يادگيريون
پروفيسر رشيده ڀٽي
ڪوٽ ڏيجي جو
قلعو احمدآباد
مون پهريون ڀيرو ڪوٽ ڏيجيءَ جو قلعو، سن 1966ع ۾
پنهنجي گهروارن سان گڏجي گهميو، جيڪو گهڻو ياد نه
آهي. اُن وقت منهنجو چاچا وحيد بخش شيخ خيرپور ۾
ايس.ايس.پي هو ۽ اسان روهڙيءَ منجهان اُتي گهمڻ
ويا هئاسين، تنهن زماني ۾ گهمڻ دوران ڪجهه
ڳالهيون ته صفا چِٽيون نقش آهن، پر ڪجهه ڪجهه
هلڪيون ياد آهن. اسان سڀ گهر جا ڀاتي، چاچا جا
ٻار، پڦي جا ٻار اسان گڏ هئاسين، اُڀن شاهه جي
ٽڪري به ڏسڻ وياسين، اُتي خبر پئي ته اُها ٽڪري
تمام اوچي آهي ۽ تمام خيال سان مٿي چڙهائي تي چڙهڻ
گهرجي. تن ڏينهن ۾ روڊ رستا به ايڏا سُٺا سنوت تي
ٺهيل نه هئا، گهڻو تڻو ماڻهو پيدل مٿي چڙهي ويندا
هئا. ڇو جو گاڏيءَ جو رستو اڃان ايترو محفوظ نه
هو. اسان به ڪجهه مٿي چڙهي وياسين، ڪجهه ماڻهن
هيٺان ئي ڏٺو. گڏوگڏ فيض محل وغيره جيڪو بلڪل به
ياد نه آهي، موقعو مليو ته وري گهمڻ وڃبو.
ڪوٽ ڏيجي جو قلعو (احمد آباد) قلعو گهمڻ لاءِ ٻيون
ڀيرو ڪاليج طرفان 70-1971ع ۾ ويا هئاسين. اسان جو
سفر صبح جو سوير ڪاليج ۾ گڏ ٿيندي ٿيندي نيٺ وڃي
11 وڳي جي لڳ ڀڳ شروع ٿيو. ڪاليج بس ۾ چڙهي، اسان
سڀ ڪلاس فيلوز ۽ ٽيچرز سان گڏ ڪجهه ٻيو به انتظامي
عملو، جيئن آفيس ايڊمنسٽريشن جا ماڻهو سڀ گڏجي
سوار ٿيا ۽ خير سان سفر شروع ٿيو.
خير سان ريسٽ هائوس ۾ ٿورو آرام ڪري پوءِ قلعو
گهمڻ وياسين، جيئن ته مون کي ننڍپڻ کان ئي قديمي
ماڳ و مڪان، باغ بستان ۽ پهاڙن جو سير توڙي درياءُ
جو سير تمام گهڻو وڻندڙ رهندو آيو آهي، سو مان هن
قلعي کي ڏسڻ لاءِ به سڀني کان اڳڀري هلندي رهيم.
ڪوٽ ڏيجي جي قلعي ٻاهران پهتاسين ته اسان جي هڪ
وڏي شاهي دروازي تي نظر پئي، جيڪو پري کان بيحد
خطرناڪ نظر اچي رهيو هو. اُهو اِن طرح جو اُن ڪاٺ
جي ديوهيڪل دروازي تي وڏا وڏا لوهي ڪِلَ لڳل هئا.
جن کي ڏسي ڪري اُن وقت جي محافظن جي عقل جو داد
ڏيئي سگهجي ٿو. جيئن ته سنڌ اسان جي ازل کان ابد
تائين، انشاءالله تعاليٰ سرسبز ۽ آباد رهندي ۽
رهندي آئي آهي. هر دور ۾ اسان جي سرسبز سنڌ تي
ٻاهرين جي نظر رهندي آئي آهي ۽ انهن حملي آورن جي
حملن کان بچاءُ جي صورت پڻ اسان جي حڪمرانن جي
اولين سوچ رهندي آئي آهي. انهن سڀني ڳالهين کان
بچڻ لاءِ، سنڌ ۾ اسان کي جڳهه جڳهه تي اهڙا ٻيا به
ڪيترائي قلعا نظر ايندا.
هيءُ قلعو حملي آورن جي بچاءُ جي نقطهءِ نظر کان
بهترين اڏاوت جو مظهر آهي.
دروازن کان شروع ڪجي ته ڏسڻ ۾ ايندو ته ترتيبوار
ٽي دروازا، جيڪي بي انتها مضبوط ڪاٺ ۽ لوهه جو
سنگم آهن ۽ بي اِنتها مضبوط لوهه جا ڪِلا، جن جون
نوڪون ٻاهر نڪتل آهن، جيڪي ڪنهن به حملي آور ۽
اُنهن سان گڏ آيل هاٿين جي لشڪر لاءِ بي اِنتها
سنگين نتيجا ڏيئي سگهيون پي. موجود آهن. اسان
پهرين وڏي دروازي جي کليل ننڍي دري نما در لنگهي
اندر داخل ٿياسين، ۽ سڄو گول چوڌاري قلعي کي
ڏٺوسين. تنهن بعد ٻيو دروازو ۽ اهڙي نموني ٽيون
دروازو ڏٺوسين. وقت جا حڪمران نه صرف جنگ جي دوران
قلعو بند ڪري مقابلو ڪندا هئا، پر اُتي جنگجو
سپاهين جي ٽريننگ و تربيت لاءِ به الڳ ميدان ۽
مخصوص بئرڪون نظر آيون، پاڻيءَ جمع ڪرڻ لاءِ پڻ
بهترين وڏو چورس ٽانڪيءَ وانگر مخصوص جڳهه پڻ
موجود هئي. ديوارن کان ڏسجي ته ٿوري ٿوري وقفي تي
خال نظر آيا پي، جيڪي ڀتين مان آرپار نظر ڊوڙائي،
دشمن تي نظر به رکي سگهجي پئي ۽ وڌيڪ احوال به ملي
سگهي پيو. حڪمرانن جي رهائش لاءِ پڻ خوبصورت جڳهون
ٺهيل آهن. جتي اُن وقت جا حاڪم اُتي رهائش به
اختيار ڪندا هئا. گڏوگڏ، اسلحه خانه، بارود خانه،
سپاهين جي رهائش لاءِ بئرڪون ۽ اَناج ۽ ٻين سامانن
لاءِ پڻ ڪمرا ٺهيل آهن.
مون ٽيون ڀيرو ڪوٽ ڏيجي جو قلعو وري 94-1995ع ۾
نئين سِري کان ڏٺو. جڏهن منهنجي ننڍي ٽين نمبر
ڀاءُ شڪيل احمد جي اُتي شادي ٿي ۽ اسان پهريون
ڀيرو اُن جي ساهرين خيرپور ۾ دعوت تي وياسين. تن
ڏينهن جون يادون وڌيڪ ياد آهن. تازو گهمڻ دوران
خبر پئي ته قلعي جي اندروني حالت خسته ٿي چڪي آهي.
ڏاڪڻن تي پير رکڻ سان ڊپ ٿئي پيو ته ڪا سِر وغيره
ٿِڙي نه وڃي ۽ وڃي پٽ پئجي. بهرحال مجموعي طور تي
ته قلعو سلامت آهي، پر اُن جي نظرداري ۽ مرمت
وغيره نه ڪرائڻ ڪري، ڪافي صورتحال مخدوش نظر آئي.
مون پنهنجي ڪاڪي ذوالفقار عليءَ سان اُتي ڪيتريون
تصويرون ڪڍيون ۽ ڪوشش ڪري اُتي اُن جڳهه تي پهچڻ
جي ڪوشش ڪئي، جتي پهريان ڪنهن زماني ۾ ڪاليج جي
طرفان پنهنجي ساهيڙين سان گڏجي، مٿي چوٽيءَ تي
پهچڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ڇو ته مون کي ڪنهن هيٺ داخل
ٿيڻ مهل گائيڊ ٻڌايو ته هتي جا حاڪم سزا طور چورن
کي مٿان بلنديءَ تان هيٺ ڪيرائي ڇڏيندا هئا ۽ اُهي
هيٺ بلنديءَ تائين ڪِرڻ ڪري زمين تائين پهچندي ختم
ٿي ويندا هئا. اِها ڳالهه صحيح هئي يا نه؟ پر مون
کي اُن جڳهه کي ڏسڻ جو شوق ضرور پيدا ٿيو هو، ۽
پوءِ جڏهن سڀني جي منع ڪرڻ باوجود، مان اڪيلي
اڪيلي اوڏانهن وڌڻ لڳي هيم ته اُن آخري حد تي
پهچي، مون هيٺ نهارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اتفاق سان پير
هيٺان سِر ۽ ٻيا ننڍا ننڍا پٿر سِرڪي ويا، ۽ مان
سهاري وٺڻ جي چڪر ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳم ته
پويان اسان جي ڪاليج طرفان آيل ائڊمنسٽريٽر صاحب
جيڪو منع ڪرڻ جي حساب سان پويان پويان پي آيو،
تنهن اچانڪ صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ يڪدم پويان
منهنجي قميص جي ڪالر ۾ پڪڙي مون کي ڇڪي ورتو، بس
ربّ جو حڪم ۽ الله تعاليٰ جا احسان رب ڪرم ڪيو.
ورنه مان ته چورن جي هيٺ ٺهيل کوهه واري جاءِ کي
ڏسڻ جي چڪر ۾ خدانخواسته پاڻ به....
ربّ تعاليٰ جا شڪرانا بجا آڻيندي، مون ائڊمنسٽريٽر
کي منع ڪيو ته اسان جي هيڊٽيچر کي نه ٻڌائي، پر هو
ڪونه مڙيو ۽ مڙيوئي دڙڪا پيا. پر وڏي غلطي منهنجي
هئي.
هونئن به الله تعاليٰ فرمايو آهي ته عقل کان ڪم
وٺجي، پر ڪڏهن ڪڏهن انسان اٻهرائي ۾ غلط ڪم ڪري
ويهندو آهي. مون زندگيءَ ۾ ٻه دفعا موت کي سامهون
ڏٺو آهي، پر جيئن ته اُها عمر ننڍي وهي جي هئي ۽
دل ۽ عضوا مضبوط ۽ گڏوگڏ اِرادا به مضبوط هئا، ته
پنهنجي طور اُٻهرائيءَ ۾ ڪيل فيصلن تي ڪنٽرول به
اوتروئي تڪڙو ڪري وٺبو هو، پر اِن سڀني مرحلن ۾
بيشڪ رب تعاليٰ حفاظت ۾ رکيو. هڪ ڀيرو ته مون اِهو
ڪاليج جي ڏينهن ۾ قلعي اندر اونچائي تان هيٺ
نهاريندي، پيرن هيٺان ڄڻ زمين کسڪندي محسوس ڪئي ۽
ڪجهه لمحا ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ مان اُن اونچائيءَ
تان هيٺ ڪِري رهي هجان. ٻيو واقعو جيڪو مون کي اڄ
به تمام گهڻو چِٽو ۽ يادداشت ۾ ائين محفوظ آهي، ڄڻ
ڪالهه ڪالهوڪي ڳالهه هجي. اهو واقعو ظهور پذير ٿيو
هو، جڏهن مان اڃان اٺين ڪلاس ۾ پڙهي رهي هيم، اسان
جي اسڪول منجهان هر سال ڇوڪريون بورڊ جي اسڪالرشپ
لاءِ امتحان جي تياري ڪنديون هيون. پر تنهن سال
يعني 65-1966ع واري سال اسان صرف ٻن ڇوڪرين
اسڪالرشپ جو فارم ڀريوسين ۽ اسڪول جي امتحان سان
گڏوگڏ، بورڊ جي امتحان جي به تياري ڪئي سين.
جيئن ته بورڊ جي پيپرن لاءِ سينٽر سکر هاءِ اسڪول
هوندو هو ته سڀ اردگرد جي اسڪولن جون شاگردياڻيون
سکر گرلس هاءِ اسڪول وينديون هيون. مان ۽ منهنجي
اُها ڀيڻ مثل دوست، جنهن جو ذڪر مون ڪيترا ڀيرا
ٻين جڳهين تي به ڪيو آهي. نسرين جماڻي گڏجي سکر
لاءِ ويندا هئاسين. وڃڻ جو ذريعو جيئن ته واحد
ٽرين ذريعي هيو، اِنڪري صبح جو سوير جيڪا ٽرين
سڌوسنئون روهڙي اسٽيشن کان سکر ڏانهن ويندي هئي،
اسان به اُن ٽرين رستي سکر اسڪول وڃي پهچندا
هئاسين، توڙي جو ائين ڪرڻ سان، اسان جي وقت جو
زيان ٿيندو هو، ۽ ٻه اڍائي ڪلاڪ امتحان کان اڳ
وڃي، اسڪول جي اندر ميدان يا ڪنهن ڪنڊ پاسي ويهي
پيپر جي تياري ۾ لڳي ويندا هئاسين، بهرحال
(Revise)
۽
(Repeat)
ڪري پڙهڻ جو موقعو ته ملي ويندو هو. اسين ٻئي گڏجي
گهرن کان نڪرندا هئاسين ۽ پوءِ ساڳي رستي گڏبا
هئاسين ۽ گڏجي اسٽيشن پهچندا هئاسين، پر هڪ ڏينهن
اوچتو مون کي دير ٿي وئي ۽ جڏهن مون ڏٺو ته گهڻو
ڪري ٽرين رواني ٿيڻ وارو ٽائيم ٿي ويو آهي، پر
پوءِ منهنجي دل ۾ اچانڪ خيال آيو ته الله تعاليٰ
ضرور مدد ڪندو ۽ ٿورو وقت ٽرين متان ليٽ هلي، سو
مون به نه ڪي هم نه تم بس جلدي ۾ هٿ ۾ پينسل پين
باڪس ۽ ڪتاب کنيو ۽ يونيفارم تڪڙ ۾ بدلائي، بس
پيرن تي زور رکيو، ۽گهر کان ئي ڊُڪڻ شروع ڪيو ۽
روڊ تان ڊُڪندي ڊُڪندي اسٽيشن ڏانهن وڃڻ لاءِ رستي
تائين ڊوڙندي ڊوڙندي، جڏهن اسٽيشن روڊ جي چوراهي
تي پهتم ته پنجاب کان ايندڙ ٽرڪ ۽ سکر کان ايندڙ
ٻي لوڪل ٽرئفڪ ۽ گاڏين جي وچ ۾ ائين پورجي ويم جو
ٽرڪ جو اڳيون حصو اچي، منهنجي ٻانهن سان لڳو ۽
منهنجي هٿ منجهان اسٽيشنري باڪس ڪِري پئي ۽ مان
سوڙهيءَ وٿي منجهان ٻاهر پاڻ کي ڌِڪي اڳيان آندو ۽
پوءِ يڪدم روڊ تان سامان کڻي باڪس ۾ وڌم ۽ وري
ڊوڙڻ لاءِ تيار ٿيان پئي ته ٽرڪ ڊرائيور دريءَ
منجهان مُنهن ڪڍي چيو، ارے
بچ بچ لڑکی
اور لڑکٍی
کہاں
بهاگ رہا
ہے
رکو ذرا.
پر مون وٽ ته ٽائيم ئي نه هو ۽ مون ڊوڙي ڊوڙي
اسٽيشن تان آهستي آهستي چرندڙ ريل جي دٻي ۾ سوار
ٿيڻ جي ڪوشس ڪئي ۽ الله جي حڪم سان ريل منجهه
سوارٿي ويم، اِهو واقعو اهڙو ته نه وسرندڙ واقعو
آهي، جنهن ۾ مون سامهون کان موت کي ڏٺو، ٽرڪ جي
درميان ڪجهه لمحن لاءِ مون سوچيو ته شايد چئن پاسن
اوندهه ڇانئجي وئي آهي ۽ مان دٻجي وئي آهيان. پر
الله تعاليٰ جو ڪرم گڏ هو ۽ الله تعاليٰ مون کي
جيڪا همت ۽ اِرادي جي مضبوطي ننڍڙي هوندي کان عطا
ڪئي آهي، تنهن جي عيوض هميشه دل مضبوط رهي آهي.
انهن ٻن واقعن بعد ٽيون ڀيرو الله تعاليٰ تڏهن
مهربان رهيو. جڏهن مان هلندڙ ريل گاڏيءَ منجهان
روهڙي جي سُڪ پل وٽ اچي هيٺ ڪِري پيم، ۽ ڪجهه دير
لاءِ اُٿڻ جي همت ۽ سگهه وڃائي ويٺم، پير ۽ سڄي
پاسي واري ٽنگ ۾ ايترو ڌڪ لڳو، جو بروقت اُٿي بيهڻ
محال هو، ۽ مون سان گڏ منهنجي ڪلاس فيلو ڀيڻ
سلطانه، ان صورتحال کي ڏسي، ڪيتري دير ته مون کي
اُٿارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوءِ آخر آهستي آهستي
ٻانهن کان ڇڪيندي، مون کي رود تائين آندائين ۽
پوءِ ٽانگي تي چاڙهي اچي گهر پهچايائين. برقعي
سوڌو ڪِرڻ سان جيڪڏهن برقعو ٿورو به ڦيٿن ۾ اٽڪي
ها ته منهنجو خير نه هجي ها، پر پوءِ رب رحيم
پنهنجو خاص ڪرم ڪيو. اهو هو ٽيون واقعو، جيڪو مون
لاءِ ڏاڍو ڏکيو ثابت ٿيو. سڄو مهينو ڪاليج کان
موڪل ڪري گهر ۾ ويٺي هيم.
ڊاڪٽر ريحانه نظير
ڊاڪٽر حَسين
مسرت جي ڪتاب
”جان ڪتين تان
ڪِتُ“ تي تبصرو
هيءَ هڏ وهاڻي، جان ڪتين تان ڪِتُ،
ڪو پنهنجي عيد کي، ڀيري ڪج ڀرَتُ،
مَتان روئين رَتُ،
صُباحَ
وچ سرتيين،
”جــــــانَ
ڪَتين
تـــــــان
ڪِتُ“
ڊاڪٽر حسين مسرت جو
مختلف موضوعن
جيئن
تحقيقي مقالن، مضمونن ۽ ڪجهه شخصي خاڪن تي لکيل
ڪتاب آهي. جنهن جو مهاڳ ڊاڪٽر نور افروز خواجه لکيو
آهي.
ڊاڪٽر نور افروز لکي ٿي ته:
”ڊاڪٽر
حسين مسرت پنهنجي ٿيسز جي تحقيق دوران، عورت جي خودمختياري تي ڪتاب پڙهي،
تحقيق ڪري،
انهن جي مسئلن کي ڏسندي
ڏسندي،
هڪ سٺي فيمينسٽ بڻجي ويئي آهي.
جڏهن ته سنڌي ادب جو گهڻ پڙهيو ۽ جڳ مشهور نقاد ۽
شاعر تاج جويو،
هن ڪتاب جي پيش لفظ ۾ حسين
مسرت
جو تعارف هنن لفظن سان ڪرائي ٿو ته:
”هن سماجي سياسي ادبي ۽ تهذيبي مسئلن، خاص ڪري عورت ذات جي موضوعن تي سنڌي ۽ اردو ۾ نهايت ئي اثرائتا
مضمون، ۽ تجزيا لکيا
آهن.
شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعري جو سٺو مطالعو ڪيو
اٿس.“
هن ڪتاب
جو پهريون
مضمون پوپٽي هيراننداڻي جي سنڌي ٻوليءَ بابت لکيل
ٽن ڪتابن ڀاشا شاستر، ڏهن ڏينهن اندر سنڌي سکو ۽
سنڌي جاتيءَ جو آئيندو،
بابت تحقيقي تجزئي
تي
ٻڌل آهي،
جنهن ۾ هوءَ لکي ٿي ته:
”پوپٽي هيراننداڻي جي هنن ٽنهي ڪتابن ۾ سنڌي
ٻوليءَ سان بي پناهه پيار ظاهر ٿئي ٿو ۽ ٻي ڳالهه
ته سنڌي ٻوليءَ سان لاڳاپيل مسئلا سامهون اچن ٿا.
۽ وڌيڪ
تحقيق لاءِ رستا نظر اچن ٿا. آئون سمجهان ٿي ته تحقيق،
سرحدن جي تعصب پڻي ۽ مذهبي متڀيد کان مٿاهين آهي.
پوپٽي هيراننداڻي جي ڪم ۽ تحقيق ۾ لڪل سوالن تي
مزيد تحقيق جي ضرورت آهي ڪم ڪرڻ ۽ ٿيڻ جي وچ ۾
ڳانڍاپو عشق جو آهي،
جو جيڪو ڪجهه سوچجي،
اهو ڪري وٺجي،
پوپٽي به سنڌي ٻوليءَ جي عشق ۾ قلم کنيو آهي ۽ هي
ڪتاب تخليق ڪيا آهن .
ڪتاب جو ٻيو مقالو
”شاهه جي
سُر
سهڻي ۾ پنهنجي وجود تي اختيار جو تصور
۽ موجوده سماجي رويا“
بابت لکيل آهي،
جنهن ۾ ڊاڪٽر حسين مسرت فيمينسٽ
سوچ ويو کان
ويندي،
ڀٽائيرحه
جي شاعريءَ
۾ سهڻيءَ
جي ڪردار جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. پهريان هوءَ ڀٽائي جي شاعري جو تعارف هنن لفظن سان ڪرائي ٿي ته:
”ڀٽائيءَ جي شاعري،
علامتي شاعري آهي،
ان جا ڪردار،
علامتون آهن،
جن مختلف سياسي ۽ سماجي حالتن ۾، جبر سان مهاڏو اٽڪايو آهي.
جيستائين ستن سورمين جو ذڪر آهي ته اهي سڀ بهادر
عورتون آهن،
جن پنهنجن
پنهنجن
حالتن سان مقابلو ڪيو
۽
ڏاڍ کي منهن ڏنو، صبر، برداشت، مزاحمت،
محبت،
ڏک
۽
پيڙائن جون علامتون بڻيون. هتي صبر برداشت بدران
جيڪڏهن مزاحمت
۽ بغاوت جا لفظ ڏنا وڃن ها،
ته هن مضمون جي موضوع جي وڌيڪ چٽائي ڪري سگهن ها.
هوءَ لکي ٿي ته،
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جي محققن،
تاريخي لحاظ کان به تحقيق ڪئي آهي،
پر جڏهن به عشق ۽ محبت جو ذڪر اچي ٿو ته گهڻو ڪري،
ان کي روحانيت ،تصوف ۽ مذهب جي عينڪ سان ڏسڻ ۽
پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.
امر سنڌو، حسين مسرت، شبنم گل،
ڊاڪٽر ريحانه نظير ۽ رياضت ٻرڙو
ڪتاب تي ويچار ونڊيندي
|
سهڻيءَ
جو ميهار سان عشق لازوال آهي، جنهن سماج جي هٿ ٺوڪين رواجن ۽ رسمن سان احتجاج ڪندي،
پنهنجي وجود جي آزاديءَ لاءِ مروج قاعدن
خلاف بغاوت ڪئي ۽ سندس راهه ۾ اٽڪيل سڀئي رڪاوٽون عشق جي آڏو بيوس بڻجي
ويون اهي ڪهڙيون رڪاوٽون هيون؟ انهن جو ذڪر حسين
هنن سٽن سان ڪري ٿي ته:
”سهڻيءَ
سان مقابلي ۾،
ڪاري رات، سيارو، پاڻيءَ
جا ڪڙڪا، اونداها
ڪارا ڪُن،
مستيءَ ۾ درياهه
تار. طوفان برسات، واسينگ نانگ، درندا،
وڏا واڳون، سيسار ڄرڪا لوهڻيون،
ٿيلهيون، مانگر مڇ،
ان
کان علاوه
سماجي
رشتا،
مڙس،
نڻان،
سس،
رسمون رواج،
اخلاقي روايتون،
بندشون
۽ پابنديون موجود آهن.
ٻئي طرف صرف هڪ سهڻي ۽ ان سان گڏ، صرف ۽ صرف عشق آهي.
محبوب سان ملڻ جي سڪ آهي،
هڪ
گهري
ڪيفيت آهي.
سهڻي ڪٿي به انهن مشڪلاتن کان ڪيٻائي نٿي.
مضمون جي نتيجي ۾ حسين لکي ٿي ته:
”سهڻي هڪ اهڙي عورت جو ڪردار آهي، جيڪا صديون اڳ،
پنهنجي حقن لاءِ جهيڙو جوٽيندي نظر اچي ٿي ۽
پنهنجي عقل، هوش،
مرضي ۽ اختيار کي تسليم ڪندي،
ان مطابق عمل ڪري ٿي.
(جڏهن
ته ڀٽائيرحه
ان لاءِ لکيو آهي ته عقل مت شرم ٽيئي
نينهن نهوڙيا،
هتي مضمون ۾ تضاد اڀري اچن ٿا) پنهنجي نفسياتي، ذهني ۽ جسماني خواهشن جي حقيقت کي رد نٿي ڪري،
پر مڃائي ٿي.
”چونڊ سنڌي ناولن ۾ عورت جي خودمختياريءَ
جي
تصور
جو جائزو“ڊاڪٽر
حسين مسرت جي پي.ايڇ.ڊي
تحقيق جو عنوان آهي.
هن مقالي ۾ حسين تمام گهرائيءَ سان، ورهاڱي کان پهرين ۽
پوءِ
سنڌي ٻوليءَ
۾ ڇپجندڙ ناولن جو عورت
ناولن ۾
خود مختيار تصور هيٺ ڏنل ڪردارن جو جائزو ورتو آهي . جن ۾ زينت، موهني ٻائي،
اتحاد، گومتي، وڌوا، بندي،
موهن ڪلپنا جي ناول آواره وغيره جي عورت ڪردارن
جو
جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
جن ۾ عورت جو ڪردار،
گهڻي ڀاڱي رسمن رواجن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل نظر اچي
ٿو،
ڪنهن هڪ به ناول اندر،
عورت پنهنجي حقن لاءِ بغاوت ڪندي نظر نٿي اچي.
باقي ڪجهه عورتن جا
ڪردار،
پنهنجي اندر ۾ مزاحمت جي دونهين دکائيندي نظر اچن ٿا.
مثال
”بندي“
ناول جي بيواهه
عورت پنهنجي روز مرهه جي ڊائريءَ ۾ لکي ٿي ته:
”هي ڪهڙي ڪسوٽي آهي،
هوءَ وڌوا آهي ته ڇا هن جا ارمان ڪونهن،
جيڪڏهن هن جي ڏير ارجن سان
(جيڪي ٻئي هڪٻئي کي پسند ڪن ٿا)، هن کي شادي ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏين ته هوءَ
ڪنهن ٻئي سان شادي نٿي ڪري سگهي.
عورت جي خودمختياري جي حوالي سان،
ٻيو لکيل ناول
”اتحاد“
آهي،
جيڪو گلي سندا رنگاڻي جو لکيل آهي،
هي بنيادي طور
تي
ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان
پوءِ
وڌنڌڙ هندو مسلم فساد جي پسمنظر
هيٺ لکيل آهي،
جنهن جو جائزو وٺندي،
ڊاڪٽرحسين لکي ٿي ته:
”گلي سدارنگاڻي جي تحرير مان مثبت لاڙا محسوس ٿين
ٿا،
سماجي انتشار کي محسوس ڪري،
ان کي ختم ڪرڻ جي خواهش،
هن کان اهو ناول لکرايو آهي، هيءَ پهرين ناول نگار آهي،
جنهن پنهنجي ناول ۾ مذهبي متڀيد کي ختم ڪري، انسانيت جي ڳالهه ڪئي آهي .
”اتحاد“ ناول ۾ پڻ عورت جو خودمختيار تصور ڏنل آهي،
جنهن جو ڪردار
ارونا،
ڪردار حامد سان،
عورت جي حقن بابت بحث ڪندي ملي ٿو.
ارونا جا هي لفظ،
عورت جي ان خود مختيارتصور جي پٺڀرائي ڪندي نظر
اچن ٿا ته:
”سماجڪ انياءَ
ڏسو،
سڀ ٻنڌڻ ۽ پابنديون استريءَ مٿان، مرد سڀ کان آزاد! جي ڌرم رچيو ويو ته به استريءَ کي قابو ڪرڻ
لاءِ،
جي اخلاقي نيتيءَ جو ڄار اڻيو ويو، سو به استريءَ کي قابو ڪرڻ لاءِ،
قاعدا
۽
قانون سڀ زال ذات لاءِ، مرد کي ڇوٽ ڇڙواڳ!“
حسين پنهنجي هن مقالي ۾ هن ناول جو تفصيلي جائزو
ورتو آهي.
ان کان
پوءِ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جي ناول
”موهني ٻائي“
جو ذڪر ڪيو ويو آهي،
جيڪو پڙهي،
مان ڏاڍو مايوس ٿيس.
اسان جي سنڌي ادب توڙي ٻوليءَ جو هيڏو معتبر
لکاري،
پنهنجي ناول
۾
عورت جي رواجي غلامي واري تصور جي پٺڀرائي ڪندي،
سندس بنيادي حق تعليم جي به مخالفت ڪندي، ان کي عورت لاءِ لازمي نٿو سمجهي،
هن مقالي ۾
”سانگهڙ“
ناول جي ڪمي شدت سان محسوس ٿئي ٿي، جنهن ۾ حر مردن سان گڏ،
عورتن جي جدوجهد جو ذڪر نمايان طور تي ڪيل آهي.
هن ڪتاب جو هڪ معياري مقالو
”عورتن
جي سنڌي شاعريءَ
۾ سماجي بغاوت جو تصور“
جي عنوان سان لکيل آهي.
هي،
هن ڪتاب جو هڪ طويل مقالو آهي، جنهن ۾ شعر جي وصف،
ان جي تاريخ،
ان جي لکڻ جي ڪارجن جو جائزو، نهايت باريڪ
بينيءَ
سان ورتو ويو آهي.
ڪلاسيڪي
شاعريءَ
جي قدرن تي بحث ڪندي،
ڊاڪٽر
حسين جديد شاعريءَ جي فڪر ۽ فلسفي تي پڻ ٽيڪا ٽپڻي
ڪئي آهي،
تنهن کانپوءِ عورت شاعرائن جي شاعري ۾
عورتازاد جي موضوع هيٺ، سماجي حالتن خلاف مزاحمت ۽ بغاوت جي سبب جو جائزو پيش ڪيو ويو
آهي. هن مقالي ۾ عطيه دائود،
امر سنڌو،
نورالهديٰ
شاهه،
مريم مجيدي،
گلبدن جاويد،
گلشن لغاري وغيره جي شاعريءَ ۾ عورت جي فڪري شعور، مضبوط ۽ خودمختيار تصور هيٺ رچيل شاعري
جا مثال پيش ڪيا ويا آهن.
عطيه لکي ٿي ته:
”مان
پريت جي ريت نڀائڻ ڄاڻان ٿي،
تنهنجي منهنجي وچ ۾
درياهه
هجي هان
ته پار ڪري اچان ها
ن
پهاڙن جا پنڌ هجن ها
ته لتاڙي اچا هان
پر هي جيڪي تو مون لاءِ
تنگ دليءَ جو قلعو اڏيو آهي
مصلحت جي ڇت وجهي
ريتن رسمن جو رنگ ڏنو آهي
فريب جو فرش وڇائي
لفظن جي جادوگريءَ سان
ان کي سجايو آهي
تنهنجي ان مڪان ۾ مان ماپي ڪانه سگهندس.
“
يا سندس شاعريءَ
جون هي سٽون
:
”جي توکي ڪاري ڪري مارين
مري وڃجاءِ،
پر نينهن ضرور لائجاءِ
.“
اياز ان هڪ سٽ جي تعريف هنن لفظن سان ڪري ٿو ته، ”اها هڪ سٽ،
برصغير جي پوري عورتازاد جي شاعريءَ تي ڀاري آهي.“
حسين ان بابت لکي ٿي ته اها سٽ آهي يا جهانسيءَ جي
راڻيءَ جي تلوار آهي جا اخلاقي قدر تهس نهس ڪري
رهي آهي.
عطيه جي فيمينسٽ سوچ بابت هوءَ اڳتي لکي ٿي ته:
”هن وٽ عورت جي خود مختياريءَ جو تصور تمام مضبوط
۽ واضح
آهي.
سندس هر نظم ۾ هڪ واضح
پيغام آهي،
سوچ،
سمجهه،
فڪر ۽ آزاديءَ جو . سندس سوچ صرف سنڌي عورت جي آزاديءَ تائين محدود ڪانهي، پر هوءَ دنيا جي هر عورت جي سوچ ۽ جذبن جي مبلغ ٿي نظر اچي.
نورالهديٰ
شاهه
جي شاعريءَ
جو تحقيقي جائزو پيش ڪندي،
حسين لکي ٿي ته،
”هن
شاعريءَ
وسيلي،
پنهنجي ڏک ۽ درد جو اظهار ڪيو آهي،
هن عورت جي درد ۽ پيڙا کي اندر ۾ محسوس ڪري لکيو
آهي،
انڪري سندس لکڻيون،
دل جي ويجهو محسوس ٿين ٿيون. هوءَ نورالهديٰ
شاهه جو نظم
”شڪست
کانپوءِ“
بابت لکي ٿي ته،
ان جي صرف هڪ سٽ ۾ انقلاب جا اهڃاڻ آهن.
”منهنجي
ڌيءَ
منهنجي غلاميءَ جو آخري پل آهي
.“
موٽ ۾ ڌيءُ کي بغاوت جون ڪهاڻيون ٻڌائيندي آهيان،
ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي هوءَ مون
کان پڇندي آهي
ته:
ماءُ!
تو ڇو بغاوت ڪانه ڪئي!؟
“
چوندي آهيان:
”انڪري
جو منهنجي
پيرن هيٺان
منهنجي ماءُ
شڪست جو ٻج پوکي ڇڏيو هو
.
مان تنهنجي پيرن هيٺان بغاوت ٿي پوکيان.“
هن ڪتاب جو هڪ مضمون
”سُر پورب“
جو تاريخي جائزو پڻ آهي
.
هوءَ ان سُر
کي،
سُر
کاهوڙي ۽ سُر
رام ڪلي جي تسلسل جي هڪ ڪڙي لکي ٿي، سندس هن مضمون ۾ انهن ٻن سرن بابت ايڏي تفصيل سان لکيو ويو آهي
جو
”سُر
پورب“
جو مطالعواڌ ۾ رهجي وڃي ٿو .
هن ڪتاب ۾ شخصي خاڪا
پڻ
ڏنل آهن،
جن ۾ محمد ابراهيم جويو ۽ شمشيرالحيدري جي علمي
ڄاڻ ۽ ادبي فن ۽ فڪر جو جائزو پيش ڪيل آهي.
محمد ابراهيم جويو جي علمي ۽ قلمي پورهئي کي ڀيٽا
ڏيندي،
هوءَ لکي ٿي ته:
”ون يونٽ يا آمريت جي دور ۾ اديبن ۽ شاعرن پنهنجي
لفظن سان،
قومي شعور کي پيدا ڪيو،
سختيون به برداشت ڪيون،
پر هو سچ جا نغما فضائن ۾ زندهه
ڇڏي ويا.
محمد ابراهيم به اهڙو جادوءَ جهڙو اثر رکندڙ
قلمڪار ۽ دانشور آهي،
جيڪو ديده ور به آهي ۽ دانشور به، هو پنهنجي قوم جي خامين کان به واقف آهي،
اوڻاين جي ڄاڻ به اٿس.
هو ڄاڻي ٿو ته زخمي ۽ بيمار قوم جو علاج ڪيئن ممڪن
آهي.
هو ڄاڻي ٿو ته مايوسي،
ناڪاميءَ جو ٻيو نالو آهي،
تبديلي،
ڪڏهن به
۽
ڪيڏي مهل به اچي سگهي ٿي. هي سنڌ جو ڏاهو،
عورتن
جي
جدوجهد جي حمايت ڪندڙ آهي ۽ عورت جدوجهد کي
عورتازاد جو نالو به محمد ابراهيم جويو جو ڏنل
آهي. جويو صاحب جي مختلف موضوعن جي ڪتابن جي ترجمن،
تنقيدي مضمونن ۽ اياز جي شاعري تي لکيل مهاڳن جي
تناظر هيٺ،
سندس روشن
خيال شخصيت، مختلف سياسي توڙي سماجي نظرين بابت
سندس عقل ۽ پرک جي ڪسوٽيءَ
کي،
حسين هنن لفظن
۾
بيان ڪيو آهي ته:
”قوم ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ جويو صاحب جون اڻٿڪ
ڪوششون،
سندس تحريرن ۾ موجود آهن.
جويو صاحب هر زبان مان ڪاميابيءَ جا گر ڳولي لڌا
آهن. هن پنهنجي قوم جي شعور کي بين
الاقواميت ۽ دوام بخشڻ لاءِ، سؤ
سال محنت ڪئي
آهي.
سوچيان ٿي ته، ان سؤ
سالن جي پورهئي مان،
گهڻا ذهن باشعور ٿيا هوندا؟ اهو سج جيڪو پورا سؤ
سال سنڌ مٿان پنهنجا ڪرڻا نڇاور ڪندو رهيو، انهن ڪرڻن ڪيترن ٻوٽن کي اسرڻ ۾ مدد ڪئي هوندي؟ جهالت جي
گهاٽي اوندهه،
جنهن
۾ قلمڪار پنهنجي قلم جي نِب
سان شعور جي لاٽ ٻاريندا ٿا اچن،
اهي ڪيترا ڪامياب ٿيا آهن
!؟
شعور جا رستا آزاديءَ طرف ٿا اچن،
ذهني آزاديءَ جو تصور،
انسان کي جيڪا طاقت ۽ سگهه بخشي ٿو، اها طاقت ئي انقلاب آهي ۽ اسان جو انقلاب محمد ابراهيم جويو
آهي.
هڪ ٻيو
مضمون شمشيرالحيدري جي وفات تي لکيل آهي، جنهن جي شروعات شاعراڻي نثر سان ڪئي ويئي آهي،
لکي ٿي:
”شمشير مياڻ ۾ رهي،
ته شمشير ڪيئن چورائي!
حيدري شمشير،
بي مياڻ شمشير وانگر هو،
هو وقت سان وڙهندڙ،
سوچن سان بغاوت ڪندڙ هو.
شايد حالتن هن کي اهڙو نه ڪيو هو، هو ڪنهن باغي مٽيءَ
مان تخليق ڪيل هو،
جنهن جيئن ڏٺو،
جيئن سمجهيو، جيئن سوچيو،
تيئن ڳالهايو،
لفظن جي سختيءَ
سان شمشير،
سياهيءَ کي
ختم
ڪندو رهيو.“
سندس مشهور ومعروف تحريرن جو ذڪر ڪندي لکي ٿي ته:
ڪڏهن ڀير تي ڏونڪو هڻندو رهيو ته ڪڏهن سرعام سچ
چوندو رهيو .
ڪڏهن
”ڦلترو“
بڻجي،
کِل
مذاق ۾ سماج جا ناسور پڌرا ڪندو رهيو. شمشير جي قلم جو انداز تمام منفرد هو.
ننڍن
ننڍن لفظن جو استعمال اهڙيءَ
طرح ٿو ڪري،
ڄڻ بُهه
۾ چڻنگ لڳائي ٿو.
مضمون
جي آخر
۾
شمشير جي سموري پورهئي کي ساراهيندي،
لکيو اٿس ته:
”صحافت
۾ تحقيق ۾، شاعري ۾،
ترجمن ۾ ائين به ناهي ته شمشير شوق ۾ هر صنف تي
طبع آزمائي ڪندي نظر اچي؛ پر هن قلم کنيو آهي ته
نڀايو اٿس،
هن جي جاکوڙ ۾ محبت ۽ عشق نظر ٿو اچي. سرمستيءَ جو عالم ٿو نظر اچي. شاعري ڄڻ ته وجدان اٿس.
تحقيق پورهيو اٿس،
صحافت جنگ اٿس، قلم ڄڻ ته ڪا شعور جي کاڻ اٿس.
مطلب ته هن ڪتاب جو هر مضمون،
حسين جي وسيع مشاهدي، اڻ ٿڪ محنت ۽ علم ادب سان
سندس چاهه جي شاهدي ڏئي ٿو.
علاوه ازين ڪتاب ۾ ڪيترن ئي جڳهين تي پروفن جون
غلطيون ۽ صفحن
جو هيٺ
مٿي
هجڻ پڻ ليکڪا جي جلدبازي ۽ پبلشر جي ڪوتاهي کي
ظاهر ڪري ٿو،
هڪ ٻن مقالن ۾ بي ترتيب مواد،
قاري کي مونجهاري
۾ مبتلا ڪري وجهي ٿو. ان تي ليکڪا کي هن ڪتاب جي
ٻئي ڇاپي
تي
ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
بيڪ ٽائيٽل تي امر سنڌو بلڪل سچ لکيو آهي ته:
هڪ ئي وقت حسين ڪيترائي ڪم ڪرڻ سبب،
ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ سان زيادتي ڪري وڃي ٿي. حسين
کي ان تي به ضرور سوچڻ گهرجي . |