سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون اپريل 2024ع

باب:

صفحو:3 

ڊاڪٽر فوزيه ميمڻ

صحتمند رهڻ لاءِ عورتن جي مدد ڪهڙي ريت ڪجي؟

 

جيڪا عورت بهتر کاڌو کائي ٿي ۽ پنهنجي سارسنڀال چڱيءَ ريت لهي ٿي، تنهن جي صحتمند حمل ۽ تندرست ٻارڄمڻ جا امڪان وڌيڪ ٿين ٿا. صحتمند رهڻ لاءِ ڏنل هيٺيان طريقا فقط حمل وارين عورتن لاءِ ناهن، پر سڀني عورتن ۽ سندن ڪٽنب کي سڄي حياتي صحتمند رکڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا.

سٺي خوراڪ

سٺي خوراڪ کائڻ جو مطلب آهي ته خوراڪ جو مقدار مناسب هجي ۽ مختلف قسمن جي صحتمند خوراڪ کائجي. سٺي خوراڪ جا هيٺيان فائدا آهن:

·       عورت ۾ بيماري خلاف، مدافعت پيدا ٿئي ٿي ۽ هوءَ صحتمند ٿي رهي.

·       سندس ڏند ۽ هڏ مضبوط رهن ٿا.

·       عورت کي گهريلو ڪم ڪار لاءِ طاقت ۽ ٻَلُ ملي ٿو.

·       ماءُ جي ڪُک ۾ ٻار چڱيءَ ريت وڌي ويجهي ٿو.

·       ڊليوري کان پوءِ گهڻو رت ضايع ٿيڻ جا امڪان گهٽجن ٿا.

·       ڊليوري کان پوءِ عورت جي صحت تيزيءَ سان بحال ٿئي ٿي.

گهٽ ۽ ناقص خوراڪ کائڻ سان هيٺيان مسئلا پيدا ٿين ٿا:

گهٽ ۽ ناقص خوراڪ کائڻ سان، عورت کي ٿَڪ، ڪمزوري، انفيڪشن کان بچاءُ ۾ ڏکيائي ۽ صحت جون ٻيون پريشانيون لاڳو ٿي سگهن ٿيون.

حمل دوران اڻپوري خوراڪ خاص طور تي خطرناڪ آهي. ان جي نتيجي ۾ حمل ضايع ٿي سگهي ٿو يا ٻار ڪمزور يا نقص سان ڄمي سگهي ٿو. انڪري ڊليوري يا ان کان پوءِ ماءُ يا ٻار جي مرڻ جا خطرا به وڌي وڃن ٿا.

عورتن سان خوراڪ بابت ڳالهه ٻولهه

ڊاڪٽر فوزيه ميمڻ

صحتمند رهڻ لاءِ عورتن جي مدد ڪهڙي ريت ڪجي؟

 

عورتن کي سندن خوراڪ پنهنجي موڊ ۽ مرضيءَ تي نه ڇڏيو. عورتون جيترو جلد صحتمند خوراڪ استعمال ڪنديون، سندن صحتمند رهڻ، ويم معمول موجب ٿيڻ ۽ کين تندرست ٻار ڄمڻ جا امڪان اوترو ئي وڌيڪ ٿيندا.

اِهو ڄاڻڻ لاءِ ته عورت چڱيءَ ريت کائي پيئي رهي آهي، کانئس پُڇو ته هوءَ عام طور تي ڇا ۽ ڪيترو ٿي کائي. مثال جي طور تي اِهو پُڇي سگهجي ٿو ته هن ڪالهه ڇا کاڌو هو؟ کيس اِهو ضرور ڄاڻايو ته هوءَ جيڪي ڪجهه کائي رهي آهي. تنهن ۾ ڪهڙيون شيون صحتمند ۽ چڱيون آهن، کيس اِهو به مشورو ڏيو ته هوءَ ڪهڙيون ڪهڙيون شيون ضرور کائي.

اِهو ممڪن آهي ته عورت کي پتو هجي ته صحت لاءِ مناسب خوراڪ ڪهڙي آهي، پر هوءَ اِها نه کائيندي هجي. ڪيترائي ڪٽنب غربت سبب نه ته گهڻي خوراڪ خريد ڪري سگهن ٿا، نه ئي مختلف قسمن جون خوراڪون سندن رسائي ۾ آهن. ڪجهه عورتن کي ڪنهن خاص شيءِ جو ذائقو نه وڻندو آهي. عورتن کي سٺو کائڻ پيئڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ ته هو ڪڻڪ، چانور، مڇي، ٽماٽا، ميون جو رس، سايون ڀاڄيون، کير، ڌونرو، مکڻ، کاڌي جو تيل ضرور واپرائن.

وڌيڪ خوراڪ واپرايو

ڳورهارين ۽ ٿڃ پيئاريندڙ مائرن کي عام طور تي واپرائجندڙ خوراڪ کان وڌيڪ مقدار گهربل هوندو آهي. اضافي خوراڪ سان کين وڌيڪ توانائي ۽ طاقت ملي ٿي ۽ ان سان سندس ٻار چڱيءَ ريت وڌن ويجهن ٿا.

ڪجهه عورتن جو حمل دوران جيءُ ڪچو ٿيندو آهي ۽ هو ڪجهه کائڻ پيئڻ نه چاهينديون آهن، پر ڳوهاري عورت لاءِ چڱي مقدار ۾ خوراڪ واپرائڻ ضروري آهي پوءِ ڀل کيس نه به وڻي. اهڙين عورتن لاءِ چپاتي، مڪئي جي ماني يا چانور کائڻ سولو ٿي سگهي ٿو.

مختلف قسمن جي خوراڪ واپرايو

عام ماڻهن جيان حامله لاءِ به ضروري آهي ته هوءَ مختلف قسمن جي خوراڪ واپرائي، انهن ۾ بنيادي خوراڪون (ڪاربو هائيڊريٽس)، واڌ ويجهه ڏيندڙ خوراڪون (پروٽين)، چهري کي رونق ڏيندڙ خوراڪون (وٽامن ۽ معدنيات)، ڪم ڪار ۾ مدد ڏيندڙ خوراڪون (سڻڀ، تيل ۽ کنڊ) ۽ پاڻيءَ سميت ڪيتريون ئي پاڻياٺي خوراڪون شامل آهن.

بنيادي خوراڪون (ڪاربوهائيڊريٽس)

دنيا جي اڪثر علائقن ۾ ماڻهو روزانو هڪ ويلي تي ڪا هڪ بنيادي خوراڪ کائيندا آهن، جيڪا چانورن، مڪئي، ڪڻڪ، ٻاجهر، ڪيلي يا ڪنهن ٻئي سستي نشاستي وارو کاڌو ٿي سگهي ٿو. اهڙي خوراڪ سان جسم کي سگهه ملي ٿي، پر واڌ ويجهه ۽ تندرست رهڻ لاءِ جسم کي ٻين قسمن جي خوراڪ جي به ضرورت ٿئي ٿي.

 

واڌويجهه کي هٿي ڏيندڙ خوراڪ (پروٽين)

واڌ ويجهه ڏيندڙ خوراڪ ۾ پروٽين ٿين ٿا، جيڪي جسم جي ڏؤنرن، هڏين ۽ تندرست رت جي واڌ ويجهه لاءِ ضروري ٿين ٿا. تندرست رهڻ ۽ جسم جي مناسب واڌ ويجهه لاءِ هر ماڻهوءَ کي پروٽين جي ضرورت ٿئي ٿي.

هنن شين ۾ پروٽين وڌيڪ ٿئي ٿي:

·       ڦلين واريون سبزيون (مٽر ۽ داليون)

·       بيضا

·       ٻج وارا ميوا

·       پنير، کير ۽ ڌونرو

·       گوشت ۽ مڇي

نوٽ: گوشت ۽ مڇي غذائيت سان ڀرپور آهن، پر جيڪڏهن انهن کي ڪچو کائبو ته انهن ۾ موجود جيوڙا جسم ۾ داخل ٿي، بيمار ڪري سگهن ٿا. حامله کي چڱيءَ ريت پڪل يا اُٻاري جيوڙن کان پاڪ ڪيل گوشت ۽ مڇي کائڻ گهرجي. عام طور تي آلودي پاڻيءَ ۾ رهڻ ڪري مڇين، خاص طور تي سڻڀي مڇين ۾ پارو ۽ ٻيا زهريلا مادا ٿين ٿا. حامله عورتن کي سڻڀ واري مڇي نه کائڻ گهرجي.

چهري کي رونق ڏيندڙ خوراڪ (وٽامن ۽ معدنيات)

هن خوراڪ ۾ وٽامن ۽ معدنيات هوندي آهي، جنهن ڪري جسم انفيڪشن کي مُنهن ڏيڻ لائق ٿيندو آهي ۽ اها خوراڪ اکين، چمڙي ۽ هڏين کي تندرست ۽ مضبوط رکي ٿي.

ميون ۽ ڀاڄين ۾ وٽامن ۽ معدنيات گهڻا ٿين ٿا. عورتن لاءِ ضروري آهي ته جيترو ٿي سگهي، مختلف قسمن جون ڀاڄيون ۽ ميوا کائين.

ڪمن ڪارين ۾ مدد ڏيندڙ خوراڪ (کنڊ ۽ سڻڀ)

هن خوراڪ ۾ کنڊ ۽ سڻڀ شامل هوندو آهي ۽ اِهي جسم کي سگهه يا ٻل ڏين ٿيون. تندرست رهڻ لاءِ هر ڪنهن کي اهڙي خوراڪ جي ضرورت پوندي آهي. اڄڪلهه ماڻهو پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ کنڊ ۽ سڻڀ واپرائين ٿا. گهڻي ڀاڱي ماڻهو کنڊ واري سوڊا جون بوتلون پيئن ٿا يا گهر ۾ ٺهڻ واري خوراڪ بدران بازار مان ملندڙ خوراڪ واپرائين ٿا. دٻن ۾ بند اِها مٺي خوراڪ مهانگي هئڻ سان گڏوگڏ، صحتمند به نه هوندي آهي ۽ ان سان ڏند به خراب ٿين ٿا. بهتر ٿيندو ته توانائي ڏيندڙ قدرتي خوراڪ کائجي ۽ بازار جي کاڌن کان پرهيز ڪجي.

هن صحتمند خوراڪ ۾ کنڊ / مٺاڻ گهڻو ٿئي ٿو:

·       ميوا

·       ٻج وارا ميوا

·       ماکي

·       سڻڀ ڀريو گوشت

·       شيرو

·       سبزين مان حاصل ڪيل تيل

·       مکڻ ۽ گيهه

هيءُ 5 اهم وٽامن ۽ معدنيات روزانو واپرائڻ گهرجن

حامله عورتن ۽ کير پيئاريندڙ مائرن جي جسم کي فولاد، فولڪ ايسڊ، ڪئلشيم، آيوڊين ۽ وٽامن اي وارن 5 وٽامنن ۽ معدنيات جي عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مقدار جي ضرورت هوندي آهي. حامله عورتن کي گهرجي ته هو روزانو وٽامن ۽ معدنيات استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ڇاڪاڻ جو، اهو سندن ٻار جي واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهي.

فولاد

فولاد صحتمند رت ٺاهڻ ۽ رت جي کوٽ کان بچاءُ ۾ مدد ڏئي ٿو. ڳورهاري عورت کي تمام گهڻو فولاد گهربل هوندو آهي ته جيئن کيس ضرورت پٽاندڙ سگهه ملي سگهي. ڊليوري مهل وڌيڪ رت ضايع ٿيڻ جي روڪٿام ٿي سگهي ٿي ۽ سندس ڪُک ۾ پلجندڙ ٻار تندرست رت ٺاهڻ لائق ٿي سگهي. ان سان گڏوگڏ، عورت جي جسم ۾ فولاد جو چڱو موچارو مقدار محفوظ به هئڻ گهرجي ته جيئن ڊليوري کان پوءِ وارن مهينن ۾ ڪم اچي سگهي.

هنن شين ۾ فولاد گهڻو ٿئي ٿو:

·       گوشت خاص طور تي ڪليجي، گڙدا ۽ ٻين عضون جو گوشت

·       ڦليون، مٽر ۽ داليون

·       ڪڪڙ ۽ ٻين پکين جو گوشت

·       سورج مکي، ڪدو ۽ پيٺي جا ٻج

·       تڏ

·       گهاٽي ساون پنن واريون ڀاڄيون

·       مڇي، ڪوڏ ۽ صدفي

·       گجر

·       بيضا

·       پيٺو

فولاد حاصل ڪرڻ جا وڌيڪ طريقا هيٺيان آهن:

فولاد سان ڀرپور شيون، تُرش ميون يا ٽماٽن سان گڏ کائجن. ان ۾ موجود وٽامن (سي) عورت کي فولاد هضم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

·       کاڌو فولاد جي ٿانون ۾ پچايو يا فولاد جو ڪو صاف سٿرو ٽڪرو جهڙوڪ: ڪوڪو وغيره کاڌو پچائڻ واري ٿانوَ ۾ وجهو. فقط خالص فولاد جي ٺهيل ڪا شيءِ ئي ان ريت استعمال ڪريو، مختلف ڌاتوئن مان ٺهيل ڪا شيءِ استعمال نه ڪريو.

·       ليمي جي رس ۾ خالص فولاد جو ڪو ٽڪرو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ وجهو. پوءِ اِهو رس صاف پاڻيءَ ۾ ملائي پيئو.

جيڪڏهن ڳورهاري فولاد سان ڀرپور خوراڪ روزانو کائي رهي هجي. تڏهن به ٿي سگهي ٿو ته سندس فولاد واريون ضرورتون پوريون نه ٿينديون هجن. ممڪن آهي ته کيس فولاد جون گوريون يا شربت ڏنو وڃي. اهڙين دوائن کي فيرس سلفيٽ، فيرس گلوڪونيٽ، فيرس فيومريٽ يا ٻين نالن سان سڏيو وڃي ٿو.

ڪيترن ئي هنڌن تي صحت مرڪزن ۾ حامله عورتن کي فولاد جون گوريون ڏنيون وينديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن انهن گورين ۾ فولڪ ايسڊ به مليل هوندو آهي. فولاد جي گورين ڪري، ڪجهه عورتن کي قبضي ٿي سگهي ٿي يا وري سندن پاخاني جو رنگ ڪارو ٿي سگهي ٿو، اِهي مسئلا ڪجهه ڏينهن ۾ حل ٿي ويندا آهن.

پيٽ جي ڪيڙن ۽ مليريا سان رت جي کوٽ ٿي سگهي ٿي

پيٽ ۾ ڪيڙن واري عورتن ۾ رت جي کوٽ ٿي سگهي ٿي. ڪيڙن کان نجات جو سولو طريقو ميبينڊازول يا البينڊازول جهڙيون دوائون آهن، پر حمل جي پهرين ٽن مهينن ۾ اِهي دوائون استعمال نه ڪرڻ گهرجن. ان ڳالهه جو يقيني طور تي پتو ناهي ته انهن دوائن جو استعمال حمل جي باقي مهينن يا ٿڃ ڌارائڻ دوران محفوظ آهي. بهرحال اڪثر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته پيٽ جي ڪيڙن کان نجات ملڻ جو فائدو، انهن دوائن جي امڪاني نقصانن کان گهڻو آهي.

فولڪ ايسڊ (فوليٽ)

فولڪ ايسڊ جي کوٽ وگهي حامله عورت کي رت جي کوٽ جي بيماري ٿي سگهي ٿي ۽ سندس ٻار ۾ پيدائشي نقص ٿي سگهن ٿا. انهن مسئلن کان بچڻ لاءِ عورت کي گهرجي ته حمل ٿيڻ کان اڳ ۽ حمل جي شروعاتي ڪجهه مهينن دوران وڏي مقدار ۾ فولڪ ايسڊ استعمال ڪري.

جن شين ۾ فولڪ ايسڊ گهڻو ٿئي ٿو:

·       چهچ ساون پنن واريون ڀاڄيون

·       اناج (پالش کان سواءِ چانور ۽ بوسي سميت ڪڻڪ)

·       گوشت (خاص طور تي ڪليجي، گڙدا ۽ ٻين عضون جو گوشت)

·       مڇي

·       مٽر ۽ ڦليون

·       بيضا

·       سورج مکي، ڪدو ۽ پيٺي جا ٻج

·       کنڀيون

ڪجهه عورتون فولڪ ايسڊ جون گوريون واپرائينديون آهن.

فولڪ ايسڊ جون گوريون

0.5 کان 0.8 ملي گرام (500 کان 800 ايم سي جي) جي فولڪ ايسڊ واري گوري ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو کائو.

ڪئلشيم

وڌندڙ ٻارن کي تمام گهڻو ڪئلشيم گهربل هوندو آهي ته جيئن سندن نيون هڏيون جُڙي سگهن. حمل جي آخري ڪجهه مهينن دوران عورتن کي گهڻي ڪئلشيم گهربل هوندي آهي.

هيٺين اسمن ۾ ڪئلشيم گهڻي ٿئي ٿي:

·       کير

·       ڌونرو ۽ پنير

·       تِر

·       بادام

·       ساون پنن واريون ڀاڄيون

·       ڪوڏ ۽ سپيون (گجر ۽ ٺوپي)

·       چُن (ڪاربن ايش)

·       هڏين جو سوپ ۽ بيضن جون کلون

عورتون هيٺين طريقن سان وڌيڪ ڪئلشيم حاصل ڪري سگهن ٿيون:

·       هڏيون يا بيضن جون کلون ڪجهه ڪلاڪن لاءِ سرڪي يا ليمي جي رس ۾ وجهو. هاڻ ان جو سوپ ٺاهيو يا ٻئي کاڌي سان ملائي کائو.

·       هڏين جو سوپ ٺاهيو ته ان ۾ ليمي جو رس، سرڪو يا ٽماٽو به وجهو.

·       بيضي جون کلون چڱيءَ ريت پيسي، انهن جو سفوف ٺاهيو ۽ ان کي کاڌي ۾ وجهي کائو.

·       مڪئي پچائڻ کان اڳ چُن جي پاڻي (ڪاربن ايش) ۾ پُسايو.

·       ڪئلشيم جي واڌو استعمال لاءِ CAC پاڻي ۾ ڳاري پيتي ويندي آهي.

آيوڊين

کاڌ خوراڪ ۾ آيوڊين شامل ڪرڻ سان وڏي ڄمار وارن کي گلو سُڄڻ جي بيماري يا ٻيون شڪايتون نه ٿينديون آهن. حامله عورت ۾ آيوڊين جي کوٽ سان سندس ٻار جي سوچڻ سمجهڻ واري صلاحيت متاثر ٿئي ٿي.

آيوڊين جو گهربل مقدار حاصل ڪرڻ جو سولو طريقو اِهو آهي ته آيوڊين مليل لوڻ استعمال ڪجي.

هنن شين ۾ مناسب آيوڊين ٿئي ٿو:

·       شيل فش (جهڙوڪ جهينگا)

·       مڇي

·       سامونڊي ٻوٽا

·       بيضي جي هيڊاڻ

·       ڪليجي

جيڪڏهن اوهان جي علائقي ۾ گلو سُڄڻ يا ٻارن ۾ ذهني واڌ ويجهه جي ڪمزوري (Cretinism) عام آهي ته معلوم ڪريو ته ڇا صحت جا عملدار کاڌ خوراڪ لاءِ آيوڊين مليل تيل يا آيوڊين جا انجيڪشن فراهم ڪن ٿا. جيڪڏهن اِهي شيون نه ملن ته عورتون گهر تي ئي پولي وائڊون آيوڊين جي مدد سان آيوڊين تيار ڪري سگهن ٿيون.

پيئڻ لاءِ آيوڊين جو رس تيار ڪريو

پاڻي يا کير جي هڪ گلاس ۾ لوگولز آيوڊين جو هڪ ڦڙو ملايو.

جن علائقن ۾ گلي جي سوڄ يا ٻارن ۾ ذهني واڌ ويجهه جي کوٽ جي شڪايت عام هجي، اُتي ٿڃ پيئندڙ ٻارن کان سواءِ سمورن ماڻهن کي مهيني ۾ هڪ ڀيرو آيوڊين وارو اِهو رس هڪ گلاس پيئڻ گهرجي. اِهو سلسلو سڄي ڄمار جاري رکڻ گهرجي. ٻارن ۽ ڳورهارين لاءِ اِهو رس انتهائي ضروري آهي. هڪ ڦڙي کان وڌيڪ قطعي نه وجهو. اِهو خطرناڪ ٿيندو.

آيوڊين کي ڪمري جي گرمي داٻ تي ۽ گهري رنگ جي شيشي ۾ رکو ته جيئن روشنيءَ کان محفوظ رهي.

وٽامن اي

وٽامن اي رات جو نظر نه اچڻ واري شڪايت کان محفوظ رکي ٿو ۽ انفيڪشن خلاف مدافعت وڌائي ٿو. ان جي کوٽ سبب ٻار انڌا ٿي سگهن ٿا. حمل ۽ ٿڃ پيئارڻ دوران عورت کي ڪافي مقدار ۾ وٽامن اي گهرجي.

گهري هيڊن ۽ ساون پنن وارين ڀاڄين ۽ هيڊن ميون ۾ وٽامن اي ٿيندي آهي.

صحت بخش خوراڪ سان گڏوگڏ، عورتن کي روزانو تمام گهڻو صاف پاڻي ۽ ٻيون پاڻياٺ واريون شيون به استعمال ڪرڻ گهرجن. ميون جون رس، ناريل جو پاڻي، چوپائي مال جو کير ۽ مختلف قسمن جي هربل چانهه صحت بخش پاڻياٺ آهي.

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org