
جو جنم 1689ع ۾ ٿيو، ڪو مستند حوالو ته ناهي، پر
جي سمجهجي ته هن شاعريءَ جي شروعات، ڪچڙي جوانيءَ
۾ ئي شروع ڪئي هجي ته سورنهن کان اڻويهن سال عمر
ڳڻجي يعني اهو زمانو ارڙهين صديءَ جو پهريون ڏهاڪو
ٿيندو. ان دور ۾ سنڌ تي ڪلهوڙن جي صاحبي هئي. شاهه
لطيف، ان حوالي سان عوامي طور مقبول لفظ ”صاحب“ ۽
”ميان“ استعمال ڪيا. جيڪي ڪلهوڙن جي دور ۾ عام
مروج هئا.
جيئن مارئي ۾ داستان ڇهون، بيت 8
واجهائي وَطَنَ کي، ساري ساهه ڏِيان؛
هيُ سِرُ ساڻيهه سامهُون، مُنهنجو نِج، ميان!
مُقامِياڻي ملير ۾، وَڃِي ٿَر ٿِيان!
مُيائِي جِيان، جي وَڃي مَڙهه مَلِيرَ ڏي. (3)
جڏهن ته سچل سرمست به ميان وارو ”اشارو يا اليوئن“
هيئن ڪتب آندو آهي: مارئي، داستان پهريون بيت.
اَڄ نه حوضين هُوءِ، مارو نانِه ملير ۾؛
ايندا هئا اَجڙي، کَليُون کَنيو کُوههِ،
جيڪُس مِيان پَرَ جُوءِ، اُهي ويا ويچارا واهَڻِين
(4).
شاهه لطيف جي حياتيءَ دوران، سنڌ تي مختلف وقتن
دوران مغلن جي سنڌ سان هٿ چراند ۽ جبر توڙي 1738ع
واري نادر شاهه جي ڪاهه اهم آهن. جيڪي ڪنهن شاعر
کي پنهنجي وطن سان بيهارين ٿا ۽ ان دوران شاهه
لطيف ”سُر مارئي“ ۾ خاص ڪري ”مارو، ملير، پنوهار“
وغيره جهڙا لفظ استعمال ڪيا.
شاهه لطيف 1752ع ۾ وفات ڪئي ۽ 1739ع ۾ جنم وٺندڙ،
سچل سرمست جي عمر تيرنهن چوڏهن سال هئي. روايتي
ڳالهين کان هٽي جيڪڏهن سندن شاعري جي پختي شروعات
ويهن ورهين کان پوءِ ڏسجي ته ارڙهين صديءَ جو ڇهون
ڏهاڪو ٿئي ٿو. سنڌ ۾ ان دور ۾ به ڪلهوڙن جي صاحبي
۽ مٿان وري پاڻ ۾ جنگين بعد 1783ع ۾ ٽالپرن جي
صاحبي اچي ٿي ۽ سچل سرمست آڏو به ساڳي سنڌ آهي،
جنهن تي ڌارين جي اک ۽ ڪاهون آهن. ٽالپرن جي
اندروني طور جهيڙن جو جهان آهي، ويندي، انگريزن جي
اثر وڌائڻ واريون ڪوششن تائين. شاهه لطيف جي وقت ۾
نادر شاهه ته سچل سرمست جي وقت ۾ شاهه شجاع سنڌ تي
عذاب وانگر رهيا، انڪري ”مارئي“ سچل سرمست وٽ به
اهم آهي ۽ ان ۾ موجود مک اشارا/ حوالا ساڳيا، شاهه
لطيف ڏانهن وڃن ٿا. جيتوڻيڪ سچل سرمست جي چيل
مارئي ۾ ڪجهه ٻيا ”اشارا يا حوالا“ به آهن، جيڪي
شاهه لطيف جي ”سر مارئي“ ڏانهن وڃن ٿا، پر اهي ان
وقت جي سگهڙ شاعري ۾ به جهجهو ڪتب آيل لفظ
”سنگهار“ به موجود آهي. سچل سرمست وٽ سنگهار ۽
پنهوار (لطيف ان کي پَنوَهار چيو آهي) جو گڏ
استعمال به آهي ته سومرا ۽ عمر وارو حوالو به گڏ
گڏ رکيو اٿائين:
سچل سرمست جي سُر مارئي ۾ داستان پهريون، بيت 6
پَنهوارن پيغامَ، جيڪَر مُڪا تَڏهين؛
پَر مون کان اَڄ پَري ٿيا، ويڙهيچا وريامَ؛
تيلهان مون ڏي نه آيا، سنگهارَن سلامَ؛
هئا ملير مُدامَ، پر ڪو سانگِن اَچي سانگُ پيو (5)
سچل سرمست جي مارئي ۾ داستان پهريون، بيت 12
پَرئين ٿَر پنهوارَ، جيڪُس وڏو وڇِٽُ ڪري ويا،
ڪڏهن ايندم اوڏڙا، سومرا سنگهارَ،
رڻُ ڇڏي ريڍار، مَن ڪَرن مهڙ ملير ڏي! (6)
شاهه لطيف، سُر مارئي، ابيات مترفقه، بيت 11
مَ ڪِي روءُ، مَ رَڙُڪي، هنجُون هڏ مَ هار؛
تو تان بَندُ بِدا ٿِيو، ٻيڙِيُون نيئِي ٻارِ؛
پهچَندِينءُ پَنوَهار، سِگهِي سنگهارَنِ کي (7)
شاهه لطيف، سر مارئي، داستان اٺون، بيت 9
عُمَرَ! ٿِيَمِ اَپارَ، وِرَهه وَٽِيان ڪِنِ سين؟
ڏوٿِيَڙا ڏُورِٿِيا، تَڳان جِن تَنوارَ؛
سِٽائُون سَنگهارَ، کُوهنِ تان کَڻي وِيا.
مارئي، عمر، سومرا، مارو، پنوهار، لوئي ۽ اهڙا ٻيا
ڪيئي لفظ ۽ صورتون، جيڪي سچل سرمست وٽ به آهن، اهي
شاهه لطيف پنهنجي همعصر توڙي اڳ موجود سنڌي
ڪلاسيڪي شاعري ۽ لوڪ ادب مان کنيا يا سنڌي ادب جي
ڪلاسيڪي ورثي مان آندا. پر شاهه لطيف انهن کي سنڌ
جي تاريخي ۽ سماجي تناظر توڙي ثقافتي قومپرستي جي
حوالي سان بيان ڪيو آهي ۽ ان آڌار ئي سچل سرمست
اهو ”اليوئن“ ۽ متن جي هڪجهڙائيءَ کي اڳتي وڌايو،
جنهن جا محرڪ شاهه لطيف جي شاعري ۽ ٻيو لوڪ توڙي
ڪلاسيڪي ادبي ورثو هو. ان لاءِ ڪجهه مثال هن ريت
آهن:
شاهه لطيف، سر مارئي، داستان ستون بيت 2
پنوَهارَنِ پاٻوهيو، وَرِيا واهوندا؛
سارِيَمِ سيڻَ سَيَدُ چئي، گاڏيلِيُون گوندا؛
ڀِٽُن ڀَرِ هوندا، ڀُونگا ڀَڙَ ڀَتارَ جا. (9)
سچل سرمست جي مارئي ۾ داستان پهريون، بيت 11
پَري ٿيم پنهوارَ، جَن وري وَرَڻُ نه ٿيو؛
ڏيان ڏوراپا ڪَن کي، ٿيا سِهج ڪاڻِ سنگهار؛
عُمَر اُٻائون آههِ مون، جو دم تَنهنئون ڌارَ؛
اُهي اَجَڙوارَ، مانَ مِلائي مُون ڌڻِي. (10)
شاهه لطيف جيان سُر مارئي ۾ ”پنوهارن“ جو استعمال
سچل سرمست هيٺين بيت ۾ ”پنهوار“ طور ڏنو آهي، جڏهن
ته ”پکڙا“ به ڪتب آندو آهي، جيڪو شاهه لطيف جي سُر
مارئي ۾ ڪتب آندو آهي، سچل سرمست جي سُر مارئي
واري شاعري ۾ ڪجهه اهڙا به بيت آهن، جن ۾ هڪ کان
وڌيڪ اهڙا ”اشارا/ حوالا“ موجود آهن، جيڪي شاهه
لطيف جي الڳ الڳ بيتن ڏانهن وڃن ٿا.
سچل سرمست جي سُر مارئي ۾ داستان پهريون بيت 1
ساريَم اَڄ سَنگهارَ، جن ڏٺي مون ڏينهن ٿيا؛
سي لَڪَ لَنگهي پيهِي ويا، پانورَ منجهه پَنهوار؛
هَڻِي ويٺا پَکڙا، هُتٻ سُکِ ٿي اُڄَڙوارَ؛
جن جي ساهه سنڀارَ، سي اَڄ پَنهوارَ پَري ٿِيا.
(11)
شاهه لطيف، سُر مارئي، داستان نائون، بيت1
جُهڙِ ڦُڙِ جِتِ ٿِيانِ، اُتِ اَ(ِيائُون پَکَڙا؛
هنَ مُنهنجي حالَ جو، قَدُرُ ڪونه ڪيڻانِ؛
جيڪُسِ آءٌ وِسِرِيانِ، مارو قُوتَ قَرارِيا (12)
شاهه لطيف جا ڪي اهڙا بيت به آهن، جن ۾ سچل سرمست
پاران استعمال ڪيل اشارا/ حوالا هڪ بيت ۾ هڪ کان
وڌيڪ آهن، جيئن هي بيت:
شاهه لطيف، سُر مارئي، داستان ستون، بيت 2
پَنوَهارَنِ پاٻوهيو، ڪِي وَسَ واهوندَنِ؛
لَٿو سِيُ لَطيفُ چئي، ٻَڌو ڦَڻُ ڦرَنِ؛
اُوءِ ٿا ڪورِنِ ڪُڻئَرِي، سَرَتِيُون مَٿان
سَسَنِ؛
عُمَرَ! اُنَ اَگونُڌري، پاسي ڪانڌَ ڪَتَنِ؛
پائُرِ ڏِنِيُون پُٺِيُون، نَنڍَنِ نوراپَنِ؛
کائُڙ کَٿِيُون خاصِيُون، اُوچِيُون اُتِ اُڄَنِ؛
ڪَڍِيو پيڻُ ڪَهنِ: ”مُلِيرِ گهُرجي مارُئِي! (13)
هن بيت ۾ ”پنوهارن“، ”عمر“، ”ملير“
۽ ”مارئي“ هڪ ئي وقت هڪ بيت ۾ اهڙا لفظ آهن، جيڪي
سچل سرمست الڳ الڳ بيتن ۾ ڪتب آندا آهن يا هڪ کان
وڌيڪ ڪنهن هڪ بيت ۾ به استعمال ڪيا اٿائين. پر مزي
جي ڳالهه اها آهي ته سچل سرمست ”سرتيون“ لفظ هن سر
۾ ڪٿي به ڪتب ناهي آندو. سچل سرمست جي هن بيت ۾
”مارن“، ”ملير“، ”پکڙا“ ۽ ”پنهوار“ اشاري/ حوالي
طور استعمال ٿيل آهن.
سچل سرمست جي سُر مارئي ۾ داستان پهريون، بيت 2)
اَڃا ڪالهُون ڪالهه، هُيس مارن گڏ ملير ۾؛
سي ڏينهن وِيڙا گذري، ڄَڻ منجهه خوابَ خيالَ؛
اڄ پرئين ڪنڌئين پکڙا، جوڙي ويٺا جالَ؛
جن جي ساههَ سنڀال، سي اَڄ پنهوارَ پري ٿِيا. (14)
اليوئن ۾ تاريخي ڪردارن جو ذڪر اهم سمجهيو ويندو
آهي ۽ هن داستان ۾ مارئي سان گڏ، جيڪو ٻيو مک
ڪردار آهي، اهو عمر سومرو آهي، جنهن کي شاهه لطيف
ڪٿي ”سومرا يا سومرا“ ۽ ڪٿي ”عمر“ جي نالي سان
سڏيو آهي ۽ سچل سرمست به شاهه لطيف جيان ”سر
مارئي“ ۾ ان ڪردار کي ”عمر“ ۽ ”سومرو يا سومرا“
طور سڏيو آهي.
شاهه لطيف، سر مارئي، داستان پنجون، بيت 1
سُونهن وِڃايَمِ سُومرا! مارُو مَسَ مَڃِينِ
ڏُنگا ڏاڏي پوٽيين، ڪِنِ ڏنا، ڪي ڏِينِ؛
جي مان لوهه لاهينِ، ته ڪوٽَنِ ۾ ڪِينَ هئان. (15)
سچل سرمست جي مارئي ۾ داستان پهريون، بيت 4
ڪڏهن ڏيهه ڏٺامِ، ٿي ساعَتَ ساعَتَ سومرا؛
مارو ڪالهه ملير م، پَر پَري اَڄ پيامِ؛
آهِن ڪينَ اُنهن ريءَ، اَکڙين ۾ آرامِ؛
سَدا وتن سِڪنديون، پَر سانڀڻ سُورَ ٿيامِ؛
سي پُڻ ڪين وِيام“ جَن سان ڳَرهم ڳالهڙيون. (16)
شاهه لطيف، سر مارئي، داستان ٽيون، بيت 11
جا، عُمَرَ! تومُلِ عِيدَ، سا اسان سُوءَ ور تِي
سُومِرا!
ويئِي ويچارَنِ وِسِرِي، خوشِي ۽ خَريدَ؛
سِڪَڻَ ڪِيا شهيدَ، مارُو جي مَلِيرَ جا. (17)
سچل سرمست جي مارئي ۾ داستان پهريون، بيت 15
جي لويُون ڍَڪي لوءِ، ڪڏهن اِيندا ها اَجڙي؛
اَڄ هڻي پَکا پانورين، عُمَر ويٺا اوءِ؛
تَن پنهوارن پوءِ، موٽِي اَچڻ نه ٿيو. (18)
هيءَ ڳالهه به ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اڳ واريون
صورتون، واقعا، اسم، بعد وارو تخليقڪار يا شاعر،
گهڻي ڀاڱي شعوري طور ڪتب ناهي آڻيندو. پر اهي ڪٿي
لاشعور ۾ موجود آهن يا ادب جو عام ۽ رواجي اسلوب
به هلندو رهندو آهي. سچل سرمست جي خاص ڪري سنڌي
شاعري ۾ شاهه لطيف جي شاعري جا اهڙا حوالا/ اشارا
ملن ٿا. ڇو ته جيڪا شاهه لطيف جي شاعري سنڌي
داستان جي علامتن وسيلي ٿيل آهي، ان جو اثر سچل
سرمست اسلوبي طور به ورتو آهي. سُر مارئي ۾ اهڙي
قسم جو اشارتي مزاج ۽ مثال هتي اڳ ۾ ڏنا ويا آهن.
سچل سرمست جي داستان مارئي ۾ ٻيا به اهڙا اشارا
توڙي ملندڙ جلندڙ متن موجود آهن، جيڪي شاهه لطيف
پنهنجي شاعري ۾ آندا. ڪجهه مثال ملندڙ جلندڙ متن
(انٽرٽيڪسٽيچوئلٽي) جا هي آهن:
شاهه لطيف، سُر مارئي، داستان پهريون، بيت 7، سٽ
3.
ڀري پَنهنجي ڀاڻِ، پَسان مُلِڪُ مَلِيرَ جو! (19)
سچل سرمست جي سُر مارئي ۾ داستان پهريون، بيت 19،
سٽ 4 .
ڪو موٽي ڪائُون، مَنَ ماڻهو مُلڪَ ملير جو! (20)
شاهه لطيف، سر مارئي، داستان ٽيون، بيت 11، سٽ 3 .
سِڪَڻَ ڪِيا شهيدَ، مارُو جي مَلِيرَ جا. (21)
سچل سرمست جي مارئي ۾ داستان پهريون، بيت 4، سٽ 2.
مارو ڪالهه ملير ۾، پَر پَري اَڄ پيامِ. (22)
”ملڪ ملير جو“ متن ٻنهي ۾ ساڳيو آهي. ”مارو ملير“
وارو متن به شاهه لطيف وٽ ڪتب آيل آهي، ”ڏٺي ڏينهن
ٿيام“ به سچل سرمست وٽ متن آهي. ان جو ڪارڻ، اهو
آهي ته مارئي ۽ ملير هونئن ته اسم آهن، پر اهي
علامتي طور وطن جي حب يا ڇڪ طور به ڪتب ايندا آهن
۽ شاهه لطيف جو هي گهڻي ڀاڱي، ان علامت سان گڏ،
عورت جي بهادري ۽ مستقل مزاجي واري علامت جو به
اهڃاڻ آهي. انڪري سچل سرمست وٽ شاهه لطيف وارا
اشارا، ملندڙ جلندڙ متن ۽ ساڳين لفظن جو پنهنجي
انداز ۾ استعمال عام آهي. وطن جي سار واري شدت،
سچل سرمست وٽ ساڳي شاهه لطيف واري آهي ۽ اها ٿوري
گهڻي فرق سان متن ۾ ملندڙ جلندڙ آهي. حقيقت اها
آهي ته سچل سرمست جي متن ۾ اها هڪجهڙائي شعوري
آهي. ڇو ته هو شاهه لطيف جي شاعري واري دور ۾ جنم
وٺي چڪو هو.
حوالا:
(1) Chris BaIdick, oxford concise Dictionary
Literary Terms, oxford University press Inc.,
New York, 2201, page 7.
(2) Chris Baldick, oxford Concise dictionary
Literary Terms, oxford University press Inc.,
New York, 2201, page, 128.
(3) شاهه جو رسالو، ڪلياڻ آڏواڻي ايم- اي، مڪتبه
برهان اردو بازار- ڪراچي، ڇپائي سال ناهي ڏنل،
صفحو: 267
(4) سچل سرمست، رسالو سچل سرمست (سنڌي ڪلام)،
مرتب: عثمان علي انصاري. روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو،
2007ع، صفحو: 275
(5) سچل سرمست، رسالو سچل سرمست (سنڌي ڪلام)،
مرتب: عثمان علي انصاري، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو،
2007ع، صفحو: 272
(6) سچل سرمست، رسالو سچل سرمست (سنڌي ڪلام)،
مرتب: عثمان علي انصاري، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو،
2007ع، صفحو: 273
(7) شاهه جو رسالو، ڪلياڻ آڏواڻي ايم- اي، مڪتبه
برهان اردو بازار- ڪراچي، ڇپائي سال ناهي ڏنل،
صفحو: 284
(8) شاهه جو رسالو، ڪلياڻ آڏواڻي ايم- اي، مڪتبه
برهان اردو بازار- ڪراچي، ڇپائي سال ناهي ڏنل،
صفحو: 274
(9) شاهه جو رسالوم،ڪلياڻ آڏواڻي ايم- اي، مڪتبه
برهان اردو بازار- ڪراچي، ڇپائي سال ناهي ڏنل،
صفحو: 269 (4)
(10) سچل سرمست، رسالو سچل سرمست (سنڌي ڪلام)،
مرتب: عثمان علي انصاري روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو،
2007ع، صفحو: 273
(11) سچل سرمست، رسالو سچل سرمست (سنڌي ڪلام)،
مرتب: عثمان علي انصاري، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو،
2007ع، صفحو: 271
(12) شاهه جو رسالو، ڪلياڻ آڏواڻي ايم- اي، مڪتبه
برهان اردو بازار- ڪراچي، ڇپائي سال ناهي ڏنل،
صفحو: 275
(13) شاهه جو رسالو، ڪلياڻ آڏواڻي ايم- اي، مڪتبه
برهان اردو بازار- ڪراچي ڇپائي سال ناهي ڏنل،
صفحو: 229 .
(14) سچل سرمست، رسالو سچل سرمست (سنڌي ڪلام)،
مرتب: عثمان علي انصاري، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو،
2007ع، صفحو: 271
(16) شاهه جو رسالو، ڪلياڻ آڏواڻي ايم- اي مڪتبه
برهان اردو بازار- ڪراچي، ڇپائي سال ناهي ڏنل،
صفحو: 264
(16) سچل سرمست، رسالو سچل سرمست (سنڌي ڪلام)،
مرتب: عثمان علي انصاري، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو،
2007ع، صفحو: 272
(17) شاهه جو رسالو، ڪلياڻ آڏواڻي ايم- اي، مڪتبه
برهان اردو بازار- ڪراچي، ڇپائي سال ناهي ڏنل،
صفحو: 261
(18) سچل سرمست، رسالو سچل سرمست (سنڌي ڪلام)،
مرتب: عثمان علي انصاري، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو،
2007ع، صفحو: 274
(19) شاهه جو رسالو، ڪلياڻ آڏواڻي ايم- اي، مڪتبه
برهان اردو بازار- ڪراچي، ڇپائي سال ناهي ڏنل،
صفحو: 256
(20) سچل سرمست، رسالو سچل سرمست (سنڌي ڪلام)،
مرتب: عثمان علي انصاري، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو،
2007ع، صفحو: 275
(21) شاهه جو رسالو، ڪلياڻ آڏواڻي ايم- اي، مڪتبه
برهان اردو بازار- ڪراچي، ڇپائي سال ناهي ڏنل،
صفحو: 261 (18)
(22) سچل سرمست، رسالو سچل سرمست (سنڌي ڪلام)،
مرتب: عثمان علي انصاري، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو،
2007ع، صفحو: 272.
|