سوچ ويچار
علم انسان کي اڏيندو آهي!
ڪنهن به شخصيت جي ٺهڻ ۾ پهريون هٿ سندس ماءُ پيءُ
جو هوندو آهي، اهڙيءَ طرح ڪٽنب، گهر ۽ آسپاس جو
ماحول اهي سڀ محرڪ گڏجي، هڪ شخصيت جي تعمير ڪن ٿا.
اهڙي نموني وري استادن پاران سيکاريل سبق انسان جي
زندگيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو، ان پسمنظر ۾
آمريڪا جي صدر ابراهام لنڪن جو پنهنجي پٽ جي
استاد کي لکيل خط تاريخي حيثيت رکي ٿو. ابراهام
لنڪن پنهنجي پُٽ جي استاد کي لکي ٿو ته:
”آءٌ سمجهان ٿو ته کيس اها خبر ته پئجي ويندي ته
سڀئي انسان نه مڪمل طور تي انصاف پسند هوندا آهن ۽
نه وري مڪمل طور تي سچا، پر کيس اهو ذهن نشين
ڪرائجو ته دنيا ۾ جتي هڪ شيطان هوندو آهي، اتي ان
جي مقابلي ۾ هڪ نيڪ انسان به هوندو آهي، ساڳئي طرح
هر خودغرض سياستدان جي مقابلي ۾ هڪ بي لوث ۽ مخلص
سرواڻ به موجود هوندو آهي.
کيس اهو به سيکاري ڇڏيو ته جتي دشمن سان واسطو پوي
ٿو، اتي دوست به ملن ٿا، جيڪڏهن ٿي سگهي ته کيس
حسد کان پري رکجو. کيس دل ئي دل ۾ کِلڻ جا گُر
سيکاري ڇڏجو. کيس ننڍپڻ ۾ اهو ڄاڻي وٺڻ گهرجي ته
ڀڀڪيون ڏيندڙ ۽ پاڻ پڏائڻ واري کي مات ڏيڻ ڏاڍو
سولو هوندو آهي، ٿي سگهي ته کيس ڪتابن ۾ موجود
حُسن ۽ حيرت جو شوقين بڻائي ڇڏجو. کيس واندڪائيءَ
جون گهڙيون به ڏجو ته جيئن هو، هوا ۾ اُڏامندڙ
پکين، سج جي ڪِرڻن ۾ وهجندڙ ماکيءَ جي مکين ۽
سرسبز پهاڙن جي ڀِڪَ ۾ ٽِڙندڙ گُلن جي سدا بهار
جادوءَ تي غور ۽ ويچار ڪري سگهي، کيس اهو به ذهن ۾
ويهارجو ته دوکي ۽ فريب سان حاصل ڪيل ڪاميابيءَ
کان ناڪامي وڌيڪ عزت واري آهي، کيس پنهنجي سوچ ۽
فڪر تي ڀروسو ڪرڻ سيکارجو، ۽ پوءِ ڀلي ٻين جي راءِ
۾ سندس سوچ غلط ڇو نه هجي. منجهس شريفن سان
شريفاڻو سلوڪ ڪرڻ ۽ بدمعاش سان سختيءَ سان منهن
ڏيڻ جو گُڻ پيدا ڪجو.
منهنجي پُٽ جي ڪردار ۾ اهڙي سگهه اُجاگر ڪرڻ جي
ڪوشش ڪجو، جيڪا کيس بگهڙ جي چال کان محفوظ رکي،
خاص ڪري، تڏهن، جڏهن آسپاس جا ماڻهو، چڙهندڙ سج جي
سامهون جهڪڻ ۽ پرڻام ڪرڻ جي لاءِ بي چين هجن.
منجهس سڀني جي ڳالهه ٻڌڻ جو حوصلو هجي، پر سڀني
ڳالهين کي سچ جي سَراڻ تي چاڙهي، ڇنڊڇان ڪرڻ کان
پوءِ رڳو سچ کي اختيار ڪرڻ جي صلاحيت هجي. ٿي سگهي
ته کيس اُداسيءَ جي حالت ۾ کِلڻ جو فن سيکارجو،
کيس سمجهائجو ته لُڙڪ ڳاڙڻ ڪو شرم جوڳو عمل ڪونهي،
کيس مِٺين مِٺين ڳالهين ۽ نااميدين کي حقارت سان
ڏسڻ سيکارجو. سندس اهڙي نموني تربيت ڪجو ته جيئن
هُو پنهنجي ذهني ۽ جسماني محنت جو ڀرپور اجورو
حاصل ڪري سگهي، پر ڪنهن به قيمت تي پنهنجي ضمير جو
سودو نه ڪري، کيس ان جي به قابل بڻائجو ته هو
رڙيون ۽ واڪا ڪندڙ ميڙ جي هُل ۽ هنگامي تي ڪن نه
ڏي. جيڪڏهن هو پنهنجو پاڻ کي حق تي سمجهي ٿو ته
مستقل مزاجيءَ سان ڄمي، ان جو مقابلو ڪري.
ساڻس نرميءَ سان پيش اچجو، پر لاڏ ۽ پيار سان نه.
لوهه، باهه مان تپي ئي سٺو رُڪ بڻجي ٿو، منجهس
بيقرار هئڻ جي تڙپ ۽ حوصلو هئڻ گهرجي ۽ بهادري جي
اڏولتا پڻ. منجهس پنهنجي ذات ۾ ڀروسو ڀري ڇڏجو،
تڏهن ئي کيس بني نوع انسان تي ڀروسو ڪرڻ نصيب
ٿيندو.
فرمائش ته تمام وڏي آهي، جيڪو ٿي سگهي، سو ڪجو.
مون کي پنهنجو ٻارڙو گهڻو پيارو آهي.
آه! ميڊم پروفيسر، ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو!
انتهائي ڏک ۽ افسوس مان لکجي ٿو ته اسان جي ميڊم
پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو
14 فيبروري 2024ع تي رضا الاهيءَ سان وفات ڪري وئي
آهي. پاڻ سڄي ڄمار علم و ادب ۽ تاريخ تي ڪم
ڪيائون، سندن ڪيترائي ڪتاب آيل آهن. ان کان علاوه
ملڪ جي ڪيترن ئي ادارن ۾ ميمبر طور خدمتون سرانجام
ڏنائين، پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايائين ۽ ڊين آف
اسلامڪ اسٽڊيز جي حيثيت ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. پاڻ
تمام سهڪاري ۽ پيار ونڊيندڙ شخصيت هئي. رب پاڪ
سندس درجات بلند ڪرڻ فرمائيندو ۽ سندس ڪٽنب کي صبر
۽ حوصلو عطا
ڪندو. آمين.
آه! گلبانو مرزا !
سنڌي ادبي بورڊ جي سينئر ملازمه گلبانو مرزا 26
جنوري 2024ع تي رضا الاهيءَ سان وفات ڪري وئي آهي،
سندس تعليم ايم.اي سنڌي ۽ ڪمپيوٽر ۾ ڊپلوما آهي،
نوڪري جي شروعات ڪمپيوٽر آپريٽر طور ڪيائين ۽
پنهنجي محنت ۽ جاکوڙ سان تقريباً 9 مهينا اڳ
”سرتيون“ رسالي جي ايڊيٽرشپ حاصل ڪيائين. جيئن ته
وڏي عرصي کان بيمار هئي، انڪري صحتياب ٿي نه سگهي،
دعا آهي ته رب پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جايون ڏيندو
۽ سندس پونيرن کي صبر ۽ حوصلو عطا ڪندو. آمين.
آه! اسلم بلوچ!
ادا اسلم بلوچ پڻ سنڌي ادبي بورڊ جي اڪائونٽ شعبي
جو سينئر ملازم هو، جيڪو رضا الاهيءَ سان 19
فيبروري 2024ع تي وفات ڪري ويو، پاڻ هڪ ايماندار ۽
محنتي ماڻهو هو، جنهن سڄي ڄمار پابنديءَ سان نوڪري
ڪئي. دعا آهي ته رب پاڪ کيس جنت ۾ جايون ڏيندو ۽
سندس پونيرن کي صبر ۽ حوصلو عطا ڪندو. آمين.
ماهوار ”سرتيون، مارچ 2024ع جو شمارو، اوهان جي
هٿن ۾ آهي. پرچو ڪيئن آهي، پنهنجي راءِ کان ضرور
آگاهه ڪندا. اوهان لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي سهڪار سبب
هي رسالو گذريل 35 سالن کان باقاعدي شايع ٿيندو
رهي ٿو. اميد ته اوهان جو تعاون هميشه جاري ۽ ساري
رهندو. اوهان جي صلاحن تجويزن ۽ تنقيدن جي آجيان
ڪئي ويندي.
گلبدن
جاويد
وينا شرنگي
سچ، سونهن ۽ ڌرتيءَ جو شاعر نارائڻ شيام
10 جنوري جي تاريخ هند سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ اهم
جاءِ والاري ٿي، اڄوڪي ڏهاڙي نارائڻ شيام پنهنجي
زندگيءَ جو سفر پورو ڪري، پرماتما جي چرنن ۾ وڃي
جاءِ والاري، آتما امر آهي، هند سنڌ جي محبوب شاعر
نارائڻ شيام کي پنهنجي عقيدت جا گل پيش ڪندي، سندس
ئي شاعريءَ ذريعي، ڀيٽا پيش ڪري رهي آهيان .
توسان رهاڻيون ڪندا قرب مان،
مان نه هوندس ته ڇا ٿي پيو اي پرين،
آدمي ٿو جيئي بس ڳڻيل ڏينهن ڪي،
شعر جي زندگي سج سنئين نت نئين!
شيام پنهنجي شاعري ذريعي زندهه آهي، ھو پاڻ پنهنجي
لاءِ هڪ هنڌ فرمائي ٿو:
شيام کي شعرن مان سمجهي سگهيس،
گرچه مون سمجهي نه هن جي شاعري.
نارائڻ شيام سچ ۽ سونهن جو شاعر هو، پنهنجي ڌرتيءَ
۽ ٻوليءَ سان بي انتها محبت ڪندڙ، وطن جي وڻن کي
الوداع ڪندي به جيجل سنڌ کي پنهنجي نيڻن ۾ سمائي
رکيو.
سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان،
سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هِتي سنڌ هُتي.
ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان، نه مگر ماڻهن سان،
سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان!
يا وري فرمائي ٿو .
سنڌ جو نقشو ڏسندي ئي، بس
هريا هانوءَ ۾ گذريل ڏينهن
ڌوئي ساوا چهچ ڪيا وڻ
جيئن وسي سانوڻ جو مينهن!
نارائڻ شيام جي ادبي پونجي تي نظر
شيام جي ادبي پونجي: (1) پنکڙيون (روبايون ۽ روپ
مايا کنڊ ڪاويه) (2) رنگ رتي لهر (3) روشن ڇانورو
(4) ماڪ ڀنا رابيل(5) واريءَ ڀريو پلاند (6)
آڇيندي لڄ مران (7) مهڪي ويل صبح. ”آڇيندي لڄ
مران“ شاعري جي ڪتاب تي کيس ساهتيه اڪادمي جي
انعام سان به نوازيو ويو. نارائڻ شيام جي شخصيت ۽
فن تي ”ڏات ۽حيات“ ڀاڱو پهريون ۽ ٻيون ڇپيل آهن.
ماضيءَ جي جهروڪن مان ڪي يادون
نارائڻ شيام ريڊيو تي
talker جي حيثيت ۾
ايندا هئا. سندس ڀاءُ هيمراج ناگواڻي ريڊيو تي
ٽرانسليٽر ۽ ڪمينٽيئٽرھو، هيمراج ناگواڻي سٺو
اداڪار هدايتڪار به هو، ان وقت لڇمڻ ڀاٽيه ڪومل
پڻ ريڊيو تي talker
طور ايندا هئا. لڇمڻ ڀاٽيه ڪومل چيو: ”وينا!
نارائڻ شيام سان شام ملھايون، پر شيام پنهنجي مان
۾ رکيل شام ۾ شرڪت نه ڪندا، تون شيام کي پروگرام
لاءِ راضي ڪر. توکي انڪار نه ڪندا.“ مان ريڊيو جي
آفيشل ڪار کڻي، لڇمڻ ڀاٽيه ڪومل سان گڏ، سندن گهر
جنڪپوري ويس. جڏهن اسان کين پروگرام جي باري ۾ چيو
ته پاڻ انڪار ڪيائون.“ مون کين چيو، ”اسان ته
توهان سان هڪ شام ملھائڻ جو پروگرام طئه ڪيو آهي.
توهان کي شامل ٿيڻو پوندو.“ مجبور ٿي، انهن ها ڪئي
۔اسان دهلي جي ڪانسٽيوشن ڪلب ۾ ”شيام سان هڪ شام“
عنوان سان پروگرام رکيو، جنهن جي صدارت پرشن
اسڪالر ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ڪئي، ان کان علاوه
ناٽڪار هدايت ڪار جيون گرسهاڻي به شرڪت ڪئي ،
پدشري شانتي هيرانند سندن غزل پيش ڪيا ۽ شيام جو
هڪ گيت ۔
زندگي جي راهه تي ڊوڙي جڏهن ٿڪجي پوان.
ياد توکي ٿو ڪريان
ياد توکي ٿو ڪريان.
هي به ماڻيان
هو به ماڻيان.
دل گهري ڇا ڇا نه ٿي.
۽ ٻيا گيت غزل مارئي تنظيم جي فنڪارن کان پيش
ڪرايا. جنهن جي يادگار وڊيو رڪارڊنگ لڇمڻ ڀاٽيه
ڪومل، اهو چئي مون کان ورتي ته شيخ اياز کي ڪاپي
ڪرائي موڪليندس. جيڪا وڊيو رڪارڊنگ وري واپس مون
کي ڪانه ملي، جيڪڏھن شيخ اياز جي سهيڙيل ادبي
ذخيري يا ٻئي ڪنهن رڪارڊ ۾ سندس ڪٽنب وٽ يا
خيرخواهن وٽ هجي ته شيئر ڪندا.
شيام سان شام ملھائڻ تي ادبي لڏي جي ڪن ماڻهن
مخالفت ڪئي ته ان پٺيان نارائڻ شيام کي گيان پيٺ
ايوارڊ ڏيارڻ جو مقصد آهي. شيام ته انهن ايوارڊن ۽
مان سمان کان مٿي هو. ڪن طرفان اسان جي پروگرام جي
پروگرام بعد شيام تي سيمينار ڪيو ويو ، وڏي
پبلسٽي ٿي. سڀني ڏي دعوتناما ويا، پر ان سيمينار ۾
اسان کي ۽ مارئي تنظيم کي دعوت ڪونه ڏني وئي،
قادر جي قدرت شيام هن فاني جهان کي الوداع ڪري
ويو. ان سيمينار ۾ شيام جي تصوير رکي، پروگرام جي
شروعات ڪئي وئي. چوندا آهن فقير دعا ڪجانءِ. ابا
جهڙي نيت تهڙي مراد. شيام جي حياتي دوران شيام سان
شام ملهائڻ جي اسان جي پروگرام جو ڪٿي به ذڪر نه
ملندو. پر اسان وٽ شيام سان شام ملهائڻ جون
تصويرون رڪارڊ طور موجود آهن.
شيام جي ورسي تي پنهنجي عقيدت جا گل پيش ڪندي، هڪ
واقعو ضرور شيئر ڪرڻ چاهينديس. جڏهن نارائڻ شيام
وفات ڪري ويا، ان وقت مان ڀوپال مڌيه پرديس ۾
Bharat Bhawan
طرفان ڪلچرل ڊپارٽمينٽ طرفان world
Poetry festival
رکيل هو. ان ۾ شرڪت ڪرڻ وئي هئس. ڀارت کانسواءِ
دنيا جي مختلف ملڪن جا شاعر، عالم ۽ اديب موجود
هئا. مان دهلي مان هيس ۽ انڊور مان ڪشن کٽواڻي.
مون ڪشن کٽواڻي کي چيو، توهان ڀارت ڀونءِ سان جڙيل
آهيو. نارائڻ شيام جي وفات تي ڪنڊولنسن ۾ سندن
نالو شامل ڪرائيندا. پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته
هندي ۽ اردو جي ليکڪن جو ڪنڊولنسن ۾ ته ذڪر ڪيو
ويو، پر سنڌي جي عالم ۽ شاعر جو نالو شامل نه ڪيو
ويو. دل کي صدمو رسيو.
ڪجهه سال اڳ شيام تي رکيل سيمينار ۾ ڀوپال مڌيه
پرديش ۾ جا ڳالهه ياد ڏياري ته اها اسان جي پنهنجي
سنڌين جي ڪمزوري آهي ته شيام جهڙي عظيم شاعر جو
ڪنڊولنسن ۾ نالو به شامل نه ڪرائي سگهياسين.
نارائڻ شيام جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي عقيدت پيش
ڪندي چوندس ته شيام ته پنهنجي شاعري سان هميشه
زندهه رهندو. اهڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون
آهن.
نارائڻ شيام نهٺائي ۽ سادگيءَ جي مورت هو. آل
انڊيا ريڊيو جي پرڏيهي نشريات جي سنڌي سروس ۾
رڪارڊنگ لاءِ کين سڏيندا هئاسين. شيام نه صرف ادبي
لحاظ کان، پر شخصيت جي لحاظ کان به قداور شخصيت جا
مالڪ هئا، نهٺائي ۽ نماڻائي جا مجسم. پاڻ هڪ هنڌ
فرمائين ٿا.
هجي جا کاڻ خوبين جي ۽ خامين کان بنهه آجي،
نه پنهنجي زندگي اهڙي، نه پنهنجي شاعري اهڙي!
اسان جي سنڌي سروس جو ريڊيو جو پروگرام باقاعدگي
ٻڌندا هئا. سندن ڪيترائي غزل، عالمي شهرت يافته
ڪلاسيڪي موسيقي جي ڳائيندڙ فنڪارا پدمشري شانتي
هيرانند کان مون رڪارڊ ڪرايا ۔
نئي آهي نت ناز وارن جي ٻولي،
نگاهن ادائن اشارن جي ٻولي.
خزان حال اوري ته ڪنهن سان اوري،
سڀئي جي سکيا بهارن جي ٻولي.
سدا حيات نارائڻ شيام کي سندن ئي شعرن ذريعي عقيدت
پيش ڪندي، چوندس ته: شيام پنهنجي شاعري جي ذريعي
زندهه آهي ۽ زندهه رهندو.
*
نارائڻ شيام
غزل
حق حق دم دم حق ئي ٻول،
شاعر! ڪوڙ جي قَلعي کول!
دنيا سچ يا سپنو آهه،
پاڻ ڏسي چؤ، نيڻ ته کول!
کڏ ۾ ڪونه اُٿي طوفان،
بيٺو پاڻيءَ کي ڇاڇول!
بيشڪ دنيا کي دڳ لاءِ،
پر ان پويان پاڻ کي نه رول!
ڀٽڪي پاتُئه موت جو راز؟
ويون ڄمارون ويٺو ڳول!
بکشا ۾ نه هجي ڪو خواب،
نيڻن جو ڪشڪول ٽٽول!
وهمڻ ساڻ نه دل ڀرماءِ،
شيام حياتيءَ جو سچ ڳول!
غزل
تون هئين يا ڪوئي تو جهڙو هيو،
دڳ جهلي ڪو ته منهنجو بيٺو هو!
ڏينهن جان سهڻو، رات جان پُرڪيف،
توکي سج، ڪنهن ته چنڊ سمجهو هو!
ڪنهن ٿي گيتن مان ائين ليئا پاتا،
ڪير ڪنهن لاءِ ايڏو آتو هو؟
ڇا ڏسي محو ٿِي نگاهه وئي،
ڪجهه به آڏو نه هو، نه اوڏو هو!
ههڙي محفل ڇڏي ويو اڌ مان،
شيام ئِي هو هتي جو ويٺو هو!
ڊاڪٽر
ريحانه نظير
رهيا اٿئي رات، صبح ويندئي صابري....
رهيا اٿئي رات صبح ويندئي صابري،
لنئون لنئون منجهه لطيف چئي، ڪر تنين جي تات،
سندي جوڳيان ذات، ٻئي ڀيري ڀاڳ مڙي.
ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو سنڌ يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ مسلم
هسٽري جي پروفيسر هئي. هڪ ته هوءَ تمام گهڻي
خوبصورت هئي، مٿان وري سوني تي سهاڳو، سندس دلفريب
مسڪراهٽ هئي، جيڪا ڪيترن ئي اُداس چهرن تي خوشيءَ
جون لهرون اُڀاري ڇڏيندي هئي، سا به ڪمال جي هوندي
هئي. مان ميڊم سان جڏهن به مليس، سدائين خوش
اخلاقيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيائين. جهڙي صورت تهڙي
مورت. ڄڻ ته ڀٽائيءَ جون هي سِٽون سندس لاءِ هجن.
جهڙا گُل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس.
اڄ هوءَ اسان کان جدا ٿي وئي آهي. ان ازل جي راهه
رسي، جتي اڳ پوءِ هر بني بشر کي وڃڻو آهي. پر سندس
يادون، سدائين گلاب جي خوشبوءِ جيان، هر ان جاءِ
تي سرهاڻ واسينديون رهنديون، جتي جتي هن پنهنجي
زندگيءَ جا ڪجهه پهر ۽ ڪجهه لمحا بسر ڪيا آهن.
هونئن ته ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو جي شخصيت گهڻ رخي آهي،
پر مان هتي سندس ڪتاب: ”تن ۾ تؤنس پرين جي پيان نه
ڍاپان“ جو مختصر احوال پيش ڪيان ٿي.
ميڊم جو هي ڪتاب مختلف تاريخي، ادبي ۽ شخصي خاڪن
تي لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ميڊم جون لکيل ٻه ڪهاڻيون
پڻ شامل آهن.
هن ڪتاب جي تعارف ۾ ڊاڪٽر سحر امداد لکي ٿي ته،
”هن مسلم هسٽري جي پروفيسر هئڻ جي حوالي سان،
مسلمانن جي تاريخ بابت ڪيترائي اهم مقالا لکيا
آهن، جيڪي هن ڪتاب ۾ موجود آهن. سندس اهي مقالا،
گهڻي محنت ۽ ڌيان سان لکيل آهن، جن کي لکڻ مهل
ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو مُستند ماخذن کي ڪتب آندو آهي.
جنهن لاءِ کيس جس هجي.“
ميڊم ممتاز ڀٽو جي هن ڪتاب ۾ ڪجهه مقالا ۽ سنڌ جي
سياست جي هڪ عظيم هيرو ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس
خاندان بابت پڻ لکيل آهن، جن کي پڙهڻ سان نه صرف
سندس ڀٽو خاندان سان عقيدت ۽ محبت ظاهر ٿئي ٿي، پر
ايستائين جو، اهي ڪتاب ارپيل ئي محترمه شهيد
بينظير ڀٽو ۽ سندس ڪٽنب کي آهن. هن ڪتاب ۾ سندس
لکڻ جو ڏانءُ تمام سهڻو نظر اچي ٿو. ڀٽي خاندان
سان پاڪستان ۾ ٿيندڙ ويساهه گهاتين جو ذڪر پڙهي،
هانءُ کاڄي پوي ٿو. هڪ ٻئي مضمون، ”عظيم پيءُ جي
عظيم نياڻي“ ۾ هوءَ لکي ٿي ته، ”عظيم والد جي عظيم
نياڻي، ان پارٽي جي علمبردار هئي، جيڪا عوام جو
آواز ۽ سوشلسٽ انقلاب جي علامت هئي، کين عوام جو
ساٿ ڏيڻ، عوام کي سرمائيدارن، جاگيردارن ۽
سامراجين خلاف شعور ڏيڻ جي سزا ڏني وئي.“ هن مضمون
۾ ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو جي سياسي
تربيت، ان جي ننڍپڻ کان وٺي، ان جي پيءُ جي ڦاسي
گهاٽ جي درد ۽ جلاوطنيءَ کان پوءِ آمر ضياءُالحق
جي ڀٽي خاندان مٿان ٿيندڙ ظلمن جو بيان، اهڙي
ڏکائيندڙ ۽ اثرائتي انداز هيٺ ڪيل آهي، جو پڙهڻ
وارو روئڻ کان رهي نٿو سگهي.
هن ڪتاب جو هڪ مضمون، ”هُو جي هت هئا...“
خيرالنساءِ جعفري جي موت تي پڻ لکيل آهي، جنهن ۾
هوءَ لکي ٿي ته، ”خيرالنساءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾
استاد هئي. منهنجي ملاقات خيرالنساءِ سان نائين
مارچ 1976ع ۾ ٿي. جڏهن مان مسلم هسٽري ڊپارٽمينٽ ۾
بطور ليڪچرار مقرر ٿيس، ان ناتي اسان جو هڪٻئي سان
تعلق جڙيو ۽ پوءِ هجائتي دوستي ۾ بدلجي ويو. هوءَ
خيرالنساءِ جي ڪشاده دلي بيان ڪندي، لکي ٿي ته،
”سندس گهر جا دروازا سڀني لاءِ کليل هوندا هئا،
اديب، دانشور، پروفيسر ۽ غريب، اوڙي پاڙي وارا هن
جي گهر ايندا ويندا هئا. هوءَ هرڪنهن سان عزت ۽
محبت سان ملندي هئي، کيس نه ڀيڻ هئي ۽ نه ڪو سئوٽ،
ماسات. شايد انڪري به دوستن سان مائٽن وارو رويو
رکندي هئي، ظاهر ۾ طبيعت ۾ انڪساري ۽ سادگي هيس،
ايتري قدر جو ڪاريڊور ۾ ويٺل پٽيوالن سان گڏ
ويهندي هئي ۽ کين ”ادڙا ادڙا“ ڪري سڏيندي هئي،
اڳتي لکي ٿي ته شل نه ڪو هن کي تڪليف پهچائي. پوءِ
ته ان سان وڃي جهيڙو ڪندي هئي. سندس طنز و مزاح
ايتري مشهور هئي، جو جتي به تقرير ڪندي هئي، ماڻهن
جا انبوهه مِڙي ويندا هئا.
اهائي خيرالنساءِ جعفري زندگيءَ جي هٿان ائين
لاچار ۽ مجبور ٿي ويئي جو سڀني کي خوشيون ڏيندڙ ۽
ادب کي حويلي کان هاسٽل تائين، ڪهڙو برانڊ ڪهڙو
سگريٽ، تخليق جو موت وغيره جهڙيون لازوال ڪهاڻيون
ڏيندڙ، ان عورت جي زندگي، خاندان جي هر فرد جي
وڇوڙي کان پوءِ ڏکن جي ساگر ۾ گم ٿي ويئي.
بقول ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو جي ته، اها خيرو، جنهن جي
خوشدلي، جنهن جو کِلڻ، جنهن جي طنز ۽ مزاح مشهور
هئي، غمگين ۽ ويڳاڻي ٿي ويئي. اڪثر فخرو جيڪا اسان
جي دوست ۽ ڪليگ آهي ۽ ڳائيندي به سٺو آهي. ان کي
چوندي هئس ته فخرو هي گانو ته ٻڌاءِ، ”ميري نينان
ساون ڀادو، ڦر ڀي ميرا من پياسا“
بلڪل ائين اسان ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو کي به سندس نوجوان
ڌيءَ جي موت کان پوءِ اداس ۽ غمگين ڏٺو.
ڪتاب جو هڪ مضمون، ”سُر ڪاپائتي جو روحاني راز“
نالي ڏنل آهي، جنهن ۾ هوءَ نهايت باريڪ بينيءَ سان
ڀٽائيرح جي دور جو جائزو پيش ڪندي، لکي
ٿي ته، ”شاهه عبداللطيفرحه جو جنم سال
1689ع ۾ ٿيو ۽ هن جي وفات تائين، هن سرزمين تي
اهڙا انقلاب آيا ۽ اهڙيون خوفناڪ تبديليون آيون،
جن شاهه جهڙي سٻاجهي انسان کي به لوڏي ڇڏيو. هن
جيڪي ڪجهه محسوس ڪيو، ان کي لفظن جي شڪل ڏئي، شعرن
جي صورت ۾ آندو. سندس لاثاني ۽ بينظير رسالو، جيڪو
”شاهه جو رسالو“ جي نالي سان مشهور آهي، اهو علم،
حڪمت ۽ عمل جي تجربن جو ڀنڊار آهي، جنهن ۾ هڪ طرف
روحاني نڪتا آهن ته ٻئي طرف دنيا جا تجربا موجود
آهن. هو روحاني رهبر هئڻ سان گڏ، سماج سڌارڪ به
آهي. تاريخدان به آهي. معاشي رهبر به آهي ته
ٻوليءَ جو ماهر ۽ استاد به آهي، ڀٽائي رحه جي اهڙي
جاندار سڃاڻپ، شايد ئي ڪنهن پيش ڪئي هجي.
سُر ڪاپائتي جي فڪري پهلو کي بيان ڪندي، لکي ٿي
ته، ”اَئِٽ يا چرخي جي اهميت، سنڌ توڙي هند ۾ وڏي
حيثيت رکي ٿي. موئن جي دڙي کان وٺي، مهاتما گانڌي
جي تحريڪ تائين، ”چرخو“ خودداري ۽ محنت جي نشاني
سمجهيو وڃي ٿو. شاهه جي اُن سُر ۾ ائٽ جا ڪيئي
مطلب، سمجهاڻيون ۽ فلاسافي سمجهايل آهي.
شاهه سائين چرخي جي اهميت کي بيان ڪندي، ان مان
فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي چورڻ جو پرچار ڪيو آهي
۽ چرخي کي قوم جي آسودگيءَ جو وسيلو سڏيندي، هڪ
الهامي پيغام ۽ آخرت جي سنوار سڏيو آهي.
”سنڌ جو راءِ گهراڻو“ مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحبه، جنهن
سادي اسلوب ۽ تحقيقي زاويه کان راءِ گهراڻي ۽ چچ
راءِ جو ذڪر ڪيو آهي، اهو پڻ قابلِ تعريف آهي.
هوءَ لکي ٿي ته، ”هي راجا ٻڌ ڌرم جا پوڄاري هئا،
سندن حڪومت جون حدون اتر ۾ ڪشمير، قنڌار، هيلمند
تائين ۽ اولهه ۾ ڪرمان جي وادي نور منشور تائين،
ڏکڻ ۾ سورت ۽ اوڀر چتوڙ ڳڙه تائين، پکڙيل هئي. هن
حڪومت اندر اُچ، ماٿيلو، سوارآءِ، مائو، سيوستان،
نيرون ڪوٽ، الور، برهمڻ آباد مشهور قلعا هئا.
راءِ گهراڻي جي حڪومت جو خاتمو ۽ چچ راجا حڪومت
قائم ٿيڻ پويان رٿيل سوهن ديوي جي سازشن جو ذڪر پڻ
تاريخي حوالن هيٺ بيان ڪيو اٿس.
ڪتاب جي آخر ۾ ٻه ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن. هڪ
ڪهاڻي ”لاوارثيءَ جو درد“، جنهن ۾ سنڌ ۾ بيگناهه
نياڻين جو ”ڪاري“ ڪري مارڻ جو ذڪر پيش ڪيل آهي.
باوجود زيبي جي جواب ڏيڻ جي وڏيرو زبردستي، هن
سان تعلق جوڙڻ گهري ٿو ۽ زيبيءَ جي انڪار تي
پنهنجي ڇاڙتن کي هن ڏي اماڻي، هن تي ڪاريءَ جو
الزام مڙهي ٿو، پر مڙس جي زال تي يقين ۽ هڪ نيڪ
وڏيري جي دخل انداز ٿيڻ تي اهو وڏيرو پنهنجي
ناجائز خواهش ماڻڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿو. پر زيبي ۽ ان
جو خاندان، زندگيءَ جا ويهه سال دربدري جي زندگي
بسر ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. لاوارثي جو درد، هن
ڪهاڻيءَ جو مک موضوع آهي. هڪ ٻي ڪهاڻي ”عنوان
هزارين“ جي نالي سان ڇپيل آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪيئي
ڪهاڻيون شامل آهن. هڪ فرد جي سڄي زندگيءَ جي
جدوجهد ۽ ان سان سماج جي سڀني فردن جي منفي روين
جي ڪري، ڪيئن هڪ عام ۽ نيڪ ماڻهو، برائي کي ترجيح
ڏيڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو.
هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نجم عباسي جي ڪتاب جي مهورت تي
پيش ڪيل سندس تاثرات پڻ شامل آهن، جن ۾ هوءَ نجم
عباسي جي ڪهاڻين جي فڪر ۽ فلسفي کي مدنظر رکندي،
کيس سنڌ جو درد رکندڙ سچو قومپرست، سنڌ جو سونهون
۽ رهبر مڃي ٿي. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي
تاريخي ۽ تحقيقي مضمون، هن ڪتاب جي اهميت کي ظاهر
ڪندي نظر اچن ٿا.
ڪتاب جي هن مختصر جائزي مان نواز علي شوق جي هن
سٽن کي مڃڻو پوي ٿو ته، ڊاڪٽر ممتاز صاحبه جو
مطالعو وسيع آهي، وٽس لکڻ جو ڏانءُ به آهي ته ڏات
به آهي. هوءَ جڏهن ڪو تحقيقي مقالو لکي ٿي ته ان
لاءِ معتبر ۽ مستند ڪتاب آڏو رکي، ان جو گهرو
مطالعو ڪري، پوءِ پنهنجو مقالو لکي ٿي. ميڊم اڄ
اسان وٽ ڪونه آهي، پر سندس لکڻيون هميشه اسان ۾
سندس هجڻ جو احساس جاڳائينديون رهنديون.
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين! |