شبنم گل
ڪاش!
ٻار کي سمجهي سگهون ھا!
نفسياتي مونجهارن جي اسپتال ۾ پنھنجي واري جو
انتظار ڪندڙ
حمنه چوڌاري نظر ڦيرائي، جتي
ٻارڙن ۽ نوجوانن جو تعداد نمايان ھو. پنھنجي اندر
ڏک جي گھري لھر اٿندي محسوس ڪيائين. اسان ۽ پويان
بيٺل نسلن دنيا کي رھڻ جي قابل ئي نه ڇڏيو آھي.
ڪيميائي صنعتن ۽ ھٿيارن سڀ ڪجهه تباھ ڪري ڇڏيو آھي.
ھن جهوليء ۾ مٿو رکي ستل تيرھن سالن جي پٽ فرحان
کي ڏٺو ، جنھن جو چھرو پيلو نظر آيس. سندس ھيانءَ
۾ وڍ پئجي ويس.
آخر سندن وارو آيو.
هوءَ اٿي ۽ فرحان کي ساڻ ڪري،
سائيڪولوجسٽ
شلپا ستيش جي آفيس ۾ داخل ٿي. ٻئي ھڪٻئي
کي ڏسي،
اٿي بيٺيون
.
”شلپا تون!“ حمنه رڙ ڪئي.
” حمنه تون ھتي؟.“ شلپا حيرت منجهان
چيو.
شلپا اٿي،
هن جي
ويجهو آئي ۽ ٻئي ھڪ ٻئي جي ڀاڪر ۾ سمائجي ويون .
حمنه خوشيءَ ۽ غم جي
مليل جليل
ڪيفيت ۾ روئي پئي.
”مون سوچيو به نه ھو ته ڪا ايئن ملاقات ٿيندي.“
حمنه اڃان بي يقينيءَ واري ڪيفيت ۾ ھئي .
”ھا ڪاليج ڇڏڻ کان
پوءِ اسان جو پاڻ ۾ رابطو گهٽ رھيو.“ شلپا چيو.
”ميڊيڪل
جي پڙهائي
مڪمل
ڪرڻ کان پوءِ
جيئن جاب ملي ته شادي ٿي وئي.“حمنه چيو
”ڪھڙي ھاسپيٽل ۾ آھين ؟“شلپا پڇيس.
”مان نوڪري ڇڏي چڪي آھيان.“
”اوهه،
آءِ.ايم
ساري.“ شلپا افسوس مان چيو.
”اِٽ
از آل رائيٽ.“
”اچ ويھه
۽ ٻڌاءِ
ڪيئن اچڻ ٿيو. “ھن کي وٺي ڀر وارن صوفن تي حمنه کي
ويھاريندي
پڇيو.
”ھي منھنجو پٽ فرحان آھي.“
”ھيلو ينگ مين.“
شلپا ٻار کي کيڪاريو،
پر ھن ڪو به ريسپانس نه ڏنو.
”ھن کي ڊپريشن آھي.“ حمنه اداسيءَ
مان چيو.
اوهه، آءِ.ايم ساري.“
ان کان
پوءِ شلپا پنھنجي ڪرسي تي ويٺي ۽ فرحان کان ڪجهه
سوال پڇڻ لڳي.
بيل وڄائڻ تي اسسٽنٽ اندر آئي.
”رابعه ٻار کي پاڻ سان گڏ ٻاھر وٺي وڃو. مان سڏ ڪيانس ٿي.“
پر فرحان ٻاھر نه
ٿي
وڃڻ
چاھيو.
”مان ڇڏي اچان
ٿي.“
هوءَ فرحان کي ڀر واري ڪمري ۾ وٺي آئي،
جتي اسسٽنٽ ٽي.وي
آن ڪيو ته فرحان صوفي تي ويھي رھيو.
هوءَ واپس شلپا جي آفيس ۾ داخل ٿي .
” توکي گهڻا
ٻار آھن؟“
” ٻه پٽ ۽ ھڪ ڌيءُ
آھي. فرحان سڀني کان ننڍو آھي.“
” تنھنجو مڙس
ڇا ڪندو آھي؟“
”منھنجو مڙس بزنس مين
آھي، ھو اڪثر ملڪ کان ٻاھر ھوندو آھي.“
”حمنه ھتي ٻارن جو ننڍپڻ زوري کسيو وڃي ٿو. خاص
طور تي گريڊز جي چڪر ۾ ٻار ڏاڍو سفر ڪن ٿا.والدين
ان ڳالهه کان اڻڄاڻ آھن ته ڪابه ڳالهه ٻار تي مڙھڻ
بدران ھنن کي موٽيويٽ ڪري پوءِ ڪرائجي.
ٻار ڏيکاءُ
جو سمبل بڻايا ويا آھن.
ھنن جي راند روند، والدين جو وقت ڏيڻ تمام ضروري
آھي. منھنجي خيال ۾ ٻار جڏھن سٺن اسڪولن ۾ پڙھن ٿا
ته کين ٽيوشن تي موڪلڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي؟“
شلپا
چيو.
”ھتي والدين ننڍپڻ کان ئي ٻار کي ذھين۽ فلسفي
بڻائڻ گهرن ٿا. اھوئي موضوع ھوندو اٿن ته ٻار
پوزيشن پيو کڻي. ھي ڏسو ڪيترا سرٽيفڪيٽ، شيلڊون ۽ انعام مليا اٿس.“حمنه وراڻيو.
”تو نوڪري پاڻ ڇڏي يا ڇڏرائي وئي.“
”ڇڏرائي وئي.“ حمنه افسوس مان چيو.
”ھون“ شلپا ڪجهه سوچي،
ڪنڌ ڌوڻيو.
”فرحان ستن سالن جو ھو ته مون جاب ڇڏي.“
”جهيڙا ٿيا ھوندا پوءِ .“
”ھا ڪجهه عرصو مان ڪاوڙيل رھيس،
پر پوءِ نارمل ٿي ويس.“
”جاب ڇڏڻ جو سبب؟“
”سس
۽
سھرو بيمار
رهندا
ھئا، ٻارن جي پڙھائي ۽ گهر کي مون کي ڏسڻو پوي
پيو. نوڪرن
به
ڪي مسئلا ڪيا، انڪري
سليم جو خيال ھو ته پيسي جو ڪو مسئلو ڪونهي، انڪري جاب ڪرڻ ضروري نه آھي.“
”فرحان جو ڇا مسئلو آھي؟
”حساس ٻار آھي، شروعاتي دور ۾ اسڪول ۾ مسئلا ٿيا.
منھنجو مڙس
سدائين ڪاميابين ۽ گريڊز جي ڳالهه ڪندو آھي. فرحان ڪلاس ٽو ۾ ھو ته نمبر گهٽ آيس.
پوءِ ٽيچر جي شڪايت ڪري آيو . بعد ۾ اھا ٽيچر
فرحان کي اسڪول ۾ ٽف ٽائيم ڏيڻ لڳي. ڪن مروڙي
چوندي ھئس
ته دل لڳائي
پڙھه
نه ته منھنجي نوڪري ھلي ويندي. ان ڏاڍو ھيسايس.
جڏھن ڪلاس ٿري ۾ آيو ۽ ان ٽيچر جي بدلي ٿي ته پوءِ
ٻڌايائين.
ان دوران کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنائين. راند ۾ دلچسپي گهٽ
ٿي ويس. ٽيوشن تي وڃڻ نه چاھيندو ھو،
پر
سليم زوريءَ
ٽيوشن تي
موڪليندو هئس.“
”اوهه
پوئر
چائلڊ.“ شلپا افسوس سان چپ ڀڪوڙي،
ڪنڌ ڌوڻيو.
”پڙھڻ ۽ اسڪول وڃڻ سان ڪا دلچسپي نه اٿس.“
”اھي والدين ۽ استادن جا رويا آھن، جيڪي ٻارن تي
پڙھائي مڙھين ٿا. ٻار عمر سان گڏ سکي ٿو.
وقت کان اڳي ھن تي بوجهه نه وجهڻ گهرجي.“ شلپا چيو.
”
سليم فرحان جو اسڪول تبديل ڪرڻ چاھي ٿو.“
”توھان اھا غلطي بلڪل نه ڪجو. ٻار سخت پريشان
ٿيندو.“
هوءَ ٻاھر نڪتي،
جتي فرحان پريشان ويٺو ھو. حمنه سمجهائي اندر وٺي
آيس ۽
پاڻ
ٻاھر نڪري وئي. فرحان جو سيشن ڪلاڪ ھليو.
هو
تمام وقت بيچين رھيو
۽
پاسا ورائيندو
رھيو. شلپا سڏرايس ته ڊوڙندي ڪمري ۾ پھتي،
جتي فرحان ھيسيل
ويٺو ھو .
”فرحان تمام ذھين ٻار آھي.“
شلپا مرڪي فرحان ڏانھن نھاريو ته ھو به مرڪيو.
”امي!
آنٽي کي به ٽام اينڊ جيري ڪارٽون وڻندا آھن.“
فرحان مرڪي چيو.
”اڇا!“
حمنه مرڪي.
”آئنده مان توھان جي
گهرواري
سان سيشن ڪندس.“
”پر ھو مشڪل اچي سگهندو.“
”مان والدين سان ضرور ڳالهه ٻولهه ڪندي آھيان .
والدين ٻار جي مسئلن سان رليٽيڊ آھن . انڪري مان
ھنن کي گهرائيندي آھيان. ٻار فقط ماءُ جي ذميواري نه آھي بلڪه والد جو فرض ٿئي ٿو ته ھو ٻار جي ذھني
۽ جسماني واڌ ويجهه ۾ پنھنجو مڪمل ڪردار نڀائي.“
”مان پوري ڪوشش ڪندس شلپا.“ حمنه زوري مرڪ چپن تي
آڻيندي چيو.
گهر واپس موٽي ته پاڻ کي بھتر محسوس ڪيائين . اميد
نه ھئس ته ڪو ڪاليج جي دور جي سھيلي ائين ملي پوندي. انڪري به پرسڪون
ھئي ته شلپا ھن جو مسئلو سمجهي ۽ حل ڪري سگهي
ٿي.
اسان ٻارن کي ٻار سمجهڻ ڇڏي ڏنو آھي . اسان کين
پنھنجي خوابن جو مرڪز سمجهون پيا.
پر
اسان اھو ڄاڻڻ نٿا چاھيون ته ٻار ڇا ٿا
چاھين.
اسڪول کان پوءِ
وري
ٽيوشن ٻارن کي اسان
مشين بڻائي ڇڏيو آھي. اسان اھو ٿا چاھيون ته ھو ھر
وقت ڪتاب کڻي،
پڙھندي نظر اچن. نه تفريح
لاءِ
کين باغن، دريائن ۽ ساوڪ جي ويجهو وٺي
ٿا وڃون.
سليم بزنس ٽوئر
تان واپس وريو ته ھن کيس سموري ڳالهه ٻڌائي، جنھن
کي ٻڌي، ھو ڪاوڙيو.
”حمنه ھو ننڍو ٻار آھي.
ھن جو نفسياتي ماھرن کي ڏيکارڻ جو ڪھڙو ضرور آھي؟“
” ھو اسڪول وڃڻ نٿو چاھي نه ڪنھن ڳالهه ۾ دلچسي
رھي اٿس، انڪري ميڊم فائزه چيو ته ڪائونسلنگ ڪرايوس“.
” ميڊم فائزه جي پنھنجي به ڪا ذميداري ھئڻ گهرجي. هوءَ
ڏسي ته آخر ٻار ڇو اسڪول نٿو وڃڻ چاھي“.
”ٻار اسان جو آھي،
انڪري
حل به
اسان کي ڳولهڻ گهرجي.“
”حمنه
تون بس فرحان کي ٻئي اسڪول ۾ داخل ڪراءِ. ھي اسڪول مون کي ٺيڪ نٿو لڳي. اسان ھنن کي ھڪ نارمل ٻار ڏنو ھو پر ڇا حالت
ڪئي اٿن ٻارجي“.
”ٺيڪ آھي،
اسڪول به بدلائينداسين،
پر شلپا کان وقت ورتو اٿم، پرينھن شام
جو
ستين بجي ھلڻو آھي.”
”ٺيڪ آھي.“ سليم وراڻيو .
ڪلينڪ تي پھتا ته اڄ وڌيڪ مريض ھئا.
انڪري
ڪلاڪ دير سان،
سندن سيشن شروع ٿيو. سليم اندر داخل ٿيو.
شلپا ڪيس ھسٽري پڙھي چيو،
”توھان
جي ٻار کي توھان جي وڌيڪ
ضرورت آھي. توھان ھن سان وقت گذاريو . ٻاھر وٺي
وڃو. اسڪول جي باري ۾ پڇو،
جيئن ھن ۾ پنھنجي ڳالهه اظھارڻ جي عادت پوي
.“
”منھنجو ڪم اھڙو آھي،
جو مان گهڻي ڀاڱي ملڪ کان ٻاھر رھان ٿو. “
”ڏسو توھان جي غير موجودگيءَ
۾ حمنه توھان جي والدين جي ذميداري کڻي ٿي. ٽي ٻار سنڀالي ٿي.
گهر جا ھزارين مسئلا ٿين ٿا. ھن کي به سھاري جي
ضرورت آھي.“
شلپا سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي، چيو.
”ائين ڪرڻ سان،
منھنجو بزنس سخت متاثر ٿيندو . مان اھا جدوجھد
پنھنجي ٻارن جي بھتر مستقبل لاءِ
ته ڪيان پيو.“
”مادي ضرورتون،
ٻار جون جذباتي ضرورتون نٿيون پوريون
ڪري سگهن“ شلپا چيو.
”اڄڪلهه پيسو ئي سڀڪجهه آھي.“
”پيسي سان نه خوشي خريد ڪري سگهجي ٿي نه ئي صحت .
ٻارن کي والدين جي ساٿ جي ضررت پوي ٿي.“
”فرحان پڙھائي ۾ پوئتي ھليو ويو آھي.
سدائين فرسٽ ايندو ھو،
ھاڻ سيڪنڊ پيو اچي.“
اھو ٻڌي،
شلپا کي افسوس ٿيو.
” مان سمجهي سگهان ٿي ته توھان جون ٻار سان گهڻيون
توقعات آھن.“
”مون
پنھنجي ٻارن کي دنيا جي ھر آسائش ڏني آھي
.امپورٽيڊ ڪپڙا، رانديڪا ۽ ھر اھا شيءِ،
جنھن جو ھر ٻار خواب ڏسي ٿو.“
”توھان ھرشيءِ
ٻارن کي ڏني آھي.
سٺي ڳالهه آھي . مان توھان کي ايپريشئيٽ ڪيان ٿي.
پر توھان
پنھنجي ٻار کي وقت ڏيو. ھن سان راند کيڏو . ھن کي
پنھنجي ڪم ڪار جي باري ۾ ٻڌايو.
ھن سان ڪي ڪھاڻيون شيئر ڪيو،
جيئن ھو توھان جي غيرموجودگيءَ
کي محسوس نه ڪري .“
”مان پوري ڪوشش ڪندس.“ سليم مرڪيو.
واپس آيا ته
حمنه
محسوس ڪيو ته سليم کي ڄڻ ڪو فرق نه پيو
آهي.
”ٻار
جي ذھن ۾ ذھني بيماريءَ
جو خيال گهر ڪري نه وڃي. “
ھن ڪو جواب نه ڏنو،
خاموش رھي،
ڇو ته
ڪو
فائدو نه ھو بحث ڪرڻ جو.
” فرحان جو اسڪول تبديل ٿيندو ته ھو ٺيڪ ٿي
ويندو.“
” سليم صاحب خدا جي واسطي اھو خيال به ذھن ۾ نه
آڻجو.“
هوءَ خاموش نه رھي سگهي .
سليم خاموش ٿي ويو.
ھاڻ هوءَ فرحان سان ڪڏھن ڪيرم ته ڪڏھن ڪا ٻي راند
کيڏي ٿي، کيس آکاڻيون ٻڌائي ٿي
. ھو دلچسپيءَ
سان،
ھن جي ڳالهه ٻڌي ٿو.ھو بھتري ڏانھن وڃي رھيو آھي .
فرحان جو مڊ ٽرم
جو رزلٽ آيو ته ھو ھڪ سبجيڪٽ ۾ فيل ھو. پوءِ ته
سليم ڏاڍو ڪاوڙيو.
” پليز فرحان کي ڪجهه نه چئجو. ٻارن جي زندگيءَ ۾ اھي لاھا چاڙھا پيا ايندا آھن . “
”پوءِ
ھن کي ڇڏي ڏيون ته پيو فيل ٿئي .“
”فرحان
ٺيڪ ٿي ويندو،
مڊ ٽرم آھي.
مان کيس پاڻ پڙھائينديس.
اميد اٿم ته امتحان ۾ سٺن
نمبرن سان
پاس ٿي ويندو.“
ھن جي سمجهائڻ جي ڪري،
سليم خاموش ٿي ويو.
پر ٻئي ڏينھن آيو
ته
منھن لٿل
ھوس .
”سٺي اسڪول ۾ فرحان جي
داخلا ڪرائي
آيو آھيان. نمبر گهٽ ھيس،
انڪري
پرنسپال جواب ڏيئي ڇڏيو
هو، پر سفارش ڪرائي، داخلا ڪرائي اٿم.“
ھوءَ
اھا ڳالهه ٻڌي پنڊ پھڻ ٿي وئي .
”ھي توھان ڇا ڪيو،
ھو ڪيئن ھڪ نئين ماحول ۾ ايڊجسٽ ڪندو.
اڃان ھن جي طبيعت به بھتر نه ٿي آھي. “
”ماحول جي تبديلي ٻارن لاء ضروري ٿئي ٿي. ڏسجانءِ ھو امپرووِ ڪندو.“
فرحان جو اسڪول تبديل ٿيو ته ھو پريشان ٿي ويو.
روز صبح جو ضد ڪرڻ لڳو ته ھو اسڪول نه ويندو.
” مما!
اتي منھنجا دوست نه آھن .“
” نوان دوست ٺھي ويندا پٽ.“
” ڇوڪرامون کي چيڙائين ٿا. مس گهڻا سوال ڪري ٿي، ھو مون کي
اسٽوپڊ سڏي ٿي . مان اسڪول نه ويندس...“
فرحان وڌيڪ خاموش ٿي ويو . ماني گهٽ کائڻ لڳو .
ڪنھن شيءِ ۾ دلچسپي نه رھي ھيس.
ھڪ ڏينھن ڊرائيور اسڪول مان حمنه کي فون ڪئي ته
فرحان اسڪول ۾ ڪونهي . حمنه روئڻ لڳي . سليم حواس باخته ٿي ويو . ٻئي زال مڙس جلدي اسڪول
پھتا. سڄو اسڪول ڳوليائون. پر ڪٿي به فرحان جو ڪو
ڏس پتو نه مليو.
” مون توھان کي چيو ھو نه ته فرحان جو اسڪول تبديل
نه
ڪريو. “
” پليز حمنه!
ھي وقت انھن ڳالھين جو نه آھي. “
حمنه سڏڪا ڀري روئي رھي ھئي.
سليم،
ڊرائيور
کي ان ايريا ۾ فرحان کي ڳولڻ جو چئي،
پاڻ پوليس اسٽيشن روانو ٿيو.ڊرائيور
ھر ڪنھن کان پڇندو
رھيو.
رپورٽ
درج ڪرائي،
گهر پھتا ۽ ڊرائيور کان پڇيائون ته ھن چيو،
” سائين مون ڪافي پڇا ڳاڇا ڪئي . اسڪول جي سامھون
بيٺل شيءِ وڪڻڻ واري ماڻھوءَ
ٻڌايو ته
ھڪ ٻار اسڪول مان نڪتو ۽ بازار جي فٽ پاٿ تي اڌ
ڪلاڪ ڦرندو رھيو. پوءِ ھڪ بس ۾ سوار ٿي ھليو ويو“.
”ضروري ته نه آھي،
اھو ٻار فرحان ھجي.“ سليم چيو.
” سائين
يونيفارم جو رنگ ۽ جيڪي نقش ٻڌائي پيو ، اھي فرحان
صاحب جا آھن.“
اھو ٻڌي،
حمنه سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
ثروت ابڙو
منھنجي سنڌڙيءَ
جا سُندر
ماڳ
ڪافي وقت کان،
گورک ھل
اسٽيشن، گهمڻ
جو شوق ھو،
مون
پنھنجي
سڀني سهيلين کي، اتي هلڻ لاءِ چيو. پر
جنھن کي به چيو، تنھن،
اهو چيو ته، گورک هل اسٽيشن تي وڃڻ جو
سفر ڏکيو آ !
اهو
چئي،
سڀني اوڏانهن
ھلڻ کان نابري واري.
ھينئر
مون کي
ھڪ ادبي پروگرام جي دعوت ملي،
جيڪا گورک هل اسٽيشن تي
چانڊوڪي ادبي سٿ طرفان ارينج ڪيل
هئي.
نھايت مناسب قيمت
(3000 هزار)
۾ ھڪ ڏينھن جو پروگرام
هو، جنھن ۾ واھي پانڌيءَ کان گورک
هل اسٽيشن
تائين،
اچڻ،
وڃڻ، پروگرام ۾ شرڪت،
ھڪ ڏينھن
۽
رات لاءِ رھائش، رات جي ماني، چانھه،
ناشتو سڀ شامل ھو.
ان ادبي پروگرام ۾
دعوت ڏيڻ واري
ڀاءُ، محترمه اسمه شاهه سان رابطي ۾ اچڻ جو پڻ چيو.
منھنجي ڪمپني نه ھئي،
انڪري
دل نه
پئي چيو پروگرام ۾ وڃڻ لاءِ.
پر معلومات لاءِ ميڊم اسمه شاهه سان ڳالھايم.
ميڊم اسمه شاهه
تمام پياري شخصيت
جي مالڪ ۽
پيشي جي لحاظ کان وڪيل آھي.
جنھن مون کي ان سفر لاءِ آمادہ ڪري ورتو، نه صرف
ايترو،
پر سموري سفر ۾ پاڻ ۽ سندن ننڍڙي پياري نياڻي مقدس ردا
پڻ
سٺو ساٿ نڀايو.
حيدرآباد کان ھلڻ جو
بندوبست
به ميڊم ڪرايو ھو. واھي پانڌي ويندي، جوھي کان
ڊرائيور رستو ڀلجي ويو ۽ اسان کي سنڌ جا ڪجهه
ٻيا ڳوٺ به ڏسڻ جو موقعو مليو.
سچ پڇو ته پنھنجي ڳوٺن جي اھڙي حالت ڏسي،
چونڊيل نمائندن
جي بيحسي تي افسوس ٿيو.
جوھي جا چانور مشھور آھن،
پر اتي ته مون
رڳو خشڪ زمين ڏٺي،
جنھن ۾ پاڻيءَ
جي کوٽ سبب ڏار پيل ھئا.
پري پري ڪو ھڪ اڌ ماڻھو،
موٽر سائيڪل تي يا پنڌ ويندي نظر آيو، ڪٿي ڪٿي
ننڍڙا ڪرياني جا دڪان ھئا،
جن ۾ ضرورت جون چند شيون سجيل نظر
ٿي
آيون، دڪاندار اوسيئڙي ۾ ويٺل ھئا ته ڪير اچي ڪجهه خريد ڪري، جيئن ھو به ٻچن جي روزي جو بندوبست ڪري سگهن. مان
سوچيان پئي ته سڄي ڏينھن ۾ انھن جي ڪيتري ڪمائي ٿي
سگهندي ھوندي!
بس!
ڪچا رستا
ھئا،
جن تي رڳو ڌوڙ اڏامي رھي ھئي.
اسان پنھنجي سنڌ جا ڪجهه
ننڍڙا ڳوٺ ڪراس ڪري،
اچي واھي پانڌي پھتاسين. جتي ٻڌايل
جڳهه
تي،
سڄي سنڌ مان ادبي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ
آيل مھمانن
جي رھڻ
جو ۽ گورک ھل
اسٽيشن
تي ھلڻ لاءِ جيپن جو بندوبست ٿيل ھو.
منجهند جا تقريباً
ساڍا ٽي ٿيا ھئا، اتان چانھه
پي،
جيپ ۾ روانا ٿياسين.
ماني لاءِ نه ترسياسين
ته
متان دير ٿئي ۽ سج لھي وڃي، اسان کي
گورک هل جا نظارا به ڏسڻا ھئا.
جابلو رستو ھو، ڪافي جاين تان رستو ڀڳل ھو، پر جيپ
ڊرائيورن، پٿرن
تان ئي گاڏيون گذاري، پٿريلو رستو
ٺاهي ڇڏيو هو.
رستو
سولا ھجن ته جيڪر ڪافي ماڻھو،
ان خوبصورت پڪنڪ پوائنٽ تي وڃي سگھن
ٿا.
روڊ جي مرمت جو ڪم ھلي رھيو ھو، ايتري گرميءَ
۾ ڪم ڪندڙ مزدورن
کي،
دل سان
سلام
ڪيم.
انھن پورھيتن جي ڪري ئي دنيا جو وھنوار ھلي ٿو.
مان ھتي اچڻ کان پھرين،
پنھنجي ھڪ آپا کان ھلڻ جو پڇيو ھو.
آپا
سير و تفريح لاءِ
اُتي وڃي چڪي آھي.
پر
آپا
مون کي
چيو
ته
ھڪ ڏينھن جو
پروگرام
آھي،
انڪري نٿي ھلان،اتي گهٽ ۾ گهٽ 2 ڏينھن رھجي. رستي
بابت
ٻڌايائين،
سڌا رستا حادثا نه ٿيڻ جي ضمانت ھوندا آھن ڇا؟
ايئن ھجي ھا ته سڌن رستن تي ايترا حادثا نه ٿين ھا.
جابلو رستو آھي،
لاھا چاڙھا ته ھوندا.
ڪافي بلنديءَ
تي وڃي،
پوءِ موسم ٿڌو ٿيو، مون کي گورک
جبل
صفا ڄام شوري جھڙو لڳو، ھوا به تمام گهڻي ھئي ۽
ڪافي ٿڌ ھئي.
جن ماڻھن کي گورک
جبل
ڏسڻ جو شوق ھجي،
پر
سولا رستا پسند ھجن ته پوءِ ھو ڄام شوري جي ڪنھن
ٽڪريءَ تان گهمي اچن.
اھو مفت مشورو آھي.
(مفت
۾
مشورا چڱا ڏيندي
رهندي
آھيان
.)
گورک هل اسٽيشن تي
شام جو 5 وڳي پھتاسين، رھائش لاءِ ڪمرو مليو.
جنهن ۾
پنجن
ماڻھن جي گنجائش
موجود هئي، جيڪو صرف
عورتن لاءِ ھو.اتي سامان رکي،
مان ۽ منهنجون ٻيون ساٿياڻيون، گورک هل جا خوبصورت
نظارا ڏسڻ لاءِ ٻاهر آياسين،
لھندڙ سج ۽ خوبصورت جابلو منظر،
اکين ۾ قيد ڪيا، ٿوري دير ۾ تيز ھوا جو طوفان ۽
ھلڪي برسات شروع ٿي
وئي. پروگرام لاءِ جيڪي شاميانه لڳل
هئا،
سي اڏي ويا.
برسات شروع ٿي ته
سمورو سامان
ڪمرن ۾ رکي ڇڏيائون، جيڪو
پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ مھمانن لاءِ رکيو
ويو
ھو.
مون
کي رستي ۾ گرمي لڳي وئي ھئي،
ان ڪري بخار ٿي پيو ھو، مون
سمجهيو،
سفر جي ڪري ٿڪاوٽ آھي،
خير! بخار
ھجڻ جي باوجود به
مون
ڪافي گهمي ورتو، جيڪڏھن ان وقت خبر ھجي ھا، بخار
آھي! پوءِ ته گهمي
نه
سگهان ھا، ڪڏھن ڪڏھن اڻ ڄاڻائي به فائدو ڏئي ويندي
آ.
ھڪ پسنديده
شعر
اٿم ته:
"آگہی
کتنی جان ليوا تھی،
ہم پہ لازم تھا بے خبر رہتے!
گورک هل اسٽيشن تي
قدرتي
طور
ڦُٽل
ننڍڙا
ننڍڙا ٻوٽا ھئا، ھٿ سان پوکيل وڻڪاري نه ھئي،
جيڪڏھن اتي پلاننگ سان وڻڪاري ڪئي وڃي ته اتان جي
سونھن ۾
اڃان گهڻو
اضافو ٿي سگھي ٿو ۽ اتي رھندڙ ماڻھن جي کاڌ خوراڪ
جو به ڪجهه مسئلو
حل ٿي سگهي ٿو.
ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي پھاڙن تي اناج به پوکيل
آهي، جيڪو اتان جي ماڻھن پوکيو
آهي، پنھنجي غذائي ضرورتن جي پورائي لاءِ.
پر ھتي ڪو به ميويدار وڻ يا ٻوٽو
نه ھو.
منھنجو
جڏهن گورک هل تي وڃڻ
جو پروگرام ٺھيو ھو.
ته
جيڪي ٻج ھٿ آيا،
مون
گڏ ڪري رکيا ھئا ته اتي وڃي ڇٽيندس، پوءِ جيڪي
ماحول مطابق ڦٽيا.پر اچڻ وقت،
اهي ٻج مون کان به
کڻڻ وسري ويا
هئا.
ٿوري وقت کان پوءِ برسات گهٽ ٿي، پوءِ ماني لڳي. ادبي پروگرام دير سان شروع ٿيو، جيڪو اسان ڪمري مان ئي ٻڌو ، گيتن جو آواز
چٽو پئي آيو. روم ۾
پنج عورتون ھيون، پر سڀئي سمھي رھيون ھيون.
مان بخار اچڻ ڪري پروگرام اٽينڊ ڪري نه سگهيس.
البته ڪراچي کان آيل ڇوڪرين پروگرام اٽينڊ ڪيو.
مون کي
گورک هل اسٽيشن ۾
سج لھڻ ۽ سج اڀرڻ جو منظر ڏسڻ جو شوق ھو، اھي ٻئي
منظر
ڏٺا. فجر
مهل ڪمري کان
ٻاھر وڃي،
قدرتي خوبصورتي ڏٺم.
ٿوري دير ۾ سڀ
ليڊيز
تيار ٿي ٻاھر اچي ويون.
ميڊم اسمه
شاهه
چيو،
ھينئر زيرو پوائنٽ تي ھلون ٿا.
پوءِ واپس،
واھي پانڌي
لاءِ نڪرنداسين.
زيرو
پوائنٽ تي وڃي گهمي ڦري، چانھه
پي واپس،
ڪمري
تي آياسين.
ساڳي ئي جيپ تيار بيٺي ھئي.
مون
ڊرائيور کان پڇيو ته،
توھان ھينئر ڪا ٻي سواري کڻي آيا آھيو
ڇا؟
ھن
ٻڌايو ته
مان ھتي ئي رھندو آھيان، مون کي ٻنھي طرفن جو
ڪرايو ڏنو ويو آھي.
جبلن
تي ڪافي پري پري
تائين،
پٿرن ۽ ڪاٺ
مان
ٺھيل جهوپڙيون نظر
ٿي آيون،
اتان جا مقامي ماڻھو،
جيڪي مالوند ھيا.
انھن جو مال اتي گاھه
چري رھيو ھو،
ٻڪريون، ڳئون، خچر وغيره،
پر ھو
گاڏين جي اچ وڃ واري ٺهيل
رستي کان ڪافي پري ھئا.
عورتن کي بلوچي گهگها پھريل ھئا، ٻارن ۽ عورتن کي ھٿ ۾ پاڻيءَ
جا ڪين ھئا،
جيڪي ھو پنھنجن گهرن ڏانھن کڻي پئي ويا.
مان ڊرائيور کان پڇيو،
ته ھي پاڻي ڪٿان ٿا کڻي اچن؟ ۽ پاڻي جي ڀرسان ڇو
نٿا رھن؟
ھن وراڻيو،
ته ھي مٺي چشمي جو پاڻي آھي، اتي انڪري نٿا رھي
سگھون، جو اھو ڪافي ھيٺ آھي
۽
اُتي گرمي
به
آھي.
اسان جابلو ماڻھو،
ٿڌي جاءِ تي رھڻ پسند ڪندا آھيون.
مون
چيو،
پوري سفر ۾ اسان کي
ته
اھو چشمو نظر نه آيو آ؟
ھن جواب ڏنو،
اھو
چشمو گاڏين لاءِ
ٺھيل رستن کان صفا الڳ آھي، انڪري نظر نٿو اچي.
اتي مون
رب جي جوڙيل ڪائنات جا
سمورا
رنگ ڏٺا
۽ اتي جي رهندڙ ماڻھن جي زندگيءَ
بابت سوچيو.
اسان کي
اتي رهڻ
تمام مشڪل لڳو،
پر انھن کي
جابلو علائقن ۾ رهڻ
ڪيئن لڳي ٿو،
اھو نه پڇي سگهياسين.
ڇو ته وقت تمام گهٽ مليو هو.
اُتي ھوٽل تي ڪم ڪندڙ ٻار پاڻ ۾
ڳالهيون ڪري رهيا هئا.
ھڪ ادا پڇين،
توھان ڪھڙي ٻولي پيا ڳالھايو؟
ٻارن وراڻيو،
اھا بلوچي ٻولي آھي.
اسان ڏيڍ ڪلاڪ ۾ واھي پانڌي پھتاسين، اتي ساڳي ئي
ڪيري بيٺي ھئي، جيڪا ميڊم
اسمه شاهه
ارينج ڪرائي ھئي،
ان
وين
تي واپسيءَ
جي سفر تي روانا ٿياسين.
رستي ۾ ناشتو ڪيو.
2 وڳي منجهند جو گهر پھتاسين.
ھڪ خوبصورت پروگرام،
جيڪو سنڌ جي ھڪ خوبصورت ماڳ تي ارينج ڪيو ويو ھو، ان لاءِ انھن کي مبارڪون، جن اھو
پروگرام
آرگنائيز ڪيو.
جيڪي به ماڻھو ان تفريحي جاءِ تي وڃڻ چاھن
ٿا، اهي
ڊرائيونگ پاڻ نه ڪن.
بلڪ اتان جي مقامي ڊرائيورن
جي خدمت حاصل ڪن، اتان جي ماڻھن اھو ٻڌايو
ته
اڄ تائين،
جيڪي به حادثا ٿيا آھن،
سي پرائيوٽ گاڏين جا ٿيا آھن.
ڇو ته
سڌي
رستي
۽ جابلو رستي ۾ فرق آھي.
سلامتيون سڀن لاءِ.
|