نورافشان بيگم
اُمنگ
جيئن جيئن ڪراچي ايئر پورٽ ويجهو اچي رهيو هو،
تيئن تيئن بهزاد جو اضطراب وڌي رهيو هو ۽ هو
دعائون گهري رهيو هو ته خدا ڪري ايئر پورٽ تي زيبا
آئي هجي! ٽن سالن جي عرصي ۾ زيبا هن ڏانهن، هڪ خط
به نه لکيو. هن کي ياد آيو، جڏهن هو ٽي سال اڳ
پنهنجي والدين ۽ زيبا کان رخصت ٿي، انگلينڊ وڃي
رهيو هو، تڏهن هن ڏٺو ته ميان صاحب با رعب آدمي
هوندي به هن کي مايوسيءَ سان رخصت ڪري رهيو هو. ڇا
خبر ته ٽن سالن جي طويل عرصي ۾ الائي ڪهڙا ڦيرا
گهيرا اچي وڃن ۽ سندس والده جون نماڻيون اکيون،
بار بار غم آلود ٿي رهيون هيون، پر زيبا تمام
جذبات کان عاري، هڪ طرف مشڪي رهي هئي. اها لطيف
مسڪراهٽ، جا هن جي چهري جي سونهن کي دوبالا ڪري
رهي هئي ۽ جڏهن بهزاد زيبا سان هٿ ملائڻ آيو، تڏهن
زيبا پنهنجي خاص مسڪراهٽ سان، هن ڏانهن نهاريندي،
هٿ وڌايو. تڏهن هن کي احساس ٿيو ته شايد زيبا کيس
پنهنجو ڪجهه به نٿي سمجهي. شايد دوست به نه!
انگلينڊ پهچي، هن هڪ ٽيليگرام ميان صاحب ڏانهن
روانو ڪيو ته مان خيريت سان پهچي ويو آهيان ۽ تنهن
کان پوءِ هن گهر جي ڪنهن به فرد کي خط نه لکيو.
ميان صاحب جي خط جو جواب کيس احتراما ڏيڻو پوندو
هو، پر والده سان به هن خطن جو سلسلو گهٽائي ڇڏيو
هو. اهو ڪجهه لنڊن تي موقوف نه هو. هو شروع کان ئي
خطن لکڻ ۾ ڪاهل هو. ٻيو ته ڇڏيو، پر زيبا سان به
سندس اهو طريقو هو، پر زيبا ڪڏهن به خط بند نه
ڪيو. هو بهزاد کي هر هنڌ پنهنجي دلچسپ معصوميت ۽
سنجيدگيءَ سان ڀريل خطن ذريعي وندرائيندي هئي ۽
هينئر اهو سلسلو هڪدم موقوف ٿي ويو ۽ هو انتظار ۾
رهيو ته اڄ زيبا جو خط ايندو، پر ٽپال ڏسڻ بعد هو
مايوس ٿي ويندو هو، ۽ ائين انتظار ۾ ٽي سال گذري
ويا. پر زيبا جو خط نه اچڻو هو نه آيو. زيبا کيس
جيترو وساريو هو، هو کيس اوترو ئي ياد اچي رهي
هئي؛ پر تنهن هوندي به خودي کيس زيبا ڏانهن لکڻ نه
ڏنو.
هر دفعي ٽپال ڏسڻ بعد، هن جي دل ۾ زيبا لاءِ خفگي
وڌندي ٿي وئي. پهريون ته اها خفگي جا هن جي پڙهڻ ۾
به رڪاوٽ وجهندي هئي، پر آهسته آهسته سندس ننڍپڻ
جي تنهار رفيق زيبا هن جي دل تان لهي ويئي، ۽ هو
وڏي شوق سان تعليم حاصل ڪرڻ لڳو. زيبا کيس هينئر
انوقت ياد ايندي هئي، جڏهن هو ليبارٽريءَ مان
ٿڪجي، پنهنجي بيڊ روم ڏانهن رخ ڪندو هو، زيبا هڪ
حسين خواب بڻجي، هن جي ذهن تي ڇانئجي ويندي هئي، ۽
هو خوش آينده خيال ڪري آرام ۾ محو ٿي ويندو هو. هو
سوچيندو هو ته زيبا ڪهڙي نه سٺي آهي! پر هينئر هن
کيس ڇو وساري ڇڏيو آهي ڇا، کيس ٻيون دلچسپيون هٿ
آيون آهن؟ عجيب خيال هن جي ذهن ۾ زيبا لاءِ ايندا
رهندا هئا.
ايئروپلين آهسته ڊرگ روڊ ايئر پورٽ تي اچي لٿو ۽
هن جي خيالن جو سلسلو ٽٽي ويو. جهاز مان لهي، هن
جون تلاش ڪندڙ نگاهون، هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو.
هڪ هنڌ کيس پنهنجن مائٽن جو گروهه نظر آيو، جنهن ۾
هو پنهنجي گوهر ناياب کي تلاش ڪرڻ لڳو، ۽ هن جون
نيريون اکيون حسرت جي احساس کان چمڪڻ لڳيون ته
زيبا به آئي آهي يا نه؟ اهو احساس هن لاءِ ڪيڏو نه
مسرت بخش هو ۽ هڪ لمحي لاءِ هو زيبا جون سموريون
شڪايتون وساري ويٺو. هو خوشيءَ وچان مائٽن ڏانهن
وڌيو. ميان صاحب سان ملي، جڏهن ماءُ جي محبت ڀريل
آغوش مان آزاد ٿيو، تڏهن ڀيڻ رضو هن سان نهايت
گرمجوشيءَ سان هٿ ملايو ۽ زيبا هميشه وانگر دلنشين
مسڪراهٽ سان هن جو آڌر ڀاءَ ڪيو. زيبا جي حسين
مسڪراهٽ، جنهن ۾ خوشيءَ جا ڪنول ترندا هئا، هڪ
زندگي بخش نغمو هئي، پر الائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن بهزاد
کي انهيءَ مرڪ کان چڙ اچي ويندي هئي. آخر هر وقت
رڳو مسڪراهٽ ۽ وڌيڪ گفتگو ئي نه. هو ميان صاحب سان
ڳالهائيندو، ڪار تائين آيو. ڪار ۾ به هن زيبا
کانسواءِ ٻين سڀنيءَ سان ڳالهيون ڪيون ۽ خود زيبا
به چپ هئي. شرير رضو ته هن جي انهيءَ نموني کي
الائي ڇا سمجهي رهي هئي، جو بار بار هن جي ياقوتي
چپن تي مرڪ اچي رهي هئي. آخر بهزاد گفتگو شروع
ڪئي. زيبا سان ٽڪر هڻڻ محال هو. گهر پهچي، هن
ٻاراڻي انداز ۾ چيو: ”ڏس زيبا! تو مون کي وساري
ڇڏيو نه! هيتري عرصي ۾ مون کي هڪ خط به نه لکيئه،
هينئر مان توسان ناراض آهيان.“
زيبا پرسڪون لهجي ۾ مرڪي چيو:
”بهزاد! اهو ته مان به چئي سگهان ٿي. ۽ ٻيو خود تو
ائين ٿي چاهيو ته مان توسان خط و ڪتابت نه ڪريان.
”اهو ڪيئن؟“ هن تعجب ڪندي پڇيو.
زيبا کيس ٻڌايو ته جڏهن هو ڪراچيءَ ۾ هو، تڏهن هڪ
دفعي تنهنجي خطن جي جواب نه ڏيڻ کان تنگ ٿي، هن
کيس لکيو هو ته جڏهن تون انگلينڊ ويندين، تڏهن به
تون شايد پنهنجي تحرير مبارڪ کان محروم رکندين.
پوءِ تڏهن به تو جواب نه ڏنو. هو نادم ٿي ويو.
”ڀلا تون ناراض هئينءَ؟“ هن خفت مٽائي، کلي چيو:
”زيبا! نه نه، مان ته ناراض نه آهيان، پر مون
سمجهيو ته شايد توکي منهنجو خط لکڻ پسند نه آهي،
ته پوءِ مان توکي ڇو ناراض ڪريان.“ هن سنجيدگيءَ
سان جواب ڏنو.
”اوهو! تڏهن اها ڳالهه هئي! تنهنجي انهيءَ ڳالهه
يعني خط نه لکڻ، مون کي ايتري الجهيڙي ۾ وجهي
ڇڏيو، جو بس! مون ته سمجهيو ته شايد ڪي دلچسپيون
ميسر آيون اٿس، تڏهن مون کي....“ هن جملو اڌ مان
ڪٽي، شرارت سان مرڪي چيو.
نوڪرياڻي سڏ ڪيو ته کاڌو تيار آهي. هو ڊرائنگ روم
ڏانهن هليا ويا. زيبا، بهزاد جي سوٽ هئي. سندس
والدين فوت ٿي ويا هئا. ميان صاحب هن جو وڏو چاچو
هو. بهزاد ۽ هوءَ هڪڙي ئي گهر ۾ پليا نپنا هئا.
هينئر بهزاد جي واندڪائيءَ جو سمورو وقت زيبا سان
گڏ گذرندو هو. جتي هو دنيا جهان جون ڳالهيون ڪري،
وقت گذاريندا هئا. بهزاد جيتوڻيڪ زيبا سان هيترو
وقت گفتگوءَ ۾ مصروف هو، تڏهن به هو زيبا جي خيالن
جي تهه تائين نه پهچي سگهيو ۽ هن جي هميشه اها
خواهش رهي ته افسوس زيبا هن جي ٿي رهي! ۽ هن جي
فطرت جي هر ذري کان واقف هجي! پر هو هن کي سمجهي
نه سگهيو. ڪڏهن ڪڏهن هن کي ائين محسوس ٿيندو هو ته
زيبا کيس بيحد چاهي ٿي. پر ڪڏهن هن جي روش اهو
ظاهر ڪندي هئي، گويا هن کي بهزاد سان دور جو واسطو
به نه آهي. ۽ هن جي اها خواهش هئي ته هو زيبا جي
خيالن جو ڪجهه اندازو لڳائي ته هن لاءِ سندس دل ۾
ڪهڙو خيال آهي؟ پوءِ جيڪڏهن هوءَ هن کي چاهي ٿي ته
هوءِ کيس هميشه لاءِ پنهنجو ڪري. پر زيبا جي روش،
هن کي ڪشمڪش ۾ وجهي ڇڏيو. زيبا جي عادت ڪجهه اهڙي
هئي، جو هن بهزاد اڳيان پنهنجي محبت جو اظهار ڪرڻ
به ٺيڪ نه سمجهيو هو. هڪ ڏينهن هو باغ ۾ بيڊ منٽن
راند ڪري رهيا هئا. زيبا مسلسل جيتي رهي هئي. آخر
بهزاد بيزار ٿي راند ختم ڪئي ۽ نوڪر کي ليمن
اسڪويش وٺي آڻڻ لاءِ چئي، گفتگوءَ ۾ مصروف ٿي ويو.
بهزاد چيو: ”زيبا! مسلسل هار به انسان کي دلشڪسته
بڻائي ٿي ڇڏي. ڪيئن ٺيڪ آهي يا نه؟ مون کي ته راند
مان مزو ئي ڪو نه ٿو اچي.“
زيبا وراڻيو ته: ”بلند حوصلا انسان ته شڪست کان نه
گهٻرائيندا آهن. البته ڪمزور دل انسان سو آزرده
خاطر ٿي ويندا آهن.“
بهزاد ڄاڻي واڻي گفتگوءَ جو موضوع بدلائي چيو ته:
”زيبا! پيار جي انتها ڇا آهي؟ جتي هو ابديت جو
رتبو حاصل ڪري!“
زيبا جواب ڏنو ته: ”پيار جي انتها، اها آهي، جنهن
۾ غرض شامل نه هجي. حتيٰ ڪِ محبوب جي قرب جي به
خواهش نه هجي. انهيءَ محبت ۾ ابديت جو عنصر پيدا
ٿي سگهي ٿو. جيڪا موٽ ۾ ڪجهه نه گهري.“ زيبا
فلسفيانه انداز ۾ چيو.
بهزاد هن جي خيالن تي حيران رهجي ويو ۽ شرارت آميز
لهجي ۾ چيو:
”ڀلا زيبا! توکي ڪنهن سان محبت آهي؟ ڏس، سچ ٻڌائج،
هو شوق وچان، زيبا ڏانهن نهارڻ لڳو. ۽ زيبا مرڪي
چيو: ”پر، بهزاد! تون اهو ڇو ٿو پڇڻ چاهين، ۽ مان
توکي ڇو ٻڌايان!“
بهزاد پنهنجي خفت مٽائي جواب ڏنو ته ”جيڪڏهن مان
تنهنجو همراز بڻجان ته ڪهڙو ڏوهه آهي؟ ڇا مون کي
اهو شرف به نه بخشندينءَ؟“
زيبا چيو ته: ”مون توکي هينئر ئي ٻڌايو آهي ته مان
اهڙي قسم جي محبت جي قائل نه آهيان ۽ اڄڪلهه
رازداري، بازاري قسم جي محبت جو نمونو آهي ۽
منهنجي خيال ۾ ته پنهنجي محبوب جي اڳيان به پيار
ظاهر نه ڪجي. پوءِ ته توکي راز دار بنائڻ جو سوال
ئي پيدا نٿو ٿئي.“ هن پنهنجو ليڪچر ختم ڪيو ۽
بهزاد جي چهري جو جائزو ورتو، جنهن جي چهري تي
هلڪي مايوسي نظر اچي رهي هئي. هن کي اهو ڏسي افسوس
ٿيو. اهي لفظ غير ارادي طرح هن جي زبان مان نڪري.
ويا. هن بهزاد جي سگريٽ لائٽر سان کيڏندي چيو:
”پر بهزاد! مان اهو تڏهن ٿي چاهيان، جو مون ڏٺو
آهي ته اڄڪلهه جي محبت نوانوي سيڪڙو ناڪام ٿي رهي،
۽ ان جو انجام آخرڪار نفرت ۾ تبديل ٿي ويندو آهي،
۽ مان محبت جهڙي مقدس چيز کي نفرت جي مڪروه شڪل ۾
ڏسڻ نٿي چاهيان. تنهنڪري منهنجي خيال ۾ ته محبوب
کي اهو موقعو ئي نه ڏيڻ گهرجي ته هو محبت يا نفرت
ڪري. جهڙيءَ طرح سپ ۾ موتي پيل هوندو آهي، تهڙيءَ
طرح ڪنهن جو پيار پنهنجي دل ۾ رکڻ سٺو آهي.“ زيبا
پنهنجو طويل ليڪچر ختم ڪري، هن کي چيو ته هينئر
تون پنهنجا خيال ظاهر ڪر. بهزاد ڪر موڙي اٿي چيو:
”مان ڇا چوان! باقي تنهنجا ته خيال عجيب آهن. فرض
ڪر، ڪو توکي چاهي ٿو ۽ ان جي ها خواهش رهي ٿي ته
هن کي اها خبر هجي ته تون کيس چاهين ٿي يا نه؟ ۽
جيڪڏهن کيس تنهنجي طبيعت مان ڪجهه به معلوم نه ٿئي
ته هو ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو ۽ پوءِ توکي اهڙي
پيار مان تسڪين حاصل ٿيندي؟ پر انهيءَ جي بر عڪس
ٻيو ته عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو.“ بهزاد
ائين چئي، تڪڙو پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو. زيبا
زيرلب مرڪي، کيس نهاريندي رهي.
اڄ کاڌي جي ميز تي بهزاد ڪو نه هو. رضيه ڀيڻ جي
پڇڻ تي نوڪرياڻي ٻڌايو ته هو پنهنجي ڪمري ۾ نه
آهي. زيبا سوچ ۾ پئجي ويئي. کاني جي ٽيبل تي اڄ
خلاف- معمول خاموشي ڇانيل هئي. بهزاد کاني جي ميز
تي هميشه کل چرچو ڪندو رهندو هو. سندس چوڻ موجب ته
خوشيءَ سان کاڌي کائڻ ڪري، صحت سٺي رهندي ۽ سڄي
فيملي هڪ هنڌ کانو کائيندي هئي.
زيبا جا خيال معلوم ڪري، بهزاد پريشان ٿي ويو. هو
سوچڻ لڳو ته عجيب خيال اٿس. هينئر ته انهيءَ حالت
۾ منهنجو اقرار- محبت ڪرڻ به اجايو آهي. هن جي هڪ
اهائي عادت خراب آهي ته هو خود سر آهي ۽ مون کي
پنهنجي خيالن جي آڏو ڪڏهن اچڻ نه ڏيندي پوءِ
اهڙيءَ حالت ۾ ته منهنجي زندگي تباهه ٿي ويندي.
هينئر جو هي منهنجي زندگيءَ جو جزو بڻجي چڪي آهي،
جيڪڏهن هيءَ هلي ويئي ته منهنجو الائي ڇا ٿيندو؟
ڇا، هن جي جستجو ڇڏيان؟ ائين ڪيئن ٿيندو؟ يا بنا
سندس رضامندي جي ساڻس شادي ڪريان؟ پوئين خيال تي
هن ڪجهه دير سوچيو. آخرڪار هن ائين ڪيو، جو رضيه
ڀيڻ کي پنهنجي خيال کان آگاهه ڪيائين. رضيه ڀيڻ
خوش خوش ٿي وڃي، اها خبر پنهنجي والده کي ٻڌائي،
جنهن وري ميان صاحب کي واقف ڪيو. پر ميان صاحب جي
چهري تي بجاءِ خوشيءَ جي رنجيدگي نمايان ٿي ويئي ۽
خار مان چوڻ لڳو:
”نه، ائين وري ڪيئن ٿيندو؟ بهزاد جي لاءِ ته مان
جسٽس اڪبر کي چئي چڪو آهيان، ۽ هن به رضامندو
ڏيکاريو آهي. اهڙن نوجوانن جي اڃا پاڪستان ۾ ڪمي
آهي. جهڙو اسان جو بهزاد! هينئر سندس نياڻي فقط
بي- اي پاس ڪري پوءِ اسان جو خاندان به جسٽس جي
ڪري مشهور ٿي ويندا!“
بهزاد جي والده مايوسيءَ مان پڇيو ته: ”پر اوهان
کي جسٽس جي چوڻ کان اڳ ۾ بهزاد کان پڇڻ گهربو هو.
مبادا، هو رضامند نه به ٿئي.“ ميان صاحب پنهنجي
ڪڙڪدار آواز سان چيو: ”بيوقوف ڇوڪرو! اڃا اهڙو
موقعو وڃائيندو؟ خبر نه اٿيئي ته جسٽس پنهنج ڌيءُ
کي اڌ لک روپيا ملڪيت به لکي ڏني آهي.“ ائين چئي،
هو غصي مان ٻاهر هليو ويو. تڏهن رضيه کي محسوس ٿيو
ته زيبا هڪ يتيم ڇوڪري آهي، جا پنهنجي چاچي جي
فرعونيت ڪري تباه ٿي ويندي. هينئر بهزاد کي ڇا
چئي؟ هوءَ سوچ ۾ گم ٿي وئي ته بهزاد هن جي ڪلهي تي
هٿ رکي، شوق وچان پڇيو: ”رضوءَ ڀيڻ! ميان صاحب ڇا
چيو؟“ هن جي لهجي مان اميدن جا سونهري ڪرڻا نظر
اچي رهيا هئا. رضيه مايوس نگاهون مٿي کڻي چيو:
”بهزاد! زيبا توکي نه ملي سگهندي ، اهو خيال دل
مان ڪڍي ڇڏ.“ هن جي چهري تي مايوسيءَ ۽ تعجب جي
گڏيل ڪيفيت ڇانئجي ويئي، ۽ گهٽيل آواز سان
پڇيائين: ”پر رضو! ميان صاحب ڇا چيو؟“
اهوئي ته تنهنجي شادي جسٽس جي ڌيءُ سان ٿيندي. هو
کيس چئي چڪو آهي. رضيه ائين چئي هلي ويئي ۽ بهزاد
غم ۽ غصي جي حالت ۾ هيڏي هوڏي ڦرڻ لڳو. هو سوچڻ
لڳو. ”اف! ميان صاحب هي ڇا ڪيو؟ مون کان پڇيائين
به نه، جيڪڏهن مون زيبا سان شادي نه ڪئي ته تسنيم
سان به هرگز نه ڪندس. آخر مان پنهنجي امنگن کي
ائين ڇو ذليل ڪريان؟. نه، نه، ائين هرگز نه ٿيندو!
هن جي دل ۾ ميان صاحب لاءِ جا عزت هئي، سا غائب ٿي
ويئي. افسوس! دولت خاطر، هن منهنجي زندگي تباهه
ڪري ڇڏي.
اي منهنجا معبود! مون تي رحم ڪر!
بهزاد رضيه کي چيو ته هو تسنيم سان شادي نه ڪندو.
انهيءَ ڳالهه سببان گهر ۾ گوڙ مچي ويو. ميان صاحب
کي ڪاوڙ لڳي. رضيه ۽ سندس والده پريشان ٿي ويون ۽
بهزاد غم ۽ غصي جي آتش کي سيني ۾ سانڍي ڦرندو
رهيو. تڏهن زيبا کي به خبر پئي، ۽ هن رضيه کي چيو:
”رضوءَ ڀيڻ! هيءُ هيترو هنگامو، جو منهنجي ڪري ٿيو
آهي، تنهن جو مون کي افسوس آهي. منهنجو وجود هڪ
پرمسرت گهر ۾ غم جو باعث بڻجي رهيو آهي. پر ان کان
اڳ بهزاد کي معلوم هئڻ گهرجي ته مان سڄي عمر
ڪنواري رهنديس. پوءِ هيڏي جهڳڙي ڪرڻ جو سوال ئي
پيدا نٿو ٿئي. مهرباني ڪري تون کيس آگاهه ڪر. اميد
ته سمجهي ويندو.“ زيبا غم انگيز لهجي ۾ سنجيدگيءَ
سان ائين چئي هلي ويئي. ۽ رضيه دور تائين، کيس
مايوس نگاهن سان ڏسندي رهي. هن کي خبر هئي ته زيبا
کي بهزاد ڪيڏو نه پيارو آهي. پرفقط هن گهرجي
هنگامي کي دور ڪرڻ لاءِ چئي رهي آهي. بدنصيب رضيه
جون نماڻيون اکيون آب آلود ٿي ويون. دنيا ۾ ڪيترا
انسان بد نصيب آهن. هن گهر ۾ ئي ڏسجي. بهزاد، زيبا
۽ هو پاڻ جنهن جو نوجوان پائلٽ مڙس کيس فقط جاويد
جي نشاني ڏيئي، راهيءِ عدم ٿي ويو، ۽ هوءَ تنها
زندگيءَ جي ڪٺن راهن تي گامزن ٿي هلي رهي آهي.
هوءَ ڀريل قدمن سان بهزاد جي ڪمري ڏانهن ويئي. جتي
هو وائلن جي تارن تي، پنهنجون اداس آڱريون ڦيري
رهيو هو. هن کيس زيبا جا چيل اکر ٻڌايا. بهزاد
دور، خلا ۾ نهاري، اداس لهجي ۾ چيو:
”رضو! مان هينئر خود زيبا کي پائڻ نٿو چاهيان.
البته پاڻ کي گم ڪرڻ ٿو چاهيان. اف، منهنجي
زندگي!“ رضيه سوچڻ لڳي، اي منهنجا خدا! هن
ٽريجديءَ جو الائي ڇا انجام ٿيندو؟
ٿورن ڏينهن کان پوءِ زيبا ميان صاحب کي چيو ته هو
کيس اجازت ڏئي ته هوءَ ڪنهن ڪاليج ۾ پروفيسر ٿئي.
کيس هيءَ بيڪار زندگي پسند نه آهي. ميان صاحب کيس
خوشيءَ سان اجازت ڏني ۽ چيو ته: ”ها پٽ: ائين ٺيڪ
آهي. هينئر تون پنهنجو خرچ پگهار مان پورو ڪري
سگهندينءَ ۽ ٻڌ، تنهنجي ورثي جي جائداد جو پيسو
گهڻو وقت اڳ ختم ٿي چڪو آهي.“
اهي اکر ٻڌي، زيبا جي دل ٻڏي ويئي. ميان صاحب اهو
پويون وار سڀ کان ڪاري هنيو. زيبا لڙڪ وهائيندي،
اتان اٿي سامان ٻڌڻ لڳي. افسوس! ميان صاحب کيس
ائين نه چوي ها. کيس دولت جي پرواهه نه هئي. هوءَ
هينئر سمجهو هئي. پر هن والدين جي فوت ٿيڻ کان
پوءِ ڪڏهن به جائداد طرف غور نه ڪيو هو، ۽ ميان
صاحب کي پيءُ سمجهي، سمورو بار ان تي ڦٽو ڪيو. آخر
چاچي ۽ پيءُ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟ پر ميان صاحب هن جا
سونهري خواب ٽوڙي ڇڏيا. ميان صاحب ڪوشش ڪري، زيبا
کي ڪاليج ۾ پروفيسر جي نوڪري وٺائي ڏني، ۽ هن
سمجهيو ته هينئر زيبا جي وڃڻ کان پوءِ بهزاد کي
شاديءَ تي رضامند ڪرڻ مشڪل نه آهي. زيبا ڪراچي وڃڻ
لاءِ تيار ٿي. بهزاد کيس هينئر ڏسڻ ۾ نه ايندو هو.
هن چاهيو ته افسوس! هو وڃڻ کان اڳ ۾ هڪ دفعو هن کي
ڏسي. پر ڪجهه سوچي، هوءَ هن جي ڪمري ڏانهن نه
ويئي، جڏهن هوءَ سڀنيءَ سان ملي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺي،
تڏهن ڪار جي شيشي مان کيس نظر آيو ته بهزاد اچي
رهيو آهي. هڪ لمحي لاءِ هن جي چهري تي خوشيءَ جي
لهر ڊوڙي ويئي، پر ٻئي لمحي ۾ هڪدم گم ٿي ويئي.
بهزاد ٿڪل قدمن سان اڳتي وڌي، هن کي چيو:
”زيبا! مون کي توئي نا اميد ڪيو. چڱو خدا حافظ!“
هن جون اکيون لڙڪن سان ٽمٽار ٿي ويون. هو جلد ڪار
وٽان هٽي ويو. ڪار رواني ٿي ويئي. زيبا اداس نگاهن
سان، پنهنجي آبائي نشيمن ڏانهن نهاري رهي هئي، جو
هينئر هن جو نه هو. هن ڪار جي پٺئين شيشي مان ڏٺو
ته بهزاد اڃا ڦاٽڪ وٽ بيٺو هو. هوءَ سوچڻ لڳي.
|