سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون اپريل 2024ع

باب:

صفحو:4 

 

 

نيلوفر جويو

 

نــــــوري

 

بارش ختم ٿي چڪي هئي، پر ڪڪرن جي ڪاري چادر رات جي اونداهيءَ کي هيڪاري ڪارو ڪري ڇڏيو هو. سامونڊي لهرن جي پراسرار خاموشي،  ڪنهن ايندڙ طوفان جي خبر ڏئي رهي هئي. پري ڪنهن ڪُتي جي ڀونڪڻ جو آواز، رات جي هيبتناڪ خاموشيءَ کي وڌيڪ ڀيانڪ بڻائي رهيو هو.

ٻڍي پال فرينڪ وسامندڙ بخاري ۾ ڪجهه ٻيون به ڪاٺيون اڙايون. ٽامي پڇ لوڏيندو آيو ۽ بخاري جي ڀرسان پال جي پيرن وٽ ليٽي پيو. ٻڍي پال پنهنجي پائپ ۾ تماڪ ڀريندي، پنهنجون ڳوريون اکيون مٿي کنيون، سندس ڇپرن ۾ ڳوڙها ڇڀڪي رهيا هئا، هو ڏڪندڙ چپن سان ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳو، ”ويهه سال!“ ۽ هن جون اکيون پنهنجي زال ميريءَ جي اکين سان مليون، جا ڀرسان پيل ڪرسيءَ تي ويهي، دستاني جو پنجون ڳنڍ ڳنڍي رهي هئي. ”ها، پورا ويهه سال“ ۽ هن جي اکين مان ٻه وڏا وڏا ڳوڙها ڳڙي وڃي دستاني مٿان پيا. ”اهڙي ئي رات هئي ۽ اڄوڪي ئي ڏينهن جهڙو ڏينهن هو، جڏهن اسان جو نوري اسان کي ڇڏي هليو ويو هو، شايد هميشه هميشه لاءِ“ ٻڍي پال اوندهه ۾ گهوريندي چيو.

 

”نه پال، ائين نه چئو، منهنجو نوري هميشه لاءِ نه ويو آهي، هو ضرور واپس ايندو.“ ٻڍيءَ ميريءَ پيار ڀريل نگاهن سان دستانن کي ڏسندي چيو، جي هوءَ پنهنجي گم ٿيل پُٽ لاءِ اُڻي رهي هئي. ”جڏهن هو ايندو ته مان هي سڀ دستانا، جوراب ۽ سوئٽر، جيڪي هن لاءِ اُڻيا اٿم، سي کيس ڏينديس، نوري ڪيترو نه خوش ٿيندو. ڏسين نٿو، هي سندس دلپسند رنگ آهي.“

”بس، ميري هاڻي خاموش ٿي وڃ، هو نه ايندو... ڪڏهن به نه ايندو. تون اهڙيءَ طرح دستانا ۽ سوئٽر اُڻندي رهندينءَ ۽ مان اهڙيءَ طرح پنهنجين ناتوان هڏن کي ڪوئلن جي کاڻ ۾ جلائيندو رهندس. توکي خبر آهي ته هيءَ منهنجي آخري ڪاٺي آهي، جا مان بخاري ۾ وڌي آهي ۽ آخري پائونڊ آهي، جو مان هن هفتي خرچي رهيو آهيان؟ هاڻي مون کان ڪم نٿو ٿي سگهي، ڪارخاني جي مالڪ به جواب ڏئي ڇڏيو آهي. مان سمجهي نٿو سگهان ته هاڻي ڇا ٿيڻ وارو آهي! ۽ پوءِ..... پوءِ اسان کي شايد پنڻو به پوي. جيڪر نوري هن وقت اسان جي هي حالت ڏسي سگهي!“ ۽ پوءِ ٻڍي پال جو گهنجن ڀريل چهرو مايوسيءَ جي حالت ۾ پيلو ٿي ويو ۽ هو ٿڪجي پوئتي ٿي ليٽي پيو ۽ سندس اکين مان ٻه ڳوڙها ٻاهر نڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳا.

”ڏس، پال، تون انهيءَ ڏينهن به اهڙيون ئي ڳالهيون ڪري رهيو هئين، جو منهنجو پيارو نوري ناراض ٿي هليو ويو، هو ويندي ويندي چئي ويو ته مان هاڻي ان وقت واپس ايندس، جڏهن ايترو ڪمائي چڪندس جو توهان جي زندگي آرام سان گذري سگهي. تنهنجو خيال هو ته اهي فقط ڳالهيون ئي ڳالهيون آهن. ڀلا، هڪ پندرنهن سالن جو ڇوڪرو بغير ڪنهن پئسي پائي جي، ڪيڏانهن وڃي ٿو سگهي؟ ڪنهن دوست وٽ ويو هوندو ۽ پاڻهي موٽي ايندو، پر هو ڪونه موٽيو..... ڪيترا ڏينهن گذري ويا، پر هو نه آيو ۽ پوءِ توکي فڪر ٿيڻ لڳو تو سندس ڳولها ڪئي، پر هو نه لڌو. ڏينهن گذرندي هفتا ۽ هفتا مهينن ۾ مهينا سالن ۾ بدلجندا ويا، پر منهنجو نوري نه آيو. شايد انهيءَ رات واري طوفان جو شڪار ٿي ويو.“ ميريءَ جو آواز ڳورو ٿي ويو.

”بس، ميري هاڻي وڌيڪ ڪجهه نه چئو، تون نٿي سمجهي سگهين ته مون کي ڪيتري نه تڪليف ٿي رهي آهي؟ مان ڄاڻان ٿو ته ان ۾ منهنجوئي ڏوهه آهي، پر.... پر خدا جي واسطي هاڻي وري هن قصي کي بيان نه ڪر. مون کي اهو وساري ڇڏڻ ڏي ته اسان کي نوري نالي ڪو پُٽ به هوندو هو ۽ هاڻي، اهو اسان کان جدا ڪيو ويو آهي.“ ٻڍي پال ڏڪندڙ هٿن سان پنهنجي پائپ کي وات ۾ ٺيڪ ڪندي چيو.

ٻاهر هوا جو زور وڌندو ٿي ويو ۽ ڪارا ڪڪر بدستور ڇانيل هئا. هنن جي پراڻي گهر جي ٻاهران ڪنهن گاڏيءَ جي بيهڻ جو آواز ٿيو. ٽاميءَ پنهنجا ڪن کڙا ڪيا. ايتري ۾ دروازي تي کڙڪو ٿيو.

”ڏس، پال شايد ڪوئي ٻاهر آهي،“ ميريءَ دستانن کي رکي چيو. ”ڪير ٿي سگهي ٿو هن طوفان رات ۾!“ ٻڍي پال لٺ کڻندي چيو.

دروازي تي ٻيو دفعو کڙڪو ٿيو، پال وڌي دروازو کوليو.

”ڇا مان اندر اچي سگهان ٿو؟“ هوا جي تيز جهوٽي سان آواز آيو. پال سڄو دروازو کوليو ۽ هڪ نوجوان هٿ ۾ اٽئچي ڪيس لوڏيندو اندر داخل ٿيو. ”ڇا، مان هڪ رات هت گذاري سگهان ٿو، ٻاهر ڏاڍي اوندهه لڳي پئي آهي ۽  منزل اڃان ڪافي دور آهي،“ نوجوان مسافر پڇيو.

”بيشڪ“ ٻڍي پال دروازو بند ڪندي چيو ۽ هن کي وٺي ڪمري اندر آيو. ميريءَ اڳتي وڌي هن جي آجيان ڪئي. پال ڪرسيءَ کي بخاري جي اڃان به وڌيڪ ويجهو ڪندي چيو، ”اچ، نوجوان، تون هٿ ويهه ۽ پنهنجي بئگ مون کي ڏي ته مان مناسب جاءِ تي رکان ۽ ميري، تون جلدي چانهه تيار ڪري وٺ، نوجوان ٿڪل ٿو معلوم ٿئي.“

ڌارئي ماڻهوءَ پنهنجي هئٽ، جا سندس اڌ کان وڌيڪ منهن کي ڍڪيل هئي، لاهي رکي ۽ پاڻ بخاري جي ويجهو ٿي هٿ گرم ڪرڻ لڳو. هن جا چپ ٿڌ کان نيرا ٿي رهيا هئا ۽ هو بيحد ٿڪل معلوم ٿي رهيو هو. هو هڪ قداور ۽ مضبوط جسم جو ماڻهو هو. ميري چانهه آندي ۽ نوجوان کيس شڪرگذار نگاهن سان ڏسندي، کانئس چانهه جو طشت وٺي، ڀرسان رکيو. ميريءَ چانهه ملائيندي، سندس ڀورن وارن ۽ نيرين اکين کي ڏسندي چيو، ”پٽ، ڇا، مان تنهنجو نالو پڇي سگهان ٿي؟“ هن کي شايد هنن نيرن اکين ۽ ڀورن وارن ۾ پنهنجي نوريءَ جي جهلڪ نظر اچي رهي هئي ۽ هو هئو به ته نوريءَ جهڙو ۽ شايد.... شايد..... پر، ”منهنجو نالو جيڪ الفسٽن آهي،“ نوجوان، جو چانهه پيڻ کان پوءِ بشاش نظر اچي رهيو هو، مشڪندي چيو.

ٻڍيءَ ميريءَ جون اکيون مايوسيءَ جي حالت ۾ جهڪي ويو. ايتري ۾ پال به ويجهو اچي ويٺو ۽ ٽامي به پڇ لوڏيندو آيو، پر پنهنجي مالڪ جي بدران، نوجوان جي ويجهو اچي ويهي رهيو.

”اوه! ٽامي تون ڪهڙو نه سٺو آهين“، جيڪ ٽامي جي ڊگهن ريشمي وارن تي هٿ گهمائيدي چيو، جو ڏاڍي مزي سان سندس بوٽ کي چَٽي رهيو هو.

ٻڍي پال جيڪ کي حيرت سان نهاريندي چيو، ”توکي ڪيئن خبر پئي ته هن جو نالو ٽامي آهي؟“

”اوه..... هن جهڙن ڪُتن جا نالا، اڪثر ڪري ٽامي ئي ٿيندا آهن، ٻيو ته مون کي به هن جهڙو ڪُتو هوندو هو، جوگُم ٿي ويو آهي. ان جو نالو به ٽامي ئي هو.“ نوجوان پنهنجي زبان کي چڪ پائيندي چيو، هن جي منهن تي هلڪي ڳاڙهاڻ اچي وئي هئي.

”پُٽ، بوٽ ۽ جوراب لاهي ڏي ته مان سڪايان. شايد آلا ٿي ويا آهن.“ ميريءَ چانهه جو طشت کڻندي چيو. جيڪ فرمانبردار نينگر وانگر پنهنجا جوراب لاهي کيس ڏنا، جي هوءَ باهه جي گرميءَ تي سڪائڻ لڳي. هوءَ هنن جورابن کي اهڙي پيار سان سڪائڻ لڳي، ڄڻ ته اهي نوريءَ جا جوراب هئا، جڏهن آچر ڏينهن باوجود ميريءَ جي منع ڪرڻ جي نوري سڄو ڏينهن سمنڊ جي ڪناري تي ٻين ٻارن سان گڏ آليءَ واريءَ سان راند کيڏندو رهندو هو ۽ شام جو ٿڪجي ٽٽجي واريءَ سان ڀريل ڪپڙن ۽ آلن جورابن سان گهر ايندو هو.

ٻاهر آسمان تي ڪڪرن جو زور گهٽجي چڪو هو، چند هڪ ڪڪر جي اوٽ مان، روشندان مان اندر جهاتي پاتي. هت هڪ پوڙهو ڪرسيءَ تي ليٽي زور سان سوٽا هڻي رهيو هو ۽ هڪ پوڙهي عورت ڏاڍي پيار مان جوراب سڪائي رهي هئي ۽ هڪ بشاش نوجوان مشڪندي، ڪڏهن ٻڍي مرد ۽ ڪڏهن ٻڍي عورت ڏانهن نهاري رهيو هو، ٽامي سندن پيرن تي مٿو رکي سمهيو پيو هو. ڪمري ۾ خاموشي ڇانيل هئي، جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن بخاري ۾ ٻرندڙ ڪاٺين جي ٽڙڪڻ جو آواز ٽوڙي رهيو هو. فضا ۾ پائپ جو دونهون ۽ چانهه جي خوشبوءِ سمايل هئي.

”مسافر، تون ڪٿان اچي رهيو آهين؟“ پوڙهي پال وات مان پائپ ڪڍندي پڇيو.

”مانچسٽر گارڊن کان.“

”تون اتان جو رهاڪو آهين؟“

”نه، مان اتي پيدا ته نه ٿيو آهيان، پر گهڻو وقت اتي گذاريو اٿم.“

”تون اتي ڪهڙو ڪم ڪندو آهين؟“

”اتي منهنجا ڪارخانا آهن.“

”تنهنجا پنهنجا ڪارخانا آهن؟“ پوڙهي هن کي رشڪ سان ڏسندي پڇيو ۽ پوءِ هن پنهنجي ورهين جي پراڻي چتين لڳل ڪوٽ کي حسرت سان ڏسندي، ٿڌو ساهه ڀريو. شايد کيس نوري ياد اچي ويو هو.

”پٽ، ڇا تون پرڻيل آهين؟“

”اڃا ته نه، پر هاڻي ارادو آهي ۽ انهي ڪري ئي آيو آهيان.“

هينئر پوڙهي ميري جو وارو آيو. ”ڇا، ڇوڪري هن ڳوٺ جي آهي؟“ ميريءَ پڇيو.

”نه، ڇوڪري ته هتان جي ڪونهي، پر منهنجا والدين ڀر واري ڳوٺ ۾ ٿا رهن، مان چاهيان ٿو ته انهن کي به پاڻ سان وٺي وڃان ۽ پوءِ شادي ڪريان“، نوجوان جي اکين ۾ خوشي جهلڪي رهي هئي.

”اهي مائٽ ڪهڙا نه خوش قسمت هوندا!“ ميريءَ دل ۾ خيال ڪيو ته پوءِ نوجوان کي چوڻ لڳي، ”پُٽ، مان ڀانيان ٿي ته تون ڏاڍو ٿڪل آهين، توکي هاڻي آرام ڪرڻ گهرجي. هل، ته مان توکي تنهنجي ڪمري تائين پهچائي اچان.“

نوجوان اُٿي بيٺو ۽ کيسي مان نوٽن جو هڪ ٿهو ڪڍي، پال کي ڏيندي چيائين، ”هي پنجٽيهه هزار پائونڊ آهن، مهرباني ڪري هي حفاظت سان پاڻ وٽ رکو، صبح جو وڃڻ وقت توهان کان وٺيو ويندس.“

”پنجٽيهه هزار پائونڊ!“ پوڙهي سوچيو. نوٽن جو بنڊل وٺندي، هن جا هٿ ڪنبي رهيا هئا ۽ سندس پيٺل اکين ۾ بگهڙ جي اکين جهڙي چمڪ پيدا ٿي رهي هئي.

ميري نوجوان کي انهيءَ ڪمري ۾ وٺي آئي، جتي ڪڏهن سندس نوري سمهندو هو. هوءَ روزانو سندس انتظار ۾ بسترو صاف ڪري وڇائي ڇڏيندي هئي. اڄ انهيءَ ساڳي بستري تي هن نوريءَ بدران هڪ ڌارئي کي سمهاري ڇڏيو هو. هن پيار ڀريل نگاهن سان نوجوان جي ننڊ کان ڀاري ٿيل پنبڻين کي، سندس نيرن اکين تي ڪرندو ڏٺو ۽ مادرانه شفقت مان سندس ڪشادي پيشانيءَ کي چُمندي چيائين.

”خدا حافظ منهنجا پُٽ، خدا توکي هر بلا کان محفوظ رکي!“

نوجوان اڌ کُليل اکين سان ميريءَ کي ڏٺو ۽ پوءِ گهري ننڊ جي آغوش ۾ سمائجي ويو.

ميري موم بتي کي طاق ۾ رکي، دروازو ٻيڪڙي ٻاهر نڪري آئي.

”هڪ صاف سٿري جاءِ- ٻه نوڪر، هڪ گاڏي، عمدو کاڌو ۽ اميراڻي پوشاڪ!....“ پورهو پال اڃان تائين، نوٽن جي ٿهي کي سيني سان لڳائي، پاڳلن وانگر ڪمري ۾ چڪر هڻي رهيو هو.

ميري ڪا مهل ته وات ڦاڙي، پوڙهي ڏانهن ڏسندي رهي، پوءِ اڳتي وڌي، کيس ڌونڌاڙي چوڻ لڳي، ”پال، تون پاڳل ته نه ٿي ويو آهين ۽ تون هي ڇا ڪري رهيو آهين؟ هي نوٽ اڃان تائين ڇو جهلي ويٺو آهين؟ وڃ، هنن کي ڪنهن محفوظ جاءِ تي وڃي رک. اڳ ۾ ئي رات ڪافي وهامي چڪي آهي؟

”اڙي، پري ٿي، مون کي سوچڻ ڏي ته مان هنن پيسن کي ڪهڙي ريت ڪتب آڻيان.“

”ڪتب آڻيندين! تون! پراون پئسن کي! هوش ۾ ته آهين؟“

”پراوا پئسا! ڪير ٿو چوي ته هي پراوا پئسا آهن؟ هي منهنجا پئسا آهن، ڄاڻين نٿي ته مون کي هنن پئسن جي ڪيتري نه حاجت آهي؟“ پوڙهي پال جون اکيون خوفناڪ نموني چمڪي رهيون هيون.

”بيشڪ توکي پيسن جي ضرورت آهي، پر هي پئسا تنهنجا ته ڪونهن، هي ته هن ڌارئي نوجوان جا تو وٽ امانت رکيل آهن، اهي سڀ پئسا صبح جو توکي واپس ڪرڻا آهن“، ميريءَ هن کي سمجهائيندي چيو.

”پر ميري، ويچار ته ڪر، جيڪڏهن هي پئسا ڪنهن نه ڪنهن نموني اسان جا ٿي پون ته هوند اسان جي باقي عمر ڪهڙي نه آرام سان گذري. نوري هن وقت تائين نه آيو آهي ۽ نه وري سندس اچڻ جي ڪا اميد ئي آهي. مان پوڙهو ۽بيڪار ٿي چڪو آهيان. اسان وٽ هڪ پائونڊ به نه رهيو آهي.“ پال ميريءَ کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.

”پر اها سڀ رقم هو توکي ڪيئن ڏئي سگهندو؟“ ميري چيو.

پوڙهي پال هڪ خوفناڪ ٽهڪ ڏيندي چيو، ”پر اسان هن کان گهرون ڇو؟“

”ته پوءِ ڪيئن...؟“

”هو نوجوان- اسان ۽ پئسن جي وچ ۾ رڪاوٽ آهي، هن کي دور ڪنداسين.“

”پال!!! ميريءَ زور سان رڙ ڪري چيو. ”تون ائين نٿو ڪري سگهين، تون ائين نه ڪري سگهندين!“

”پاڻ کي زندهه رکڻ لاءِ اسان کي ائين ڪرڻوئي پوندو.“

”خاموش رهه، پال! آخر اهڙو خوفناڪ خيال تنهنجي دماغ ۾ آيو ڪيئن؟“

”منهنجي دماغ ۾ اهڙو خيال ڪيئن آيو؟ اهو تون مون کان پڇي رهي آهين! ميري، مون کان!! ها.... ها.... ها.“ پال خوفناڪ ٽهڪ ڏيندي چيو. ”اهو تون پنهنجي نوريءَ کان ڇو نه ٿي پڇين، جو اسان کي هيئن ٻڍاپي ۾ رڻ رولي هليو ويو، بخاري ۾ وسامندڙ هن آخري ڪاٺيءَ کان ڇو نٿي پڇين؟“

”پر پال، چاهي ڇا به ٿي پوي، اها تمام خراب ڳالهه آهي!“

”پر انهيءَ کانسواءِ اسان جي بچڻ جو ٻيو ڪو اپاءُ ئي ڪونهي. ڇا تون چاهين ٿي ته اسان هن جاءِ ۾ اُڃيا بکيا دٻجي مري وڃون ۽ پوءِ هن ايندڙ طوفان ۾ وهي هليا وڃون؟ تنهن کان ڇو نه اسان ڪنهن آرام واري جاءِ ۾ پنهنجي حياتي جا باقي ڏينهن مزي سان گذاريون ۽ پوءِ جڏهن تنهنجو نوري اچي ته ان جو شاندار نموني استقبال ڪريون ۽ سڄي ڳوٺ کي دعوت ڏيون.“ پال پوڙهيءَ ميريءَ کي مڃائيندي چيو.

”پر مون کي انهيءَ ڪم ۾ شريڪ نه ڪر.“

”بيوقوف پوڙهي، توکي ڪير ٿو چوي ته شريڪ ٿي، تون فقط خاموش رهه ته اهائي وڏي ڳالهه چئبي.“

”۽.... ۽ پوءِ هن جو لاش....!“ ميريءَ هٻڪندي پڇيو.

”نوريءَ جي ڪمري ۾ هن ڌارئي نوجوان جو لاش! نه نه مان ائين هرگز نه ڪرڻ ڏينديس، اهو بدسوڻ آهي.“

”وري اهي بيوقوفيءَ جون ڳالهيون، اسان صبح ٿيڻ شرط هيءَ جاءِ ڇڏي، ڪنهن ٻيءَ جاءِ ۾ هلي رهنداسين، ڏس، ته ڪيترو نه ٿورو وقت باقي وڃي بچيو آهي. هاڻي بڪ بڪ بند ڪر ۽ مون کي ڪجهه ڪرڻ ڏي.“

ٿوري دير کان پوءِ هڪ پاڇو، انهيءَ ڪمري ۾ جتي اجنبي مٺي ننڊ ۾ ستو پيو هو، آيو هن دروازي تي ڪن رکي آواز ٻُڌڻ جي ڪوشش ڪئ.ي. ڪمري مان کونگهرن هڻڻ جو آواز اچي رهيو هو، هن آهستگيءَ سان در کوليو. اجنبي نوجوان جو منهن ٽمڪندڙ روشني ۾ تمام دلڪش لڳي رهيو هو. پاڇو هٽڪجي بيهي رهيو.هن جو مٿي کنيل هٿ جنهن ۾ تيز خنجر چمڪي رهيو هو. جهُڪي ويو. دل چيو، واپس هليو وڃ، پر افسوس جي صدا ضمير ۽ دل جي آواز تي غالب اچي ويئي. هن جو خنجر وارو هٿ بلند ٿيو..... ۽ پوءِ هڪ رڙ ٿي، طاق ۾ رکيل موم بتي، آخري ڀڙڪو کائي وسامي وئي. چنڊ هن خوفناڪ نظاري کي نه ڏسي سگهيو ۽ ڪڪرن ۾ وڃي پناهه ورتائين. پري کان ڪو سامونڊي پکي ڪيڪون ڪندو اُڏامي ويو.

”هن خوفناڪ خنجر کي ڪٿي پري اُڇلي ڇڏ، پال!“ ميري سُڏڪا ڀريندي چيو.

”ميري، جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿي چڪو، هاڻي اٿي هنن رت ڀريل ڪپڙن کي ساڙي ڇڏ.“ پوڙهي پال خنجر اُڇلائيندي چيو.

صبح جو نور هر طرف ڇانئجي ويو هو. ٽامي سمهي اُٿيو هو ۽ پنهنجي مالڪياڻي جي ڀرسان اچي ويٺو، جا ڪرسيءَ تي ويهي پنڪيون کائي رهي هئي. پال پنهنجي پائپ ۾ تماڪ ڀري رهيو هو ته ٻاهران ڪجهه گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو. ٻئي گهٻرائجي ويا. ٻنهيءَ جي نگاهن هڪ ٻئي کان پڇيو، ”ڪير؟“ ڪنهن دروازو کڙڪايو؟ ۽ گڏ ٿي آواز آيو، ”ادا پال، دروازو کول!“

پال، ڊڄندي ڊڄندي دروازو کوليو، جارج، ٽامس، رابرٽ، ننڍڙي ميرينا ۽ هيگي سڀ اندر داخل ٿيا ۽ هڪ ئي آواز ۾ چيائون، ”ادا پال، مبارڪ هجيئي.“

”مبارڪ! ڇا جي مبارڪ!!“ پال مشڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي چيو.

”ائين ڪم نه هلندو، چاچا پال، اسان توهان کان مٺائي ضرور کائينداسين.“ ننڍڙي ميرينا پنهنجون گول گول اکيون ڦيرائيندي چيو.

ادا، نوري اسان کي ٻڌايو هو ته هو اسان جي لاءِ ڪاٺ جو گهوڙو وٺي آيو آهي.“ ننڍڙي هيگي جلدي چيو.

”نوري! ڪٿي آهي نوري؟ ڇا منهنجو لال اچي ويو؟ ميري اڳتي وڌي بيتابيءَ مان پڇيو.

”واهه سائين واهه! رات کان نوري توهان وٽ آيل آهي ۽ تون وري اسان کان ٿي پڇين ته نوري ڪٿي آهي؟“ جارج ميريءَ جي ڳالهه کي چرچو سمجهي چيو.

”آخر هي سڀ ڇا آهي؟“ پال پريشان ٿي پڇيو.

”معلوم ٿو ٿئي ته هن شرير هنن کي ڪجهه به نه ٻڌايو آهي.“ ٽامس کِلندي چيو، ”ڏس، ڀيڻ ميري، رات تنهنجو نوري هڪ امير ماڻهو بڻجي آيو هو، هو رات ئي اسان سان مليو هو، پر هن جوخيال هو ته ان وقت هو توهان کي ڪجهه نه ٻڌائيندو. مبادا توهان تي شادي، مرگ نه طاري ٿئي. ڇا هو نوجوان جو رات توهان وٽ آيو هو، اڃان نه اُٿيو آهي؟ وڃو ان کي اٿاري اچو، اهو ئي ته توهان جو نوري آهي.“

”ته ڇا هُو نوري هو!!“ ٻه ڪمزور رڙيون بلند ٿيون ۽ وري جلد ئي هميشه لاءِ خاموش ٿي ويون.

 

 

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

 

ويڳو پيءُ

 

شارمين جو جنم، شهر جي هڪ امير گهر ۾ ٿيو هو. هن جو پيءُ اياز، جيڪو  شهر جو هڪ وڏو بزنس مين هو، هُن شارمين جي پيدا ٿيڻ جي ٽن ڏينهن بعد ئي سندس ماءُ زاهده کي طلاق جا ڪاغذ هٿ ۾ ڏيئي، مائٽن ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو. سبب اهو ڪونه هو ته زاهده کي نياڻي پيدا ٿي هئي ۽ اياز کي پٽ گهرجيو پئي، پر سندن جي وچ ۾ ڏينهون ڏينهن ٿيندڙ جهيڙن ۽ تلخين، اهو ڏينهن آندو، جو زاهده معصوم نياڻيءَ جي وجود سميت ڀاءُ عابد جي در تي اچي پهتي. ڀاڻس سچ پچ وڏو ڀاءُ ٿي ڏيکاريو. سموري ڳالهه دِل سان ٻڌندي، ڀيڻ کي همٿ ڏياريائين، کيس آرامده ڪمرو ۽ نياڻيءَ لاءِ ڪم واري مائي به رکي ڏنائين. هو هن جي هر سک ۽ سهنج جو خيال ڪندو هو. زاهده کي سندس اهو قرب ڏسي، ماءُ جو ٻڌايل محاورو ياد ايندو هو، جيڪا چوندي هئس ته، اڃيون وينديون تڙين، بکيون وينديون پيهرين مطلب ته اڃايل کوهه تي ويندي ته ڏکي بکي نياڻي نيٺ نگهبانن (مائٽن) جي در تي ايندي، ۽ اهو ئي ٿيو. ماڻس ۽ پڻس دنيا ۾ موجود نه هوندي به ڀاءُ هن جي لاءِ پيڪن جا در کولي رکيا، هن ڏکئي وقت ۾. هوءَ دل سان ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ کي دعائون ڏيندي رهي. وسان ته ڀاڄائيءَ به ڪونه گهٽايو هو، سڀ شارمين کي گهڻو پيار ڪندا ۽ ڀائيندا هئا.

وقت گذرندو رهيو. زاهده گهر جي ڪم ڪار ۾ ڀاڄائيءَ جو هٿ ونڊائڻ لڳي. سندس ٻارن کي به سنڀاليندي هئي. شارمين هاڻي ڪافي سمجهه ڀري ٿي ويئي هئي. عابد کيس ساڳئي اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جتي هن جا ٻار ڌيءَ ۽ پٽ پڙهڻ ويندا هئا. عابد انهيءَ فڪر ۾ ضرور هوندو هو ته زاهده کي پٽ جو اولاد به ڪونهي، ائين نه ٿئي ته سڀاڻي هن کان پوءِ هوءَ ويچاري ڏکي ٿئي. انڪري هڪ دوست جي صلاح مشوري سان ڀيڻ جو نڪاح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪيائين. قسمت سٺي هئي، قدرت جي ڪرڻي جو زاهده لاءِ تمام سٺي ماڻهو اشرف جو رشتو آيو، جيڪو ٻن نياڻين جو پيءُ هو، اشرف جي گهر واري ٽي سال اڳ ڪينسر سبب فوت ٿي وئي هئي. عابد، اشرف سان ملاقات ڪئي، کيس هو ذميدار، سمجهدار ۽ شريف ماڻهو لڳو. پنهنجو پولٽري فارم جو ڌنڌو هئس، پڙهيل ڳڙهيل هو، زال جي بيماريءَ سبب بئنڪ مان گولڊن هينڊ شيڪ وٺي، ڪاروبار ڪرڻ لڳو هو. ٻنهي پاسن جون ڳالهيون هليون ۽ جلدي زاهده جي رضامنديءَ سان، سندس نڪاح اشرف سان ٿيو. عابد اطمينان محسوس ڪيو.

زاهده هڏڏوکي، سچار ۽ محنتي عورت هئي. هن گهر ۾ اچڻ شرط ئي گهر کي صفا نئون ڪري ڇڏيو. اشرف جي ڌيئرن کي شارمين جيان پنهنجو اولاد ڪري سمجهيائين، اهي ساڻس ته وري به ڪجهه صحيح هيون، پر کين شارمين بلڪل پسند ڪانه آئي. ڇوڪرين کي پيءُ ۽ ماءُ ٻنهي جو پيار اشرف ڏنو هو، انڪري اهي ڪجهه حد تائين لاڏليون هيون. پيءُ ۽ زاهده کين سمجهايو ته هيءَ سندن ڀيڻ آهي، پر انهن جي ذهن ۾ اها ڳالهه ويٺل هئي ته هيءَ اسان جي ويڳي ڀيڻ آهي، سو ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان شارمين جي ڪانه ڪا گهٽتائي ڪري ڇڏينديون هيون. پيءُ کان جدا ٿيڻ، مامي جي گهر رهڻ، وري ويڳي پيءُ ۽ ڀينرن سان گڏ رهڻ سان، شارمين جي گهڻي حساس ٿي ويئي هئي. کيس پنهنجو اڻ ڏٺل پيءُ بار بار ياد اچڻ لڳو هو. هڪ ڏينهن ماءُ کي روئيندي دانهن ڏنائين. چوڻ لڳي،

”امان هي سڀ ته منهنجا ويڳا آهن، منهنجو هتي ڪوبه رت جو رشتو ڪونهي. جيڪڏهن توکي ڪجهه ٿي ويو ته آئون ته ڪٿي جي ڪانه رهنديس. مون کي ڪير برداشت ڪندو، مون کي پنهنجي پيءُ جو اتو پتو ڇو نٿي ٻڌائين؟“ نيٺ سندس گهڻي اصرار تي هڪ ڏينهن زاهده هڪ تصوير آڻي ڏنس، جنهن ۾ هوءَ اياز سان گڏ، ڪنوار ٿي ويٺل هئي، پر هدايت ڪيائينس ته، اها تصوير لڪائي رکجانءِ، تنهنجي پيءُ ته ڪڏهن تنهنجي پڇا به ڪانهي ڪئي، جنهن کي ويڳو ٿي چوين، اهو ڪيترو پُرخلوص آهي، تو کي اندازو ئي ڪونهي.

شارمين پنهنجي ڪلاس فيلو  ’عمرانه‘ سان گهڻي ويجهي هئي، شارمين، هن کي پنهنجا مسئلا ٻڌائيندي رهندي هئي. عمرانه کي پنهنجي والد جو فوٽو ڏيکاري، ٻڌايائين ته هُو سکر ۾ وڏو بزنس مين آهي.

هن کيس تسلي ڏني ته آئون پنهنجي مامي معرفت تنهنجي پيءُ بابت ڄاڻ وٺان ٿي. ان ريت ڪجهه ڏينهن ۾ کيس پنهنجي پيءُ جي گهر جي ايڊريس ملي وئي.

هن به ذرو وقت ڪونه لڳايو، ميرپورخاص مان سکر اڪيلي بنان ماءُ کي ٻڌائڻ جي چار جوڙا کڻي، پيءُ سان ملڻ لاءِ نڪري پئي. ڏس پتو بلڪل صحيح مليو هو، انڪري اياز جي بنگلي تي پهچي وئي. هو هڪ مشهور ۽ هوشيار ماڻهو هو. پهرين ته سندس تعارف ڪرائڻ تي حيران ٿيو، پر جڏهن شارمين سڀ پارپتا صحيح ڏنس ۽ ماڻس جو ڏنل فوٽو به ڏيکاريائينس ته پوءِ هو ڪجهه ڪونه ڪڇيو. کيس رهڻ لاءِ هڪ ڪمرو ڏنو ويو. ماٽيجي ماءُ ۽ ڀيڻن جو سلوڪ ساڻس سٺو هو. هن هتي اچي سچ پچ ته ڏاڍو سڪون محسوس ڪيو. ڪنهن شيءِ جي ڪمي ڪانه هئي؛ نوڪر چاڪر، کاڌو پيتو هر شيءِ موجود هئي. کيس عجب لڳو. سوچڻ لڳي ماڻس ته ڪا بيوقوف عورت هئي، جو ههڙيون نعمتون ڇڏي، هڪ سادي گهر ۾ شادي ڪيائين، آخر منهنجي پيءُ، امان کي طلاق ڇو ڏني؟ کيس سبب جي ته ڪا خبر نه پئجي سگهي، نه ڪنهن کان پڇڻ مناسب هو، بس هوءَ انهيءَ تي ئي گهڻي خوش هئي ته هي منهنجي پنهنجي پيءُ جو گهر آهي. مٿس ڪا روڪ ٽوڪ به نه هئي.

مهيني کن کان پوءِ شارمين محسوس ڪري ورتو ته پڻس جو رويو هن سان ڪجهه بيزاريءَ وارو ٿيندو پيو وڃي، جنهن سبب ٻيا ڀاتي به پاسيرا پئي ٿيا. وري کيس ڊپريشن ٿيڻ لڳو ته ڪاڏي وڃان؟ هُتي ته ويڳو پيءُ ۽ سڳي ماءُ ٻيئي پيار ته ڪندا هئا، عزت ڏيندا هئا. هتي ته هي مهيني ۾ بيزار ٿي پيا آهن. سڳو پيءُ ئي منهن پيو مٽائي، کيس بارُ پيو سمجهي. ڀائر ۽ ڀيڻون پڻ هن کي ڪباب ۾ هڏي پيا سمجهن. اتفاق سان سندس ڏاڏي ۽ چاچا ڪراچيءَ مان سکر آيا. کيس ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيا ۽ گڏ وٺي وڃڻ جي صلاح ڪيائونس. هوءَ خوشيءَ سان ساڻن ڪراچيءَ لاءِ رواني ٿي. بس اسٽاپ تي هن کي پنهنجي سئوٽ شهزاد جي دوست ’ضمير‘ هڪ بريف ڪيس ڏنو. چيائينس، ”انهيءَ کي سنڀالي ۽ لڪائي رکجانءِ، تو کان ڪراچيءَ ۾ گهران کڻندس.“

هن ايئن ئي ڪيو، جيئن ضمير چيو هو. چاچا ۽ ڏاڏيءَ وارا هونئن ته ڪار ذريعي ايندا ويندا هئا، پر وٽن اڄ ڊرائيور ڪونه هو، انڪري بس ذريعي پئي ويا. شارمين بي سمجهي ڪري ضمير جي چوڻ تي بريف ڪيس جي ڳالهه ڏاڏيءَ کي ڪانه ٻڌائي. ننڍو بريف ڪيس پنهنجي وڏي بئگ ۾ وجهي ڇڏيائين. نه سندس گهڻي تعليم هئي نه ئي زماني جي سمجهه ۽ شعور هو. سڳن ۽ نِڳن رشتن جو خلوص ڳوليندي، هر شيءِ کان بي نياز ٿيندي پئي وئي. ڪراچيءَ پهچي ضمير سندس چاچي جي گهر آيو، جتي هو شهزاد سان ملڻ لاءِ ايندو ويندو هو. کيس ڊرائنگ روم ۾ ويهاريو ويو. چاچي پاڙي ۾ ويل هئي ۽ ڏاڏيءَ نماز پئي پڙهي. ڪنهن کي خبر ئي ڪانه پئي. هن بريف ڪيس ضمير جي حوالي ڪيو. مٿس هڪڙي ڌن سوار هئي ته ڪيئن شهزاد جو دل کٽان، جو ماڻس ٻڌايو هئس ته تنهنجي بابا تنهنجو سڱ شهزاد سان ڪرڻ پئي چاهيو. هن شهزاد کي پنهنجي خوابن ۾ وسائي ڇڏيو هو. پيءُ جي شفقت ۽ اڻ ڏٺل شهزاد جي محبت حاصل ڪرڻ لاءِ هوءَ هر قدم کڻڻ لاءِ ڄڻ تيار هئي. ضمير کيس هڪ فارم ڏيئي ويو ته ڀري رکجانءِ، ايندڙ مهيني کڻندس. ان فارم سان تنهنجو بيوٽي پارلر وارو ڪورس سکڻ لاءِ داخلا ٿيندي.

ڏاڏي ۽ چاچيءَ کي بيوٽي پارلر جو ڪورس سکڻ جو ٻڌايائين. ڏاڏيءَ اعتراض واريو ته، ربّ جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي، ڇو ٿي رلين. پر چاچيءَ سندس حمايت ڪئي ته هن دور ۾ ڇوڪرين کي هر هنر اچڻ گهرجي، سو کيس پنهنجو ڊرائيور به ڏنائين. ڪڏهن ڊرائيور سان گڏ ته ڪڏهن رڪشا ۾ وڃي هوءَ پارلر تي ڪورس ڪرڻ لڳي. ضمير اڪثر اتي اچي کيس بريف ڪيس ڏيندو هو، جو کانئس فون تي پتو پڇي ڪير نه ڪير کڻڻ ايندو هو.

هڪ دفعي ضمير کيس هڪ وڏو لفافو نوٽن سان ڀريل ڏنو، ۽ چيائينس ته اهو منهنجي باس ڏنو آهي. منهنجو باس تنهنجي ڪم مان گهڻو خوش آهي، اهو انعام ڏنو اٿس ته تون سڄو ڪم رازداريءَ سان ڪري رهي آهين.“

هاڻي کيس اصل خبر پئي ته هوءَ ڪيڏي وڏيءَ کَڏَ ۾ ڪِري رهي آهي.

ضمير هن کي اهو به ٻڌايو ته ”تنهنجو سئوٽ شهزاد به منهنجي باس لاءِ ڪم ڪندو آهي.

اِتي ته شارمين جون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون. پنهنجي بي عقليءَ ۽ اٻهرائيءَ تي ماتم ڪرڻ تي دل چاهيس، اکريءَ ۾ مٿو وڌو هئائين، هاڻي مهرلا ته لڳڻا هئا.

هن کي پڪ ٿيڻ لڳي ته سندس پيءُ به سمگلر آهي، جنهن لاءِ هوءَ جهر جهنگ جهاڳي ماءُ کي روئيندو ڇڏي، هتي اچي پهتي هئي. ماڻس طلاق ڇو ورتي؟ انهيءَ ڳجهارت جو جواب به ملي ويس. هڪ سڌي سنئين نيڪ عورت هن حرام جي دولت کي لَتَ هڻي، پاڻ کي گناهه کان ته آجو ڪيو، پر وڏي غلطي اها ڪيائين، جو ڌيءُ کي حقيقت کان بي خبر رکيائين. ڀنڀور کي باهه ته شارمين پنهنجي هٿن سان ڏيئي چڪي هئي، ضمير جي پيرين پئي، زارو زار روئڻ لڳي، پر ٿي ڪجهه به نٿي سگهيو. هو مرڳو ويري ٿي بيٺو ۽ کيس ڌمڪيون ڏيڻ لڳو. ضمير جي اهڙي ورتاءَ تي هن جي ڦٽن تي ڄڻ لوڻ ٻرڪيو. سوچيائين، لاچار کي آچار ڪونهي، آئون ته هونئن به هنن رهزنن خلاف ڪري ڪجهه به نٿي سگهان، پر دل ۾ پڪو ارادو ڪيائين ته نَنهن چوٽيءَ جو زور لڳائي به هن کڏ مان نڪرنديس ضرور.

جيئن ٿي ماءُ جي باري ۾ سوچيائين، تيئن وڌيڪ وهلور پئي وئي. لڙڪ جهل ئي نه ڏينس. کيس ڪو وسيلو ڏسڻ ۾ نٿي آيو ته حِيلو ڇا ڪري ها؟ ماڻس جيڪي دڙڪا ڏيندي هئس، اڄ کيس صحيح لڳڻ لڳا. ڪيتري ته نادان هئي. ماءُ وٽ سندس عزت ته محفوظ هئي، هوءَ ته هن لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ هئي، ڇو ڪونه سمجهائين؟

پنهنجي ڪيل نافرمانين ۽ نادانين تي پڇتائيندي، گهڙي گهڙيءَ دل ۾ وڍ پوڻ لڳس. اڄ کيس خبر پئي ته سڄي دنيا دشمن ٿي سگهي ٿي، پر پنهنجي ماءُ ڪڏهن به نه! اهو يقين ٿيس ته، امان صحيح چوندي آهي ته خوشبختي هميشه چيو مڃيندڙ ٻار جي نصيب ۾ ايندي آهي، ۽ نافرمانن جي نصيب ۾ بدبختي هجي ٿي.

زاهده، ڌيءُ جي گهران اوچتو نڪري وڃڻ تي سخت پريشان هئي. هر وقت روئي ڌڻيءَ در ٻاڏائيندي هئي ته رب پاڪ کيس حفاظت ۾ رکجانءِ، سندس وار به ونگو نه ٿئي. الاهي امان ۾ هجي. اشرف تسلي پئي ڏنس، پر سمجهه ۾ ٻنهي کي نه پيو اچي ته ڪٿي ڳولا ڪن؟ پوليس ۾ رپورٽ لکرائڻ سان ڪنواري نينگريءَ جي ناموس تي ڇنڊا پوندا. مهيني کن کان پوءِ زاهده کي ذهن ۾ آيو ته پڪ هوءَ پيءُ کي ڳولڻ نڪتي آهي. تصوير واري ڳالهه سڄي پنهنجي ڀاءُ کي ٻڌايائين. هو پٽ کي ساڻ ڪري، شارمين جي ڏاڏاڻن ۾ ڪراچيءَ پهتو. شارمين جيئن ئي مامي کي ڏٺو، ڊوڙي اچي ساڻس ملي ۽ پاڻ ئي چيائين، مون کي امان وٽ وٺي هلو. ڏاڏيءَ کي ته ڪو اعتراض نه هو. ان وقت گهر ۾ ڪو مرد به ڪونه هو. موقعي جو فائدو وٺي، شارمين مامي سان گڏ، ميرپورخاص پهتي. زاهده تمام گهڻي ناراض ٿيس. جنهن کان پيرين پئي معافي ورتائين. هُن ڪاوڙ ۾ چيس،

”اهو ته منهنجو اخلاق هو، جو مون توکي تنهنجي پيءُ جي اصليت ڪانه ٻڌائي. هو نشي جو وڪرو ڪندڙ ڏوهاري آهي. آئون ان کي انهيءَ ڪاروبار کان جهليندي هئس، روز اسان جا انهي ڳالهه تي جهيڙا ٿيندا هئا، نيٺ نوبت طلاق تائين پهتي.“

ماڻس دڙڪا به ڏنس ۽ اهو راز لڪائڻ جو سبب به ٻڌايس. مون تنهنجي معصوم ذهن ۾ والد لاءِ نفرت نٿي آڻڻ چاهي، ته جيئن تون ڪمتريءَ واري احساس ۾ پئجي وڃين. اڳتي هلي ممڪن هو ته آئون تو کي حقيقت ٻڌائي ڇڏيان ها، پر تون صبر کي هٿان وڃائي ويٺينءَ، گهر ڇڏڻ جو اٻهرو قدم کڻي، چڱائي ڪئي اٿئي؟ ڇا انهيءَ جي ڪا معافي ٿي سگهي ٿي؟ اوڙي پاڙي وارا، مٽ عزيز ڇا چوندا، ڪجهه سوچيئي! ماءُ جي دل تي ڇا گذرندي؟ ڪوبه خيال تو کي ڪونه آيو ۽ نه ئي ڪڏهن ڪا خبر ڏنئي، اها ته منهنجي ڪا نيڪي آڏو آئي جو تون مون وٽ صحيح سلامت پهتي آهين. زاهده لڳاتار روئي رهي هئي.

شارمين حقيقت کان باخبر ٿيڻ کان پوءِ ته هيڪاري ڏکاري ٿي وئي. خدا جو شڪر به پئي ڪيائين، جنهن شهزاد جهڙي ماڻهوءَ کان بچايس.

اشرف کان ور ور معافي به گهريائين. هاڪاري سوچن واري پرخلوص ماڻهو، چڱيءَ پر ڄاتو پئي ته هيءَ ڪنهن غلط مقصد لاءِ گهران ڪانه نڪتي هئي، پر پيءُ جي محبت کانئس هيءُ ڪٺن ۽ غلط ڪم ڪرايو. شارمين جنهن گهر کي پرائو سمجهندي هئي، جنهن پيءُ کي ويڳو ڄاڻي، کيس ڪڏهن پيءُ جي درجي تي تسليم ئي نه ڪيو هو.

اڄ کيس خبر پئي ته رشتو ويڳو نه هوندو آهي، مايا جي موهه ۽ انڌ سبب ماڻهوءَ جو اخلاق، سوچون ۽ ضمير جڏهن ويڳا ٿين ٿا ته پوءِ سڳي ۽ ويڳي جي وچ ۾ ڪوبه سنڌو ڪونه بچندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org