سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون اپريل 2024ع

باب:

صفحو:5 

عذرا شاهد/ لعل خاتون

مڇيءَ جي سادي ڀاڄي

سامان:

سفيد مڇيءَ جا ٿُلها ٽڪرا:   هڪ ڪلو

ٿوم ۽ ادرڪ جو پيسٽ:      هڪ هڪ چانهه وارو چمچو

ساوا مرچ:              چار عدد (پيسٽ ٺاهيو)

ڳاڙها مرچ پائوڊر:             اڌ چانهه وارو چمچو

هيڊ:                   اڌ چانهه وارو چمچو

لوڻ:                    هڪ چانهه وارو چمچو

ڪوڪنگ آئل:                اڌ ڪوپ

بصر:                   ٽي وچولي سائز جا

ساوا ڌاڻا سنها ڪٽيل: اڌ ڪوپ

ترڪيب:

        مڇيءَ جي ٽڪرن کي ڌوئي خشڪ ٿيڻ لاءِ رکو. پوءِ لوڻ، ڳاڙها مرچ، ٿوم ۽ ادرڪ جو پيسٽ ۽ ساون مرچن جو پيسٽ مڇيءَ جي ٽڪرن تي لڳائي، اڌ ڪلاڪ رکي ڇڏيو. هاڻي فرائي پين ۾ اڌ ڪوپ تيل گرم ڪري، ان ۾ بصر وجهي سونهري ڪريو، پوءِ ان ۾ مڇيءَ جا ٽڪرا وجهي تريو، هاڻي سمورو مصالحو فرائي پين ۾ وجهي ان ۾ مصالحي ۾ مڇيءَ کي 10 کان 15 منٽن تائين  ٻاڦ تي پچايو. آخر ۾ سنها ڪُٽيل ڌاڻا مڇيءَ تي وجهي، ڪجهه منٽ دم تي رکي ڇڏيو، پوءِ گرم گرم پيش ڪريو.

نوٽ: مڇيءَ جي سادي ڀاڄي گهڻو ڪري ڪراچيءَ ۾ ٺاهي ويندي آهي. ڇو ته وڏي مڇي سمنڊ مان ملي ٿي، ۽ مڇيءَ جي ڀاڄي اُٻاريل چانورن يا مانيءَ سان مزيدار لڳندي آهي. هن ڀاڄيءَ کي پچائڻ ۾ صرف 20 منٽ لڳن ٿا ۽ ايتروئي وقت تياريءَ ۾ لڳي ٿو. ٿوري وقت ۾ چار کان ڇهن ماڻهن لاءِ مڇيءَ جي ڀاڄي تيار ٿي ويندي آهي.

مڇيءَ جو سائو ڀَرتو

 

سامان:

مڇيءَ جو گوشت:             اڌ ڪلو (بغير ڪنڊن  جي)

وڏا ڦوٽا:                        هڪ عدد

ننڍا ڦوٽا:                      هڪ عدد

ڪارا مرچ (سنها ڪُٽيل):     هڪ چانهه وارو چمچو

ساوا بصر:              ٽي عدد (پنن سميت

سنها ڪَٽيل)

ساوا ڌاڻا:               اڌ ڳنڍ سنهي ڪَٽيل

ساون مرچن جو پيسٽ:        2 چانهه وارا چمچا

لوڻ:                    هڪ چانهه وارو چمچو

شمله مرچ:             هڪ عدد سنهو

                (لمبائي جي شڪل ۾ ڪٽيل)

سُرڪو:                 هڪ چانهه وارو چمچو

ڪوڪنگ آئل:                ٽي کائڻ وارا چمچا

اڇو جيرو:              هڪ چانهه وارو چمچو

ترڪيب:

        مڇيءَ جي ٽڪرن کي لوڻ ۽ ساون مرچن جي پيسٽ ۾ اڌ ڪلاڪ تائين رکي ڇڏيو، اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ڇاڻيءَ ۾ رکي ڇڏيو ته جيئن ان جو سمورو پاڻي نڪري وڃي، پوءِ ڇاڻيءَ کي ديڳڙيءَ ۾ رکي، مڇيءَ جي ٽڪرن کي ٻاڦ تي پچائي، ٿڌو ٿيڻ کان پوءِ ڪنڊا ڪڍي ڀُرتو الڳ ڪري ڇڏيو، هاڻي هڪ فرائي پين ۾ ڪوڪنگ آئل گرم ڪري، سنها ڪٽيل ننڍا ۽ وڏا ڦوٽا وجهي، مڇيءَ جو ڀَرتو ڀُڃي ساوا بصر ۽ لوڻ وجهي ڀُڃو. پوءِ اهو ڀُرتو ڊش ۾ ڪڍي، ان مٿان ڪَٽيل ڌاڻا ۽ ساوا مرچ وجهي گرم مصالحو ڇَٽي ڇڏيو. پوءِ شمله مرچ ۽ جيرو ٽڙڪائي ڀُرتي مٿان وجهي ڊش کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ سائي مصالحي سان سجيل هن ڀُرتي کي دسترخوان تي پيش ڪريو.

نوٽ: سائي مصالحي جي هن ڀُرتي کي ماني ۽ کٽي چٽڻيءَ سان پيش ڪريو.

مايا راهي

 

اِسترين جو ڏينهن

انتر راشٽريه

اِسترين جو ڏينهن،

اَٺين مارچ

دنيا ڀر ۾

ملهايو ويندو آهي

ليکو چوکو ڪرڻ لاءِ

ته،

سال سڄي ۾

عورتن مٿان

ظلم ڪيترا ٿيا؟

ڪيتريون معصوم،

نياڻيون بي آبرو ٿيون

ڪيتريون

مينديءَ رتل

هٿڙن واريون

نَوَ ورنيون

بکُ ٿيون باهه جو!

هن پوري ٿيل سال جي

انگن اکرن کي

ڀيٽيو ويندو

اڳئين سال جي انگن سان

۽

عورتن مٿان ٿيندڙ

وڌندڙ، اَتياچار ڏسي

پُرش،

مانگر مڇي ڳوڙها ڳاڙي

هڪ ڏينهن جي

همدرديءَ جو مرهم

ٽي سَوَ چوهٺ

ڏينهن جي زخمن تي هڻي

وري،

مشغول ٿي ويندو

ايندڙ سال جا

اَنگ، اَکر وڌائڻ ۾!!

سچ

 

آتما جو آواز

ٻُڌڻ چاهين ٿو

ته ٻُڌ

سرير سَندو سُرندو

ته وڄندوئي رهندو

صحيح سوالن جا

غلط جواب

ڏيڻ چاهين ٿو

ڀل ڏي،

غلط جوابن مان

لِڪي لِڪي

سچ ته

ظاهر ٿيندو رهندو.

*****

نجمه شيخ

 

وائي

مان آهيان سنڌ جي جهوليءَ ۾،

منهنجو ساهه سندس آ ٻوليءَ ۾.

ڪانه ملي ڪنهن هنڌ راحت،

جيڪا آهي سنڌي ٻوليءَ ۾،

منهنجو ساهه سندس آ ٻوليءَ ۾.

رنگ هزارين ۽ خوشبو گهڻي،

هر ماءُ جي آهي ٻوليءَ ۾،

منهنجو ساهه سندس آ ٻوليءَ ۾.

سبق پڙهيا مون پيار جا سارا،

پنهنجي پياري سنڌي سوليءَ ۾،

منهنجو ساهه سندس آ ٻوليءَ ۾.

سنڌ جي سونهن جواني ڏسجي،

سنڌوءَ جي هرهڪ ڇوليءَ ۾،

منهنجو ساهه سندس آ ٻوليءَ ۾.

 


نسرين الطاف

غزل

ڪدورت جا رهيا پيرا سدا سنسار ۾ پيارا،

اسان گهارڻ گهريو آهي هميشه پيار ۾ پيارا.

حياتي آ هلي ويندي، ڇڏي هر جاءِ تي يادون،

ٿين ويران ٿا ويڙها ڪُڌي تڪرار ۾ پيارا.

انا جي آسمانن تي وڃي پهتا پڄڻ وارا،

اوهان جيتيو جهان سارو اسان هون هار ۾ پيارا.

اوهان جو هر قدم آهي، سڦلتا جي ته راهن ۾،

اسان جي زندگي ويئي ڪٿي بيڪار ۾ پيارا!؟.

سياست جون لکين ڳالهيون اٻوجهن جي پچر ناهي،

سچائي ڀي نه هاڻي ڪا ڏٺي اخبار ۾ پيارا.

ڏٺو ويساهه آ سڀ کي ڏکايو، ساهه پر سڀني،

ملن ٿا سور ٿي تحفا رڳو اعتبار ۾ پيارا.

اداسائي جدائيءَ ۾ مزو ڪهڙو جدائيءَ ۾!؟

لڇڻ آهي روئڻ آهي، هجر ۽ سار ۾ پيارا!؟

کلڻ ناهي ملڻ ناهي، جيئڻ آهي مرڻ آهي،

عمر ’’نسرين‘‘ گهاري ٿي عجب آزار ۾ پيارا.

غزل

تو  ۾  ساھ پساھ،  ڌرتي  تو لئه مون  شعرَ  لکيا،

توسان  آھي  چاھ،  ڌرتي  تو لئه مون  شعرَ لکيا.

جيجل آھين سنڌ، جڙيل توسان  منھنجو  جيون،

تو  ۾  آ  ارواح،  ڌرتي   تو  لئه  مون   شعرَ  لکيا.

منھنجو  آھين  مانُ، توسان  رت  جا  رشتا  آھن،

ارپيو   تو  ويساھ، ڌرتي تو  لئه مون  شعرَ لکيا.

پيار ته آ نسرين، پنھنجي جيجل جي ٻوليءَ سان،

آءٌ  ڀريان  اتاھ، ڌرتي  تو  لئه مون  شعرَ  لکيا.


 

         گوهر سنڌي

مظلوم عورت

اندر ۾ پيو گهاءُ،

حويلي ۾ رهندي، جلندي،

ستيءَ ڏنوساهه.

اندر ۾ پيو گهاءُ،

لُڇي لُڇي ڪوٽ ۾،

سرتيءَ کي سوداءُ.

اندر ۾ پيو گهاءُ،

ناريءَ سان روز هتي،

ڏاڍو ٿيو انياءُ.

اندر ۾ پيو گهاءُ،

عورتن جا سدائين هت،

غمن ڪڍيا لاهه.

اندر ۾ پيو گهاءُ،

نياڻي جاهل بڻائي،

تعليم پرائي ڀاءُ.

اندر ۾ پيو گهاءُ،

ماري نياڻي پيءُ پُٽ،

مُڇ کي ڏنوتاءُ.

اندر ۾ پيو گهاءُ،

غربت منجهه گذاريندي،

بک ۾ ٿي پاهه.

اندر ۾ پيو گهاءُ،

گهر کان ڪري بي گهر،

ويرن هنيو داءُ.

اندر ۾ پيو گهاءُ،

عورت جي دشمن سان،

ڪهڙو ”گوهر“ ٺاهه.

پيءُ ماءُ(ابو- امڙ)

پيءُ ۽ ماءُ،

من اندر مان دُعائون،

لڳي نه ڪوسو واءُ.

پيءُ ۽ ماءُ،

سموري زندگي ٻچن لاءِ،

رهيو سدا چاهه.

پيءُ ۽ ماءُ،

تڪليف ۾ گذاريندي،

سٺائون انياءُ.

پيءُ ۽ ماءُ،

ٻار پاليندي توڙي مليو،

زندگيءَ کي داءُ.

پيءُ ۽ ماءُ،

پوڙهائپ هوندي به،

پَل پَل گهاءُ.

پيءُ ۽ ماءُ،

ٻِڙڪ نه ٻوليائون،

بکن ۾ ٿيا پاهه.

پيءُ ۽ ماءُ،

سڪ نه لهندي سُٿري،

سدائين سوداءُ.

پيءُ ۽ ماءُ،

جدائي جهوري وجهندي،

ڀريو ڪيئن گهاءُ.

پيءُ ۽ ماءُ،

آهن ”گوهر“ ساهه پساهه،

نه گهٽبو چاهه.


 

وڃايل سڪو

حياتيءَ جي ڪوٽ مان

وڃايل سِڪي لاءِ

Text Box: نشاء ڪنول

 

ھوءَ ……روئي رڙي

 

نيٺ وئي چُپ ٿي

 

ٻُڌو آھي ته هاڻي

گونگي  به ٿي وئي آ

سندس چهري تي

هر وقت

موت جهڙي

ماٺار ڇانيل رهي ٿي

۽ حسرت ڀريل نگاهن سان

هوءَ……

ماڻهن جا بيحس چهرا

تڪيندي رهي ٿي…

سندس اکيون ھر روز

سِڪي جي تلاش ۾

 ڀٽڪندي ڀٽڪندي

هاڻي ٿڪجي پيون هن……

کيس چئجانءِ ته

کيس چئجانءِ ته…

هاڻي تنهنجي تصويرَ ڏٺي بنا

مون کي ننڊَ اچي ويندي آھي

تنهنجي تصوير کي ڏسڻَ جي

هرِ صبح ضرورَت محسوس ناهي ٿيندي

کيس چئجانءِ ته…

هاڻي مون کي تنهنجي ڪائي ياد ناهي ايندي

تنهنجي لاءِ ھي ساھُ ناهي سڪندو

تنهنجو آواز ٻُڌڻَ لاءِ من ناهي تڙپندو

کيس اهو به چئجانءِ ته…

مون توبنا جيئڻ سِکي ورتو آ

هاڻي توسان ملڻَ جي ڪائي

آرزو ناهي رهي باقي..

تنهنجي هجڻَ نه هجڻَ سان

ڪوئي فرقُ نٿو پوي…

مون کي توسان محبت ناهي

ها! هاڻي ساڳي چاهت ناهي

پر! توکان ڪائي نفرت به ته ناهي

ڏِسُ مان ڪيڏو خوش آھيان

ها! بس منهنجي منَ کي شانتي ناهي…

بس منهنجي منَ کي شانتي ناهي…

نظم

آءُ ته ٻئي پنهنجي

شناخت ڳولهيون

تون ڪير ۽ مان ڪيرُ ؟

مٽيءَ جو ماڻھو

تون به ۽ مان به

پنهنجي رَت جي 

سرهاڻ ساڳي آ

۽ موج ڀريو مهراڻ به ساڳيو آ

پنهنجي صدين جي

تهذيب به ساڳي آ

پنهنجي تاريخ به ته ساڳي آ

پو ڪيئن تون مون کان الڳ آھين

۽ مان توکان الڳ آھيان

پنهنجو وجود به ساڳيو آ

۽ پنهنجو سجود به  ساڳيو آ

گيڙوءَ ۾ يار رنڱيل آھيون

پنهنجو ديس به ساڳيو آ

پنهنجو ويس به ساڳيو آ

وجود سارو ازل کان ئي

آوازي ان الحق ۾ ونگيل آ

پنهنجي ٻولي به ساڳي آ

پنهنجي لولي به ساڳي آ

پنهنجي ڌرتي به ساڳي آ

پنهنجي سرتي به ساڳي آ

پاڻ ھڪٻئي جو حصو آھيون

موئن جي دڙي جو قصو آھيون

پاند پنهنجو منصوري مام سان

ڪن فيڪون جي دور کان

ئي ڳنڍيل آ

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org