سوچ ويچار
دنيا جي ادب توڙي تاريخ جي حوالي سان مطالعو ۽
مشاهدو ڪجي ٿو ته، خبر پوي ٿي ته جتي جتي عورت جي
حڪمراني رهي آهي، اتي ان خوشحال ۽ عدل و انصاف تي
ٻڌل سماج ٺاهڻ لاءِ جاکوڙيو آهي. ائين به ناهي ته
ڪو تاريخ ۾ حڪمراني ڪندڙ عورتن جي دور ۾ قتل و
غارت نه ٿي هجي! يقيناً هر انسان جي پنهنجي پنهنجي
سوچ آهي، پر تاريخ جي ورق داني ۽ تحقيق سان معلوم
ٿئي ٿو ته عورت هميشه امن جي گھُرجائو رهي آهي.
هوءَ پنهنجو وقت سجايو ڪري ٿي، گهر کان ويندي،
پنهنجي ڪم ڪار واري منصب کي محنت، جفاڪشي ۽
ايمانداريءَ سان نڀائي ٿي. مشاهدي مان خبر پوي ٿي
ته: عورت جذباتي ۽ احساساتي طور هر رشتي جي درد ۽
سماج ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کي گهرائيءَ سان محسوس ڪري ٿي،
۽ ان کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته عورت گهر کان وٺي،
ٻاهر تائين، هڪ بهترين ۽ پُرخلوص منتظم آهي. منجهس
سمجهداري، سهپ، صبر ۽ شڪر آهي، اهي وصفون کيس
بهادر ۽ اڏول بڻائين ٿيون، انڪري هر شعبي ۾ عورت
جي شموليت ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪاميابيءَ جو سبب
بڻجندي.
قائداعظم محمد علي جناح چيو آهي ته:
“I have always maintained No Nation can ever be
worthy of its existence that can not take its
women along with the men. No Struggle can ever
Succeed with out women Participating side by
side with men. There are two powers in the
world, one is the Sword and other is the Pen.
There is great competition and rivalry between
the two. There is third Power stronger than
both, that of the women. No Nation can rise to
the hight of glory unless your women are side by
side with you. We are victims of evil, Customs,
it is a crimes against humanity that our women
are shut up with in the four walls of the houses
as prisoners.”
آئون سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جناب مخدوم
سعيدالزمان ”عاطف“ جو ٿورو مڃيندس، جنهن اداري ۾
هميشه بنان ڪنهن تفريق جي مون کي اعليٰ منصب تي
فائز ڪيو آهي ۽ اداري جي هر ماڻهوءَ کي پنهنجو حق
ڏيندا رهن ٿا.
گلبدن
جاويد
ڊاڪٽر سحر
امداد حسيني
شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا
هوءَ خوابن جهڙي شهزادي،
جا خواب نگر مان آئي هئي.
هوءَ سندر سپنا ساڻ کڻي،
۽ سوچن ۾ سرهاڻ کڻي،
۽ اکين ۾ آلاڻ کڻي،
هن ڌرتيءَ تي هوءَ آئي هئي.
بُک کان پاهه ٿيل ماڻهن لئه،
هُن چنڊ جي ماني آندي هئي،
بُک کان پاهه ٿيل ٻارن لئه،
چانڊوڪيءَ جي کير ڪٽوري آندي هئي.
۽ پياسن روحن جي لئه،
نير ندي هن آندي هئي،
اڌ اگهاڙن جسمن لئه هن،
بادل جي چادر آندي هئي.
بي گهر ماڻهن لاءِ سائين،
انڊلٺ رنگا گهر ها هِن وٽ،
اونداهين سان سينو تاڻي،
ڏور گگن تان تارا آڻي،
پيشانين جي کيتن ۾ هوءَ،
تازا تازا ٻج ڇٽي وئي.
۽ تنهنجي منهنجي اکين لئه،
هن خواب ڏسڻ جي هير به آندي،
هن خواب ڏسڻ جي وير به آندي،
هن ڪيڏا سپنا آندا ها!
۽ ڪهڙا سپنا آندا ها!
انڌيرن جي ڌرتيءَ تي،
هوءَ سورج بڻجي آئي هئي.
۽ صدين کان ڪنڌ جهڪائي بيٺل،
سورج مُکين ڳاٽ کنيا ها،
سپنا اُڻندي اُڻندي هوءَ،
پاڻ ئي سپنو بڻجي وئي.
هوءَ سپنو هئي، هوءَ سپنو آ،
سو سپنو مور نه مرڻو آ!
هوءَ تنهنجو منهنجو سپنو آ،
گولي سان يا بم گولي سان،
تون ۽ آءٌ مري وينداسين،
پر تنهنجو سپنو منهنجو سپنو،
هن جو سپنو پنهنجو سپنو،
سو سپنو مُور نه مرڻو آ!
امداد
سروري
نظم
ڪيڏي ته ڏس هوشيار آ، هِن سان سڀن جو پيار آ،
پڙهندو ته هرڪو ٻار آ، هن جو سٺو ڪردار آ،
ٿي سوچي پنهنجي بهتري،
منهنجي سنڌ جي ڇوڪري.
ڇا سوچ جي اُڏام آ، محنت به صبح شام آ،
نڪو هن کي ڪو آرام آ، لب تي خدا جو نام آ،
ڪندو ڪير هن سان همسري،
منهنجي سنڌ جي ڇوڪري.
اڳتي هن کي پڙهائجي، علم و هنر سيکارجي،
گڏ پاڻ سان وهارجي، سڀ پيار سان سمجهائجي،
چَون ڇا ته آهي نينگري،
منهنجي سنڌ جي ڇوڪري.
ڇا سوال، ڇا جواب آ، هر گفتو، لاجواب آ،
سڀ سمجهي ٿي بيتاب آ، تڏهين ته ڪامياب آ،
آهي مون سان محبت ڪيتري،
منهنجي سنڌ جي ڇوڪري.
هيءَ قومَ جو بنياد آ، هيءَ درد جو فرياد آ،
ڪِٿ شاد، ڪٿ ناشاد آ، ايڏي نه هيءَ آزاد آ،
هن کي کپي ٿي رهبري،
منهنجي سنڌ جي ڇوڪري.
چَون ڌيءُ ڇو پڙهائجي، نه علم هن کي سيکارجي،
رڳو وڏي ٿئي پرڻائجي، فقط گهر جو ڪم ڪرائجي،
اِهو ظلم آ، سراسري،
منهنجي سنڌ جي ڇوڪري.
هيءَ همٿ جو هٿيار آ، ڪاٿي مار ڪاٿي پيار آ،
هر وقت هيءَ بيدار آ،
ڪم پنهنجي ۾ هوشيار آ،
مائٽن جي گهرجي دلبري،
منهنجي سنڌ جي ڇوڪري.
نياڻين سان ڇا زيادتون، هڪدم وٺن ٿيون حيرتون،
ڏاڍيون خراب حالتون، عزت وڃي ته قيامتون،
ڄڻ جيئري گهر ۾ وئي مري،
منهنجي سنڌ جي ڇوڪري.
ڪا ڊي.سي، ڪا جج ٿي، ڪا ايس.پي، مختيارڪار ٿي،
ڪا وڪيل، صوبيدار ٿي، تاريخ تن آهي لکي،
سلام تن کي وري وري،
منهنجي سنڌ جي ڇوڪري.
هڪ ڇوڪريءَ، روئي ڏنو، اي ون گريڊ جنهن کنيو،
پيءُ ٿي چيو اڳتي پڙهو، ڀائرن چيو گهر ۾ ويهو،
سا روئي پَٽَ تي پئي ڪري،
منهنجي سنڌ جي ڇوڪري.
سا گهر ۾ قيد ٿي وئي، هن ڳالهه ڪنهن سان ڪانه ڪئي،
هر وقت سا روئندي رهي، ڪا ڪهل ڪنهن کي ڪانه پئي،
هاڻي نه پڙهندي هيءَ وري،
منهنجي سنڌ جي ڇوڪري.
نياڻين کي سهوليت کپي، هرڪا منزل تي رَسي،
سا دنيا ۾ اهڙو ڪم ڪري، هرڪنهن کي بس حيرت وٺي،
”امداد“ لکان ڇا سروري،
منهنجي سنڌ جي ڇوڪري.
عين سحر
غزل
اوهان بن حياتي گهڙيون ئي اجايون!
اوهان مُرڪ ڪڪريون الئه ڪٿ وسايون!
ڇڏي ساٿ منهنجو سفر ۾ وئين ڇو؟
ڏکن سدائين رهاڻيون رچايون.
غمن کي وساري اگهي لڙڪ پنهنجا،
کلي پاڻ جاني سڄو جڳ کلايون.
اجها ميون ٻرن ٿيون اکيون هي اسان جون،
ٿڪيون هن، اکين کي ننڊون ڪجهه ڪرايون.
اڃان آدمي بي شعوريءَ ۾ آهي،
علم سان انڌيرو وطن مان ڀڄايون.
”سحر“ سوڳ ۾ ئي سدائين رهين ٿي،
ڀلا ڇو نه ٿينديون اميدون سجايون.
چوسٽا
رستا به ٻُسا هيبت هاڻا!
پير ٿيا نستا ۽ ساڻا!
هر پاسي آهي خاموشي،
موٽي آ تون منهنجا راڻا.
***
خوف ڪيڏو وڌي ويو انسان ۾،
ڇا بچيو زندگيءَ جي عنوان ۾،
گم خوشيون ٿي هن حياتيءَ جي باب مان،
ٿي ڪمي آدمي جي ايمان ۾.
ڊاڪٽر
زڪيه ڏاهري
گيت
نوريءَ جا نيڻ نماڻا سنڌ آھن،
سسئيءَ جا سور سرس سنڌ آھن.
سھڻيءَ جي بغاوت سنڌ آھي،
مارئيءَ جي محبت سنڌ آھي.
مومل جا ماڻا سنڌ آھن،
لِيلا ن جا ليلائڻ سنڌ آھن.
اي ڌرتي ماتا تو کي سلام آھي،
سورٺ جي سخاوت سنڌ آھي.
چوسٽا
1
ھي جيون ھڪڙو جھوٽو آ،
تو ٻاريو ڪو به نه ٻوٽو آ.
ڪوڙي دنيا جي ڌوڪي ۾،
تو ڇو ! اک کي ٻوٽيو آ.
2
ھي جيون تو سان گھاريو،
مون سڀ ڪجھه پنھنجو ھاريو،
ھر رشتو تو کي پيارو ،
تو مون ڏي ڪين نھاريو. |