ھارون اياز ابڙو
ھن دور جي مزاحمتي تخليقڪار ھنادي بدر
ماضيءَ ۾ آرٽ کيتر سان واڳيل چترڪارن تخليقڪارن
سرت،
ساڃاھه سان، پنھنجي جذبن
self-expression
جو اظھار ڪيو، جن منجھان منظرنگاري
Visual Communication
وسيلي دنيا اندر موجوده صورتحال پٽاندر مختلف ملڪن
۾ وسندڙ تخليقڪارن جدا جدا شعبن ۾ رھندي پاڻ
ملھايو آھي.
ڏات جي ڏيھه ۾ فنون لطيفه سان سلھاڙيل نارين،
پنھنجي اندر جي اظھار سان فني مھارت کي ڪتب
آڻيندي، فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف جيءَ کي
جھنجهوڙيندڙ نقشڪاري ڪئي ۽ امن جي پرچار جو سگھارو
سنيھو ڏنو آھي ۽ انھن فنپارن، هن صديءَ جي تاريخ
کي سانڍي ڇڏيو آھي.
فلسطين ڄائي ڪينيڊين چترڪارا ھنادي بدر، ان فني
محاذ تي، پنھنجو پاڻ ملھائيندي، بين الاقوامي شھرت
ماڻي آھي.
سندس نقش ڪيل ھر تصوير رنگن جي رچاَ سان پنھنجي
ڪٿا بيان ڪري ٿي. ماضيءَ ۾ جھڙيءَ ريت مختلف آرٽ
موومينٽس گذريون آھن. ھاڻوڪي دور ۾ ڪنٽيمپري آرٽ
ھڪ نئين انداز سان، مزاحمتي فن جي دور
Resistance Art Era
۾ داخل ٿي چڪي آھي، ان تسلسل برقرار رکندي ھنادي
بدر ھڪ ماھر چترڪار ھئڻ سان گڏ، بھترين نثر نويس ۽
عربي شاعره پڻ آھي. ھن جي اظھار جو طريقو منفرد ۽
پراثر آھي، جنھن ۾ ھوءَ تصويري نمائش ۾ پينٽنگ سان
گڏ، شاعري به رکي ٿي.
لوحتي وکلماتي يعني، منهنجي مصوري ۽ منهنجا لفظ ۽
مختلف ليک سوشل ميڊيا وسيلي، ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾
ھر ماڻھوءَ جي اتساھ ۽ دلچسپيءَ جو سبب رھيا آھن.
پروفيسر رشيده ڀٽي
لوڻڪ، هڪ ڀاڄي
لوڻڪ کي انگريزيءَ ۾ پرسلين (ورڊو لاگا)
Purslane (Verdolaga)
سڏيو وڃي ٿو. توڙي جو باغ ۾ هن ڀاڄيءَ جي موجودگي،
ڪا ايتري دلڪش ۽ دلپذير نظر نٿي اچي، پر ان جي
باوجود هيءَ هڪ تمام ڪارآمد ۽ ڪارائتي ڀاڄي آهي.
جيڪا ڪنهن انمول موتين ۽ هيرن جو ملهه رکندڙ آهي.
لوڻڪ جو ٻوٽو، هارين جي لاءِ هڪ فائديمند مارڪيٽ
پيدا ڪري ٿو ۽ پڻ هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن تي به بي حساب
پسند ڪيو وڃي ٿو ۽ هوٽل مالڪن لاءِ ڪمائي جو ذريعو
بڻجي ٿو. ڇو ته لوڻڪ نه صرف کائڻ ۾ لذيذ ۽
ذائقيدار ٿئي ٿي، پر هن جا ”صحت“ تي به بيحد ڏاڍا
سُٺا اثرات مرتب ٿين ٿا، ته ٻيءَ طرف معاشيءَ طور
تي، مالڪن کي مضبوط به ڪري ٿي. انگريزيءَ ۾ عام
طور تي هن کي هوگ ويڊ
(Hog weed)۽
پگ ويڊ
(Pigweed)
به سڏيو وڃي ٿو. لوڻڪ هڪ بهترين وڻندڙ سپر فوڊ
طور
(Super food)
ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، هي ٻوٽو عام طور تي برساتي
موسمن ۾ گُلن، ٻوٽن جي ڄاري ۾ پيدا ٿئي ٿو. ٻج
ڇڙڪائڻ سان به ۽ ٻج بنا، جيڪڏهن هڪ ٻه ٽارين سميت
ٻوٽو به جيڪڏهن ٻاري ۾ وجهجهي ته بارش جي پاڻيءَ
توڙي عام ڏينهن ۾ جلدي اُڀري اچي ٿو. هن ٻوٽي
(لوڻڪ) کي ڪيترائي ماڻهو بيحد پسند ڪن ٿا، جن ۾
خاص طور تي درويش صفت ماڻهو شامل آهن. باغيچي جي
چوڌاري ڏنل ٻاري منجهه، هي ”لوڻڪ“ جو ٻوٽو، تمام
خاموشيءَ سان پيدا ٿئي ٿو، ۽ باغيچي منجهه ساوڪ کي
حد نظر تائين پکيڙڻ ۾ هڪ ”معجزاتي ٻوٽو“ ٿي اُڀري
ٿو. مختلف وقتن ۾ مختلف جڳهن تي، هر وقت سائنسدان
۽ نباتات تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر، پروفيسر، ”جينيات“ جي
قومي ادارن ۾ هن جي مختلف فائديمند پهلوئن تي
تحقيق ۾ مصروف رهندڙ ڪيترن ئي پروفيسرن، نهايت
مفيد معلومات پيش ڪئي آهي. اُنهن منجهان هڪ ڊاڪٽر
پروفيسر آرٽيمس سمپولوس
(Dr. Artemis Simpouvos)،
جيڪو، هڪ قومي جينياتي اداري، نيوٽريشن ۽ صحت جي
متعلق ڪم ڪري ٿو. ۽ پڻ اُن جو صدر آهي. اُن جي
مطابق هڪ ڪارآمد تحقيق پڻ ڪئي وئي آهي. ۽ اُهو
صاحب، هن ”لوڻڪ“ جي ٻوٽي کي ”معجزاتي ٻوٽو“ سڏي
ٿو. ڊاڪٽر سمپولوس تحقيقي مقالي ۾ ڄاڻائي ٿو ته
”لوڻڪ“ ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ اوميگا-3، فيٽي ائسڊس
موجود آهن، جيڪي ٻين ڪن به سائي رنگ جي ٻوٽن ۾
ايتري گهڻي مقدار ۾ ناپيد آهن.
(According to Dr. artemis Simpoulos, the
President of the centre for Genetics, Nutrition
and Health, Discarded that Pursdane, Contains
the highest levels of omega-3 fattyacid among
all green plants.
هيءُ هڪ ننڍڙو ڳوڙهي نما ڦڙي جي شڪل ۾ نظر ايندڙ
نرم نرم شاخن ۽ ڏنڊين تي لڳل ساون پنن وارو ٻوٽو
اينٽي آڪسيڊينٽ ۽ وٽامنس ۽ معدنيات سان ڀرپور بيحد
وڻندڙ ۽ دلپذير نظر اچڻ وارو ٻوٽو، صحت جزن سان
ڀرپور آهي.
”لوڻڪ“ جو ٻوٽو، دراصل صحيح معنيٰ ۾ غذائي صحت جو
ڀرپور گهر (ڀنڊار) آهي، جنهن کي اسان
(Nutritious Power House)
سڏي سگهون ٿا، نه صرف ايترو پر هن جا نرم نرم رَس
سان ڀرپور پَن
(Juicy, tangy, Lemon Flavaur)،
ڄڻ ته لڳندو آهي ته ڪارن مرچن واري ذائقي سان
ڀريل آهن. شڪاگو ۾ هڪ ريسٽورينٽ جو مالڪ ايترو ته
هن ٻوٽي جي ”غذائيت“ کان متاثر ٿيو جو هُن ”لوڻڪ“
جي ٻوٽي کي ڏکڻ اٽليءَ ۾ پوک ڪرائي ۽ متعارف ڪيو.
هوٽل مالڪ سرجيووٽيلي
(Sergio Vitale)
جيڪو آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ ريسٽورينٽ
Aldo’s Restaurant Italiano
جو مالڪ آهي، سو غذائيت جي بنياد تي کاڌا پچائڻ
جو، هڪ ماهر بورچي مڃيو وڃي ٿو.
زمانه قديم کان ”آمريڪن“ خاص طور تي مارٿا واشنگٽن
(Martha Washington)،
لوڻڪ کي تازو سلاد طور توڙي کٽاڻ
(Raw and Pickled)
اڻويهين صديءَ کان زيرِاستعمال رکندا آيا آهن.
ساڳي نموني خوشقسمتيءَ سان، موجوده سالن ۾ به
هاري، آبادگار ۽ نوان نوان تجربا ڪندڙ بورچي، اڃان
تائين، پنهنجي دلچسپي قائم رکندا پيا اچن ۽ هن
نباتاتي ٻوٽي جي اهميت کان بخوبي فائدو پڻ وٺن
پيا. جيئن ته هيءُ ٻوٽو تمام گهڻي گهاٽي انداز ۾
زمين تي ننڍن ننڍن ٻارن
(Pavement Cracks)
۾ ڳتيل انداز ۾ پيدا ٿئي ٿو، انڪري ان کي عام طور
تي ٺيڪ طرح سان عام طور زمين تي ڦهليل گاهه ۽ بوسي
کان الڳ ڪري، پوءِ ڌوئي صاف سٿرو ڪرڻ، پڻ هڪ محنت
طلب ۽ ڌيان طلب ڪم آهي. ڇو ته ٻاهر پٿريلي زمين،
روڊ ڪناري بيٺل گاهه وغيره ۽ باغيچن توڙي آباد ٿيل
زرعي زمين ۾ ننڍن ننڍن ٻارن ۾ موجود، هن ننڍڙي
”لوڻڪ“ جي ٻوٽي کي، باقاعدي سڃاڻي پوءِ ڇٽيل دوائن
کي ڌوئي صاف ڪري، استعمال ڪرڻ سان ئي فائدو حاصل
ٿيندو، ورنه اُلٽو نقصان به ٿي سگهي ٿو. انڪري
گهڻا ماڻهو لوڻڪ کائڻ پسند نه ڪندا آهن.
ٻوٽن تي ڇڻڪاريل دوائون ۽ اُنهن ۾ موجود ڪي ڪيڙا،
ماڪوڙا، ڳولهي، ڌوئي صاف ڪرڻ نهايت ضروري آهي. هن
ٻوٽي جو قدرتي ذائقو ٿورو ترش، کٽو ۽ لوڻاٺو هجڻ
ڪري، سلاد ۾ ملائي کائڻ به تمام سٺو ذائقيدار
لڳندو آهي. هن کي پچائڻ تمام آسان آهي. ”لوڻڪ“
يعني
(Purslane)
۽ بيسل
(Basil Pesto)
جي پنن مان چٽڻي ٺاهڻ جي
ترڪيب:
(1)
ٻه ڪوپ ننڍڙن پنن واري يعني ڪچڙن پنن واري لوڻڪ، ۽
گڏوگڏ، ڪچڙيون ڏانڊيون
(Stem)،
۽ بيسل
Basil
ڌوئي صاف ڪري پيهي وٺو، گرائينڊر وغيره ۾ يا وري
اُکريءَ مهريءَ ۾ ڪُٽي، سنهو، پيسيو.
(2)
45 گرام تلسي جا پن به ڌوئي شامل ڪريو.
(3)
هڪ ڳڙي ٿوم جي
(4)
45 گرام (ڀُڃيل) باداميون.
(5)
اڌ ليمي جي رسُ.
(6)
50 ملي ليٽر زيتون جو تيل.
(7)
لوڻ ۽ ڪُٽيل ڪارا مرچ ذائقي مطابق
طريقو:
سڀني شين کي پاڻ ۾ ملايو، ڪنهن به گرائينڊر يا
ڪنهن به مشين ۾ وجهي، پيهي سنهو ڪريو. پوءِ گرم
زيتون جي تيل ۾ وجهي ايستائين هلڪيءَ باهه تي
ڀُڃو، جيستائين لوڻڪ ۽ ٻيون شيون تيل ڇڏن. پوءِ
ڪُٽيل ڪارا مرچ ۽ ذائقي مطابق لوڻ ملايو. ذائقيدار
لذيذ لوڻڪ نوش فرمايو.
ماني سان يا وري بريڊ جي سلائس تي رکي سينڊوچ ٺاهي
مزو وٺو.
لوڻڪ جا غذائي جزا ۽ اُنهن جي اهميت ۽ افاديت کان
ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. اچو ته اسان به مختصر
طور تي جائزو وٺون.
(1) اوميگا-3، فيٽي اِئسڊس
(Omega-3 Fatty acids):
جيئن ته اسان کي ڄاڻ آهي ته اسان جي دماغ ۽ دل
لاءِ فيٽي ائسڊس نهايت اهم جزا آهن، ته پوءِ هن
ٻوٽي کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه ٻوٽو، اِهي شيون فراهم نٿو
ڪري سگهي. هي هڪ تمام ضروري
(Essential)
ائسڊس آهن، جيڪي اسان جي، دل، دماغ، صحت ۽ خاص
طور سان ويگنس
(Vegaus)
لاءِ انتهائي اهم جزا آهن. جيڪي الله تعاليٰ هن
ننڍري جهنگلي ٻوٽي ۾ لڪائي رکيا آهن. ڳالهه آهي ته
ڪو، ان کان ڀلي ڀت واقف ٿي وڃي ۽ قدرت جي ان انمول
۽ بي بها ٻوٽي منجهان، فائدا حاصل ڪري.
(2) اينٽي آڪسيڊنٽس
(Anti Oxidents):
هيءُ ٻوٽو اينٽي آڪسيڊنٽس سان انتهائي مالامال
آهي. مثال طور: گلوٽا ٿائيون وغيره. لوڻڪ خلين جي
قوت مدافعت وڌائي ٿي ۽ ڀڃ ڊاهه جي عمل کي ڪنٽرول
ڪري ٿي. خلين
(Cells)
جي ڀڃ ڊاهه واري عمل کي، ڪنٽرول ڪري، عمر جي وڌڻ
ڪري چمڙيءَ تي پوندڙ اثرات کي پڻ ڪنٽرول ڪري ٿي.
(3) معدنيات
(Minerls):
هڪ ڀرپور مقدار، جيڪو تمام گهڻي انداز ۽ مختلف قسم
جي معدنيات سميت موجود آهن، هن ٻوٽي اندر. مثال
طور، ڪئلشيم، مئگنيشم پوٽيشيم، آئرن، فاسفورس،
مئگنيز، ڪاپر، فوليٽ، ۽ سيلينيم جو هڪ تمام گهڻو
مقدار موجود هجي ٿو. آمريڪا ۾ لوڻڪ جي استعمال سان
ماڻهن جي صحت ۽ نشو و نما ۾ جيڪا وِٿي پوي ٿي، اُن
تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي آهي.
Standard American Diet and Supports overall
well-being
(4) بيٽا ڪيروٽين
(Beta Carotene):
هن جي موجودگي، جيڪا لوڻڪ اندر بي انتها موجود
آهي، سا وري وٽامن اي جي واڌ ويجهه لاءِ، جسم اندر
ڪتب اچي ٿي، ڪيترن انسانن اندر وٽامن اي جي ڪميءَ
کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي ٿئي.
(5) وٽامن سي
(Vitamin-C):
وٽامن سي قوتِ مدافعت کي وڌائڻ لاءِ ڪم ايندي آهي،
لوڻڪ ۾ هن جي موجودگي، جسم جي مدافعتي نظام لاءِ
بهتري آڻي ٿي ۽ مدد ڪري ٿي.
(Immune System)
کي پنهنجو ڪم آرام ۽ سڪون سان ڪرڻ ۾ ڪتب اچي ٿي.
(6) ميلاٽونن
(Melatonin):
عام طور تي ٻوٽن منجهه هي رطوبت ناپيد هوندي آهي،
پر لوڻڪ جي ٻوٽي اندر هيءَ رطوبت تمام گهڻي مقدار
۾ موجود آهي. هن رطوبت يعني هارمون جي موجودگي،
ننڊ جي عمل کي مڪمل طور تي نهايت خوش اسلوبيءَ
سان، ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿي ۽ جيئن ته هيءَ رطوبت
قدرتي ماحول ۾ هن ٻوٽي اندر فطري طور تي موجود
آهي، انڪري اِها ڀرپور طريقي سان انساني ننڊ جي
عمل کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي.
(7) ڪوليسٽرول جي گهٽائڻ وارو عمل
(Cholesterol Reduction):
اسان کي قدرت جي طرفان، هن بي بها ۽ انمول لوڻڪ جي
ٻوٽي جو بي انتها شڪرگذار ٿيڻ کپي، ڇو ته هن ۾ هڪ
خاص قسم جي اينٽي آڪسيڊنٽ
(Betalian)
پڻ موجود آهي، جيڪو قدرتي طور ڪولسٽرول جي ليول کي
ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ ڪوليسٽرول جي ڪري، جيڪو اِمڪاني
نقصان جو انديشو رت جي نالين کي هوندو آهي، تنهن
کي آرام ۽ آسان طريقي سان منهن ڏئي، ڪنٽرول ڪري
ٿو.
ساڳي وقت ڪوليسٽرول ليول
(LDL)
تي به هاڪاري طرح اثرانداز ٿئي ٿو ۽ ڪنٽرول ڪري
ٿو.
(8) ٽرپٽوفين
(Tryptophan):
هي ٽرپٽوفين هڪ ناياب امينوائسڊ آهي، جيڪا پڻ
قدرتي طور تي هن ٻوٽي ۾ موجود آهي، هن خاص
امينواِئسڊ جو خاص ڪم آهي، انساني جذبات
(Mood)
کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ڊپريشن جي صورتحال تي مڪمل طور
ضابطو آڻڻ.
اسان هن نايات ۽ قيمتي ٻوٽي جي خصلتن ۽ خاصيتن جي
معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڏسون ٿا ته ڪيئن نه هي
ٻوٽو، طب جي
دنيا توڙي عام واهپي وارين شين ۽ ڀاڄين وغيره جي
ڊگهي فهرست ۾ نمايان سرفهرست آهي.
اوميگا ٿري جي مقدار جي خزانن کان وٺي، ميلاٽونن
رطوبت جي موجودگي، ڪيئن نه انسانذات لاءِ بيشمار
نعمتن سان مالامال هيءُ ٻوٽو، ”دوائي“، توڙي
”غذائي“ اهميت قائم ڪري ويٺو آهي.
رابعه ”نور“ جمالي
خودڪشي ڇو ۽ ڇا جي لاءِ؟
خودڪشي،
پنهنجي زندگي،
پنهنجي هٿن سان ختم ڪرڻ جو هڪ عمل آهي،
جيڪو بيوسي جي انتها تي ڪيو ويندو آهي. عالمي
اداره صحت جي هڪ رپورٽ مطابق دنيا ۾ هر سال اٺ لک
ماڻهو خودڪشي ڪن
ٿا
۽ سڀ کان وڌيڪ خودڪشي ڪندڙن
گهٽ آمدني وارن ۽ هيٺئين طبقي جي پيڙهيل
ماڻهن جو آهي.
خودڪشي ڪندڙن
۾
عمر جي حساب سان 15 کان 19سالن جي عمر وارا نوجوان
وڌيڪ آهن ۽ وڏي ڳالهه
ته خودڪشي ڪندڙن ۾ مردن جو تعداد وڌيڪ هوندو آهي.
خودڪشي ڪندڙ هر ماڻهو وٽ پنهنجو ذاتي سبب هوندو
آهي، پر جيڪا ڳالهه هر خودڪشي
ڪندڙ ماڻهوءَ
۾ هڪ جهڙي هوندي آهي،
اها آهي بيوسي. انسان اهڙي بند رستي تي هوندو آهي، جتي هن کي مرڻ کانسواءِ ڪوبه رستو نه ملندو آهي. ايمل درخيم هڪ فرانسيسي سماجي ماهر
هو،
جنهن پهريون ڀيرو خودڪشي تي تحقيق ڪئي ۽ ان تي
ڪتاب لکيو. ان خودڪشيءَ
جا چار قسم ڄاڻايا آهن.
1.
نرگسيت
Egoistic
:
سماجي اڪيلائپ جي ڪري،
ڪيل خودڪشي. ارسطو چواڻي:
انسان هڪ سماجي جانور آهي. اهو اڪيلو نٿو رهي سگهي.
پر ڪو ماڻهو جڏهن
خودثنائي
۾ اچي،
ٻين کان پاڻ کي مٿانهون سمجهي،
دوستن مٽن مائٽن کان الڳ ٿلڳ رهڻ چاهيندو آهي ته
دراصل هو پنهنجي، ان سماجي پاڙ کي کوٽي رهيو هوندو آهي،
جيڪا ان کي زندگيءَ
جي طوفانن ۾ مضبوط جهلي بيهي سگهي ٿي.
پاڻ کي،
سماجي ڳانڍاپن کان بلڪل ٽوڙي الڳ ڪرڻ جو هڪ نتيجو خودڪشي به ٿي
سگهي ٿو.
2.
پاڻ ارپڻ
Altruistic
:
هن قسم جي خودڪشي ڪندڙ ماڻهو،
مٿين قسم جي ماڻهن کان بلڪل ابتڙ
هوندا آهن، جيڪي
پاڻ
کي
مٽائڻ ۽ ٻين جي لاءِ
پنهنجي
زندگي ارپڻ جي انتها تي هوندا آهن. انهن وٽ پنهنجي
ذات، سماج جي اڳيان ڪا به حيثيت نه رکندي آهي. اهڙن ماڻهن ۾ خودڪش
حمله ڪندڙ ۽ وطن ۽ قوم لاءِ پنهنجي زندگي
ارپيندڙ ماڻهو شامل آهن. ڪي ماڻهو پنهنجي خاندان
جي ڪري، ڪو ماڻهو پنهنجي پيار جي ڪري، ٻين کي
تڪليف پهچڻ جو سبب ٿيڻ جي ڪري،
خودڪشي ڪندا آهن
3.
مايوسي
Fatalistic
:
جڏهن سماج هڪ ماڻهو تي گهڻين ئي اميدن جو بار
رکي۽ان مان سماجي، معاشي ۽ جذباتي هر طرح جو بار
کڻڻ جي اميد رکي وڃي ۽ انسان، اهو
سڀ پورو نه ڪري سگهي يا اهي اميدون پوريون ڪندي
ڪندي بيزار ٿي وڃي ته نتيجي ۾ اهومايوس ٿي خودڪشي
ڪندو آهي.
اهڙا ماڻهو،
عام طور تي غربت، روزگار نه هجڻ، بک ۽ بيمارين جي
سببن جي ڪري خودڪشي ڪن
ٿا.
4.
سماجي مونجهارو
Anomic
:
هي هڪ سماجي بيقاعدگي جو قسم آهي،
جنهن ۾ مروجه رسم و رواج ۽ ضابطه روزمره جي زندگيءَ جي عملن سان ٽڪراءُ ۾ هجن.
مثال طور:
جائز طريقي سان پئسا ڪمائڻ، سچ ڳالهائڻ، سماجي
ضابطه ۽ اصول ته آهن،
پر عملي طور تي دنيا ان جي مخالفت ۾ عمل ڪري ٿي ۽
نه صرف عمل ڪري ٿي بلڪه لڪل طور تي ان جي تعريف ۽
همٿ افزائي به ڪري ٿي ته انسان صحيح ۽ غلط جي وچ ۾
منجهي پوي ٿو ۽ اهو مونجهارو به انسان
کي خودڪشي
ڪرڻ جي باري ۾
سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو.
خودڪشيءَ
جا سبب:
اسان جي ماحول ۾ چوگرد ڪيئي مسئلا آهن،
جنهنڪري انسان ڊپريشن يا ڳڻتي جو شڪار ٿئي ٿو، پر اسان وٽ ڊپريشن جي متعلق ڳالهائڻ ممنوع سمجهيو وڃي ٿو. ڊپريشن يا
پريشاني جون ڳالهيون ڪندڙ کي سڌو سنئون
چوڻ ته، هو
چرين واريون ڳالهيون
پيو ڪري ته اها ڳالهه
ڪنهن به ماڻهو کي بي همت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
خودڪشي ڪرڻ جي ڳالهه
ڪرڻ واري کي بزدل، ايمان ڪمزور يا
هروڀرو گهٽ وڌ ڳالهايو ويندو آهي، انڪري ڳالهائڻ جي ڪري
به خودڪشي جو سوچيندڙ ماڻهو،
ڪنهن کان مدد به نه وٺي سگهندو آهي، انتهائي قدم
کڻڻ تائين، ڪنهن کي خبر نه پوڻ ڏيندو آهي.
نفسياتي ڊاڪٽرن
جي کوٽ:
اسان وٽ هڪ
ته
اڳيئي نفسياتي ڊاڪٽرن
جي کوٽ آهي ۽ ٻيو ته ان کي ڪو ڏيکاري به ته ماڻهو
سمجهندا آهن ته چريو ٿي پيو
آهي
يا چري ٿي وئي آهي،
انڪري
دماغي ڊاڪٽر کي ڏيکارين ٿا.
اهڙين ڳالهين ٻُڌڻ جي ڪري به ماڻهو نفسياتي ڊاڪٽر
کي ڏيکارڻ کان لنوائين ٿا.
خودڪشي ڪرڻ جو هڪ سبب،
انتهائي
تڪليف ڏيندڙ
واقعو
ٿيڻ به آهي.
مثال طور:
ڪنهن سان جنسي زبردستي ڪئي وڃي ته نتيجي ۾ انسان
پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳندو آهي. ۽ اڳتي هلي،
ان جو ردعمل خودڪشي جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو.
انصاف نه ملڻ جي ڪري:
اسان جو سماج ناانصافي تي ٻڌل آهي،
جتي گهر کان ويندي،
هر هنڌ اڻ
برابري آهي. ڪڏهن ڪڏهن اڻ برابري جي ڪري ڪو ٻار
ڪنهن خواهش پوري نه ٿيڻ، امتحان ۾ فيل ٿيڻ، نوڪري
وڃڻ،
غربت، بک، بيماري،
اهي سبب به انسان کي خودڪشي تي مجبور ڪن ٿا.
خودڪشيءَ
جا سبب مردن ۾ :
گهڻو ڪري مردن جي ننڍي هوندي کان تربيت ٿيندي آهي
ته ڪنهن به تڪليف ۽ ڏک تي پنهنجي جذباتن جو اظهار
نه ڪجي. اها تڪليف برداشت ڪجي. پنهنجي تڪليف يا
پريشاني جو اظهار مرد لاءِ ڪمزوري ۽
بزدلي جي نشاني سمجهيو ويندو آهي،
جنهنڪري،
جڏهن
هو
مسئلن کي حل نه ڪري سگهندو آهي ته ان جو اظهار ڪرڻ
يا مدد وٺڻ جي بدران، خودڪشي ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آهي.
اسان جي سماج ۾
مرد تي معاشي بار گهڻو هوندو آهي. ان کي پنهنجي
ماءُ پيءُ، ڀيڻن،
ڀائرن، گهر واري، اولاد سڀني جو خرچ کڻڻو هوندو
آهي. معاشي اڻ
برابري جي ڪري محنت، آمدني ۽ خرچ جو فرق ختم نه ڪري سگهندو آهي،
جڏهن اهو سڄو ڏينهن محنت باوجود،
ايترو ناهي ڪمائي
سگهندو،
جو گهر هلائي سگهي ته نتيجي ۾ خودڪشي جو سوچيندو
آهي.
اڪثر ڪري گهرن ۾،
هوند اڻهوند ۾ به ڇوڪرن جون
خواهشون پوريون ڪيون وينديون آهن،
جنهنڪري
انهن
۾ خود غرضي جي سوچ پيدا ٿي
ويندي
آهي. اڪثر ڇوڪرا،
ننڍين ننڍين خواهشن جي پوري نه ٿيڻ تي گهر وارن
کي
خودڪشي ڪرڻ جي
ڌمڪي
ڏيندا آهن ۽ اڪثر نادانيءَ
۾ ان
ڪُڌي ڪم
تي عمل به ڪري ويهندا آهن.
عورتن ۾ خودڪشيءَ
جا سبب
:
اڪثر عورتن ۾ خودڪشيءَ
جو سبب،
ذهني، جنسي، ۽ جسماني تشدد ۽ زبردستي هوندو آهي. شادي شده عورت تي ساهرن ۽ مڙس جي طرفان تشدد. زبردستي جي شادي، ان
کانسواءِ، غربت ۽ بک ۾ ٻارن کي نه ڏسي سگهڻ جي
ڪري،
اجتماعي خودڪشي به گهڻو ڪري،
عورت جي طرفان ٿيندي آهي،
جنهنڪري هو پنهجي ٻارن سميت پنهجي زندگيءَ جو انت آڻيندي آهي.
خودڪشي کي روڪڻ لاءِ
قدم
:
جڏهن به ڪو ماڻهوءَ
مايوسيءَ
جون ڳالهيون ڪري يا پاڻ مارڻ جون ڳالهيون ڪري ته
ان تي نه ٽوڪ ڪجي ۽ نه ڪاوڙ ڪجي، پر ان سان، سنجيدگيءَ سان ويهي ڳالهائجي.
ڇاڪاڻ ته اڪثر ائين ٿيندو آهي ته خودڪشي جو
سوچيندڙ ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪندو آهي. يا اڻ
سڌيءَ
طرح مشورو يا مدد گهرندو
آهي
۽
پنهنجن مسئلن بابت
ڳالهائڻ چاهيندو
آهي،
سو ان
جي ڳالهين کي ٻڌجي ۽ ان کي
نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي.
2 .خودڪشي جي لاءِ استعمال ٿيندڙ شين کي پري رکڻ
يا حفاظت ڪرڻ:
اڪثر ڪري،
ڳوٺن ۾ عورتون زرعي اسپري وارو زهر پي خودڪشي ڪن ٿيون يا وري ڪارو پٿر کائي،
پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻين ٿيون.
مرد اڪثر ڪري پسٽل سان يا وڻ ۾ رسو ٻڌي، ڦاهي ڏيڻ ذريعي خودڪشي ڪن ٿا،
اهڙين شين تي نظر رکجي ۽ خودڪشي جي
سوچيندڙ ماڻهو کان پري رکڻ
گهرجن
۽ ان کي اڪيلو نه ڇڏڻ به هڪ وقتي بچاءُ ٿي سگهي
ٿو.
3 . نفسياتي ماهر ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ:
اسان مان هر ڪو نفسياتي ماهر ٿيڻ جي ڪوشش ضرور
ڪندو آهي، پر اها حقيقت آهي ته جيئن
ڪنهن به جسماني بيماري جي صورت ۾ اسان ڊاڪٽر کي
ڏيکاريندا آهيون. ائين ذهني مونجهارن کي به ڊاڪٽر
ئي بهتر
نموني
سمجهي
سگهي ٿو
۽ حل ڪري سگهي ٿو.
4 . تعليمي ادارن م ماهر ڪائونسلر جو هجڻ:
هر عمر جي حساب سان،
ماڻهن ۾
مختلف ذهني مونجهارا ۽ مسئلا ٿي سگهن
ٿا،
جن کي صرف هڪ ماهر ئي سمجهي سگهي ٿو. اسان وٽ ته نفسياتي
علاج جي ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي، جنهنڪري ڪافي ماڻهو
انهن تائين،
پهچي
نٿا سگهن.
ان لاءِ
ضروري آهي ته هر اسڪول ۾ نفسياتي ڊپلومه ڪيل
ڪائونسلرن، استادن ۽ هيلٿ ورڪرن کي پڻ اهڙي ٽريننگ ڏياري وڃي،
جو اهي اسڪول ۾ اهڙن ٻارن جي رهنمائي ڪري سگهن، جيڪي ڪنهن ذهني موجهاري جو شڪار هجن
ٿا.
سماجي اصولن جو سهل هجڻ:
جڏهن به سماج،
ڪنهن جي زندگيءَ
۾ حد کان وڌيڪ دخل ڏيندو
آهي
ته انسان سماج جو غلام ٿي وڃي ٿو. هو پنهنجي مرضيءَ
سان، پنهجي زندگيءَ جو ڪو به قدم نٿو کڻي سگهي.
هر ڳالهه
۾
ته،
ماڻهو ڇا چوندا،
اهو سوچڻو ٿو پوي. انڪري انسان پنهنجون خواهشون،
پنهنجا
خواب، سماج جي
دقيانوسي سوچن ۽ رسمن رواجن تي
قربان ڪري،
هڪ بي سڪوني واري زندگي گذاري ٿو. ان سان گڏ ئي، جيڪڏهن ڏسجي ته شهري زندگي ۾ ماڻهو سماجي اڪيلائپ جو شڪار ٿي
وڃن ٿا
۽ ڪنهن به مسئلي ۾ خوشين توڙي ڏکن ۾ اڪيلائي جو
شڪار ٿي
وڃن ٿا.
انڪري ضروري آهي ته اسان،
اهو سکئون ته
ٻين
ماڻهن جي خوشين ۽ ڏکن ۾ ته شريڪ ٿجي، پر ان جي فيصلن ۽ان جي چونڊ تي اثر انداز نه ٿجي.
خدا جي ذات تي ڀروسو:
هڪ ڀيرو ڪنهن ريسرچ
مئگزين ۾ پڙهيو هو ته:
هڪ سماجي ماهر،
ٻن مختلف شهرن ۾ آيل زلزلي جي ڪري،
ماڻهن جي زندگيءَ
۾ آيل نفسياتي اثرن تي تحقيق ڪندو آهي.
ان تحقيق جي نتيجي ۾
اهو ٻڌائيندو آهي ته جتي ماڻهو خدا جي ذات تي يقين ڪندڙ
نه هوندا آهن ته اتي، اهي مختلف ذهني مونجهارن جو شڪار هوندا آهن ۽ اتي خودڪشي جي
شرح به گهڻي هوندي آهي، بنسبت ان جي، جتي ماڻهو خدا جي ذات تي ڀروسو ڪندڙ هوندا آهن. خدا جي ذات تي
ڀروسو، انسان ۾ اميد پيدا ڪري ٿو ۽ان اميد سان ڪوشش ڪري ٿو ته خدا جي ذات ان جو
ضرور ساٿ ڏيندي.
ٻارن جي صحيح نموني سان تربيت:
اڪثر ائين ٿيندو آهي ته ٻارن کي ڳالهه
ڳالهه
تي
گهروارن
پاران،
مار موچڙو
ڪيو ويندو آهي،
۽ گهٽ وڌ ڳالهايو ويندو آهي.
يا انهن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي.
ٻار اهي سڀ شيون،
پنهنجي دماغ ۾
رکندو
ويندو آهي،
هر اهو لفظ،
جيڪو ٻار کي توهان چئو ٿا.
ٻار پاڻ کي ائين سمجهڻ شروع ڪندو آهي.
مثال طور:
توهان ٻار کي چئو نڪمو سست ڪاهل، ته ٻار
انهن لفظن جو اثر وٺندو ۽ نتيجي ۾ ٻار ائين
ئي
ٿيندو ويندو ۽ احساس ڪمتريءَ
جو
شڪار
ٿي ويندو.
يا وري
گهرڀاتين طرفان
ٻين ٻارن سان
ان ٻار جي
ڀيٽ ڪرڻ ته هي يا هو هوشيار آهي، عقلمند آهي. ۽ تون نه آهين. ته ائين ڪري ڪري،
اسان ٻار جي شخصيت تباهه
ٿا ڪري ڇڏيون ۽
ان ٻار
۾ پاڻ کي ڏوهه
ڏيڻ جي عادت ٿي وڃي ٿي ۽ جڏهن ان جي زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو مسئلو ٿئي ٿو ته هو انتهائي قدم کڻڻ جو سوچي ٿو.
خودڪشي جو رجحان ختم ڪرڻ لاءِ ادارن
کي خودڪشي جي سببن تي ڪم ڪرڻو پوندو. سڀ کان پهرين
اسان کي هڪ ٻئي لاءِ بهتر رويا، احترام ۽ برداشت
سکڻو پوندو ۽ ٻيو ته هر
ماڻهوءَ کي انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي،
سماج
مان،
غربت ۽ ناانصافيءَ
کي
ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺڻي پوندي.
|