ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
]لطيف
ڪانفرنس جي موقعي تي ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ڪيل
صدارتي تقرير
3 - آڪٽوبر 2019ع بروز خميس
انسان جي زندگيءَ ۾ اعلى انساني قدرن ۽ اخلاق جي
وڏي اهميت آهي، ڇو ته انهن سان ئي انساني شخصيت جي
تعمير ٿئي ٿي. شاهه لطيف اعلى انساني قدرن جو شاعر
آهي ۽ هو انهن جي سمجهاڻي، پنهنجي مثالي ڪردارن
جهڙوڪ: سسئي، سهڻي، نوري، مارئي، ليلا ۽ مومل جي
ذريعي پيش ڪري ٿو. اهي دائمي رهنما اصول ۽ قدر
(Values)
آهن، جيڪي هڪ ڪامياب انسان جي زندگيءَ ۾ بلڪه ائين
به چئي سگهجي ٿو ته اُهي پوري انسانذات يا بني نوع
انسان سان لاڳو آهن. هر دؤر ۾ انسان جي ڪاميابي
انهن سان مشروط رهي آهي. مختصر طور اُهي اقدار
آهن، ايمان ۽ يقين، عزم ۽ حوصلو، مقصد سان سچائي،
توڪل، صبر، رضا، پيهم جستجو، عصمت ۽ عفت، خود
اعتمادي ۽ خير قرباني، برداشت ۽ بردباري، انسانذات
سان محبت ۽ عزت ۽ انسانذات سان مساوات وارو رويو
اختيار ڪرڻ.
جيڪڏهن اسين غور سان ڏسنداسين ته لطيف جي پوري
شاعريءَ ۾ ۽ انهن ڪردارن ۾، اهي اعلى انساني اقدار
۽ اخلاق نظر ايندا. لطيف انهن جي حوالي سان،
انساني ڪمزورين ۽ اوڻاين کي به واضح ڪري ڏيکاريو
آهي ۽ اهو سمجهايو آهي ته انسان انهن جو شڪار ٿي
سگهي ٿو، انڪري کيس ڪهڙو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي.
لطيف جي انهن ڇهن سورمين جي تقابلي ڪردار جو
مطالعو، نهايت دلچسپ ۽ سبق آموز آهي. شاهه لطيف جا
وڌ ۾ وڌ سسئي بابت يعني پورا پنج سُر بلڪه رسالي
جو وڏو حصو ”سسئي“ بابت آهي. سسئي بذات خود ايمان
۽ يقين، عزم ۽ حوصلي ۽ مسلسل جدوجهد جو اعلى نمونو
پيش ڪري ٿي، پر سندس شروعاتي غفلت يا ننڊ لاءِ
ڀٽائي سسئيءَ کي ذميوار قرار ڏئي ٿو.
سُهڻي جي تمثيل ۾ خود اعتمادي، توڪل، صبر، مقصد
سان سچائي ۽ لگن، هر قسم جي ظاهري تڪليفن ۽ آخر ۾
پنهنجي مقصد تان قربان ٿيڻ جو سبق ملي ٿو.
نوري راڻي هجڻ باوجود انسان جي اعلى اخلاق،
نماڻائيءَ ۽ نهٺائيءَ جو عملي مظاهرو ڪري ٿي. ان
سان ڪڏهن دست بردار نٿي ٿئي. سندس اهو ڳُڻ يا وصف
آهي، جيڪو راڻي بڻجڻ کان اڳ توڙي پوءِ سندس
ڪاميابيءَ جي ضمانت آهي.
ليلا جيڪا راڻي بڻجي چڪي آهي، پر سندس عورت واري
ڪمزوري ته پاڻ کي ظاهري طور خوبصورت بڻائڻ جي چڪر
۾ اچي، مڻين جي هار تي چنيسر کي، هڪ رات لاءِ
قربان ڪري، هميشه لاءِ محروم ٿي وڃي ٿي. گويا
عارضي سونهن ۽ سينگار، انسان کي مليل اعلى درجي
تان به ڪيرائي وجهي ٿو.
مومل به وڏ گهراڻي جي عورت آهي ۽ پنهنجي عقل ۽
سونهن، هنر ۽ حرفت سان راڻي کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب
ٿي وڃي ٿي، پر سندس معمولي غلطي، جيڪا سومل کي
مرداڻي ويس ۾ پاڻ سان گڏ سمهارڻ واري بي اعتماديءَ
جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي ۽ هميشه لاءِ راڻي جي نظرن
۾ ڪيرائي ڇڏي ٿي ۽ پوءِ پڇتائيندي رهجي وڃي ٿي.
مارئي جو ڪردار هر صورت ۾ مٿانهون نظر اچي ٿو.
نوجوان عورت کي وقت جو بادشاهه کڻي آڻي قيد ڪري ٿو
۽ هن کي هر قسم جون لالچون ڏئي ٿو، بلڪه ان کان
وڌيڪ ته هو کيس پنهنجي راڻي بنائڻ گهري ٿو، پر
مارئي ڪنهن به صورت ۾ ان لاءِ راضي نٿي ٿئي.
مارئي عصمت ۽ عفَت، عزت ۽ نيڪنامي، پاڪدامني ۽
پاڪيزگي، پنهنجي وطن ۽ ماڻهن سان محبت کي ڪنهن به
قيمت تي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڀٽائيءَ جي
لفظن ۾ مارئي جو ڪردار ڪنهن به قسم جي ڪمزوريءَ
کان پاڪ صاف آهي ۽ ٻين سڀني کان مٿانهون ۽ اتم نظر
اچي ٿو. هاڻي اسان ڀٽائي جي شاعري يا بيتن کي آڏو
رکي، انهن ڪردارن تي ڪجهه تفصيلي روشني وجهڻ جي
ڪوشش ڪريون ٿا:
”سُر سسئي“ شاهه
عبداللطيف رحه
جو محبوب سُر آهي. اها به حقيقت آهي ته شاهه لطيف
سسئيءَ کي گهڻو ڳايو آهي. رسالي جو تقريباً ٽيون
حصو سسئيءَ لاءِ وقف آهي، جو سڄا سارا پنج سُر
سسئيءَ بابت آهن.
سسئي انساني عزم حوصلي، جدوجهد ۽ مقصد کي حاصل ڪرڻ
خاطر، هر قسم جي قرباني ڏيڻ جو نالو آهي. پر
سسئيءَ کان شروع ۾ جيڪا سُستي ۽ غفلت ٿي، جنهنڪري
پنهونءَ کي سندس ڀائر کنڀي کڻي ويا. ان باري ۾
لطيف کيس ميار ڏيندي، چوي ٿو:
مُنهُـــه ويڙهي مُئَنِ جِئن، سُتِينءَ سَنجهيئي،
اوجاڳو اکينِ کي، ڄاتوءِ نه ڏيئي،
هَٿان تو پيئي، ٿِي ڪَچو ڪيچِيُنِ کي ڪَرِين
!
تم سویرے ہی مردوں کی طرح منہ لپیٹ کر سوگئی٬
تونے اپنی آنکھوں کو بیدار کیوں نہیں رہنے دیا٬
سارا قصور تیرا ہے٬ اور الزام کیچیوں کو دیتی ہے!
You went to sleep early.
Having covered your face like that of a corpse.
You did not train your eyes how to keep awake.
Your are at fault, do not blame the Kechies.
سر ديسيءَ ۾ سسئي پاڻ اقرار ڪري ٿي:
سِڪي جان سُتِياسِ، تان سِڪَ سُمهڻُ نه ڏِئي،
جاڳِي سُتِيَسِ جَنِ لَئي، سي آيا تان نه اُٿِياس،
ڀينرُ آءٌ ڀُلياسِ، نا ته سِڪَ سُمهڻُ ڇا لڳي!
سسئي جي اها اوائلي سُستي ۽ غفلت هئي، جو جڏهن اها
محسوس ڪيائين ته پوءِ هٿ هڻڻ لڳي ۽ پاڻهي چوي ٿي:
هئي ٿو وڃي هوتُ، آءٌ ڪِين اَڳَڀَرِي ٿِيان،
متان چوءِ بلوچُ، ”ڪَميڻيءَ مان ڪِينَ ٿيو
.“
ہائے میرا محبوب مجھے چھوڑ کے آگے جا رہا ہے
مجھے ہر صورت تگ و دو کرنی چاہیے
شاید مین اس کو پہنچ جاؤ ں
کل وہ یہ نہ کہیں کہ اس کمذات عورت سے کچھ بھی نہ
ہوا۔
Alas! Punhoon my beloved is ahead of me
I should move forward swiftly
Least he may not reproach
The low caste girl did not do anything.
مطلب ته زندگي مسلسل جدوجهد ۽ پنهنجي ناڪاميابين
مان سکڻ جو نالو آهي. انڪري جيتوڻيڪ سسئي واٽ ۾
مري وئي، پر لطيف هن کي ناڪام ڪونه چيو. لطيف وٽ،
مقصد سان سچائي، اصل ڪاميابي آهي. انڪري چيائين:
جان جان هُئِي جِيئَري، وَرچِي نَه ويٺِي،
وڃي ڀونءَ پيٺِي، سارِيندي کي سَڄَڻين
.
So long as she was alive
She never felt tired to take rest for a while
She entred the earth (grave)
While yearning and remembering her beloved.
سهڻيءَ جي ڪردار کي بظاهر سمجهڻ ڏکيو آهي، ڇو ته
اهو ظاهري عمل، سماجي قدرن جي خلاف نظر اچي ٿو.
لطيف انڪري شروع ۾ اها وضاحت ڪرڻ ضروري سمجهي ته
سهڻي طالب آهي، جيئن چيائين:
هُئِي طالِب حَقَ جِي، توڏي لاڪُون توڙُ،
نَه ملاحُ، نَه مڪُڙِي، نَڪِي ٻڌي نوڙُ،
پاڻي پِنِيءَ ٻوڙُ، سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ جو
.
سوہنی ازل سے طالب حق تھی
اس کو نہ ملاح٬ نہ کشتی٬ نہ رسی کی ضرورت تھی
منجدہار اس کے لئے ٹخنے کے برابر تھا۔
She was the seeker (Talib) of the truth
From the very beginning
She bothered not for help of boat-man
Nor looked for ferry ropes
She considered the mid stream water
To be shallow of ankle deep.
هتان واضح ٿيو ته لطيف، سهڻيءَ کي هر حالت ۾ طالب
۽ ساهڙ کي مُرشد واري حيثيت ڏئي ٿو. هن ئي سُر ۾
لطيف شريعت ۽ معرفت جي ڳالهه پوريءَ ريت سمجهائي
ٿو:
ساري سِکُ سَبَقُ، شَرِيعَتَ سَندو سُهڻِي!
طَرِيقَتان تِکو وَهي، حَقِيقَتَ جو حَقُ،
مَعَرَفَتَ مَرَڪُ، اَصُلِ عاشِقُنِ جو.
سوہنی شریعت کا سبق اچھی طرح یاد کرلے
طریقت سے گذر کر ہی حقیقت کی منزل آتی ہے
دراصل معرفت ہی سچے عاشقوں کا مقام ہے
O Sohni! remember very well the teachings of
Shariat.
As compared to traveling the path (Tariqat),
The stage of reality is for more superior
Be assured that Divine realization is the true
reward of lovers.
نوري نماڻائي، نهٺائي، عاجزي ۽ انڪساريءَ جهڙن گڻن
يا صفتن سان سينگاريل آهي. هوءَ راڻي بڻجڻ کان
پوءِ به هيئن چوي ٿي:
تون سمُو، آءٌ گَندَرِي، مون ۾ عَيبَنِ جُوءِ،
پَسِي راڻينِ رُوءِ، متان مان ڳَرِ مَٽيين.
You belong to the ruling family of Sama
I am from the fishermen folk
May you not change your mind and leave me
Once you are in the company of princesses.
لطيف اعلى ذات وارين راڻين سان ڀيٽ ڪندي، نوريءَ
جي ان عادت کي، سندس ڪاميابيءَ جي ضمانت سمجهي ٿو،
جو چوي ٿو:
کوءِ سَميُون ٻنِ سُومرِيُون، جي اَچَنِ اُوچِي
ڳاٽِ،
وَرُسِي ڪِينجهَرَ ڄائِيُون جَنِ تماچِيءَ تاتِ،
راڻينِ مُلا راتِ، ماڻِڪُ ميءِ پِرائيو.
Hell with the princely ladies of Soomra and Sama
Who walk with their heads high.
Blessed are the Keenjhar born girls
Who all the time remember Tamachi
That is how the fisher girl won
The Jam over all other queens.
ليلا کي جڏهن ظاهر ظهور پنهنجي غلطيءَ جو احساس
ٿيو ته ان جي اعتراف ۾ چئي ڏنائين:
مڻيُون وِجهان مَچَ ۾، هائِيءَ هَڻان هارُ،
ڀري ڀَتارُ، ته ميريائِي مانُ لَهان.
Let me throw the Jewels into the blazing fire
And put the necklace into flames.
I can earn due respect only when
My beloved husband would accept me.
غلطي انساني فطرت جو جزو آهي ۽ انڪري غلطيءَ تي
ندامت ۽ ان تي پڇتاءُ جنهن کي مذهبي ۽ صوفي اصطلاح
۾ توبهه چون ٿا، انساني ڪردار جي اصلاح لاءِ واحد
حل آهي. آخر ۾ ليلا جي اصلاح لاءِ چوي ٿو:
جي لِيلائي نه لَهِين ته پُڻُ لِيلائِيج،
آسرَ مَ لاهِيج، سَڄڻَ سَٻاجها گَهڻو.
ليلا وانگرمومل کان به ساڳئي قسم جي غلطي ٿي، جو
آخر ۾ پنهنجي غلطيءَ لاءِ معافيءَ جي خواستگار ٿئي
ٿي:
مِيان مينڌَرا موٽُ، بخشِ ڪرِ بُڇائِيُون،
تون گهڻن جو گهوٽُ، مون ورُ تون هِين هيڪَڙو.
جيئن اسان اڳ ۾ چيو ته شاهه عبداللطيف وٽ وڌ ۾ وڌ
مثالي ۽ آدرشي
(Ideal)
ڪردار ’مارئي‘ جو آهي. لطيف پاڻ ٻين سورمين جي
اوڻاين جي نشاندهي به ڪئي آهي ۽ ان جي مداوا به
ڏَسي آهي. مارئي جي ڪردار ۾ تقريباً سڀ اعلى
انساني اخلاق، ڳڻ ۽ اقدار جمع آهن. هوءَ هڪ ڳوٺاڻي
ڇوڪري آهي، جنهن کي وقت جو بادشاهه زبردستي کڻي
اچي ڪوٽ ۾ بند ڪري ٿو ۽ هن کي هر قسم جون لالچون
ڏئي، راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ هو کيس پنهنجي
راڻي بنائڻ جو وعدو ڪري ٿو، پر مارئي آهي، جيڪا
ڪنهن به قيمت تي پنهنجي مارن ۽ وطن سان محبت جو
سودو نٿي ڪري. هن مهل تائين، لطيف جي پارکن گهڻي
ڀاڱي مارئيءَ کي صرف وطن سان محبت جي علامت طور
پيش ڪيو آهي يا صرف ان پهلوءَ کي گهڻي اهميت ڏني
آهي، پر حقيقت اها آهي ته مارئي جي ڪردار جا ٻيا
گهڻا پهلو آهن، جيڪي وڌيڪ اهم آهن. سڀ کان وڌيڪ
اهم مارئي جي خود شناسي يا ذات جو عرفان آهي، هر
دؤر جي انسان لاءِ اهو اهم سوال آهي ته هو ڪير آهي
۽ ڪٿان آيو آهي ۽ ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟ لطيف بجا طور
’سُر مارئي‘ جو آغاز انهيءَ سوال جي جواب سان ڪري
ٿو:
’اَلَستُ بِرَبِڪُم‘، جَڏِهن ڪَنِ پِيوم،
’قَالُوا بَلى‘ قَلبَ سِين، تَڏِهن تِتِ چَيومِ،
تهِين ويرَ ڪيومِ، وَچَنُ ويڙِهيچنِ سِين.
جب الست بربکم کی آواز میرے کانوں میں پڑی
میں نے قالو بلیٰ کہہ کر اقرار کر لیا
میں نے اسی وقت اپنے لوگوں (محبوب) کے ساتھ عہد
وفا باندھ لیا تھا
When the voice of ‘Am I not your lord’ fell on
my ears,
I heartily responded at once in affirmation,
Then and there I made solemn affirmation
with the beloved of mine.
مارئيءَ کي جيتوڻيڪ عمر بادشاهه ڪوٽ ۾ بند ڪري
رکيو ۽ هر قسم جي سختي ڪئي ۽ لالچون ڏنيون، پر
مارئي جي عزم ۽ حوصلي ۾ ذري برابر فرق نه آيو، جو
صاف جواب ڏنائين:
پَٽُ نه پَهِريان سُومرا جانڪيتان جِيان،
آءٌ ڪِئَن لوئِي لاهِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏِيهان،
جانسِين ٿِي جِيان، ڪانڌُ نه ڪَنديَسِ ڪو ٻِئو.
اے عمر٬ جب تک میں زندہ ہوں تیرا ریشم اور قیمتی
لباس نہیں پہنوں گی
دودن کیلئے میں اپنی کھردری چادر کیسے چھوڑدوں
جب تک دم میں دم ہے٬ دوسرا خاوند (محبوب) نہیں کروں
گی۔
O, Omer! So long I am alive I shall not touch
your silky garments,
I can not put aside my coarse head cover
Let me tell you I shall have no other beloved at
all.
پر مارئي جو اعلى ڪردار، تڏهن وڌيڪ واضح ٿئي ٿو،
جڏهن کيس اهو احساس ٿئي ٿو ته مارن کان ڪجهه عرصي
لاءِ پري رهڻ به هن جي عيبدار هئڻ لاءِ ڪافي آهي.
انهيءَ ڳالهه سندس سونهن ۽ حسن ۾ ڪاڻ يا ڪمي ڪري
وڌي آهي.
سُونهه وِڃايَمِ سُومَرا، ميرو مُنهُه ٿِئومِ،
وَڃڻُ تِتِ پِئومِ، جِتِ هَلَڻُ ناهِ حُسن ري.
ای عمر بادشاہ! میں نے یہاں آکر اپنا سارا حسن
گنوادیا ہے٬
میرا چہرہ خوبصورتی کھوکر بدصورت ہوچکا ہے
مجھے تو وہاں جانا ہے٬ جہاں حسن یعنی خوبصورتی کے
بغیر کوئی نہیں جاسکتا۔
O Soomra! I have lost my beauty,
My face has turned ugly and dirty,
My destination is the place
Where no one can go without beauty.
آخر ۾ آءٌ اهو چوڻ ضروري سمجهان ٿو ته مارئي جي
ڪردار ۾ ان نسل مردن توڻي عورتن لاءِ حق ۽ سچ تي
ثابت قدم ٿي بيهڻ ۽ پنهنجي اصليت کي ڪڏهن به نه
وسارڻ ۽ هن دنيا جي ظاهري ڏيک ويک تي نه موهجڻ جو
وڏو درس ملي ٿو. هتي مون کي مارئيءَ جي ڪردار جو
عڪس اقبال جي ان نظم ۾ نظر اچي ٿو، جيڪو هن 1931ع
۾ پنهنجي نوجوان پٽ جاويد اقبال کي لنڊن مان لکي
موڪليو هو، جنهن کيس تڏهن لنڊن مان گرامو فون وٺي
آڻڻ جي فرمائش ڪئي هئي. اقبال تڏهن نصيحت ڪندي،
ساڻس هن ريت مخاطب ٿيو هو:
دیار
عشق میں
اپنا مقام پیدا
کر
نیا
زمانہ نئی
صبح و شام پیدا
کر
Make your place in the land of love,
Produce new world with new days and nights.
اٹھا نہ شیشہ گرانِ فرنگ کے احسان
سفالِ ہند سے مینا و جام پیدا کر
Be not under the obligation of glass makers of
Europe.
But produce the jar and cup from the mud of our
own soil.
مرا طریق امیری نہیں فقیری ہے
خودی نہ بیچ غریبی میں نام پیدا کر
My ways are not affluence but of poverty,
Do not sale your self-respect but make a name in
poverty.
شاهه لطيف ڏسو ته اهو ساڳيو فقيري ۽ اميريءَ جي
باري ۾ سبق، ڪيڏن نه سهڻن لفظن ۾ ادا ڪيو آهي.
واقعي اهو سبق صرف مارئي جي ڪردار ۾ نظر اچي ٿو،
جڏهن چوي ٿي:
اِيءَ نه مارُنِ رِيتِ، جِئَن سيڻَ مٽائِن سونَ
تي،
اَچِي عُمر ڪوٽ ۾، ڪَندِيَسِ ڪانَه ڪُرِيتِ،
پَکَنِ جِي پِريتِ، ماڙِين سِين نه مَٽِيان.
میرے لوگوں کی یہ رسم نہیں کہ دولت یا زر و جواہر
کے عوض اپنے رشتے داروں کا سودا کرتے پھریں٬
میں اس قید میں رہ کر یہ غلط رسم کبھی نہیں اپناؤ
ں گی۔
ان عالیشان محلات کے بدلے میں میں اپنی حقیر
جھونپڑیوں کی محبت قربان نہیں کرسکتی۔
It is not the tradition with us to exchange
Our kinsmen for gold,
I shall not adopt this obnoxious practice
Though I may remain confined here,
Under no circumstances I will exchange
The love of my people with these palatial
houses.
آخر ۾ ايترو چوڻ ضروري سمجهان ته مارئي جي ڪردار ۾
نئين نسل لاءِ تمام اهم پيغام سمايل آهي ۽ اهو
هيءُ ته پنهنجي ديس جي ڌرتي ۽ ماڻهو ۽ انهن سان
محبت انمول آهي ۽ ان کي ڪنهن به قيمت تي قربان
ڪري نٿو سگهجي. اهو مارئي جو ڪردار ئي آهي، جنهن ۾
ايمان ۽ يقين، عزم ۽ حوصلو، توڪل، صبر، برداشت ۽
رضا جهڙا اعلى اخلاق يا گڻ چٽا ۽ صاف نظر اچن ٿا.
شرف النساءَ چنا
انگريزي شعبي جي سربراهه امينه خميساڻي
پروفيسر امينه خميساڻي، جنهن جي شخصيت کان
حيدرآباد جو ننڍو وڏو واقفيت رکي ٿو، سائين علي
بخش خان جي ٻيو نمبر نياڻي هئي. پروفيسر امينه
خميساڻي جو جنم پاٽ شريف ۾ ٿيو ۽ چنا پاڙي جي ٻين
ٻارن وانگر، هن جي ابتدائي تعليم، جيجي صاحبه جي
مڪتب ۾ ٿي، جتي هن قرآن شريف ۽ سنڌي ڪتابن جو
مطالعو ڪيو. اڳتي هلي سينٽ جوزف اسڪول مان مئٽرڪ
پاس ڪري، لاهور جي ڪينرڊ ڪاليج مان بي.اي جي ڊگري
حاصل ڪئي.
امينه جي شادي، غلام محمد خميساڻي سان ٿي، جو
پوليس کاتي ۾ ڊي.ايس.پي هو ۽ نهايت شريف انسان هو.
ان زماني جي لحاظ کان، هن امينه عرف آمنه کي مڪمل
آزادي ڏني، جنهن جي بدولت امينه شادي کان پوءِ
پنهنجي تعليم جو سلسلو جاري رکندي، ايم.اي جي
سَنَدَ حاصل ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي
عهدي تي فائز ٿي.
جيئن ته هن جي تعليم پوري انگريزي زبان ۾ ٿي هئي،
پر هن جي ذهانت کي داد ڏيندي، منهنجو قلم، هن جي
تعريف لکڻ کان رهي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ جو هن سنڌي ادب
جي جيڪي خدمت ڪئي ۽ جيڪي ڪتاب لکيا، ان مان اهو
بلڪل ظاهر نٿو ٿئي ته امينه سنڌيءَ جا صرف ٻه ٽي
درجا پڙهيل هئي. انگريزي زبان ۾ عبور حاصل هئڻ
ڪري، هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جو ترجمو
انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪيو. جنهن جو کيس انعام طور
”تنبورو“ مليل آهي. ان کان علاوه هن جي حسن
ڪارڪردگيءَ ڪري، سنڌ يونيورسٽي، هن کي انعامن،
اڪرامن سان نوازيو.
امينه يونيورسٽيءَ جي سروس کان پهرين سردار بهادر
ڪاليج حيدرآباد ۾ بطور پرنسپل به ڪم ڪيو، جتي هن
مٽن مائٽن جي نياڻين کي، جيڪي اتي پڙهندڙ هيون،
انهن کي ڪافي فائدا ڏنا. جن ۾ عزيز چنا ۽ نجمه چنا
به فائدو حاصل ڪيو. جيئن هن جو واسطو هميشه تعليم
جي شعبي سان رهيو، انڪري هوءَ چاهيندي هئي ته سنڌ
جي هر نياڻي تعيلم حاصل ڪري.
امينه خميساڻي جي مان به ٿورائتي آهيان، ڇاڪاڻ جو
هن جي همت افزائي ڪري، مون بي.بي جي آخري سال جو
امتحان ڏنو، جيڪو ماسي، جيڪا منهنجي سس به هئي، ان
جي وڃڻ کان پوءِ ٻن سالن تائين مڪمل نه ٿيو هو.
ماٽيلي ماءُ جو سلوڪ ڪنهن کان ڳجهو آهي. ڪتاب ۽
تاريخ انهن قصن سان ڀريل آهي، پر هن ماٽيلي ماءُ
کي اهڙين ڪهاڻين ۽ قصن سان ڀيٽ نٿي ڏئي سگهجي. هن
پنهنجي گهر واري غلام محمد جي پهرين زال مان پيدا
ٿيل نياڻي، جنهن کي ”فخرو“ جي نالي سان سڏيو وڃي
ٿو، ان کي پنهنجي نياڻيءَ جي نظرن سان ڏٺو. فخرو ۽
سندس گهرواري جي اڻبڻت ڪري، ان جي مستقل رهائش جو
بندوبست پاڻ وٽ ڪيو، نه رڳو ايترو، پر فخرو جو پٽ،
جنهن جو نالو اياز سهتو آهي، ان جي تعليم ۽ تربيت
جي ذميداري به پاڻ تي مڙهيائين. يونيورسٽيءَ جي
طرفان مليل پلاٽ به فخرو جي نالي ڪيائين. فخرو به
هن کي پنهنجي سڳي ماءُ جي حيثيت سان ڏسندي، هن جي
بيحد عزت ڪندي هئي ۽ لڱائي چڱائي ۾ هن جو گهڻو ساٿ
ڏيندي هئي.
امينه خميساڻيءَ جو شاديءَ کان پوءِ گهڻو عرصو
حيدرآباد ۾ گذريو. جنهن ڪري مٽ مائٽ، جيڪي
حيدرآباد ۾ رهندا هئا، انهن جي سارسنڀال به لهندي
هئي. هوءَ پاٽ شريف، جتي هن جو جنم ٿيو ۽ ٻورڙي،
جتي هن جي اباڻي زرعي زمين آهي، اتان جي ماڻهن کي
به نه وساريو ۽ ڪڏهن ڪڏهن، انهن لاءِ سوکڙيون
موڪليندي هئي. منهنجي ماءُ، جيڪا هن جي سڳي ماسي
به هئي، ان جو ذڪر ڪندي، هڪ دفعو هن مون کي چيو
ته، ”مان ڪڏهن ڪڏهن ماسي قادڻ جو پاڇو محسوس ڪندي
آهيان.“ منهنجي خيال ۾ شايد انڪري جو ڪنواري
هوندي، امان جي اچ وڃ سندس ڀيڻ عالم خاتون (امينه
جي والده) وٽ گهڻي هوندي هئي. بيماريءَ جي حالت ۾
جڏهن هوءَ اسپتال ۾ داخل هئي ۽ سندس مزاج پرسي ڪرڻ
لاءِ منهنجي ڀيڻ ۽ ڀاءُ هن وٽ ويندا هئا. ته چوندي
هئي، ”ماسي قادڻ جي خاندان هميشه مون سان اچ وڃ
رکي آهي.“
امينه سان منهنجا ٻه رشتا آهن. هوءَ منهنجي سڳي
ماسات به هئي ۽ نڻان به. انهيءَ ڪري مان هن کي
’ادي آمنه‘ جي نالي سان ياد ڪندي آهيان. مون کي
ياد آهي، ادي آمنه جي هن دنيا ۾ آخري رات، جيڪا هن
آغا خان اسپتال ۾ گذاري. هن جي نياڻي ياسمين ۽
مان، هن جي پلنگ وٽ موجود هئاسين. ياسمين هن جي
مٿي تي هٿ رکي، پنهنجي والده کي سمجهائڻ جي ڪوشش
ٿي ڪئي ۽ خدا حافظ ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ مون ادي آمنه جو
هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي، وڃڻ لاءِ اجازت وٺڻ ٿي چاهي،
جيڪو هن پنهنجي طاقت آهر مضبوطيءَ سان جهلڻ ٿي
چاهيو، جنهن جو مطلب هو ته هن اسان ٻنهي کي گهر
وڃڻ لاءِ اجازت ڏيڻ نه ٿي چاهي. پر نرسن ۽ ڊاڪٽرن
جي مسلسل اعتراض ڪري، اسان کي اسپتال ڇڏڻي پئي.
زندگي، اچڻ وڃڻ جو نالوآهي. هر شيءِ بي بقا آهي.
بهرحال، ادي آمنه جي زندگي تمام سٺي ۽ هن جي
مرضيءَ مطابق گذري. هن جي گهر واري جو ڪوبه قدم،
ادي آمنه جي مرضيءَ جي خلاف نه هوندو هو. گهر جو
نظام، ان سان گڏ، يونيورسٽي ۽ اولاد جي سارسنڀال،
سڀني جو خيال رکندڙ هيءَ عورت هئي. ڇاڪاڻ جو غلام
محمد جو نوڪريءَ جي ڪري، هميشه گهر کان ٻاهر رهڻ
ٿيو. اولاد جي سڌاري ۾ هن جو وڏو ڪردار رهيو آهي.
سندس گهر واري جي موجودگيءَ ۾ ۽ ان جي وڃڻ کان
پوءِ به. ڇوڪرا هميشه ڏنگا ٿيندا آهن. خاص ڪري، جن
کي ماءُ جي ڇانوَ هجي، پر هن عورت ڪڏهن پنهنجي پٽن
کي مٺي لوري ڏئي پنهنجي هنجهه ۾ سمهاري، زندگيءَ
جي سڪون سان سنواريو ته ڪڏهن سخت جان ٿي، هنن تي
ڪڙي نظر رکي، جنهن جو نتيجو، اهو نڪتو، جو هن جا
ٻه پٽ رياض احمد ۽ طارق انجنيئر ٿيا ۽ هڪ ڌيءَ
ياسمين ڊاڪٽر ٿي. طارق جيڪو ننڍي لاءِ راندروند کي
وڌيڪ ترجيح ڏيندو هو، بنسبت پڙهائي جي، ان تي
ايتري توجهه ڏني وئي، جنهن جي نتيجي جي ڪري، هن جي
زندگيءَ جو ستارو وڌيڪ چمڪندڙ نظر اچي ٿو.
ادي آمنه جا ڪيترائي لکيل ڪتاب حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ
جي ڪتاب گهرن ۾ موجود آهن. نه رڳو سنڌ ۾، پر شاهه
عبداللطيف جو رسالو، جيڪو هن انگريزي زبان ۾ لکيو،
سو آمريڪا جي لئبررين ۾ موجود آهي.
هن شخصيت جي علم سان دلچسپي، ان مان ظاهر آهي، جو
عمر جي آخري حصي ۾ جڏهن، هن جي اکين ڏسڻ کان ۽ قلم
لکڻ کان نابري واري، تڏهن به هن پنهنجي ڀاءُ يوسف
الدين جي باري ۾ ڪتاب لکڻ ٿي چاهيو، جيڪو وقت جي
گهٽتائي ڪري پورو نه ٿي سگهيو ۽ اڌ ۾ رهجي ويو.
خان صاحب علي بخش چنا پنهنجي ڌيءَ آمنه ”امينه“
کي، 1939ع ۾ جيڪو خط لکيو، اهو خط تاريخي حيثيت
رکي ٿو. |